Saturday, February 19, 2011

انڊيا جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين..الطاف شيخ


انڊيا جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين..
الطاف شيخ
دهليءَ ۾ جنهن ڪانٽيننٽل هوٽل ۾ شروع جا ٽي چار ڏينهن نولراءِ اسان جي رهڻ جو بندوبست ڪيو ان ۾ منهنجي ڀر واري ڪمري ۾ رهندڙ هڪ مڪاني ليکڪ ۽ گهمڻ ڦرڻ جو شوقين لڳو ٿي. منهنجي ساڻس پهرين ڏينهن ئي لفٽ ۾ عليڪ سليڪ ٿي ۽ ڄاڻ سڃاڻ بعد جڏهن هن کي خبر پيئي ته آئون به ليکڪ آهيان ۽ خاص ڪري ”ٽريول رائيٽر“ ته هو مونکي انڊيا باءِ روڊ ڏسڻ ۽ ڊرائيو ڪرڻ جي صلاح ڏيڻ لڳو. پاڻ سرينگر کان باءِ روڊ ڏکڻ طرفان نڪتو هو ۽ هندستان جي هيٺين ڇيڙي واري شهر ”ڪنيا ڪماريءَ“ تائين 4200 ڪلو ميٽر جو سفر باءِ ڪار پورو ڪري هاڻ باءِ ايئر هتي دهليءَ پهتو هو جتي هفتي کن جي ڪم ڪارين بعد هن کي پنهنجي ڳوٺ لڌيانا باءِ ٽرين وڃڻو هو. 

 
هن وقت آئون سڄي گروپ سان گڏ آيل هوس ۽ اسان جو اهم ڪم اسان جي دوستن جي پٽن جون دهليءَ ۾ بڙودا ۾ شاديون اٽينڊ ڪرڻيون هيون. وچ ۾ جيڪو ٽائيم مليو ٿي ان ۾ ڪڏهن پنهنجي گروپ سان گڏ ته ڪڏهن اڪيلو اڪيلو دهليءَ ۽ ان جي آسپاس جا شهر ۽ بڙودا، احمد آباد ۽ بمبئي وغيره. ٻئي ڪنهن شهر آگري، اجمير، جوڌپور وغيره وڃڻو پيو ٿي ته اوڏانهن وڃڻ لاءِ پوليس اسٽيشن تي اطلاع ڪري موڪل وٺڻي پيئي ٿي. ٻين لفظن ۾ اسان کي سڄي انديا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ آزاد پکيءَ وانگر گهمڻ جي اجازت نه هئي. منهنجي ڀر واري ڪمري ۾ رهندڙ هن   Freelance writer جي ڳالهه. يعني صلاح، بلڪل سٺي هئي جنهن لاءِ هو مونکي روز چوندو رهيو ۽ گذريل هفتو انڊيا جي اتراهين ڪنڊ سرينگر کان ڏاکڻي ڪنڊ ڪنيا ڪماري شهر تائين جيڪا هو هنڊريڊ ميٽر Raceڊوڙي آيو هو ان جو احوال ٻڌائيندو رهيو. سندس اهو سفر هڪ سؤ ميٽرن جي ڊوڙ ئي ٿي جو ڪٿي ڪٿي رات گذارڻ کان علاوه هو هر هنڌ اڌ ڏينهن يا ڪجهه ڪلاڪ مس ٿي رهيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته ان قسم جي تکي ۽ ڊگهي سفر جو پنهنجو چارم آهي جو جلدي جلدي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پهچڻ تي ماڻهن جا قدبت، شڪليون، رنگ، زبانون ۽ ڪلچر جلدي بدلبو نظر اچي ٿو. ڪٿي هڪ طرف اتر ۾ يعني سرينگر ۾ ڊگها ۽ گورا ماڻهو ۽ وچ ايشيا جي ملڪن جو Flavour ۽ ڪٿي ڏکڻ هندستان جي شهرن ٿيرو وانٿا پورم ۽ ڪوامبتور جهڙن شهرن جا ڪاري ۽ بندري رنگ جا ماڻهو تامل، مليالم، تيلگو ۽ ڪانڊا زبانون ۽ عجيب مسالن جا کاڌا کائڻ وارا دکني ۽ مدراسي. ڄڻ ماڻهو سريلنڪا جي شهرن ۾ پهچي ويو هجي.
ملائيشيا هوندو هوس ته ٽن يا چئن ڏينهن جي موڪل تي پنهنجي رهائش واري شهر ملاڪا کان ڏکڻ طرف نڪي پوندو هوس تان جو ملائيشيا جو آخري شهر جو هور بارو اچي ويندو هو ۽ پوءِ ميل کن جي پل (Causeway) ٽپي سنگاپور کان وڃي نڪربو هو جتي ڏينهن اڌ رهي ٻئي ڏينهن وري پويان پير کڻي اتر طرف موٽبو هو. رستي تي وري ساڳيو شهر جوهور بارو ۽ ملاڪا لتاڙي ڪوالالمپور پهچبو هو ۽ رات اتي رهي اڳتي جو اتر طرف سفر شروع ڪبو هو ۽ رستي تي اپوح ۽ پينانگ جهڙا شهر لتاڙي شام ڌاري ملائيشيا ۽ ٿائلينڊ جي بارڊر واري شهر هاديائيءَ ۾ اچي رات رهبي هئي. موڪل ڊگهي هوندي هئي ته اڃا اتر طرف ٿائيلنڊ جي شهرن: بئنڪاڪ ۽ چنگ مائي تائين وڃي نڪربو هو نه ته هاديائي کان واپس پنهنجي شهر ملاڪا موٽبو هو. پر اهو سڀ ڪجهه تڏهن ٿي سگهيو ٿي جڏهن آئون سالن کان ملائيشيا رهيل هوس ۽ ملائيشيا، سنگاپور ۽ ٿائيلينڊ جي Multipleويزا مليل هئي يعني جڏهن چاهجي ۽ جيترا دفعا چاهجي انهن ملڪن ۾ اچي وڃي ۽ رهي سگهجي ٿو.
اسان جو ملڪ پاڪستان به ماشاءَ الله تمام وڏو ۽ ڊگهو ملڪ آهي جنهن جي هڪ (ڏاکڻي) ڪنڊ کان ٻي اتراهين ڪنڊ تائين سمنڊ، نديون، رڻ پٽ، جبل، برفاني نديون، چراگاهه ۽ باغ ٻنيون اچن ٿيون. مختلف شڪلين، بيهڪ ۽ قد ڪاٺ جا ماڻهو ۽ مختلف زبانون آهن بلڪ پاڪستان جي ڊگهائي ڏکڻ کان اتر طرف هجڻ ڪري مختلف موسم ۽ ميوا ڀاڄيون آهن جنهن ۾ ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جهڙا ملڪ غريب آهن جيڪي ايراضي ۽ ڊيگهه جي حساب سان ته تمام وڏا آهن پر اهي اوڀر کان اولهه پکڙيل هجڻ ڪري هنن وٽ ٻارهوئي ساڳي موسم ۽ جتي ڪٿي ساڳيا ميوا ۽ ڀاڄيون آهن. انگور، صوف، موسمي ۽ سنگتڙي جهڙا ميوا هو ڌارين ملڪن کان گهراين ٿا. سو اسان جي ملڪ ۾ به باءِ روڊ هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين سفر ڪرڻ ۾ مزو آهي ۽ ان مان اندازو لڳايو ته انڊيا ۾ ڪيڏو هوندو جيڪو اسان جي ملڪ کان ٽيڻو چئوڻو وڏو آهي. اتر کان ٻئي ملڪ گڏ گڏ شروع ٿين ٿا. ڪراچي يا ٿرپارڪر ۾ جتي ڏکڻ ۾ اسان جي ملڪ جون حدون ختم ٿين ٿيون اتي هندستان پاسي راجستان جو صوبو ختم ٿئي ٿو پر انڊيا اڃا وڏو آهي ۽ ان بعد گجرات، مهاراشترا ۽ تامل نادو جهڙا صوبا هيٺ سريلنڪا سان وڃيو ملن. يعني پاڪستان کان اڃا به ڏيڍوڻو هيٺ آهي. ۽ اهو ته ٿيو مک وانگر سڌو ئي سڌو ڏکڻ طرف وڃڻ. پر جي اتر طرف وڃجي ته بنگلاديش جي به ٻئي پاسي کان وڃيو نڪرجي ۽ انڊيا جون سرحدون برما سان مليون پيون آهن. انڊيا جا ڏکڻ ۽ اوڀر وارا ڇيڙا اهڙا آهن جتي هندستان جي قومي زبان هندي جيڪا بلوچستان، دبئي، ايران ۾ ته سمجهي وڃي ٿي پر ملڪ جي ڪيرالا، تامل نادو، ناگالئنڊ ۽ مني پور جهڙن صوبن ۾ نٿي سمجهي وڃي.
هوٽل ۾ رهندڙ منهنجي پاڙيسري همراهه جيڪو اتر کان ڏکڻ طرف چار هزار کن ميلن جو سفر ڪيو ۽ جن جن شهرن ۾ هو ويو، اهي مون به سندس ڳالهين ۽ وڊيو فلم مان نوٽ ڪري ڇڏيا. ٿي سگهي ٿو مونکي يا ڪنهن کي اها روٽ کڻي گهمڻ لاءِ نڪرڻو پوي ۽ ڪنهن هڪ ٻن شهرن جي ڦيرڦار سان هي سفر ڪو خراب نٿو لڳي. هن پنهنجي ڪار  Odometer ۾ ميلن جو زيرو انگ سري نگر ۾ ٺاهي اتان کان سڌو هيٺ ڏکڻ طرف نڪرڻ شروع ڪيو.
سري نگر  0000ڪلو ميٽر
هندستان پاسي جيڪو ڪشمير آهي ان جو سرينگر گاديءَ جو هنڌ آهي. جهلم نديءَ جي ڪناري تي هن شهر جي چوڌاري دال ڍنڍ آهي جنهن ۾ اٺ کن ٻيون ڍنڍون به ملن ٿيون جن ۾ ناگن ڍنڍ تمام مشهور آهي. ڪيترن ماڻهن جا گهر ٻيڙين تي آهن. دنيا جا سياح هتي اچي ٻيڙين تي سير ڪن ٿا. دال ڍنڍ جي اوڀر واري ڪناري تي مغل بادشاهن جا ٺهرايل باغ آهن جن ۾ شاليمار باغ ۽ نشاط باغ تمام گهڻو مشهور آهن. دال ڍنڍ تي ترندڙ هنن ”بوٽ هائوس“ لاءِ چيو وڃي ٿو ته انگريزن جي دؤر حڪومت ”برٽش راج“ ۾ ڪشمير جي راجا انگريزن کي زمين خريد ڪري گهر ٺاهڻ جي اجازت نه ڏني ۽ هنن ڪشمير جي سونهن پسڻ لاءِ هر وقت هيڏانهن اچڻ ٿي چاهيو. پوءِ ان جو علاج هنن اهو ڳولي لڌو ته اهڙيون ٻيڙيون ٺاهيون وڃن جن ۾ گهر وانگر ڪمرا، باٿ روم ۽ ڪچن وغيره هجي. ان قسم جي هرهڪ ٻيڙي انهن ڏينهن ۾ ”لٽل انگلينڊ“ سڏي وئي ٿي.
جمون 0293 ڪلوميٽر
سرينگر شهر کان هيٺ ڏکڻ ڏي 293 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي هن صوبي جو ٻيو نمبر وڏو شهر ڄمون آهي. ڄمون پهچڻ لاءِ رستي تي اڍائي ميلن جي هڪ سرنگهه ”جوارهار“ نالي اچي ٿي جيڪا هاڻي ٺاهي وئي آهي نه ته سياري جي موسم ۾ جبلن تي گهڻي برفباري ڪري ڄمون ۽ سرينگر هڪ ٻئي کان ڪٽجي ويندا هئا پر هاڻ سياري ۾ به اچ وڃ جاري رهي ٿي. ايترو آهي ته سياري جا ڇهه مهينا ڪشمير جي گاديءَ جو هنڌ سرينگر بدران جمون ڪيو وڃي ٿو. سرينگر جي آدمشماري نو لک کن آهي ۽ جمون جي چار لک آهي. سرينگر کان جمون ايندي ڪد (Kud) ۽ پتني ٽاپ نالي ٻه هل اسٽيشون اچن ٿيون جن جي ويجهو هتي جو اهم مندر. سڌ مهاديو شو جو مندر آهي. هن ئي روٽ تي هتي جي ماٿري سنسار آهي جيڪا اونهاري ۾ سونهن ۽ گجر قوم جي ريڍارن کان مشهور آهي.
جمونءَ کان بارڊر وارو شهر اخنور فقط 25 ڪلوميٽر آهي ۽ جمونءَ کان سيالڪوٽ پنجاهه ڪلوميٽر مس آهي ۽ پاڪستان ۽ انڊيا جو بارڊر پوري اڌ تي 25 ڪلوميٽرن تي آهي. لاهور ۽ امرتسر به تقريبا اوتري ئي فاصلي تي آهي پر پاڪستان ۽ هندستان جي بارڊر وٽ ٻنهي پاسن جا واگها ۽ اتاري شهر آهن. مفاصلي جي حوالي سان ائين به چئي سگهجي ٿو ته پاڪستان جي شهر گجرانوالا کان جيترو سيالڪوٽ پري آهي اوترو سيالڪوٽ کان جمون شهر آهي.
پٺاڻ ڪوٽ. 0413ڪلو ميٽر
پٺاڻ ڪوٽ هماچل پرديس صوبي جو گيٽ وي آهي ۽ مندرن کان مشهور آهي. جمون کان پٺاڻ ڪوٽ 120ڪلوميٽر آهي. پٺاڻ ڪوٽ ۾ آئون ٽو اسٽار هوٽل ۾ رهيس جيڪا ريلوي اسٽيشن ۽ پٺاڻ ڪوٽ بس اسٽاپ کان هڪ ڪلوميٽر کن آهي (يعني ان سفر جي ڪٿا ٻڌائڻ وارو رهيو جيڪو دهليءَ واري هوٽل ۾ منهنجي ڀر واري ڪمري ۾ رهيو ٿي).
لڌيانا. 0580 ڪلوميٽر
لڌيانا ۾ مون رات ”هوٽل سٽي هارٽ“ ۾ گذاري جيڪا ڪلاڪ ٽاور جي پويان ريلوي اسٽيشن جي ويجهو آهي. هي چڱي مهانگي هوٽل مٿي ۾ لڳي وئي ۽ رات جي ماني ۽ نيرن سميت ڌيڍ هزار رپيا خرچ آيو.
دهلي 900 ڪلوميٽر
دهلي نه فقط اڄ جي حڪومت جي گاديءَ جو هنڌ آهي پر صدين تائين مختلف بادشاهن ۽ حڪومتن جي گاديءَ جو شهر ٿي رهيو. دهلي هڪ پراڻو ۽ تاريخي شهر آهي. ”هيٺ ڏکڻ ڏي ويندي وقت هتي جي هڪ ڪلب ۾ يورپ جي نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي مدهوشيءَ جي عالم ۾ سڄي رات ڊانس ڪندو ڏسندو رهيس.“ هن ٻڌايو.
جيپور . 1170ڪلوميٽر
ويهه لک آدمشماريءَ جو هي شهر راجستان صوبي جو گاديءَ وارو شهر آهي ۽ دهليءَ کان پورا 270 ڪلوميٽر پري آهي. هي شهر گلابي رنگ جي گهرن ڪري Pink City به سڏجي ٿو. هي شهر هتي جي جنگجو ۽ علم نجوم (Astronomy) جي ماهر مهاراجا جئسنگهه ٻئي 1727ع ۾ ٻڌرايو. مهاراجا جئسنگهه ٻيو سن 1693ع ۾ ڄائو ۽ 1743ع ۾ گذاري ويو. هي اهو شخص آهي جنهن سن 1728ع ۾ مشهور Observatory  جنتر منتر ٺهرائي. جيڪا اڄ به ڏسڻ وٽان آهي. شهر ۾ ٽي اهم روڊ هڪ ٻئي سان ملن ٿا: مرزا اسماعيل روڊ، اسٽيشن روڊ ۽ سنسار چندرا مارگ. هنن ٽن رستن ۽ انهن مان ڦٽندڙ گهٽين ۾ ڪيتريون ئي هوٽلون آهن.
جيپور جي هڪ عمارت هوا محل هن شهر جي خاص نشاني آهي. پنج ماڙهيءَ بلڊنگ سن 1799ع ۾ مهاراجا سواج پرتاپ سنگهه ٺهرائي. جيپور جي راج مندر سئنيما ۾ فلم ڏسڻ وٽان آهي جيڪو سئنيما هال انڊيا جو مهانگو ترين ۽ خوبصورت سئنيما هال آهي.
اجمير . 1300ڪلوميٽر
اجمير به راجستان صوبي جو شهر آهي ۽ جيپور کان فقط 130ميل پري آهي. اجمير اهو شهر آهي جتي مغلن جي انگريزن سان پهريون دفعو ملاقات ٿي هئي جڏهن سرٿامس رو 1616ع ۾ جهانگير سان مليو.
اجمير صوفي درويش خواجا معين الدين چشتي جي درگاهه کان به مشهور آهي. هو ايران کان 1192ع ۾ اجمير آيو هو. سندس مقبرو همايون مڪمل ڪرايو ۽ درگاهه جو گيٽ حيدرآباد جي نظام ٺهرايو. شهنشاهه اڪبر هر سال آگري کان اجمير خوجه معين الدين چشتيءَ جي درگاهه جي زيارت تي ايندو هو.
اجمير انگريزن جي Mayo. College کان به مشهور آهي. اجمير 1818ع ۾ انگريزن جي حوالي ٿيو ۽ هي ڪاليج 1875ع ۾ شروع ٿيو، جيڪو فقط انگريزن ۽ انڊيا جي نوابن جي ٻارن لاءِ هو. جيئن لاهور جو ايڇيسن ڪاليج.
اڌيپور . 1570  ڪلو ميٽر
انگريز چوندا هئا ته راجستان ۾ اڌيپور جهڙو ٻيو ڪو رومانوي شهر ناهي.
بردرس گرم (Grimm) ۽ ٻين فرينچ آرٽسٽن لاءِ هي شهر دلپسند شهر رهيو آهي ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هي شهر ان جي لائق رهيو جو هن کي <Venice of the East> سڏيو ويو ٿي.
اڌيپور 1568ع ۾ مهارانا اڌئي سنگهه ٻئي ٻڌرايو. اڌيپور محلاتن، مندرن ۽ حيويلين جو شهر آهي. هن  شهر جي چوڌاري ڍنڍون هجڻ ڪري پاڻيءَ جي کوٽ نه رهي آهي ۽ شهر ۾ ڪيترائي پارڪ ۽ باغ آهن. جنهن زماني ۾ هن شهر جي چوڌاري ڀت هئي اڄ اها ڊهي چڪي آهي پر ان جا ڪجهه حصا ۽ گيٽ اڃا به موجود آهن. شهر جي چوڌاري پچولا (Pichola) نالي چار ڪلوميٽر ڊگهي ۽ ٽي ڪلوميٽر ويڪري ڍنڍ جي وچ ۾ هڪ ٻيٽ آهي جيڪو جگمندر ٻيٽ سڏجي ٿو جنهن تي مهاراجا ڪرن سنگهه جو ٺهرايل محلات اڃا تائين سهڻي حالت ۾ موجود آهي، جيڪو هن مهارانا جگت سنگهه (1652ع .1628ع) جي نالي ٺهرايو هو. ٻيو مشهور محلات ان ساڳي ڍنڍ ۾ جگ نيواس ٻيٽ تي سن 1754ع ۾ مهارانا جگت سنگهه ٻئي ٺهرايو هو. اڄ اهو محلات Lake palace Hotel جي نالي هوٽل طور استعمال ٿئي ٿو، جنهن جي ڪمرن جي مسواڙ تمام گهڻي رکيل آهي. هي محلات (ليڪ پئلس هوٽل)، شو نيواس پئلس ۽ مون سون پئلس جيمس بانڊ جي فلم Octopussy ۾ سيٽن طور استعمال ٿيا هئا. شهر جي وچ ۾ (هوٽل بڙي حويلي ۽ هوٽل انجاني جي ڀرسان) هتي جو مشهور ۽ جهونو مندر ”جگديش مندر“ آهي جيڪو 1651ع ۾ مهارانا جگت سنگهه ٺهرايو. منجهس ڪاري پٿر جي وشنو جي (جگن ناٿ جي روپ ۾) مورتي آهي. جيڪو هندو ڌرم مطابق ڪائنات جو مالڪ سمجهيو وڃي ٿو. ان کان علاوه پتل جي مورتي گرودا جي به آهي. (گرودا انساني پکي جي شڪل جي وشنوءَ جي سواري آهي).
اڌيپور جون ٻيون مشهور ڏسڻ وٽان شيون آهن: گلاب باغ ۽ ان جي ڀرسان سجن نيواس گارڊنس، نهرو پارڪ ۽ شهر جي اتر ۾ هڪ خوبصورت باغ آهي، جنهن جو نالو آهي ”سهيليون ڪي باري“ اڌيپور شهر ۾ رهائش لاءِ سستيون هوٽلون تمام گهڻيون آهن، خاص ڪري جگديش مندر وٽ ۽ بس اسٽاپ وٽ. دهلي گيٽ ۽ ليڪ پئلس روڊ وٽ به جام هوٽلون آهن. هڪ سؤ کان ٽي سؤ رپيه مسواڙ واريون ڪجهه هوٽلون هن ريت آهن:
هوٽل بڙي حويلي، لال گيٽ گيسٽ هائوس، جگ نيواس گيسٽ هائوس، انجاني هوٽل، هوٽل نئچرل، ليڪ شور هوٽل، هوٽل شمبو، هوٽل اپسرا ۽ جيڪڏهن توهان شهر کان ٿورو پرڀرو رهڻ پسند ڪريو ٿا ته پرتاپ ڪنٽري ان (Inn) ۽ ميوار ان (Mewar Inn) جهڙي سستي رهائش ٿي نٿي سگهي. سؤ سوا سؤ رپيا روز جي مسواڙ مس آهي ۽ شهر اچڻ لاءِ بس جو ڀاڙو ڏهن رپين کان به گهٽ آهي. بهرحال هي سڀ سستين هوٽلن جا پار پتا ۽ اگهه آهن. اوچيون ۽ مهانگيون ته جتي ڪٿي آسانيءَ سان نظر اچيو وڃن.
احمد آباد . 1830ڪلو ميٽر
راجستان کان پوءِ هيٺ ڏکڻ ۾ گجرات صوبو آهي ۽ احمد آباد گجرات جو وڏو شهر آهي. هاڻ ته انڊيا جي هر شهر ۾ ڪارخانا ۽ فئڪٽريون ٿي ويون آهن نه ته انگريزن جي راڄ ۾ احمد آباد ئي هڪ اهڙو شهر هو جنهن ۾ سڀ کان گهڻا ڪارخانا هئا جن جون چمنيون پري پري تائين نظر آيون ٿي ان ڪري هي شهر ”مشرق جو مانچسٽر“ سڏيو ويو ٿي. شروع ۾ گجرات جي گاديءَ جو هنڌ احمد آباد هو پر هاڻ نئون شهر گانڌي نگر آهي، جيڪو احمد آباد کان فقط 32 ڪلوميٽر پري آهي.
احمد آباد شهر جو بنياد احمد شاهه 1411ع ۾ رکيو. ٽوڪيو، نيو اورلينس، بئنڪاڪ ۽ لنڊن وانگر هن شهر جي وچ مان به درياهه وهي ٿو، جنهن جو نالو ”صبر متي“ آهي. هن نديءَ مٿان ڪيتريون پليون آهن جيڪي شهر جي ٻن حصن کي ڳنڍين ٿيون. انهن پلين جا نالا هن ريت آهن: سبهاس پل، گانڌي پل، نهرو پل، ايلس پل، سردار پل وغيره. اهي پليون شهر جي مشهور رستن کي ڳنڍين ٿيون. جهڙوڪ: آشرم روڊ، بالونتراءِ ميهتا روڊ، ڪستوربا روڊ، سنت ثريا داس روڊ، رليف روڊ، سردار پٽيل روڊ، پريتم نگر روڊ وغيره. شهر ۾ 1423ع جي ٺهيل جامع مسجد به آهي جيڪا احمد شاهه ٺهرائي. ان کان علاوه ڊاڪٽر تنڪاريا روڊ تي ٺهيل راڻي روپمتيءَ جي مسجد به مشهور آهي. اها مسجد 1440ع جي ٺهيل آهي ۽ سلطان احمد شاهه جي هندو زال جي نالي پٺيان آهي. انهن مسجدن کان علاوه راني سپري مسجد (جيڪا مسجد نگينه به سڏجي ٿي) 1514ع جي ٺهيل آهي ۽ سلطان محمود بيگدا جي زال ٺهرائي، راج بابري مسجد، دستور خان جي مسجد، هيب خان جي مسجد ۽ ريلوي اسٽيشن جي ڏکڻ ۾ سدي بشير جي مسجد، وغيره آهن. اهڙي طرح هتي جا مندر مشهور آهن جهڙوڪ: هاٿي سنگهه مندر جيڪو 1848ع جو ٺهيل آهي ۽ پندرهين جين ٽيچر (تير ٿانڪر) جي نالي منسوب ٿيل آهي. سوامي نارائڻ مندر جيڪو 1850ع جو ٺهيل آهي. هن مندر جي ڏکڻ ۾ نو قبا آهن جيڪي ”نو گزپير“ (نو والن جي پير) جي نالي سان مشهور آهي.
رهائش لاءِ سستيون هوٽلون رليف روڊ ۽ ريلوي اسٽيشن وٽ جام آهن پر اهي سڀ گوڙ گهمسان واريون هوٽلون آهن. ڪجهه مهانگين هوٽلن جا نالا هن ريت آهن: هوٽل ساحل، هوٽل بلواس، هوٽل Kingsway، ميٽروپول هوٽل، هوٽل Mehul ، هوٽل گڊنائيٽ، هوٽل ڪپري، هوٽل سريتا، ايمبسڊر هوٽل، هوٽل الف انٽر نيشنل، توران گيسٽ هائوس وغيره. انهن هوٽلن جي مسواڙ پنج سؤ رپين جي لڳ ڀڳ آهي.
احمد آباد کان هي ريل گاڏيون بڙودا، ڀاءُ نگر، ڀوڄ، دوارڪا، ممبئي، دهلي ۽ اڌيپور ڏي روانيون ٿين ٿيون: شاتا بدي ايڪسپريس، گرنار ايڪسپريس، ڀوڄ فاسٽ پئسينجر، سوراشترا ميل، گجرات ميل، سرووديا ايڪسپريس، اڌيپور ايڪسپريس، وغيره.
سورت . 2070 ڪلوميٽر
احمد آباد کان سورت  240 کن ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ آهي. رستي ۾ بڙودا ۽ ڀاورچ جا شهر اچن ٿا. ڀاروچ جنهن کي بروچ به سڏين هن پاسي جو تمام جهونو شهر آهي ۽ ٻه هزار سال پراڻي رڪارڊ ۾ ملي ٿو. شهر جي ڀرسان نرمادا ندي وهي ٿي جنهن جي ڪناري تي هڪ بيحد پراڻو مندر پريگو رشي نالي آهي جنهن تان هن شهر جو نالو ڀريگو ڪاچبا ڀيو جيڪو پوءِ فقط Bharuch سڏجڻ لڳو. هن شهر کان پوءِ هيٺ سگهو ئي پنجاهه کن ڪلوميٽرن تي سورت جو شهر آهي جيڪو تاپتي نديءَ جي ڪناري تي آهي جيڪا خليج ڪئمبي (Bay of Combay) ۾ ڇوڙ ڪري ٿي جيڪو سمنڊ جو حصو عربي سمنڊ جو آهي. ان کان علاوه خليج ڪڇ به عربي سمنڊ جو حصو آهي جنهن جي منهن وٽ مانڊوي، اوکها، دوارڪا ۽ پوربندر جهڙا بندرگاهه آهن ۽ اهي بندرگاهه ڪراچي ۽ پورٽ قاسم جي بلڪل ويجهو آهن. ڪراچي کان حيدرآباد به پري آهي پر هي بندرگاهه ويجها آهن تڏهن ته اسان جا توڙي انڊيا جا مهاڻا خراب موسم ۽ سمنڊ ۾ سامونڊي سرحدون لتاڙيو ڌارين ملڪن کان وڃيو نڪرن پوءِ اتي غيرقانوني اچڻ جي ڏوهه ۾ جيل داخل ٿيو وڃن. ڪجهه اهڙي ئي ٿيم تي انڊيا جي فلم انڊسٽريءَ ”مين هون نا“ فلم ٺاهي آهي، جنهن ۾ انڊيا جي حڪومت غريب قدين (پاڪستاني) مهاڻن کي آزاد ڪرڻ چاهي ٿي.
سورت اهو شهر آهي جتي ايران جي شهر پارس کان لڏي آيل باهه جا پوڄاري (Zoroasters) ٻاهرين صديءَ ۾ اچي رهيا. جيستائين بمبئي وڌيو ويجهيو نه هو ته سورت انڊيا جو مشهور بندرگاهه ليکيو ويو ٿي جتان هندستان جا ماڻهو حج لاءِ مڪي مديني روانا ٿيندا هئا.
سورت شهر ۾ انگريزن جي مشهور قبرستان کان علاوه ڊچن ۽ آرمينين جو به قبرستان آهي. هتي ڪيتريون ئي مسجدون ۽ هند، جين ۽ پارسين جا مندر آهن. شهر ۾ ٻه اڍائي سؤ رپين واريون سستيون هوٽلون ريلوي اسٽيشن جي ڀرسان آهن جيئن ته روپالي گيسٽ هائوس، شمله گيسٽ هائوس، سروا جانڪ هوٽل وغيره. هوٽل سينٽرل ايڪسيلنسي هوٽل يوراج ۽ ايمبسي هوٽل جهڙين جي مسواڙ هزار رپيه کن آهي.
سورت شهر ۾ احمد آباد يا ممبئي کان ريل گاڏيءَ ذريعي به پهچي سگهجي ٿو. ممبئي کان سورت 263 کن ڪلوميٽر آهي ۽ ريل گاڏي پنج ڪلاڪ کن وٺي ٿي ۽ رستي تي وڏي اسٽيشن فقط دمان آهي.
ممبئي . 2350 ڪلوميٽر
ممبئي سورت شهر کان 280 کن ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ آهي. ممبئي شهر پهچڻ تي ڪار جي آڊوميٽر ۾ 2350  ڪلوميٽر ٿيا. ممبئي (جيڪو انگريزن جي ڏينهن ۾ بمبئي سڏيو ويو ٿي) مهاراشٽرا رياست ۾ آهي جيڪا انڊيا جي وڏين رياستن مان هڪ آهي. تمام گهڻي آدمشماريءَ واري ۽ واپار وڙي ۽ ناڻي جي ڏيتي ليتيءَ کان تمام گهڻي اهم رياست آهي. ممبئي مهاراشٽرا جي گاديءَ جو هنڌ پڻ آهي جتي مرهٺي ۽ هندي زبان عام ڳالهائي وڃي ٿي. بمبئي (ممبئي) ڌارين لاءِ بالي ووڊ جي فلمي دنيا، چوپاٽيءَ تي ڀيل پوري کائڻ، سمنڊ جو ڪنارو، ڳاڙهي رنگ جون ڊبل ڊيڪر بسون، ڪماٿيپورا علائقي جو چڪلو، شهر جا شراب خانا ۽ شاپنگ جو ٻيو نالو پڻ آهي.
ممبئي دراصل ست کن ٻيٽن جو مجموعو آهي جيئن کڻي چئجي ته جپان، فلپين ۽ انڊونيشيا آهي. پر انهن ملڪن ۾ وڏا ۽ گهڻا ٻيٽ اچي وڃن ٿا ۽ بمبئي شهر ۾ منهوڙي جهڙا يا ان کان ٿورا وڏا ٻيٽ آهن. هنن ٻيٽن تي ڪنهن زماني ۾ ڪولي قوم جا مهاڻا رهيا ٿي جن جون جهوپڙيون اڃا به بمبئي شهر جي هڪ سامونڊي ڪناري تي قائم آهن جين هاڪس بي ۽ سئنڊش پٽ ڪراچي ۾ اڄڪلهه خوصبورت ۽ ماڊرن بنگلا (Huts)  ٺهڻ جي باوجود هتي جي اصلي مهاڻن جو ڪچا ڳوٺ ۽ ان ۾ ٺهيل پراڻيون جهوپڙيون موجود آهن.
بمبئي جي هنن ٻيٽن تي هندن جي مختلف گهراڻن جي حڪومت هلندي رهي ۽ پوءِ چوڏهين صديءَ ۾ مسلمانن جي حملي بعد انهن جي حوالي ٿيا ۽ پوءِ سورهين صديءَ ۾ گجرات جي سلطان 1534ع ۾ هي ٻيٽ پورچو گالين حوالي ڪيا.
پورچو گالين انهن ٻيٽن تي ڪو خاص ڌيان نه ڏنو ۽ ائين ويران رهيا. پورن 127سالن بعد (سن 1661ع ۾) پورچو گال جي بادشاهه جي ڌيءَ ڪئٿرين جي شادي انگلينڊ جي شهزادي چارلس ٻئي سان ٿيڻ تي ڏيج ۾ بمبئي انگريزن کي ڏنو ويو. انگلينڊ جي حڪومت چئن سالن بعد (1665ع ۾) اهي ٻيٽ ٽن سالن لاءِ ايسٽ انڊيا ڪپمني وارن کي ڏهه پائونڊ سالياني مسواڙ تي ڏنا. ان بعد بمبئي يڪدم وڌڻ ويجهڻ لڳي. بمبئي جو بندرگاهه هڪ قدرتي بندرگاهه هجڻ ڪري جهارن کي اچڻ وڃڻ ۾ سهوليت ٿي. ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ وارن ننڍي کنڊ توڙي اوسي پاسي جي ملڪن جي ماڻهن کي هتي رهڻ جي اجازت ڏني. هنن امن امان ۽ مذهب جي آزادي ڏني. نتيجي ۾ سنڌي ۽ گجراتي هندو واپاري، سک ۽ پنجابي چوڪيدار ۽ سپاهي، ايران کان پارسي، پورچو گالين جي ڊپ کان ڏکڻ ڏي ڀڄي ويل هندو هتي اچي رهڻ لڳا. (انگريزن پينانگ ۽ سنگاپور جهڙن ٻيٽن کي به اڳتي هلي ائين وڌايو جيڪي هن کان صديون اڳ مهاڻن جون ويران وستيون هيون). ويهن سالن اندر بمبئي ايڏو  سٺو شهر ۽ مشغول بندرگاهه ٿي ويو جو ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ پنهنجي پريزيڊنسي سورت شهر مان شفٽ ڪري بمبئي آندي. بمبئيءَ جو مشهور قلعو 1720 ع ۾ ٺهرايو ويو ۽ بمبئي جي ستن ننڍن ٻيٽن کي ملائڻ لاءِ سڄي Land Reclaimation جو حڪم هلندو رهيو. يعني هتان هتان مٽي کڻي يا جبل ٽڪريون ڀڃي انهن جي مٽي ۽ پٿرن سان ٻيٽن جي وچ وارو سامونڊي حصو ڀريندا رهيا جيئن اهي سامونڊي گهٽيون مٽيءَ سان ڀرجي باقي ٻيٽن سان ملي يڪي ڌرتي ٿي وڃي. جيئن اڄ جو بمبئي نظر اچي ٿو.
بمبئي جو وڌڻ ۽ مشهور ٿيڻ 1853ع کان پوءِ ٿيو جڏهن انڊيا جي پهرين ريلوي لائين بمبئي کان ٿانا تائين ٺهي راس ٿي ۽ ڪل وارن جهازن (آگبوٽن) جو اچڻ شروع ٿيو هو. ٻئي سال 1854ع ۾ بمبئي ۾ ڪپهه جا ڪارخانا لڳايا ويا. 1869ع ۾ سئيز ڪئنال کلڻ ۽ بمبئي جي بندرگاهه کي وڏو ڪرڻ سان بمبئيءَ جا وارا نيارا ٿي ويا. بمبئي جيڪو پهرين ستن ٻيٽن تي مشتمل هو هاڻ هڪ يڪو ٻيٽ آهي جيڪو پلين ذريعي باقي سرزمين (Mainland) مهاراشترا رياست سان مليل آهي. بمبئي جو اهم، امير ۽ گهماگهمي وارو حصو سندس ڏاکڻو پوڇڙ آهي جيڪو ڪولابا (Colaba) سڏجي ٿو جتي بمبئي ايندڙ هر سياح، گهمڻ جو شوقين ۽ مسافر پهچيو وڃي. مشهور هوٽل تاج محل ۽ Gateway to India به هتي ڪولابا ۾ آهي.
ڪولابا واري علائقي جي اتر وارو علائقو فورٽ سڏجي ٿو جتي ڪنهن زماني ۾ انگريزن قلعو ٺهرايو هو جيڪو پوءِ ڊهي ويو پر اهو هنڌ اڄ به فورٽ سڏجي ٿو جتي ڪراچيءَ جي صدر ۽ بولٽن مارڪيٽ وارن علائقن وانگر انگريزن جي ڏينهن جون Colonial عمارتون آهن. جنرل پوسٽ آفيس، وڪٽوريا ٽرمينس ۽ ٻين آفيسن جون عمارتون ۽ بئنڪون هتي آهن. بمبئيءَ جي وڏي ريلوي اسٽيشن چرچ گيٽ (جنهن جو هاڻ نئون نالو چنتامن ديش مکهه ٽرمينس آهي) پڻ هتي آهي. اڳيان اولهه ۾ مئرين ڊرائيو آهي جيڪا اڪثر انڊين فلمن ۾ ڏيکاري ويندي آهي. سمنڊ جي ڪناري تي ڪلفٽن جي سي ويو ڊرائيو وانگر ٺهيل هي ڊگهو رستو تمام سهڻو لڳي ٿو جنهن تي اڪثر هيرو ۽ هيروئن ڊوڙندي يا دگانو ڳائيندي نظر ايندا آهن. يعني فلمن ۾. اڳيان چوپاٽي بيچ ۽ مالابار هل جون اوچيون رهائشي عمارتون ۽ فليٽ آهن. هي سڄو علائقو ڏکڻ بمبئي سڏجي ٿو. (پاڻي واري جهاز ۾ اچڻ وقت پهرين اهو علائقو نظر اچي ٿو ۽ اسان جاجهاز گهڻو ڪري ڪولابا وٽ ايندا آهن يا ساسون ڊاڪ ۾ مرمت ٿيندا آهن.)
چوپاٽي وٽ ڪملا نهرو پارڪ آهي ۽ اولهه ۽ مالابار هل، مٿي اتر طرف بمبئي جا ٻيا علائقا ورلي، ماهيم، جوهو چيمبور وغيره آهن. ورلي ۽ باندرا جي وچ ۾ دادر آهي. بمبئي شهر جا هي علائقا ائين آهن جيئن اسان وٽ ڪلفٽن، ڊفينس، صدر، باٿ آئلينڊ، ناظم آباد، گلشن وغيره ”جوهو“ ۽ انڌيريءَ وٽ بمبئي جا ٻه هوائي اڏا سحر ايئرپورٽ ۽ سانٽا ڪروز آهن.
دهلي ۽ ڪلڪتي وانگر بمبئي به اهڙو شهر آهي جيڪو هڪ يا ٻن ڏينهن ۾ ته ڏسي نٿو سگهجي. هن لاءِ جيترا ڏينهن هجن ٿورا آهن. بمبئي انڊيا جو مهانگو شهر چيو وڃي ٿو جو هتي رهائش کان وٺي کاڌو پيتو ۽ سواري مهانگي آهي. وري به جيڪي ڪجهه سستيون هوٽلون آهن اهي آهن: ڪولابا ۾ ”دي سالويشن آرمي ريڊ شيلڊ هاسٽل،“ نوروجي فريدون جي روڊ تي هوٽل وولگا ٽو، ميري ويدر روڊ تي ڪارلٽن هوٽل، ڪولابا ڪازوي وٽ مٿراداس اسٽيٽ بلڊنگ ۾ اپولو گيسٽ هائوس، اوليور روڊ تي بينٽلي هوٽل ۽ ان کان علاوه ٻيون آهن: هوٽل موتي انٽرنيشنل، سي شور هوٽل، انڊيا گيسٽ هائوس، ماريا لاج، YWCA... وغيره اهي سڀ ڪولابا ۾ آهن. فورٽ واري علائقي جو ڪجهه سستيون هوٽلون هن ريت آهن: هوٽل لارينس، بينظير هوٽل، هوٽل ماناما، فرنانڊز گيسٽ هائوس، هوٽل سٽي پليس، YWCA وغيره.
پوني . 2510 ڪلو ميٽر
بمبئي کان پوني ايڏو پري ناهي. ريل رستي 180ڪلو ميٽر ٿئي ٿو نه ته باءِ روڊ 160کن ميل. اها ٻي ڳالهه آهي ته بمبئي (ممبئي) مان مسافر ڪٿان ٿو نڪري. جيئن  ڪراچيءَ کان حيدرآباد ڪو سهراب ڳوٺ يا نارٿ ناظم آباد مان نڪرندو ته هن کي ماريپور يا ڪياماڙي واري کان حيدرآباد ويهارو کن ميل ويجهو پوندو. پوني لاءِ روزانو ٻه ريل گاڏيون دکن ڪوئين ۽ دکن ايڪسپريس بمبئيءَ کان روانيون ٿين ٿيون.
مرهٺن جو وڏو ليڊر شيواجي پوني ۾ ننڍو ٿي وڏو  ٿيو. پوني شهر 1599 ع ۾ هن جي ڏاڏي حوالي ٿيو هو جيڪو پوءِ برهمن پيشوا فئملي جي طاقت جو مرڪز رهيو تان جو 1817ع ۾ انگريزن هن شهر تي قبضو ڪيو. سمنڊ جي سطح کان ڪافي مٿي هجڻ ڪري پوني جي آبهوا بمبئي وانگر گهميل ۽ ٻوساٽيل ناهي. دورابجي سپر مارڪيٽ جي ڀر ۾ هڪ فاسٽ فوڊ ۾ ٻه اسي سالن جون پارسي جاڙيون ڀيڻون آهستي آهستي برگر کي ننڍا ننڍا چڪ هڻي چٻاڙي رهيون هيون. سندن نالا جارو ۽ دينو سکيا هو. هو خوش هيون ته هو انڊيا ۾ ڄايون ۽ پوني شهر ۾ وڏيون ٿيون. هنن کي دهليءَ جي سياستدانن تي سخت چڙ هئي ته  هو مختلف مذهبن ۽ زبان ڳالهائيندڙن جي وچ ۾ نفرتون پيدا ٿا ڪن.
پوني ۾ ڪيترائي تعليمي ادارا ۽ اسپتالون آهن. ڪجهه ته حيدرآباد سنڌ کان انڊيا لڏي آيل ساڌو واسواڻي به ٺهرايا آهن پر انگريزن جي ڏينهن کان پونو تعليمي ڳالهين کان مشهور آهي. هتي جي يونيورسٽي انگلينڊ جي آڪسفورڊ جي اسٽائيل جي هجڻ ڪري ان کي Oxford of the East ٿا سڏين. (پوني جو ايگريڪلچر ڪاليج ۽ هاڻي يونيورسٽي تمام پراڻي آهي جتان منهنجي والد صاحب گل محمد شيخ 1942ع ۾ B.scڪئي.)
پوني ۾ا يندڙ ڪيترن مغربي سياحن جي دلچسپي ڀڳوان رجنيش جو آشرم آهي جيڪو  (Osho Commune International سڏجي ٿو. پوني شهر مٿا (Mutha) ۽ مولا (Mula) ندين جي ميلاپ وٽ آهي. اسان جهڙن ڌارين ماڻهن جي رهائش لاءِ گهٽ اگهه واريون هوٽلون ۽ ريسٽورنٽون ريلوي اسٽيشن وٽ ئي آهن. ڪجهه هوٽلون نهرو اسٽيڊيم جي ڀرسان سوار گيٽ بس وٽ آهن.
پوني ۾ گانڌي نيشنل ميموريم ڏسڻ وٽان آهي. اهو 1892ع ۾ امام سلطان محمد شاهه آغا خان ٽئين ٺهرايو هو ۽ 1956ع تائين آغاخان جو محل هو ان بعد ان کي اسڪول ٺاهيو ويو. 1969ع ۾ اها عمارت آغا خان چوٿين انڊيا جي حڪومت کي ڏئي ڇڏي.
1942ع ۾ مهاتما گانڌيءَ جڏهن ”انڊيا ڇڏيو“ Quit India تحريڪ تي بمبئي ۾ تقرير ڪئي ته انگريز سرڪار هن کي ۽ ٻين تحريڪ جي ليڊرن کي هن  عمارت ۾ ٻن سالن لاءِ اندر رکيو. گانڌيءَ جي زال ڪمتوربا ۽ گانڌي جو پراڻو سيڪريٽري مهاديو ڀائي ڏيسائي هن قيد دوران گذاري ويا. هنن ٻنهي جي خاڪ (سمڌي) هن عمارت جي باغ ۾ ٺهيل مقبرن ۾ آهي. انگريزي فلم <Gandhi>۾ به هيءَ عمارت ڏيکاريل آهي.
پوني جون ڪجهه سستيون پر بهتر هوٽلون هن ريت آهن: ولسن گارڊنيس ۾ هوٽل هوم لئنڊ، اتي ئي هوٽل النڪار ۽ ملن لاج ۽ اڳتي اسٽيشن جي سامهون ساسون روڊ تي دي نيشنل هوٽل، ڪناٽ روڊ جي پاسي هوٽل شاليمار، مهاتما گانڌي روڊ وٽ گرانڊ هوٽل ۽ هوٽل ساراس وغيره.
پناجي . گوا. 3010 ڪلو ميٽر
هڪ اهڙو دؤر آيو جو يورپ جا ملڪ. خاص ڪري انگلينڊ، پورچو گال، اسپين، هالينڊ، فرانس ويندي اٽلي ۽ جرمني ويا ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن تي قبضو ڪندا. ٽيڪنالاجي، ائڊمنسٽريشن، نيويگيشن جي علم، ڊسيپلين ۽ عقل کان ڪم وٺي هو مڪاني حڪومتن ۽ حاڪمن کي مطيع ڪندا ويا. اسان جي ننڍي کنڊ تي به فقط انگريزن جو قبضو نه رهيو پر ڊچ، پورچو گالين ۽ فرينچن جو به رهيو. بلڪ پورچو گالي ته سڀ کان پهرين هندستان، سريلنڪا توڙي ملايا پاسي پهتا ۽ پوءِ ڊچ (هالينڊ نيدر لئنڊر وارا). انگريز ته بعد ۾ آيا پر اهي جتي به آيا ٿي ڄمي رهيا ٿي. هندستان تي، ملائيشيا ۽ سريلنڪا تي به آخر ۾ انگريزن حڪومت ڪئي ۽ گهڻو عرصو رهيا. اتي آيل ٻيا سڀ يورپي ڀڄي ويا ۽ سڄو ميدان انگريزن حوالي ڪري ڇڏيائون. البت ڪجهه پاڪيٽ جيئن ننڍي کنڊ ۾ گوا ۽ ملايا ۾ ملاڪا جهڙا آخر تائين پورچو گالين حوالي رهيا جتي اڄ به مڪاني زبان سان گڏ پورچو گالي ڳالهائي وڃي ٿي ۽ جتي پورچو گالي رهائش جو نمونو، ڪلچر، کاڌا پيتا ۽ ويس وڳا عام هلن ٿا.
جن ڏينهن ۾ پورچو گالي يا انگريز ننڍي کنڊ ۾ آيا انهن ڏينهن ۾ جهڙو سکيو ستابو انگلينڊ يا پورچو گال هيو اهڙو ئي ننڍو کنڊ انڊيا هو. بلڪ ڏٺو وڃي ته انڊيا کاڌي پيتي، موسم ۽ ڪلچر ۾ يورپ کان وڌيڪ سکيو ستابو هو جنهن جي مقابلي ۾ يورپ جا ماڻهو بک پئي مئا جو نه ايڏي پوک هئي نه سٺي موسم. اليڪٽرڪسٽي ۽ مشينون نه هجڻ ڪري سياري جي موسم ۾ ته يورپ وارن جو ساهه ٿي ويو. بهرحال ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن تي قبضو ڪرڻ بعد انگريزن ته سياڻپ ڪئي ۽ مڪاني ماڻهن کي پري رکيائون پر پورچو گالين ۽ ڪيترن ملڪن (سري نام، ويسٽ انڊيز پاسي) ۾ ڊچن به مڪاني ماڻهن کي پنهنجي ملڪ جو ماڻهو Citizen تصور ڪيو ۽ قاعدا قانون به اهي لاڳو ڪيائون جيڪي سندن ملڪ ۾ هئا. اهوئي حال گوا جو هو. 1960ع تائين (جڏهن انڊيا مڪمل طور گوا کي انڊيا سان ملائي انڊيا جي يارهين رياست جو درجو ڏنو) گوا جي ماڻهن جي قوميت پورچو گالي هئي ۽ کين پورچو گال جو پاسپورٽ هو. ڪيترن کي اڃا تائين لسبن (پورچو گال) کان به پينشن اچي ٿي. گوا انڊيا جي رياست بنجڻ بعد اڄ به منجهس ڪيترا قاعدا قانون پهريان جا آهن جيڪي پورچو گال (يورپ) ۾ آهن. جهڙوڪ پورچو گال جي سامونڊي ڪنارن وانگر گوا جي سامونڊي ڪنارن تي به اگهاڙو ٿي هلڻ ۽ وهنجڻ جي اجازت آهي. شاديءَ بعد مڙس جي ملڪيت (گهر، دڪان، گاڏي وغيره) جو اڌ زال نالي ٿيو وڃي ان ڪري گوا جي ڇوڪرين کي Economicallyوڌيڪ حفاظت مليل آهي. هونءَ به انڊيا جون هندو ڇوڪريون وڌيڪ تعليم يافته هجڻ ڪري اوسي پاسي جي ملڪن کان وڌيڪ Bold ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ سمارٽ آهن پر گوا جون ڇوڪريون سڄي هندستان جي ڇوڪرين کان وڌيڪ تيز آهن جو هنن کي مڙسن جو به ڊپ ناهي. ٻي ڳالهه ته هو تعليم ۾ هندستان جي باقي رياستن کان به گهڻو اڳيان آهن. گوا ۾ تعليم 80سيڪڙو آهي جڏهن ته اسان وٽ پاڪستان ۾ هاڻ وڃي مس مس 30 سيڪڙو کي پهتي آهي. سريلنڪا ۽ ملائيشيا ۾ نوي سيڪڙو آهي.
گوا مهاراشٽرا ۽ ڪرناٽڪا رياستن جي وچ ۾ عربي سمنڊ پاسي اٽڪل 3700 چورس ڪلوميٽر آهي. منجهس مراهٺي ۽ ڪوناڪي زبانن کان علاوه انگريزي ۽ پورچو گالي به ڳالهائي وڃي ٿي. منجهس مشهور ريلوي اسٽيشنون مارگائو ۽ ٻي واسڪو ڊي گاما آهي. گوا انڊيا جي سڀ کان ننڍي رياست آهي ۽ سندس گاديءَ جو هنڌ پاناجي (Panaji) شهر به ٻين گادي وارن شهرن: ڪلڪتي، بمبئي، امرتسر وغيره کان تمام ننڍو آهي. سڄي گوا جو ماحول باقي سڄي هندستان کان مختلف آهي. ويندي انڊيا جا ماڻهو گوا گهمڻ لاءِ اچن ٿا ۽ اڄ به ممبئي بعد ٻئي نمبر تي گهڻا سياح گوا اچن ٿا ۽ گواجي ماڻهن جي وڏي ڪمائي ٽوئرزم مان آهي. يورپ ۽ آمريڪا جا ماڻهو هتي پراڻا ڪليسا گهر   (Churches) ۽ ڪئٿيڊرل ڏسڻ اچن ٿا. هو خوبصورت سامونڊي تانگهن ڪنارن (Beaches) ، سامونڊي کاڌن نجاچ گهرن ۽ آزاد ماحول جو مزو ماڻڻ چاهين ٿا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هڪ گواني غريب توڙي امير جو گهر، اسٽائيل، ڳالهائڻ ٻولهائڻ جو طريقو ۽ Behaviour  باقي انڊيا جي ماڻهن کان مختلف آهي. انڊين فلمن ۾ گوا ۽ اتي جي ماڻهن جي Life style جون جهلڪيون اڪثر نظر اچن ٿيون خاص ڪري راجڪپور جي بابي (Bobby) فلم جنهن ۾ پريم ناٿ ۽ ڊمپل ڪپاڊيا (راجيش کنا جي زال) گواني ٿيا آهن.
گوا جي تاريخ 300 سال قبل مسيح پراڻي آهي جڏهن گوا چندر گپت موريا جي حڪومت ۾ آيو ٿي. ان بعد مختلف هندو حاڪمن ۽ حڪومتن جي هٿ ۾ رهندي آخرڪار پهريون دفعو 1312ع ۾ مسلمانن جي هٿ ۾ آيو پر پوءِ 1370ع ۾ وجي نگر سلطنت جي حاڪم هري هارا جي حوالي ٿي ويو. وڃي نگر جي حاڪمن جي هٿ ۾ گوا اٽڪل هڪ سؤ سال کن رهيو. هن حڪومت لاءِ عربستان کان ايندڙ گهوڙا گوا جي بندر گاهن ۾ اچي لهندا هئا. 1469ع ۾ گلبرگا جي باهماني سلطانن گوا کي فتح ڪيو. هن گهراڻي جي ٽٽڻ بعد هي علائقو (Goa) بجاپور جي عادل شاهين حوالي ٿيو. اڄ گوا جي گاديءَ واري شهر پاناجي ۾ جيڪا سيڪريٽريٽ بلڊنگ آهي اهو پندرهين صديءَ جي عادل شاهه جو ٺهرايل محل آهي. اهو محل پورچو گالين جي دؤر حڪومت ۾ هنن جي وائسرائن جو رهائشگاهه پڻ رهيو.
پورچو گالي الفنسو ڊي البقر ق جي اڳواڻيءَ ۾1512 ع ۾ گوا پهتا. هنن جو مقصد دنيا ۾ عيسائيت جي تبليغ ڪرڻ پڻ هئي. 1542ع ۾ هنن جو وڏو عالم ۽ بزرگ سينٽ فرانسز زئويئر گوا ۾ آيو هو. (بعد ۾ ملائيشيا جي شهر ملاڪا ۾ به ويو هو جتي ان وقت جو عبادت گهر ۽ هن پادري جو وڏو Statue آهي.) سورهين ۽ سترهين صدي گوا جو سونهري دؤر هو جڏهن پورچو گالين جي اوسي پاسي جي سمورين حڪومتن جو مرڪز گوا هو جيڪو پورچو گال جي Viceregal Seat هئي. پورچو گالين جي انهن ڪالونين ۾ ڪجهه هي هيون: تمور، مڪانو، موزمبق وغيره.
هندستان جي ورهاڱي بعد به گوا تي پورچو گالين جو ڪجهه سنئون سڌو ۽ ڪجهه Indirect راڄ قائم هو پر پوءِ 1961ع ۾ انڊيا پورچو گالين کي ٽپڙ ٻڌرائي گوا کي ٻين رياستن وانگر نئين رياست جو درجو ڏنو. گوا پهچڻ لاءِ سامونڊي رستو بهترين رهيو آهي ۽ انڌو منڊو باءِ روڊ به هو پر پوءِ انڊيا جي مڪمل قبضي ۾ اچڻ بعد انڊيا حڪومت گوا کي ممبئي ۽ مئنگلور سان براڊ لائين ذريعي ملايو آهي جيڪو دنيا جي مشڪل رستن مان آهي. فقط گوا کان مئنگلور 760 ڪلوميٽر Konkanريلوي لائين 145پلين ۽ ڪيترن ئي ٽنلن مان لنگهي ٿي جنهن جي جملي ڊيگهه 75 کن ڪلوميٽر ٿئي ٿي.
گوا ٻن حصن (ضلعن) ۾ ورهايل چئي سگهجي ٿو: اتر گوا جنهن ۾ سڄي گوا جي گاديءَ جو هنڌ پاناجي آهي جنهن کي Panajimبه سڏين ۽ ٻيو ڏکڻ گوا. پاناجي شهر جي آدمشماري ڏيڍ لک مس ٿيندي ۽ ماندووي نديءَ جي ڏاکڻي ڪپر تي اڏيل آهي. هي شهر گوا جي سرڪاري طرح گاديءَ جو هنڌ 1843ع ۾ ٿيو. پورچو گالي زبان جا بورڊ اڄ به شهر ۾ نظر اچن ٿا. گوا ۾ سستي رهائش لاءِ کوڙ جايون نديءَ وٽ (بس ٽرمينل ۽ ٽوئرسٽ آفيس جي وچ ۾) پئٽو ٽورسٽ هوم ۾ توهان کي ڊبل بيڊ جو ڪمرو چار سؤ رپين ۾ ملي ويندو. ان کان علاوه ميرا مار واري علائقي ۾ يوٿ هاسٽل، اوئرم (Ourem)نديءَ وٽ اديپي بورڊنگ ائنڊ لاجنگ، هوٽل ايمبسي ۽ ان جي ڀرسان پئلس هوٽل، Jose Falcao روڊ تي ريپبليڪا هوٽل ۽ ان جي ڀرسان مانڊووي پرل گيسٽ هائوس، پارڪ لين لاج، افونسو گيسٽ هائوس.... وغيره وغيره. سڀ سستيون رهائشون آهن جن ۾ يورپي توڙي ايشيائي رهن ٿا. هر وقت مينهوڳي واري موسم هجڻ ڪري ايئرڪنڊيشنر جي به ضرورت ناهي. دهلي، احمد آباد ۽ بمبئي جي گهٽين جهڙو گوڙ شور به ناهي. هڪ ٻي سستي هوٽل Neptune نالي آهي جيڪا ماندووي ندي جي ڀرسان ملاڪا روڊ تي آهي. (هن روڊ جو نالو ملائيشيا جي شهر ملاڪا تان پيو آهي جتي جي نيول اڪيڊمي ۾ مون اٺ سال کن مڪاني آفيسرن کي مئرين اجنيئرنگ پڙهائي ۽ جهاز هلائڻ سيکاريو. گوا وانگر ملاڪا تي به پورچو گالين جو قبضو رهيو ۽ شهر جو هڪ حصو اڄ به پورچو گيز ڪوارٽر سڏجي ٿو ۽ اتي جا رهندڙ ملائيشين ملئي زبان سان گڏ پورچو گالي به ڳالهائين ٿا. هن شهر جو تفصيلي ذڪر ”مڪلي کان ملاڪا“ ڪتاب ۾ ڪري چڪو آهيان).
بئنگلور. 3530 ڪلو ميٽر
بئنگلور پهچي مون پنهنجي ڪار جي ميٽر ۾ ڏٺو. سرينگر ڪشمير کان وٺي ڪرناٽڪا صوبي جي گاديءَ واري هن شهر بئنگلور تائين پهچڻ ۾ ساڍا ٽي هزار ميل ٿي ويا هئا. گوا جي شهر پاناجي ۾ رات رهڻ بعد هيٺ ڏکڻ۾ بئنگلور  پهتس. هونءَ سامونڊي ڪنارو ڏيئي مئنگلور به وڃي سگهيس ٿي جيڪو پڻ هن صوبي ڪرناٽڪا جو شهر آهي ۽ ڪيترا يورپي مئنگلور ۽ بئنگلور ۾ ڀلجي پوندا آهن جو ٻئي اهم ۽ تاريخي شهر آهن. ٻئي گهمڻ وٽان آهن. هاڻ بمبئي ۽ ٻيا وڏا بندرگاهه ٿي پيا آهن نه ته ڪنهن زماني ۾. خاص ڪري حيدر علي جي بادشاهت ۾ مئنگلور مشغول بندرگاهه ۽ جهازن ٺهڻ جو مرڪز هو. ظاهر آهي انهن ڏينهن ۾ انجڻ بنا ڪاٺ جا جهاز ٺهيا ٿي جيڪي سڙهن تي هلندا هئا. بهرحال مئنگلور هاڻ سورت، پور بندر، ويروال جهڙو غير اونهو ۽ ننڍو بندر گاهه آهي جتان ننڍا جهاز ۽ ٻيڙا هندستان جي ڪافي ۽ کاڄا کڻي اوسي پاسي جي ويجهن بندرگاهن. خاص ڪري گلف جي بندرگاهن ڏي روانو ٿين ٿا. شهر جي آدمشماري ڇهه لک کن ٿيندي. رومن ڪنئٿولڪ عيسائي ڪافي رهن ٿا. منجهس ڪجهه مندر ۽ انگريزن جي زماني جا ناليرا اسڪول ۽ ڪاليج آهن. هتي جي يونيورسٽي پڻ پراڻي ۽ جڳ مشهور آهي. بهرحال تعليمي ادارن ۾ ته انڊيا جو مقابلو ڪيترا يورپي ملڪ به نٿا ڪري سگهن.
بئنگلور ۽ مئنگلور تقريبا هڪ ئي ويڪرائي ڦاڪ Latitude  تي آهن. ڪرناٽڪا رياست جنهن ۾ هي ٻئي شهر آهن پهرين ميسور سڏبي هئي پر پوءِ انڊيا حڪومت صوبن جي نئين سنئين ونڊ ورڇ ڪري هن جو نالو ميسور بدران ڪرناٽڪا رکيو. هتي جي زبان ڪاناڊا آهي جيڪا اردو ۽ هنديءَ سان نه پر ڏکڻ هندستان جي ٻين زبانن تامل، تيلگو، مليالم وغيره سان ملي ٿي.
بئنگلور اهو شهر آهي جيڪو ڪمپويٽر ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي واهپي جي وڌڻ ڪري سڄي دنيا ۾ مشهور ٿي ويو آهي ۽ هن کي انڊيا جو Silicon valley سڏيو وڃي ٿو. بئنگلور ۾ نه فقط ڪمپيوٽر ۽ It جا تعليمي ادارا آهن پر ملڪي ۽ غيرملڪي ڪارخانا پڻ. دنيا جي مختلف ملڪن ۾. خاص ڪري آمريڪا جي ڪمپيوٽر ڪارخانن ۽ ادارن ۾ سڀ کان گهڻا بئنگلور جا Graduates ڪم ڪن ٿا. آمريڪا جي ڪيترن ڪارخانن ۽ فئڪٽرين جي مالڪن پنهنجي انڊسٽري آمريڪا بدران بئنگلور لڳائي آهي جو هن کي انڊيا ۾ گهٽ پئسن ۾ سامان ٺهيو ٿو ملي ۽ انڊين پڻ خوش آهن ته کين پگهار ته آمريڪا جي معيار جو ٿو ملي پر خرچ ۽ رهائش انڊيا ۾ هجڻ ڪري هنن جي بچت ئي بچت آهي. اهڙي طرح هتي جا ماڻهون ڏينهون ڏينهن خوشحال ٿيندا وڃن ۽ هو پنهنجو پاڻ کي ٻين انڊين برابر نه پر بمبئي ۽ مئن هٽن (نيويارڪ) جي رهندڙن جهڙو سمجهن ٿا ۽ هن شهر (بئنگلور) کي A City in search of a Soul به سمجهن ٿا. سماجي خيال کان بئنگلور هڪ تمام گهڻو ترقي پسند ۽ Liberalشهر آهي.
بئنگلور بابت جيڪي ٽوئرزم ڊپارٽمينٽ طرفان بروشر ملن ٿا ان ۾ هن شهر کي ”گارڊن سٽي“ به سڏيو ويو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته شهر ۾ ڪي اهڙا باغ يا پارڪ نظر ته نٿا اچن سواءِ حيدر علي ۽ ٽيپو سلطان جي ڏينهن جي لال باغ جي جيڪو هاڻ Lal Bagh Botanical garden  سڏجي ٿو. هي ميسور رياست وارو علائقو مختلف هندو راجائن واٽان ٿيندو 1346ع ۾ پحي نگر سلطنت جي هٿ چڙهيو. وڃي نگر سلطنت جو راڄ 1336ع کان وچ ۽ ڏکڻ هندستان تي شروع ٿيو هو جن پنهنجي گاديءَ جو هنڌ همپي (Hampi) شهر ۾ رکيو هو. ان کان پوءِ 1565ع ڌاري ميسور جا هندو وديار  (Wodeyars) پاور ۾ آيا ۽ ڏکڻ هندستان جي وڏي حصي کي قبضي ۾ ڪري ورتائون. هنن پنهنجي گاديءَ جو هنڌ سري رنگا پتنام ڪيو. هي بنا ڪنهن مقابلي ۽ مخالفت جي ٻه سؤ سال حڪومت ڪندا رهيا ۽ پوءِ 1761ع ۾ سندن ڪمزوريءَ جو فائدو وٺي حڪومت جي هڪ مسلمان جنرل حيدر عليءَ حڪومت جي واڳ سنڀالي.
انهن ڏينهن ۾ هندستان تي انگريز ۽ فرينچ اک رکيو ويٺا هئا ته ڪيئن مڪاني حاڪمن کي ڪمزور ڪري انهن کان ملڪ هڪ طرف کسجي ۽ ٻئي طرف پنهنجي يورپي مخالف کي هيٺاهون ڪري ڪيڪ جو وڏو حصو پنهنجي حوالي ڪجي. ان راند ۾ فرينچن حيدر علي ۽ ٽيپو سلطان جي مدد ڪئي جيئن هو پنهنجي حڪومت کي سگهارو ڪري سگهن ۽ ان مدد جي بدلي ۾ هو فرينچن جي مخالفن انگريزن سان جنگ جاري رکن. 1799ع ۾ انگريزن ٽيپو سلطان کان جنگ جيتي ورتي ۽ هنن پنهنجن ٻالڪن ووديار وارن کي ميسور جي تخت تي ويهاريو.
ووديار وارا آزادي (1947ع) تائين ميسور تي حڪومت ڪندا رهيا. هو ترقي پسند حاڪم ثابت ٿيا. عوام ۾ هو ايڏو مشهور مڃيا ويا ٿي جو هندستان جي آزاديءَ کان اڳ تائين هن رياست جو گورنر مهاراجائي رهيو.
بئنگلور ۾ غريباڻي رهائش جون ڪجهه هوٽلون هن ريت آهن: بس ٽرمينل ايريا ۾ صوبيدار چاترام روڊ تي ڪيتريون ئي سستيون هوٽلون آهن: رايل لاج، هوٽل مهاوير، هوٽل ٽوئرسٽ، جنارڌن هوٽل، مهاتما گانڌي روڊ تي نيو سينٽرل لاج،امپيريل لاج، مدراس بئنڪ روڊ تي ايئر لائنز هوٽل، ايوينيو روڊ تي چندر وهار، سري نراسيمها راجا روڊ تي رينبو هوٽل، مشن روڊ تي عورتن لاءِ YWCAاهي سڀئي ٽي يا چار سؤ رپيه مسواڙ واريون هوٽلون آهن.
ميسور 3730 ڪلو ميٽر
هندستان جي آزاديءَ تائين ميسور شهر ميسور جي مهاراجن جي تخت جي جاءِ هئي. هيءَ نوابن جي رياست سڏي وئي ٿي.
ميسور اگربتين کان به مشهور آهي. انڊيا ۾ سڀ کان گهڻا اگر بتين جا ڪارخانا ميسور ۾ آهن. ميسور ۾ ميسور پئلس، چڙيا گهر ۽ ريل ميوزيم ڏسڻ جون شيون آهن. گورنمينٽ هائوس جي اولهه ۾ ويلنگٽن لاج آهي جتي آرٿر ويلسلي (جيڪو بعد ۾ ڊيوڪ آف ويلنگٽن ٿيو) ٽيپو سلطان تي فتح حاصل ڪرڻ بعد هتي رهيو. ميسور پئلس جي اڳيان مهاراجا چمارا جيندر ووديار جو Statue آهي.
ڪوئم بتور (Coimbatore) 3930 ڪلوميٽر
ڪوئم بتور 15لکن کن آدمشماري وارو تامل نادر رياست جو هڪ وڏو شهر آهي جنهن کي سهڻو شهر ته نٿو چئي سگهجي پر گهڻن ڪارخانن ڪري ڪجهه گندو ئي لڳي ٿو. هي شهر ڪو اهڙو خاص تاريخي نه پر Industrial شهر چئي سگهجي ٿو. تامل نادو هندستان جو بلڪل ڏاکڻو صوبو آهي جتي صحيح معنيٰ ۾ هندستان جا اصلوڪا رهاڪو دريويدئن نظر اچن ٿا، جتي گهڻو ڪري هر هڪ Vegetranian (ڀاڄيون کائڻ وارو) آهي ۽ گوشت کائيندڙ آرين جو نه برابر اثر رهيو آهي. ويندي انگريز حڪومت جو به هنن ڏاکڻن علائقن تي گهٽ اثر رهيو جيتوڻيڪ هندستان تي قبضو ڪرڻ وقت انگريزن جو اوائلي قبضو مدراس (جيڪو شهر هاڻ چينائي سڏجي ٿو) تي رهيو.
سريلنڪا، ملائيشيا ۽ سنگاپور پاسي جيڪي انڊين آهن انهن ۾ نوي سيڪڙو انڊين هن صوبي تامل نادو جا آهن. هونءَ به سنگاپور سالن تائين مدراس پريزيڊنسي سان ائين ڳنيڍيل هو جيئن سنڌ بمبئيءَ سان مدراس اڄ به انڊيا جو چوٿين نمبر تي وڏو شهر آهي.
ڪوئم بتور نويل نديءَ جي ڪناري تي آهي. سندس اصل تامل نالو ڪووائي (Kovai) آهي پر انگريزن پنهنجي سهوليت خاطر ڪوئم بتور رکيو. هي شهر ڪارخانن کان خاص ڪري ٽيڪسٽائيل کان مشهور آهي، شهر ۾ جتي ڪٿي ڪپڙي جا دڪان ۽ درزي نظر ايندا. هن شهر کي ڏکڻ هندستان جو مانچسٽر به سڏين ٿا. هي ڪو اهڙو شهر ناهي جنهن ۾ هلي ملي گهمڻ لاءِ اچجي. ان کان ته اوسي پاسي وارا شهر مدراس، فرينچ ڪالوني پانڊيچيري يا ڏکڻ انڊيا جو پراڻي کان پراڻو شهر مدورائي ڏسجي جيڪو مندرن کان مشهور آهي جيتوڻيڪ بقول هڪ يورپي ٽوئرسٽ جي:
(Madurai is an animated city packed with pilgrims, beggers, business people, bullock carts and legions of underemployed rickshaw wallas.)
ٿيرو وانن ٿاپورم 4110 ڪلوميٽر
ڏکڻ هندستان جي آبهوا بنگلاديش، سريلنڪا ۽ ملائيشيا وانگر سڄو سال جهڙ ڦڙ ۽ مينهن مينهوڳي لڳو پيو آهي. انڊيا جون ٻه رياستون هندستان جي ڏاکڻي ڪنڊ ٺاهين ٿيون. هڪ تامل ناڊو جيڪا بلڪل هيٺ تري تائين هليو وڃي ٿي، جنهن کان پوءِ هندي وڏي سمنڊ جو ڪجهه حصو جيڪو Gulf of manar  سڏجي ٿو ۽ پوءِ سريلنڪا ٻيٽ آهي. ڪن هنڌن تي ته سمنڊ ايڏو تانگهو آهي جو جهاز بدران ننڍڙيون ٻيڙيون ئي هلي سگهن ٿيون. جن ذريعي ڏکڻ هندستان جا ماڻهو (خاص ڪري تامل ناڊو رياست جا) مشڪل وقت اچڻ تي يا روزگار جي ڳولا ۾، هيٺ سريلنڪا ويندا رهيا آهن جتان پوءِ وڏن ٻيڙن ۾ ملايا، انڊونيشيا، سنگاپور ۽ ٻين ديسن ڏي. تامل ناڊو جي کاٻي پاسي اولهه ۾ سامونڊي ڪناري ۽ ساڻس مليل سرسبز پٽي ڪيرالا Kerala رياست آهي جتي جي ماڻهن جا منهن مهانڊا ۽ جسامت پڻ تامل ڳالهائڻ واري رياست تامل ناڊو جي ماڻهن جهڙا آهن. سريلنڪا جهڙي آبهوا هجڻ ڪري هتي به انب، انناس، کاڄا، ناريلن جا وڻ ۽ سارين جي پوک عام نظر اچي ٿي. سنڌ ۾ جيڪو سنڌڙي انب آيو آهي اهو پڻ اصل ۾ هتي جو آهي ۽ تامل ناڊو جي شهر مدراس جي نالي سان مدارس الفونسو سڏجي ٿو. سڄي ڪيرالا رياست ۾ مليالم زبان ڳالهائي وڃي ٿي جيڪا ڀر وارين رياستن جي زبانن تامل، ڪانڊا، تيلگو وغيره سان گهڻو ملي ٿي. ٿيرو وانن ٿاپورم هن رياست ڪيرالا جي گاديءَ جو شهر آهي. منهنجي خيال ۾ هن کان ڏکئي ۽ وڏي نالي واور ڪو شهر گهٽ ۾ گهٽ انڊيا ۾ نه هوندو، جنهن ۾ الفابيٽ جا ارڙهن اکر  (THIRUV ANANTHAPURAM) اچن ۽ جيڪو اسان انڊين پاڪستانين کان نٿو اچاريو ٿئي سو انگريزن لاءِ پڪ ڏکيو ثابت ٿيو هوندو، تڏهن ته هنن هن شهر جو به ڪلڪتي، بنارس ۽ بڙودا وانگر  پنهنجو نالو تري وندرم (Trivandrum) رکيو ۽ ٻيو نه انگريزي لفظ ٽراءِ، وئن ۽ ڊرم ياد ڪري هن شهر جي اسپيلنگ لکي وٺندا هئا. بهرحال هن نانگ جهڙي ڊگهي مليالم ۽ تامل زبان جي لفظ جي معنيٰ ”پاڪ نانگ جو شهر“ آهي. (تنهن جي ته معنيٰ ته هي هڪ لفظ ناهي. پوءِ ان حساب سان ته اسان جي سنڌ صوبي جا ڪيترا شهر ڌارين لاءِ اچارڻ ۾ ڏکيا ٿي سگهن ٿا جيئن ڇلگريون، ڍينگاڻو بوزدار، ٽنڊومستي خان، ڳوٺ بخشو لغاري وغيره.)
هندستان جا هي پاسا ڏسڻ لاءِ گهڻو ڪري ڏور اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا جي ملڪن ۾ رهندڙ انڊين ئي اچن ٿا جن جا هم زبان مائٽ آهن، هو ڌرمي تيرٿن لاءِ اچن ٿا، هو هتي جي کاڌن ۽ رسم و رواجن کان واقف آهن باقي يورپ، آمريڪا توڙي پاڪستان، ايران ۽ بنگلاديش جو ماڻهو هن پاسي ڪو ورلي ايندو. ڪو بنگالي يا ايراني ماڻهو هندي ۽ اردو ته سمجهي ويندو پر ڏکڻ هندستان جون هي زبانون نه سمجهي سگهندو نه مرچ مسالن واريون داليون ۽ ڀاڄيون کائي سگهندو.
ڪنيا ڪماري 4200 ڪلوميٽر
هندستان ملڪ جو مٿيون اتر وارو حصو ويڪرو آهي بلڪه پاسي کان بنگلاديش، برما ۽ پاڪستان ايران ملي وڌيڪ ويڪرو ڪن ٿا. پر هيٺ ڏکڻ ۾ ساڻس ٻيا ملڪ ته نٿا ملن بلڪه پاڻ به سنهو ٿيو وڃي ۽ چوڌاري سمنڊ گهيريو وڃيس. هندستان جي ان هيٺاهين ڇيڙي جو آخري وڏو شهر ڏٺو وڃي ته اهو تامل ناڊو رياست جو شهر ڪنيا ڪماري آهي. ڪو واندو آهي، انڊيا گهمڻ لاءِ ٻن ٽن مهينن لاءِ آيو آهي ته هو منزلون جهاڳيندو يعني مختلف شهرن مان ٿيندو انڊيا جي هن پچڙي واري شهر ڪنيا ڪماري ۾ باءِ پاس يا باءِ ٽرين هتان کان ويجهي شهر ٽريوندرم (ٿيرو ونن ٿاپورام) کان ٻن ڪلاڪن ۾ پهچي سگهي ٿو، جتان روزانو شام جو پنجين بجي ريل ڇٽي ٿي ۽ سيڪنڊ ڪلاس جي ٽڪيٽ فقط ٽيهه روپيا آهي. توهان کي ٻن ڪلاڪن لاءِ ڪهڙي ايئرڪنڊيشنڊ دٻي جي ضرورت آهي جڏهن ته هن پاسي موسم به جهڙالي آهي ۽ چوڌاري چهچ ساوڪ آهي. کليل دريءَ مان نظارو ڪندا اچو. ڪنيا ڪماري شهر اچڻ تي نه فقط سامهون سمنڊ آهي پر ساڄي ۽ کاٻي پڻ. هتي پهچي توهان Feeling مان لطف وٺي سگهو ٿا ته هي نه فقط انڊيا جو بلڪ آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ هماليه، جلبن، وچ ايشيا ۽ چين جو ڏاکڻو ڇيڙو آهي جتي توهان جي پٺ کان علاوه چوڌاري سمنڊ ئي سمنڊ آهي.
(ڪنيا ڪماري آدمشاري جي حساب سان راڻيپور يا گمبٽ کان به ننڍو شهر آهي. ساوڪ، وڻن، ٽڻن، چوڌاري سمنڊ ۽ ماڻهن جي سانتيڪي زندگي مان سريلنڪا يا ملائيشيا جو شهر لڳي ٿو). هن شهر کي مڪاني توڙي ڌاريان Land`s end of India به سڏين ٿا. جيئن آفريڪا کنڊ جي ڏاکڻي پوڇڙ Cape of Good Hope وٽ ائٽلانٽڪ ۽ هندي وڏو سمنڊ ملي ٿو تيئن هتي ڪنيا ڪماري شهر وٽ خليج  بنگال ۽ عربي سمنڊ هندي وڏي سمنڊ سان ملن ٿا، چائترا پورنما (چوڏهين جي چنڊ واري ڏينهن جو تامل زبان ۾ نالو) جي تهوار تي، جيڪو اپريل جي مهيني ۾ ٿئي ٿو، هن شهر جي سامونڊي ڪناري تي بيهي هڪ ئي وقت سمنڊ ۾ سج کي لهندي ۽ چنڊ کي سمنڊ مان ٻاهر نڪرندي (اڀرندي) جو لطف وٺي سگهجي ٿو. هن شهر ڪنيا ڪماريءَ ۾ هندو ڌرم جا ماڻهو تيرٿ لاءِ پڻ اچن ٿا جو هي شهر هندن جي ديوي ڪنيا (ڪنواري) جي نالي سان منسوب ٿيل آهي. ڪنيا ديوي شو ديوتا جي زال جي اوتار (Incarnation) آهي.
ڪنيا ڪماري ننڍڙو شهر آهي. منجهس رهائش جون جام جايون آهن ۽ سستيون پڻ جن کي ڳولڻ ڪو ڏکيو ڪم ناهي. بهرحال اهي ڪجهه هن ريت آهن: گوبي نيواس لاج، هوٽل ساگر، TTDC يوٿ هاسٽل، ريلوي اسٽيشن تي ريلوي ريٽائرنگ رومس، ووڪاس ٽوئرسٽ هوٽل، مانيڪ خان ٽوئرسٽ هوم، ڪيرالا هائوس، هوٽل تامل ناڊو ۽ هوٽل سمودرا. گهڻو ڪري سڀني هوٽلن جي درين مان سمنڊ جو نظارو ٿي سگهي ٿو. چڪن ڪارنر جهڙيون ٻه ٽي ريسٽورنٽون آهن جتي چڪن ملي سگهي ٿو باقي ڏکڻ هندستان جي ٻين شهرن وانگر هتي به رڳو ڀاڄين ۽ دالين جون ريسٽورنٽون آهن. ڳائي يا ٻاڪري گوشت جو ته ڪو سوچي به نه.
هن شهر ڪنيا ڪماري ۾ پهچڻ لاءِ بمبئيءَ کان به روزانو ”ڪنيا ڪماري ايڪسپريس“ نالي ريل گاڏي نڪري ٿي جيڪا 48 ڪلاڪن بعد ڪنيا ڪماري پهچي ٿي. بمبئيءَ کان ڪنيا ڪماري ٽرين رستي سڌو مفاصلو 2200 ڪلوميٽر  آهي ۽ سيڪنڊ ڪلاس جي ٽڪيٽ چار سؤ روپيا کن آهي ۽ فرسٽ ڪلاس جي 1600 روپيا. ٽرين رستي ڊگهي سفر ڪرڻ جي شوقينن لاءِ همساگر ايڪسپريس ٽرين صحيح آهي. جيڪا اتر (جمون ڪشمير) جي شهر جمون تاوي مان هفتي ۾ هڪ نڪري ٿي، 75 ڪلاڪن (يعني ٽن ڏينهن ۽ ٽن راتين) جي لڳاتار هلڻ بعد چار هزار کن ڪلوميٽرن جو سفر پورو ڪري ڪنيا ڪماري پهچي ٿي.

No comments:

Post a Comment