Sunday, February 20, 2011

ٻه اکر دادا جشن لاءِ -الطاف شيخ


ٻه اکر دادا جشن لاءِ

الطاف شيخ
اڄڪلهه دادا جشن پي واسواڻي 56 سالن بعد پنهنجي اباڻي وطن سنڌ جي دؤري تي ويل آهن. دادا واسواڻي جنهن جا ليڪچر صبح جي وقت Sony چئنل تان اچن ٿا هو جڳ مشهور سنڌي فلاسفر، اسڪالر، سائنسدان، مقرر ۽ سماجي سيوا ڪندڙ شخص آهي. ان کان علاوه دانشور، اديب، شاعر، استاد تعليمي ماهر ۽ صوفي بزرگ طور پڻ مشهور آهي. هو پنهنجي چاچي ۽ مرشد ساڌو واسواڻي جو جاءِ نشين آهي. 

 
دهليءَ ۾ ”ساڌو واسواڻي انٽر نيشل گرلس اسڪول“ گهمڻ جو احوال لکڻ دوران ساڌو واسواڻي (سڄو نالو، ساڌو ٿانور داس ليلارام واسواڻي خدا آبادي) جو احوال پڻ لکيو اٿم. هتي ٻه چار سٽون دادا جشن واسواڻي تي لکڻ ضروري سمجهان ٿو. دهليءَ جي مٿين گرلس اسڪول جي کليل ميدان جي هڪ ڪنڊ مختلف رنگين گلن ۽ ٻوٽن سان جهنجهيل  آهي. اسڪول جي صلاحڪار پروفيسر ڊاڪٽر چندر ڏاسواڻيءَ اها ڏيکاريندي ٻڌايو هو ته ان ۾ اسڪول جون ڇوڪريون گلن پوکڻ جو شوق پورو ڪن ٿيون ۽ اها ڪنڊ ”جشن ڪارنر“ سڏجي ٿي، جيڪا دادا جشن واسواڻي جي نالي ڪيل آهي. هو ڪا دير هن نيڪ مرد بابت ٻڌائيندو رهيو جنهن جا جهيڻي پر صاف آواز ۾ پر مغز ۽ دل تي اثر ڪندڙ ليڪچر روزانو صبح جو ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ جي ليڪچر بعد سوني چئنل تان ٻڌندو آهيان. گذريل ٻه چار ڏينهن دادا واسواڻي تي روچي رام، مدد علي سنڌي، امداد سومري ۽ ٻين جا مضمون انٽرنيٽ ذريعي ڪاوش، عبرت ۽ عوامي آواز اخبارن ۾ به پڙهندو رهيو آهيان.
دادا جي واسواڻي جيڪو هن وقت سنڌ جي ياترا تي پهتل آهي. حيدرآباد ۾ 2 آگسٽ 1918ع ۾ جنم ورتو ۽ هن وقت 87 ورهين جي ڄمار جو آهي. پاڻ نومبر 1948ع ۾ پنهنجي چاچي ساڌو واسواڻيءَ سان گڏ سنڌ ڇڏي بمبئي روانگي اختيار ڪئي.
جشن واسواڻي هن وقت پوني ۾ سيراني اسڪول ۽ ڪاليج کان علاوه ڪيترائي فلاحي ۽ جديد تعليمي ادارا هلائي ٿو. هن کي اقوام متحده ۽ انگلينڊ جي هائوس آف ڪامنس ۾ خطاب لاءِ مدعو ڪيو ويندو آهي. دادا جشن واسواڻي بيحد ذهين شاگرد هو. هن 13 سالن جي عمر ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي ان بعد ڪراچيءَ جي ”ڊي جي سائنس ڪاليج“ مان B.Sc فزڪس سترهن سالن جي ڄمار ۾ پاس ڪئي ۽ يونيورسٽيءَ ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ آيو ۽ ساڳي ڪاليج ۾ فيلوشپ مليس. هن سائنس جي شعبي ۾ ڪيترائي تحقيقي مقالا لکيا. سندس هڪ مقالي کي نوبل انعام يافته ڊاڪٽر  سي وي رامن چڪاس بعد بيحد پسند ڪيو هو. پاڻ ايل ايل بي بعد 1939ع ۾ M.Sc ڪئي.

No comments:

Post a Comment