Sunday, February 20, 2011

آرڪل لارو Archile Lauro ھميشھ لاءِ غرق ٿي ويو


آرڪل لارو Archile Lauro ھميشھ لاءِ غرق ٿي ويو

گذريل ھفتي ليڪچرر روم ۾ چانھ پي رھيو ھوس ته منهنجي ھڪ ڪليگ ۽ ھم عمر ڪئپٽن پرويز اچي ٻڌايو ته، اٽليءَ جو پئسينجر جھاز آرڪي لائورو (Archille Lauro) ٻڏي ويو. سندس ڪو انگلينڊ جو ساٿي انجنيئر (يا شايد نيويگيٽر) ان جھاز تي ھو، جيڪو ھاڻ پنهنجي ملڪ واپس موٽندي رستي تان ڪراچيءَ ۾ ھن وٽان ٿيندو ويو.
ڪن ٻارن يا وڏن لاءِ چئبو آھي ته ھنن جي قسمت ۾ ڌڪا ۽ ٿاٻا لکيل آھن. جھازن لاءِ به اسين اھو ئي چوندا آھيون ته ڪي ڪي جھاز Accident  Prone ٿين ٿا. ھي جھاز (آرڪلي لائورو) به اھڙو ئي بدنصيب جھاز رھيو. ھي اھو جھاز آھي، جنهن کي فلسطيني مجاھدن 1985ع ۾ ڀؤنچ سمنڊ (Mediterranean Sea) ۾ اغوا ڪيو ھو ۽ اسرائيل کان پنهنجن پنجاھ فلسطيني ھمراھن جي آزاديءَ جي گھر ڪئي ھئي، جيڪي ھنن وٽ قيد ٿيل ھئا. “آرڪلي لائورو” جھاز تي ان وقت 400 کن مسافر ھئا. ھاءِ جئڪرن جھاز جي ڊيڪ تي موجود ھڪ عذر واري مسافر ليان ڪلنگوفر کي (جيڪو آمريڪا جو يھودي ھو) سندس ويل چيئر سميت سمنڊ ۾ ڌڪو ڏئي ٻوڙي ڇڏيو. اسرائيل 50 فلسطيني قيدين کي ته آزاد نه ڪيو، باقي اھا Deal طئھ ٿي ته جھاز آرڪلي ۽ ان جي مسافرن کي ڇڏڻ بدران ھاءِ جئڪرن کي ھوائي جھاز مھيا ڪيو ويندو، جنهن ۾ ھو پنهنجي ملڪ ڀڄي وڃن. سندن شرط پورو ڪيو ويو، پر جيئن ئي ھنن جو ھوائي جھاز آسمان جي بلندي طئھ ڪري اڳتي وڌي رھيو ھو ته آمريڪن ايئر فورس جي ھڪ فائيٽر جيٽ ان تي حملو ڪري کين ھيٺ لھڻ تي مجبور ڪيو. ان سڄي ڊرامي تي آمريڪا ۾ ھڪ اوپيرا (ناٽڪ) “The Death of King hoffer’s” نالي مشھور ٿيو.
بهرحال! ھتي اسان اٽليءَ جي پئسينجر جھاز آرڪلي لائورو جي ڳالھ ڪري رھيا آھيون، بلڪ ھن جي ڦٽل ڀاڳ جي ڳالھ ڪري رھيا آھيون، جيڪو ڪجھ ڏينهن اڳ سوماليا ڪوسٽ کان 200 ڪلوميٽر کن اورتي اسان جي پاڙي واري سمنڊ ھندي وڏي سمنڊ ۾ ٻڏي ويو. اسان پئي سمجھيو ته ھي مسافر جھاز جيڪو ھڪ فائيو اسٽار جيان خوبصورت ھو، پوڙھو ٿيڻ تي ان جا مالڪ ھن کي ڪنهن رومانٽڪ ڪناري تي بيھاري ھن کي ھوٽل يا جوا خاني (Casino) طور استعمال ڪندا، يا ته ڪنمھن جنگ يارڊ ڏي موڪلي ڇڏيندس، جتي لوھ ۽ ڪاٺ جا واپاري ھن جون مختلف شيون خريد ڪري، يادگار طور رکندا. پر ان جي نوبت نه آئي. ٻڏڻ کان اڳ ھي 24000 ٽن وزني جھاز سڙي ڀسم ٿي ويو ۽ پوءِ سمنڊ جي تري تي جنازي وانگر ڊھي پيو. سڙڻ ۽ ٻڏڻ وقت ڪنهن جو به موت نه ٿيو ۽ مٿس چڙھيل ھزار کن مسافر آھستي آھستي ڪري ٻيڙيءَ ۾ چڙھيا ۽ بيحد فضيلت سان ٻارن ۽ عورتن کي پھرين ٻيڙين ۾ چاڙھي، سندن جان بچائي وئي. ان بعد باقي مسافر ۽ جھاز جو عملو ۽ آخر ۾ جھاز جو ڪئپٽن اورسي (Orsi) لٿو. ھي حادثو ھيئن ٿيو جو جھاز جي انجڻ روم کي باھ لڳي وئي ھئي، جتان پوءِ سڄي جھاز تي پکڙجي وئي. جيتوڻيڪ وڏي پئماني جي باھ ھئي، پر ڪنهن به مسافر اجائي سجائي ھاءِ گھوڙا ڪري پنهنجو پاڻ کي ۽ ٻين کي پريشان نه ڪيو. شروع کان ھن جھاز سان ھميشھ ڪا نه ڪا ويڌن لڳي رھي. ڪڏھن ڪنهن جھاز سان ٽڪر ته ڪڏھن باھ، ڪڏھن ھاءِ جئڪنگ جھڙيون وارداتون ته ڪڏھن مالي مسئلا. ھڪ ٻه دفعو ته ٽئڪس ۽ في جي ادائگي نه ڪرڻ ڪري ھي جھاز Arrest به ٿيو– ڌارئين بندرگاھ ۾ اتي جي حڪومت طرفان جھليو ويو. ھتي اھو ٻڌائڻ بي مھل نه ٿيندو ته جھازن کي ڏوھاري ھجڻ جي صورت ۾ Arrest به ڪيو وڃي ٿو. مثال طور ڪو جھاز ٽوڪيو مان مرمت ڪرائي وڃي ۽ قانون موجب باوجود چتائن (Warnings) جي جھاز جو مالڪ مرمت ڪندڙ شپ يارڊ کي پئسن جي مقرر ادائگي نه ڪري ته شپ يارڊ وارا پنهنجي ملڪ جي ڪورٽ ۾ دانهين سگھن ٿا، جنهن جي حڪم موجب اھو جھاز يا ساڳي مالڪ جو ٻيو جھاز ٽوڪيو بندرگاھ ۾ يا جپان جي ڪنهن به بندرگاھ ۾ پھچڻ تي ھن کي سوگھو ڪيو وڃي ٿو ۽ جيستائين فريادي مطمئن نه ٿئي، جھاز کي بندرگاھ ۾ ئي ترسڻو پوي ٿو يا بين الاقوامي قاعدن قانونن موجب جيڪڏھن ڪنهن جھاز تي ڪا اھڙي کوٽ آھي، جنهن سان جھاز ھلائيندڙ جھاز جي مسافرن يا جھاز تي ويندڙ سامان جو نقصان ٿي سگھي ٿو ته ان حالت ۾ به جھاز کي بندرگاھ کان ٻاھر نڪرڻ کان جھليو ويندو آھي. جيئن مثال طور: يمن وارن جو جھاز ڪراچي بندرگاھ ۾ اچڻ تي خبر پوي ٿي ته جھاز تي باھ وسائڻ وارو پمپ (Emergency Fire Fighting Pump) خراب ٿي پيو آھي. پاڪستان جي مرڪنٽائيل مئرين ڊيپارٽمينٽ کي خبر پوڻ تي يا جھاز جي ماڻھوءَ يا ٻاھرين ڪنهن جي شڪايت تي، ھو ان جھاز کي روڪي سگھن ٿا، جيسين اھو پمپ صحيح نه ڪرائين. جھاز جو Arrest ٿيڻ ڪا سٺي ڳالھ نٿو سمجھيو وڃي. ان سان جھازران ڪمپنيءَ جي پئسي جو نقصان ھڪ طرف ٿئي ٿو ۽ ناموس کي ڇيھو ٻي طرف رسي ٿو.
ھونءَ “آرڪلي لائورو” مسافر جھاز اٽلي جي ناليرن جھازن مان ھڪ ھو. اھو ڪنهن زماني ۾ “فخر اٽلي” ھو ۽ ھڪ دفعي مشھور ڪتاب Around the World in 80 days موجب سڄي دنيا جو ڦيرو اسي ڏينهن ۾ پورو ڪري ڏيکاريو ھئائين. آرڪلي لائورو جھاز ڄائي ڄم کان بدنصيب رھيو. ھي جھاز 1947ع ۾ ھڪ ڊچ ھمراھ (ھالينڊ جي رھاڪوءَ) ‘Willem Ryus’ نالي ٺھرايو، جنهن جو 1953ع ۾ سندس “سسٽر – شپ” ‘Oranje’ سان ٽڪر ٿيو. ان بد ھن جون مرمتون ھلنديون رھيون. سن ۱۹۶۶ع ۾ اٽلي جي ھڪ امير ماڻھوءَ آرڪلي لائوروءَ اھو جھاز ھالينڊ وارن کان خريد ڪري، ان جو نالو پنهنجي نالي سان آرڪلي لائورو رکيو. ڪجھ عرصو ھلڻ بعد ان کي پاليرمو ۾ سخت باھ لڳي ۽ ٻڏي ويو. مالڪ امير ھو. دل بيھي وڃڻ بدران ڌڪ بچائي ويو ۽ ھن ان جھڙو، ساڳي نالي سان نئون جھاز ٺھرايو، جنهن کي 1972ع ۾ وري باھ وڪوڙي وئي. سڄو جھاز تباھ ٿيندي ٿيندي بچي ويو. مالڪ وڏو خرچ ڪري وري ھن کي ھلڻ لائق ڪيو پر پورن ٽن سالن بعد (1975ع ۾) ھڪ لبناني جھاز سان ٽڪرائجي پيو، جنهن ۾ چار کن جھازي به مري ويا. وري وڏو خرچ ڪري جھاز جي مرمت ڪرائي وئي ۽ ڪجھ سال صحيح ھلڻ بعد 1981ع ۾ ڪناري ٻيٽن (Canary Islands) تي باھ اچي لڳس، جنهن ۾ ٻه مسافر ٻڏي ويا – شايد ھنن ھراس ۾ يا ٻي ڪا واھ نه ڏسي پنهنجي بچاءَ لاءِ پاڻيءَ ۾ کڻي پاڻ ڇڏيو ۽ وقت تي مدد نه ملڻ ڪري ٻڏي ويا. ان کان پوءِ وري جھاز جي مرمت ھلندي رھي ۽ پوءِ سال به ڪو مس ھليو ته بلن جي پوري ادائگي نه ڪرڻ جي ڏوھ ۾ ھن کي ڪنهن بندرگاھ ۾ Arrest ڪيو ويو ۽ مٿس ڪورٽ جا ڪيس ھلندا رھيا. ان کان علاوه ھي جھاز سياسي خواريءَ جو پڻ سبب بنيو. گذريل سال (1993ع) ۾ اٽليءَ جي نيوفاسشٽ نئشنل الائينس جي ليڊر جان فرئنڪو فينيءَ پنهنجي سياسي پارٽيءَ لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ لاءِ ھن جھاز کي چارٽر ڪيو (يعني ڪجھ عرصي لاءِ ٺيڪي تي ورتو) ۽ مسافرن کي جن بندرگاھن گھمائڻ جو پروگرام ٺاھيو، انهن ۾ اتر آفريڪا جا اھي بندرگاھ پڻ ھئا، جيڪي ٻي جنگ عظيم ۾ لڙائيءَ جا ميدان ھئا. اٽليءَ ۾ ھن سامونڊي سفر تي سخت تنقيد ڪئي وئي ۽ جتي ڪٿي ھن جھاز کي ننديو ويو. بهرحال ڏھاڪو ڏينهن کن اڳ ھي جھاز 47 سالن جي خوبصورت سامونڊي سفرن ۽ بدنصيب حادثن بعد ھندي وڏي سمنڊ جي اونهن تهن ۾ ھميشھ ھميشھ لاءِ غرق ٿي ويو آھي.

No comments:

Post a Comment