Sunday, February 20, 2011

ذهين ترين - الطاف شيخ

ذهين ترين

الطاف شيخ
فرعون مصر رعميسس ٽيون پنهنجي دور ۾ دنيا جو سڀ کان گهڻو دولتمند حاڪم هو. هن جو خزانو ايڏو ته هو جو ان جي ماليت جو اندازو ڪو لڳائي نٿي سگهيو. بس ائين سمجهو ته ان جي دولت جو حساب ڪندي ڪندي انگ کٽي ٿي پيا. نوبت ايستائين اچي پهتي جو هن جي خزاني لاءِ جيڪي ڪمرا مقرر ٿيل هئا، سي ننڍا ٿي پيا. اهو ڏسي هن پنهنجي شاهي محل لڳ پٿرن جي هڪ اهڙيءَ خوبصورت عمارت ٺهرائڻ جو حڪم ڏنو، جنهن ۾ هو پنهنجو خزانو رکائي سگهي ۽ جڏهن به هن جي خزاني ۾ واڌ اچي ته جاءِ جي کوٽ نه ٿئي، جنهن ڪاريگر کي ان عمارت ٺاهڻ جو ڪم سونپيو ويو، اهو پنهنجي هنر ۾ ماهر هو ۽ عمر جي حساب سان به هو جهرو پوڙهو ٿي چڪو هو، پر جيئن ته فراخدلي ۾ شاهه خرچ هو ان ڪري هو پنهنجن پٽن لاءِ ڪجهه به ڪري نه سگهيو.


هن کي جڏهن هن عمارت ٺاهڻ لاءِ حڪم ڏنو ويو ته هن جي ذهن ۾ هڪ منصوبو اڀريو، جنهن هيٺ هو پنهنجن پٽن جو مستقبل محفوظ ڪري سگهيو ٿي. هن پنهنجي فني هوشياريءَ ۾ کيڏ جو مظاهرو ڪندي عمارت ٺاهڻ وقت ان ۾ هڪ اهڙو نظام رکيو جو خزاني جي عمارت جي ٻاهرين ڀت ۾ هڪ خاص سر تي دٻاءُ وجهڻ سان ڀت جو اهو حصو زمين ۾ اندر دٻجي ويو ٿي ۽ ڪوبه شخص ان رستي کان عمارت ۾ داخل ٿي سگهيو ٿي.
عمارت ٺهي راس ٿي ته شهنشاهه پنهنجو سمورو خزانو ان عمارت ۾ رکرايو ۽ اڃا ٿورا ئي ڏينهن مس گذريا ته پوڙهو رازو سخت بيمار ٿي پيو. جڏهن پوڙهي کي ان ڳالهه جي پڪ ٿي ويئي ته سندس عمر جون آخري گهڙيون اچي ويجهيون ٿيون آهن ته هن پنهنجي ٻنهي پٽن کي سڏايو ۽ هنن کي ان سر جو سربستو راز ٻڌايو. راز ٻڌائڻ کان چند ڪلاڪ پوءِ پوڙهو رازو هن دنيا مان وفات ڪري ويو ۽ هن جي پويان فقط ٻه پٽ رهجي ويا.
پيءُ جي موت کان ڪجهه ڏينهن پوءِ ٻنهي ڀائرن کي جڏهن پئسن جي ضرورت پئي ته هڪ رات هو ٻئي خزاني واري عمارت جي پوئين پاسي واري حصي ۾ پهتا ۽ پنهنجي مرحوم پيءَ جي فني مهارت مان فائدو وٺندي، عمارت اندر داخل ٿي ويا ۽ رات اندر ئي هنن خزاني جو هڪ حصو ٻيءُ باحفاظت جاءِ تي منتقل ڪري ڇڏيو. صبح جو جڏهن شهنشاهه ٻاهرين دروازي کان عمارت اندر داخل ٿيو ته هن جي پيرن هيٺان زمين نڪري ويئي. پهرينءَ نظر ۾ ئي هن کي احساس ٿي ويو ته هن جي ملڪيت جو هڪ حصو غائب ٿي چڪو آهي. اڳئين گيٽ وٽ جن چوڪيدارن پهرو ڏنو ٿي، اهي ئي سڀئي ديانتدار ۽ فرض شناس هئا. ۽ هنن تي ڪنهن طرح به شڪ ڪرڻ اجايو هو، ۽ ويتر اهم ڳالهه اها هئي ته مين گيٽ تي جيڪا مهر لڳائي وئي هئي، اها پڻ ائين جو ائين هئي. جڏهن ته دروازي ٽپڻ يا ڀڃڻ جي ڪابه ڪا نشاني موجود نه هئي. شهنشاهه ۽ وزيرن کي خزاني جي ائين گم ٿي وڃڻ جو راز بلڪل سمجهه ۾ نه آيو. پر ان هوندي به وڌيڪ خبردار ۽ سجاڳ رهڻ ڪارڻ چوڪيدارن جو تعداد وڌايو ويو، جيئن ان قسم جي واردات جو ڪو امڪان نه رهي. پر ان سان ڪو فائدو ۽ بچاءُ نه ٿيو. رازي جا پٽ وقت بوقت خزاني مان مال چورائيندا رهيا ۽ شهنشاهه حيران ۽ پريشان ٿيندو رهيو.
لڳاتار ٽن وارداتن کان پوءِ شهنشاهه چورن کي جهلڻ لاءِ اهڙو منصوبو تيار ڪيو، جنهن مان کيس اطمينان ٿي ويو ته هي ڪارگذاري جيڪڏهن انسانن جي آهي ته هو هن جي ڦندي مان بچي نه سگهندا. ان منصوبي هيٺ شهنشاهه خزاني جي چوڌاري ڳجها پڃرا رکرائي ڇڏيا، جيئن ڪير چوريءَ جي ارادي سان اچي ته انهن مان بچي نه سگهي.
شهنشاهه جي ان منصوبي تي عمل ٿيڻ کان ڪجهه ڏهاڙا پوءِ هڪ رات ٻئي ڀائر عادت موجب خزاني واري عمارت جي پٺ کان وڃي نڪتا. وڏي ڀاءُ کي سر کي دٻايو جڏهن ڀت زمين اندر ٿي ته هو عمارت اندر داخل ٿي ويو ۽ ننڍو ڀاءُ ٻاهر بيهي هيڏانهن هوڏانهن نظر رکڻ لڳو. وڏو ڀاءُ جڏهن خزاني جي ويجهو پهتو ته هڪ لڪل پنجوڙ ۾ ڦاسي پيو. هن اوچتي آفت تي هو بيحد گهٻرائجي ويو. هن ان ڦندي مان پاڻ ڪڍڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر اهو ڳجهو پنجوڙ هڪ ٿلهي رسي سان سوگهو ٿيل هو. ۽ هو ڪنهن طرح به پنهنجو پاڻ کي ڇڏائي نه سگهيو. جڏهن هو سمجهي ويو ته هاڻ هنجي نصيب ۾ موت ئي آهي ته هن پنهنجي ننڍي ڀاءُ کي سڏ ڪيو. ننڍو ڀاءُ اندر آيو ته وڏي ڀاءُ هن کي چيو: ”آئون هاڻ موت جي چنبي مان نه ڪري نٿو سگهان، پر آئون چاهيان ٿو ته تون سدا سلامت هجين. هڪدم منهنجي سسي ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏ. ڇو جو جيڪڏهن منهنجي سڃاڻپ ٿي وئي ته شهنشاهه جا سپاهي تو تائين پهچڻ ۾ دير نه ڪندا. ننڍي ڀاءُ پهرين ته ڦندو کولڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي، پر جڏهن هن کي ڪنهن طرح به ڪاميابي نصيب نه ٿي ته آخرڪار هن دل تي پٿر رکي، وڏي ڀاءُ جي چوڻ موجب سندس سسي ڪپي پاڻ سان گهر کڻي آيو.
صبح ٿيو ته شهنشاهه مين گيٽ جي مهر ٽوڙي خزاني اندر داخل ٿيو. چور جو ڌڙ موجود هو پر سسي غائب، بادشاهه کي ڏاڍي حيرت لڳي. عمارت ۾ داخل ٿيڻ جو ٻيو ڪو گس نه هو. ڀتين ۾ به ڪو سوراخ نه هو، پوءِ چور ڪهڙي رستي کان اندر داخل ٿيو؟ ان ڳجهه کي معلوم ڪرڻ لاءِ هن هڪ منصوبو ٺاهيو. هن حڪم ڏنو ته چور جو ڌڙ ٻاهرين ڀت تي لڙڪايو وڃي ۽ شاهي چوڪيدار ان تي پهرو ڏيندا رهن. ان نظاري کي ڏسي جيڪڏهن ڪو شخص پاڻ کي قابوءَ ۾ نه رکي سگهي ۽ هن جي اکين ۾ ڳوڙها اچي وڃن ته هن کي هڪدم گرفتار ڪيو وڃي.
ماءُ کي خبر پئي ته هن جي پٽ جو ڌڙ شاهي عمارت جي ڀت تي لڙڪايو ويو آهي ته ماءُ جي ته دل ڀڄي پئي. هن پنهنجي ننڍي پٽ کي سڏيو ۽ حڪم ڏنو ته ڪنهن نه ڪنهن طرح پنهنجي ڀاءُ جي لاش کي اتان کسڪائي وٺي.
ماءُ چيو: ”جيڪڏهن تون ائين نه ڪندين ته آئون شهنشاهه کي ٻڌائي ڇڏينديس،ته هن جي خزاني جو چورايل مال تو وٽ آهي.“
ننڍي پٽ پهرين ته ماءُ کي سمجهائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته هي ڪم تمام خطرناڪ ۽ ناممڪن آهي، پر ماءُ تي انهن ڳالهين جو ڪوبه اثر نه ٿيو. آخر هو پريشان ٿي گهر کان ٻاهر نڪتو ۽ هڪ باغ ۾ ويهي سوچڻ لڳو ته ماءُ جي خواهش ڪهڙي طرح پوري ڪئي وڃي. هو جڏهن اتان اٿيو ته هڪ اٽڪل هن جي دماغ ۾ اچي چڪي هئي.
هو ٻه گڏهه خريد ڪري انهن تي شراب سان ڀريل چار پخالون رکي شاهي خزاني واري عمارت ڏي روانو ٿيو. جڏهن هو اتي پهتو ته شاهي چوڪيدارن کان نظر بچائي هن ٻن پخالن جا منهن کولي ڇڏيا ۽ پوءِ جڏهن هنن مان شراب وهڻ لڳو ته هو بچاءَ لاءِ رڙيون ڪوڪون ڪرڻ لڳو: ”هاءِ هاءِ! آئون ته تباهه ٿي ويس. لٽجي ويس. آهي ڪو جو منهنجي مدد ڪري...“ ڪاوڙ مان پنهنجن ٻنهي گڏهن کي مارڻ لڳو- ڄڻ ته انهن گگدامن جو ڏوهه هجي. جڏهن شاهي چوڪيدارن هي حال ڏٺو ته هن جون واڇون ٽڙي ويون ۽ هو پنهنجا ٿانوَ کڻي گڏهن ڏي ڊوڙڻ لڳا ۽ وهندڙ شران مان وٽان ڀري ڀري پيئڻ ۾ مست ٿي ويا. ننڍي ڀاءُ جو انهن کي ائين ڪندي ڏٺو ته منصوبي مطابق هنن کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳو ۽ پوءِ جلدي ئي کڻي ماٺ اختيار ڪيائين. شاهي چوڪيدار هن جي حا حالت ڏسي مزووٺڻ لڳا ۽ هن سان چرچا ڀوڳ ڪرڻ لڳا، جيئن هو پنهنجي نقصان جو غم وساري ڇڏي. ننڍو ڀاءُ هنن جي ان جذبي مان ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ هن خاش خوشيءَ سان هنن کي ٻي پخال پيئڻ لاءِ ڏني. چوڪيدارن کي اهڙو عمدو شراب مفت ۾ ڪڏهن به نه مليو هو، سو هو چرين وانگر هڪ ٻئي کي ڌڪا ڏيئي پيئڻ لڳا ۽ ويا هڪ  ٻئي پويان وٽان خالي ڪندا. هنن پنهنجي ههڙي بهترين ميزبان کي به ان دعوت ۾ شريڪ ڪرڻ چاهيو، پر هن پنهنجي طبيعت جي ناچاڪائيءَ جو بهانو ڪري ڳالهه کي ٽاري ڇڏيو. ڪجهه دير بعد جڏهن رات جي ڪاراڻ ڇانئجڻ لڳي ۽ هيڏانهن سڀ چوڪيدار نشي ۾ ڌت ٿي زمين تي ڪري پيا ۽ گهاٽي ننڊ جا مزا وٺڻ لڳا، تڏهن ننڍو ڀاءُ ماٺ ميٺ ۾ اٿيو ۽ پنهنجي ڀاءُ جو ٽنگيل لاش لاهي گڏهه تي رکي گهر ڏانهن روانو ٿي ويو.

]مٿين ڪهاڻي يونان جي عظيم تواريخ نويس هيرو ڊوٽس جي لکيل آهي. پاڻ 485 ق. م ڄائو ۽ 525 ق. م گذاري ويو.[

No comments:

Post a Comment