Saturday, February 19, 2011

جپاني فلمن جو رنگيلو ۽ جاني ليور- الطاف شيخ

جپاني فلمن جو رنگيلو ۽ جاني ليور
الطاف شيخ
جپان جي رنگيلي قسم جي چرچائي ۽ وتائي فقير جهڙي درويش قسم جي هڪ ائڪٽر ”تورا- سان“ (Tora San) بابت ٻه چار سٽون نه لکڻ ناانصافي ٿيندي، جيڪو هن دفعي جپان پهچڻ سان خبر پيئي ته هو ڪجهه سال اڳ گذاري ويو.
تورا سان جو اصل نالو ڪيوشي اتسومي(Kiyoshi Atsumi)  آهي ۽ هو 1928ع ۾ ڄائو هو. هو پهرين ته ائين شهرن ۽ ڳوٺن ۾ اسٽيج ڊراما ڪندو رهيو پوءِ 1968ع ۾ پهريون دفعو هن کي ٽي ويءَ تي ڪم مليو ۽ هڪ سال اندر سندس ”تورا سان“ نالي جي ڪردار جا قسطوار ڊراما ڏاڍو مقبول ٿيا ۽ ٻئي سال (1969ع) کان کيس فلمن ۾ کنيو ويو ۽ هو سڄي جپان ۾ مشهور ٿي ويو. ستر واري ڏهي جي شروع وارن سالن ۾ جيئن ئي اسان پهريون دفعو جپان پهتاسين ته اسان جي به ساڻس فلمن ذريعي يڪدم واقفيت ٿي وئي. اڄڪلهه جپان ۾ ڪيتريون ئي انگريزي ۽ ترجمي سان فرينچ فلمون هلن ٿيون، نه ته انهن ڏينهن ۾ فقط اوساڪا ۽ ڪوبي جهڙن شهرن ۾ ڪنهن هڪ اڌ سئنيما هال ۾ انگريزي فلم هلي ٿي نه ته جنهن تنهن ۾ جپاني فلمون هونديون هيون. اسان جا جپاني ميزبان اسان کي جپاني فلمن ۾ وٺي هلندا هئا ۽ خاص ڪري تورا سان جي فلم ۾. آئون ڏسندو هوس ته تورا سان جي هر فلم هِٽ هوندي هئي ۽ شپ يارڊ ۽ بندرگاهه ۾ ڪم ڪندڙ جپاني آفيسر توڙي ڌڪي جا مزور تورا سان جون فلمون وڏي شوق سان ڏسندا هئا ۽ ٻئي ڏينهن تورا سان جي ٻالين ڀولين ڳالهين ۽ ڪمن کي ياد ڪري کل ۾ اونڌا ٿي ويندا هئا.

 
”تورا سان“ ڪو شڪل جو به سهڻو نه هو، بلڪل اسان واري رنگيلي وانگر دٻلي مهانڊو هو. ايتريقدر جو جپاني به کيس پٽاٽو چون ٿا، پر سندس ائڪٽنگ جو نمونو بنا شڪ جي ڏسڻ وٽان آهي. جيئن هندستاني فلمن جو مشهور ائڪٽر سنجيو ڪمار جيتوڻيڪ شڪل جو اهڙو سهڻو نه پر سندس ائڪٽنگ ۽ اسٽائيل ڪري سندس ڪيتريون ئي فلمون ڪامياب رهيون. اهڙيءَ طرح هي جپاني ائڪٽر تورا سان (ڪيوشي اتسومي) هو. پر ظاهر آهي هن کي سنجيو ڪمار سان نٿو ڀيٽي سگهجي جو سنجيو ڪمار سنجيدو ائڪٽر هو ۽ سندس طنز مزاح به ڇيڳڙائپ وارو نه هو، پر هن جپاني ائڪٽر ڪيوشي (تورا سان) ائڪٽنگ ۽ چرچن جو اسٽائيل اڄ جي انڊين چرچائي ائڪٽر ’جاني ليور‘ سان ڪافي مليو ٿي. بس جاني ليور ڪارو آهي ۽ تورا سان اڇو هو، باقي سونهن ۾ هڪ جهڙا چئي سگهجن ٿا. بهرحال شڪل ۾ کڻي اڄ جي فلمي هيرو جهڙو جاني ليور يا هيءُ جپاني تورا سان نه هو، پر فلم ڏسندڙ لکين ماڻهن جي دل تي راڄ ڪيو ٿي.
جپاني ماڻهو چوندا آهن ته سندن تورا سان ۽ آمريڪا جي چرچائي ائڪٽر چارلي چپلن ۾ ڪافي هڪجهڙائي آهي. ٻئي ڄڻا ڪنهن به ڪم پويان نڪرڻ سان ڪنهن خوبصورت ڇوڪريءَ سان ٽڪرائجيو وڃن. ٻئي ڄڻا عجيب مونجهارن ۾ پئجيو وڃن، هوٽل ۾ ماني کائڻ بعد ڳرا بل ڏسيو پريشان ٿيو وڃن، ٻين جي مدد دوران مصيبتن ۾ ڦاسيو وڃن، تورا سان وٽ کيسي ۾ کڻي سؤ ٻه سؤ يين هجن، پر ڪنهن ضرورتمند تي نظر پوڻ تي اهي به ان کي ڏئي پاڻ کيسي خالي ٿي ويندو.
چارلي چپلن ۽ تورا سان ۾ هڪ ڳالهه جدا جدا ضرور آهي. چارلي چپلن جو واٽ ويندي ڇوڪريءَ سان نه رڳو ٽڪر ٿئي ٿو، پر ”پوپائي دي سيلر“ وانگر آخر ۾ هن کي حاصل به ڪري وٺي ٿو، پر ”تورا سان“ سيمي فائينل ۾ ئي هارايو وڃي ۽ ڇوڪري ٻئي جي ٿيو وڃي. ايتريقدر جو سندس مري وڃڻ تي هانگ ڪانگ جي هفتيوار رسالي ”فار ايسٽرن ايڪانامڪ ريويو“ جيڪو ڪارٽون ڏنو، ان ۾ به ڏيکاريائون ته مري وڃڻ بعد ڪڪرن ۾ سندس انتظار ۾ ويٺل هڪ حور پري کيس پاڻ وٽ سڏي رهي آهي، جنهن تائين پهچڻ لاءِ کيس ڏاڪڻ ته ملي وئي، پر افسوس جو مٿيان ٻه ڏاڪا گهٽ هجڻ ڪري اتي به هن جو ميلاپ گهپلي ۾ پئجي وڃي ٿو.
”تورا سان“ 1969ع کان وٺي مرڻ گهڙيءَ تائين- يعني 27 سال هڪ ئي عنوان "Otoko wa Tsurai Yo" (مرد ٿيڻ به مصيبت آهي) تي 48 فلمون ٺاهيائين. هنن فلمن ۾ تورا سان ننڍڙيون شيون کڻي ميلن ملاکڙن ۽ گهٽين ۾ وڪڻي ٿو. هر فلم ۾ هن جو ڪنهن ’حسينه‘ سان اوچتو ميلاپ ٿيو وڃي. ڪڏهن ڪا نوڪريءَ مان نڪتل گيشا سان ته ڪڏهن ننڍپڻ جي ڪلاس ميٽ ڇوڪريءَ سان ۽ اهي حالتون هن کي عجيب مونجهاري ۾ وجهيو ڇڏين. هو هنن سان عشق ڪرڻ جو فيصلو ڪري ٿو ته هو ڇڏيو وڃنس ۽ تورا سان دل جو درد دل ۾ ئي سانڍي چپن تي مرڪ آڻي ٻاهران خوشيءَ جو ڏيک ڏئي چندر وانگر ڳائيندو وتي ٿو ته، دل آهي هٿن ۾ ٿو خريدار کي ڳولهيان. سندس غم ۽ بئڊلڪ کي ڏسندڙ ناظرين ان غم کي پنهنجو ڪري سمجهن ٿا. ۽ سندس خوشي ۽ چرچن تي ڏسندڙ ٽهڪ ڏين ٿا، سندس قربانيون ۽ ٻين لاءِ پاڻ پتوڙڻ کي ڏسندڙ داد ڏين ٿا ۽ سندس شڪل سنجيو ڪمار، جاني ليور يا پاڪستاني ائڪٽر رنگيلا جهڙي هوندي به ڏسندڙ کيس پيار ڪن ٿا.
هڪ نالي جون ايتريون فلمون اڄ تائين نه ٺهيون آهن، ان ڪري تورا سان جو نالو ۽ اها ڊگهي فلمي سيريز گنيس بڪ آف رڪارڊ ۾ پڻ هن عنوان هيٺ آئي آهي:
"World's longest running film series in which the same actor played the title role."
تورا سان (ڪيوشي اتسومي) 4 آگسٽ 1996ع تي ڦڦڙن جي ڪئنسر ڪري گذاري ويو. هن کي هڪ زال ۽ ٻه ٻار آهن- هڪ عام ماڻهوءَ کي هن جي ذاتي زندگيءَ جي بس ايتري ئي ڄاڻ آهي. تورا سان طبيعت ۾بيحد شرميلو هو. هن ڪنهن سان به پنهنجي ذاتي زندگيءَ بابت ڊسڪس نٿي ڪرڻ چاهيو. ڪو اختياري نمائندو انٽرويو وٺڻ ايندو هوس ته لنوائي ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته اسٽوڊيو به ڇڏي ويندو هو. ماڻهن سان ملڻ کان بچڻ لاءِ هو ٻاهر جي دنيا ۾ پنهنجو روپ بدلائي هلندو هو يا بيس بال جي ٽوپيءَ کي هيٺ ڪري هلندو هو، جيئن ڪو سندس چهرو سڃاڻي نه سگهي. مرڻ کان اڳ پنهنجي زال کي وصيت ڪئي هئائين ته سندس وفات جو اطلاع ڪفن دفن بعد ڪجو.
سندس وفات تي چئن ڏينهن بعد جپان حڪومت کيسPeople's Honour Award  ڏيڻ جو اعلان ڪيو. ان وقت جي وزيراعظم هاشيموتو تورا سان جي تعريف ۾ ڳالهائيندي چيو: ”تورا سان جون فلمون ڏسي مون کي پهريون دفعو محسوس ٿيو ته فلمون مزيدار به ٿين ٿيون.“

No comments:

Post a Comment