Saturday, February 19, 2011

ڪامياب راستي - الطاف شيخ


ڪامياب راستي
الطاف شيخ

انڊيا هيڏو وڏو ملڪ آهي. آدمشماري ۾ به ته پکيڙ ۾ به. ان ۾ ڪجهه نه ڪجهه عيجب کيل تماشا ته ٿيندا رهن ٿا ۽ انهن جون خبرون دنيا جو ڌيان ڇڪائين ٿيون. ڪنهن پنهنجوين مڇون ايڏيون وڌائي ڇڏيون جو انڊيا جو ورلڊ رڪارڊ قائم ٿي ويو. اهڙي طرح ڪنهن آڱرين جا ننهن وڌائي ڇڏيا. ڪو ساڌو جيئري قبر ۾ ٽي  مهينا سمهي رهيو. انهن چريائين جي رڪارڊن کان علاوه Sensible رڪارڊ به جام آهن جن مان ڪيترا گنيز  بڪ آف رڪارڊ ۾ ايندا رهن ٿا. الهه آباد ۾ گنگا ۽ جمنا نديءَ جي سنگم وٽ 2001ع ۾ جيڪو ڪمڀ جو ميلو لڳو ان ۾ هڪ ڪروڙ کان مٿي ماڻهو آيا هئا ۽ ايترن ئي ماڻهن 1969ع ۾ تامل ناڊو رياست جي چيف منسٽر جي دفن Funeral جي رسم ادا ڪئي هئي. انڊيا جو ريلوي کاتو دنيا جو وڏي ۾ وڏو کاتو آهي جنهن ۾ سورهن لکن کان وڌيڪ ماڻهو ڪم ڪن ٿا ۽ سرڪار کان پگهار وٺن ٿا. ڪلڪتي  جي سائوٿ پوائنٽ هائوس اسڪول ۾ ٻارهن هزارن کان مٿي شاگرد پڙهن ٿا. انڊيا ۾ ٽي سؤ جي لڳ ڀڳ سياسي پارٽيون آهن جيڪي لوڪ سڀا (قومي اسيمبليءَ) جي ڇهه سؤ کن سيٽن لاءِ اليڪشن وڙهن ٿيون. 

پنجاب جي شهر لڌيانا ۾ ٺهندڙ ”هيرو“ سائيڪلن جو ڪارخانون دنيا ۾ سڀ کان گهڻيون سائيڪليون ٺاهي ٿو. گذريل سال هن ۾ ٽيهه لکن کان مٿي ”هيرو“ سائڪيلون ٺهيون. ويسٽ بنگال جي ريلوي اسٽيشن خارگپور جو 833 ميٽر پليٽ فارم دنيا جو ڊگهي ۾ ڊگهو پليٽ فارم آهي. انڊيا جي اسٽيٽ بئنڪ جون سڄي انڊيا ۾ 12243 برانچو آهن. دنيا ۾ سڀ کان گهڻو مينهن انڊيا جي شهر چيرا پنجيءَ ۾ پوي ٿو جيڪو شهر ميگهالايا رياست ۾ آهي. گذريل سال 24 ميٽرن کان مٿي پيو جڏهن ته سنڌ ۾ چوٿون ميٽر به مينهن نٿو وسي. لتا منگيشڪر هندستان جي ويهن زبانن ۾ ٽيهه هزار کان به وڌيڪ گانان رڪارڊ ڪيا آهن.
ڪلڪتي جي بوٽنيڪل گارڊن ۾ هڪ پپر جو وڻ آهي جنهن جو ڇٽ (Canopy) هڪ هيڪٽر کان به گهڻي پکيڙ ۾ آهي. دنيا جي سڀ کان مٿاهين پل سامونڊي سطح کان 56000 ميٽر مٿي انڊيا ۾ آهي جيڪا منالي  ۽ ليهه (Leh) جي رياستن کي ڳنڍي ٿي ۽ ڪلڪتي جي هائوڙا پل دنيا جي مشغول ترين پل آهي جنهن تان هر روز ستر هزار کان مٿي سوارين ۽ اڻ ڳڻت ماڻهو لنگهن ٿا ۽ 73 ميٽر اوچائي جو قطب مينار بنا سپورٽ جي بيٺل آهي.
انڊيا ۾ قدرتي ۽ انساني مصيبتن جو به ڪاٿو ناهي. ڀوپال جي ڪارخاني ۾ گيس ليڪ ٿيڻ تي ڇهه هزار ماڻهو اڦٽ مري ويا هئا ۽ ٻه لک کن زخمي ٿي پيا. 1888ع ۾ ڳڙن وسڻ ۾ 246 ماڻهو مري ويا، 1997ع ۾ ڊيم جي ٽٽڻ ڪري گجرات ۾ 500 ماڻهو ٻڏي ويا ۽ هاڻ ويجهڙائيءَ ۾ گجرات ۾ آيل زلزلي ۽ هندستان جي ڪناري واري علائقن ۾ سونامي طوفان ڪري جيترا ماڻهو مري  ويا يا دربدر ٿي ويا انهن جو ڪاٿو ئي ناهي.
ڪلڪتي جي اسڪول ۾ ته فقط ٻارهن هزار شاگرد آهن پر ڪي جي مانٽيسوري ۾ ته هونءَ به اسڪول کان گهڻا ٻار ٿين ٿا پر ڪيترا گهڻا هجن کپن؟ دنيا ۾ لکنؤ جي سٽي مانٽيسوري جهڙو ڪو اسڪول ناهي. جنهن ۾ هن وقت ستاويهه هزار ٻار آهن، جن جي عمر ٻن کان پنج سال آهي. هي اسڪول 1959ع ۾ جگديش گانڌي نالي هڪ سوشل ورڪر ۽ سندس چائلڊ سئڪالاجسٽ زال مسز ڀارتيءَ کوليو هو ۽ ان جي شروعات فقط پنجن ٻارن سان ٿي هئي.
ڪجهه ڏينهن اڳ جيپور جي شاگردن جيڪا رنگولي ٺاهي ان جيڏي وڏي ڪڏهن به نه ٺاهي وئي. رنگين پائوڊر، گلن ۽ پٿرن مان ٺهيل هي خوبصورت گلن ۽ جوميٽريڪل ڊزائين ٽي ڪلوميٽر پڪي رستي جي ٻنهي ڪنارن تائين پکڙيل هئي ۽ ڏهه ٽن رنگين پائوڊر جا استعمال ٿيا.
مقابلي جي ڳالهه ٿا ڪريو ته انڊين فلم ايڪٽريس مالائيڪا شراوت سترهن چميون ڏيئي سمجهيو ته ٻي ڪا بالي ووڊ جي ائڪٽريس سندس مقابلو نه ڪري سگهندي پر هاڻي ”ڪامياب راستي“ فلم اچي رهي آهي جنهن جي پهرين دفعو فلمي دنيا ۾ ايندڙ پونم درياناڻي هيروئن سڀ کان ڊگهي چمي ڏيئي مالائيڪا جا رڪارڊ ڀڃي ڇڏيا آهن ۽ اها Kiss حاصل ڪرڻ وارو ڪهڙو هيرو آهي؟ شعير الياسي.
هن فلم ۾ سين لاءِ چيو وڃي ٿو ته هڪ سؤ کان مٿي ڇوڪرين کي آزمايو ويو جنهن مان هڪ ڪلڪتي ڄايل بنگال ڇوڪري پونم ڪامياب وئي. پونم درياناڻي ڪلڪتي جي ماڊل ۽ بنگالي ٽي وي جي ڊرامن ۾ اچي ٿي ۽ سندس عمر 23 سال آهي. فلمي دنيا جي ڊگهي ۾ ڊگهي چمي جين وائمن ۽ ريگس ٽومي جي وچ ۾ 1914ع جي انگريزي  فلم You are in the Army way. ۾ آهي جيڪا ٽي منٽ ۽ پنج سيڪنڊ هلي ٿي. انڊيا جي سينسر بورڊ جيڪڏهن هيءَ ممبئيءَ جي اڪسا بيچ تي ورتل چميءَ جي سين پاس ڪئي ته هيءَ چمي دنيا جي فلمي دنيا جي پڪ ڊگهي ۾ ڊگهي چمي ثابت ٿيندي ۽ هن ڪامياب راستي جهڙي فلم کي ڪامياب بنائڻ جو اهوئي رستو آهي.

No comments:

Post a Comment