Tuesday, January 31, 2012

بمبئي جون ايراني هوٽلون ۽ ريلوي اسٽيشنون - الطاف شيخ


بمبئي جون ايراني هوٽلون ۽ ريلوي اسٽيشنون
الطاف شيخ
منهنجي عمر جي ماڻهن کي ممبئي ۾ ايراني ريسٽورنٽون (Cafes) ڏسي کين ڪراچي ۽ حيدرآباد جهڙا شهر ياد ايندا، جتي ڪنهن زماني ۾ اهي ڏاڍيون هيون ۽ سڀني جو هڪ ئي نمونو هوندو هو. دخل تي ويٺل هڪ ايراني سيٺ جنهن جي چوڌاري مختلف قسمن جي بسڪيٽن جون درجن کن برنيون هونديون هيون. چانهه سان گڏ گهڻو ڪري بَن هلندو هو يا ’مسڪا بن‘ جنهن تي مکڻ لڳل هوندو هو. ٻئي نمبر تي پيٽيز ۽ ڪٽليٽ هلندا هئا. سڀني ايراني هوٽلن ۾ فرنيچر (ٽيبل ڪرسين) جو ساڳيو نمونو هوندو هو. هڪ ڪنڊ ۾ هٿ ڌوئڻ لاءِ واش بيسن هوندو هو. ڀتين تي ٽي چار اعلان يا چتاءَ ضرور درج ٿيل هوندا هئا، جهڙوڪ: سياسي گفتگو ڪرڻ منع آهي. هتي نوڪرن کي روزانو پگهار ڏني وڃي ٿي. ڪرسيءَ تي ٽنگون رکڻ کان پرهيز ڪريو. شراب واپرائڻ تي منع آهي. گهڻي دير ويهڻ منع آهي.... پر ڪبو اهو ئي هو جيڪو وڻندو هو. تن ڏينهن ۾ گهر ۾ ڊرائنگ روم جو اڃان فيشن نه ٿيو هو. ان ڪري غريب غربو، اديب، شاعر خاص ڪري شاگرد، ڪنهن ايراني ڪيفي ۾ ’چانهه بن‘ تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي امتحانن لاءِ نوٽ ڊسڪس ڪندا هئا، اديب ۽ ترقي پسند ڪامريڊ ادب، شاعري ۽ سياست تي ويچار ونڊيندا هئا. اسان وٽ پاڪستان ۾ هڪ هڪ ٿي وڃن ٿيون هي ريسٽورنٽون ختم ٿينديون. حيدرآباد ۾ ڪيفي جارج، ڪيفي اي ون وغيره  هينئر  نظر  نه  آيون.  هڪ  ڏينهن ڪراچي ۾ ايم اي جناح روڊ تي جتان ساڄي پاسي ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي ڏي رستو وڃي ٿو، ان جي کاٻي پاسي واري ڪنڊ ۾ هڪ پراڻي ايراني ڪيفي نظر آئي. ڪجهه دير ويهي چانهه ۽ مسڪا بن کائي ننڍپڻ جا ڏينهن ياد ڪيم.

جناح هائوس کان دينا واڍيا تائين - الطاف شيخ


جناح هائوس کان دينا واڍيا تائين
الطاف شيخ
ممبئي جي خوبصورت علائقي مالابار هل ۾ جتي دنيا جا امير ترين ۽ اهم ماڻهو رهيا ٿي ۽ اڄ به رهن ٿا، اتي مائونٽ پليزنٽ روڊ تي (جيڪو هاڻ ڀائو صاحب هيري مارگ سڏجي ٿو.) هن رياست مهاراشٽرا جي چيف منسٽر جي گهر جي سامهون، پلاٽ نمبر 2 تي جيڪو گهر آهي، ان جي مالڪي جي حقن لاءِ هڪ ئي وقت انڊيا حڪومت، پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستان جي باني محمد علي جناح جي نوي ساله ڌيءَ ديناClaim ڪري ٿي. هي گهر جيڪو جناح صاحب 1936ع ۾ انگلينڊ مان موٽڻ بعد اڍائي ايڪڙن (10 هزار چورس ميٽرن) جي پکيڙ تي، انگريز عمارتساز ڪلائيڊ بئٽلي کان ٺهرايو ۽ جنهن تي ان وقت ٻه لک رپيا خرچ آيو ”سائوٿ ڪورٽ“ نالو رکيو ويو جنهن کي پوءِ انگريز ”جناح هائوس“ سڏڻ لڳا ۽ اڄ ڏينهن تائين ان نالي سڏجي ٿو، جيتوڻيڪ جناح صاحب جي ڌيءَ کي سخت اعتراض آهي ته ان کي ان جي اصلي نالي South Court سان سڏيو وڃي جيڪو نالو مٿس جناح صاحب رکيو هو.

ڪولابا ۽ مالابار هِل ڪٿي آهن... - الطاف شيخ


ڪولابا ۽ مالابار هِل ڪٿي آهن...
الطاف شيخ
ممبئي شهر جي جاگرافيائي شڪل ڪجهه ائين آهي، جيئن ڪنهن ماڻهوءَ جو هٿ ٺونٺ تائين. پر اهو هٿ جنهن ۾ فقط آڱوٺو ۽ شاهد آڱر هجي. ٺونٺ وارو حصو جيڪڏهن ممبئي جو باندرا، ڌروي ۽ سيان سمجهيو وڃي ته هٿ جي آڱر جو آخري ڳترو جنهن تي ننهن آهن اهو ڪولابا آهي، جتي ممبئي جو شهر ڏکڻ ۾ وڃيو دنگ ڪري، جيئن ڪراچيءَ ۾ ڪياماڙي آهي. هٿ جو آڱوٺو سمجهو ته ممبئي جو اهو حصو آهي، جتي بنگانگا ۽ بابل ناٿ مندر، راج ڀون، ڪملا نهرو پارڪ جهڙيون شيون آهن. آڱوٺي جي ٻئي ڳتري وٽ مالابار ٽڪريون (Hills) آهن.

Monday, January 23, 2012

هِتان هُتان جون ڳالهيون - الطاف شيخ


هِتان هُتان جون ڳالهيون
الطاف شيخ
ممبئي يونيورسٽي جو سنڌي ڊپارٽمينٽ 1995ع کان وٺي، وقت بوقت سنڌ جي ماڻهن کي مختلف سيمينارن ۽ ليڪچرس لاءِ گهرائيندو رهي ٿو. گيسٽ بڪ ۾ آيل مهمانن جا ويچار پڙهندي مون کي اها خبر پيئي. انهن ۾ ڪيترا ئي منهنجا سڃاڻو نظر آيا. ممبئي يونيورسٽيءَ جي سينٽرل نهرو لائبريري يا مختلف ڊپارٽمينٽن ۽ روڊن رستن تان هلندي مون کي اهي سڀ ياد ايندا هئا ته اهي پڻ هنن رستن ۽ هنن ڪمرن مان پير گهمائي ويا آهن. انهن مان ڪجهه جا نالا هن ريت آهن: آغا سليم، ڊاڪٽر فهميده حسين، علي قاضي، شوڪت شورو (سنڌالاجي ڄامشورو)، سراج الحق ميمڻ، ناز سهتو (جرنلسٽ)، ڊاڪٽر حميده کهڙو (سابق وزير تعليم)، مظهر صديقي (سابق V.C سنڌ يونيورسٽي)، امر جليل (سابق V.C علامه اقبال يونيورسٽي)، غلام علي الانا، عزيز ناريجو (SANA آمريڪا)، ڊاڪٽر رام بخشاڻي (دبئي)، عنبرين هيسباڻي (W.S.C لنڊن) وغيره...

Saturday, January 21, 2012

ڪو ڀڳوان ئي چوري ڪري ويو...- الطاف شيخ


ڪو ڀڳوان ئي چوري ڪري ويو...
الطاف شيخ
آخري ڏينهن تي هڪ دفعو وري ممبئي شهر جو چڪر هڻڻ لاءِ نڪتس ۽ ممبئي جي ڏاکڻي ڇيڙي ڪولابا تائين هليو ويس. واپسيءَ تي بس ۾ ڪف پريڊ، ناريمن پوائنٽ، چرچ گيٽ ۽ فورٽ وارن بس اسٽاپن تان ٿيندو وي ٽي اسٽيشن (جيڪا هاڻ CST يعني چتراپتي شيوا جي ٽرمينس سڏجي ٿي) تي آيس. هتان پوءِ، ريل گاڏي ذريعي دادر، ماٽونگا، ماهيم ۽ باندرا ريلوي اسٽيشنن تي لهندو چڙهندو، کار اسٽيشن تي پهتس ۽ کار ويسٽ پاسي ٻاهر نڪري لنڪنگ روڊ ڏي رخ رکيم ۽ گهناسنگ جوئيلرس جي سامهون واري عمارت رام ڪرشنا ۾ داخل ٿيس. هتي جئه موتياڻي جي The Enterprise نالي ڪمپني جي آفيس آهي. جئه منهنجو انتظار ڪري رهيو هو. آئون کانئس موڪلائڻ لاءِ آيو هوس. منهنجي هن سفر ۾ ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي ۽ جئه موتياڻيءَ جو وڏو هٿ هو، جيڪي منهنجي شروع کان همت افزائي ۽ رهنمائي ڪندا رهيا نه ته آئون اڪيلو شايد ئي اچي سگهان ها. چانهه پي مون جئه موتياڻي، سندس وڏي ڀاءُ موهن (من) ۽ سندس اسٽاف جي ماڻهن، خاص ڪري ڊرائيور ’ياديو مسافر‘، کان موڪلائي هيٺ لٿس. جئه موتياڻيءَ موڪلائڻ وقت، پنهنجي ڪمپني ”دي انٽر پرائيز“ جي ٺهيل شين مان RELAX نالي مينٿل بام جون درجن کن بوتلون ڏنيون. هي بام، مٿي جي سور، ٿڌ زڪام، کنگهه، گلي جي سور ۽ هڏن جي سور لاءِ فائديمند نه فقط چيو وڃي ٿو، پر پاڪستان اچي جن جن دوستن کي ڏنم، انهن هن بام جي ڏاڍي تعريف ڪئي. دراصل انڊيا جي اها ڳالهه قابلِ داد آهي ته هتي جا ماڻهو ۽ مئنيوفيڪچرنگ ڪمپنيون، ڪا به شيءِ ٺاهين ٿيون، ته وڏي ريسرچ ڪري ڪارآمد شيءِ ٺاهين ٿيون. ٻي ڳالهه ته ان جي قيمت تمام گهٽ رکي وڃي ٿي، جيئن غريب غربو خريد ڪري، فائدو حاصل ڪري سگهي. اهو ئي سبب آهي جو انڊيا جون هن قسم جون ديسي دوائون، خاص ڪري آيورويدڪ سڀني عرب ملڪن ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا ۽ ڏور اوڀر جي ملڪن ۾ ته هلن ٿيون پر يورپ جا ماڻهو به خريد ڪن ٿا. اهڙين شين جي اشتهار بازي آٽوميٽيڪلي ٿيندي رهي ٿي. هڪ کي فائدو ٿيڻ تي هو سڀني دوستن ۽ فئمليءَ جي ماڻهن کي ٻڌائي ٿو ۽ آئون نٿو سمجهان ته هن جي قيمت ڪا ڏهه پندرنهن رپين کان مٿي هوندي. جئه موتياڻيءَ ٻڌايو ته؛ هن بام جي گهڻي کان گهڻي کپت عرب ملڪن، ايران، وچ ايشيا جي ملڪن ۽ ٿائلينڊ ۾ آهي.

Wednesday, January 18, 2012

پارسين کي ڇو پسند ڪيو وڃي ٿو - الطاف شيخ


پارسين کي ڇو پسند ڪيو وڃي ٿو
الطاف شيخ
ڪڏهن به ڪنهن پارسيءَ کي جهيڙو ڪندي يا گاريون ڏيندي توهان نه ٻڌو هوندو. ڪنهن جو ٻار اغوا ڪندي يا ڪنهن جي گهر ۾ کاٽ هڻندي نه ٻڌو هوندو. پارسي، چاهي ڪراچيءَ ۾ رهندا هجن يا ممبئيءَ ۾، بڙودا ۾ رهندا هجن يا سورت  ۾، امن ۽ سانت سڪون سان رهن ٿا. هو نه فقط پاڻ تعليم حاصل ڪن ٿا، پر اعليٰ تعليمي درسگاهه ٺاهي ٻين لاءِ به علم جي روشني عام ڪن ٿا. ڌنڌي بزنيس ۽ هنرن ۾ ماهر آهن ۽ نه فقط پنهنجي لاءِ اڻ مَيو پئسو ڪمائي ڄاڻن ٿا پر خير خيرات به دل وٽان ڪن ٿا. گهر، محلي ۽ شهر کي نه فقط صاف سٿرو ۽ سهڻو رکن ٿا، پر پنهنجي پاڙي واري ۽ شهريءَ جي ويلفيئر جو به خيال رکن ٿا. ڪراچيءَ ۾N.E.D (نادرجي ايڊلجي ڊنشا) ڪاليج ۽ هاڻ يونيورسٽي کان ماما پارسي اسڪول تائين، توهان کي ڪيتريون ئي عمارتون نظر اينديون، جيڪي هنن پارسين جي ياد ڏيارين ٿيون. انڊيا جو شهر بمبئي ته اهڙين عمارتن سان ڀريو پيو آهي ۽ ڪيترن اهم پارسين جون مورتيون (Statues) توهان کي شهر جي چوراهن تي نظر اينديون.

Tuesday, January 17, 2012

سوڍا واٽر بوتل اوپنر والا - الطاف شيخ


سوڍا واٽر بوتل اوپنر والا
الطاف شيخ
منهنجو هي انڊيا بابت سفرنامو- بلڪ بمبئيءَ جو احوال پڙهي، گهٽ ۾ گهٽ توهان کي سنڌي ماڻهو سڃاڻڻ جي ڄاڻ ٿي وئي هوندي، ته انهن جي ذات جي آخر ۾ ’ڻي‘ يا ’واڻي‘ اچي ٿو. ممبئي، پوني، جلگائون، ڪولهاپور، احمد نگر ۽ اورنگ آباد جهڙا شهر انڊيا جي مهاراشٽرا رياست ۾ اچن ٿا، جتي گهڻا ماڻهو مرهٺا آهن ۽ توهان کي مرهٺن جي سڃاڻپ ۾ به دقت نه ٿيڻ کپي جو انهن جي ذات جي آخر ۾ ڪر (KER) اچي ٿو، جيئن ته چانديڪر، نندڪر، ڪوپيڪر، ڪاتڪر، ٽنڊلڪر، منگيشڪر وغيره. گجرات، ممبئيءَ واري رياست مهاراشٽرا جي پاڙي واري رياست آهي. ممبئي ۽ پوني جهڙن شهرن ۾ ڪيترا ئي گجراتي رهن ٿا، جن لاءِ آ ٻڌائي چڪو آهيان ته؛ هنن ۾ پٽيل، ميهتا، شاهه، ڊيسائي، پاريک، چدا سما ذاتيون عام آهن. ايتري قدر جو انگلينڊ ۽ آمريڪا ۾ جيڪي انڊيا جي گجرات رياست جا ماڻهو رهن ٿا، انهن ۾ 90 سيڪڙو پَٽيل آهن. سو ممبئيءَ ۾ رهڻ دوران توهان کي ڪيترن ئي قومن جي ڄاڻ ٿي سگهي ٿي، جهڙوڪ: سنڌي، مراٺي ۽ گجراتي. هڪ ٻي قوم کي به سڃاڻڻ سولو آهي، اها آهي پارسي. پارسي ماڻهن جو بمبئي ٺاهڻ ۾ وڏو ڪردار آهي. سڀ کان اڳ، گهڻي کان گهڻا، پارسي بمبئي لڏي آيا. ايتري قدر جو بمبئي ’پارسي آستان‘ سڏجڻ لڳو هو. پارسي نه فقط تعليم، بزنيس ۽ پئسو ڪمائڻ ۾ اڳيان آهن، پر خير خيرات ڪرڻ، اسڪول، ڪاليج، اسپتالون، روڊ رستا ۽ پليون ٺهرائڻ ۾ به اڳيان اڳيان رهيا آهن.

Monday, January 16, 2012

جماڻي ممبئي ۾ به رهن ٿا - الطاف شيخ


جماڻي ممبئي ۾ به رهن ٿا
الطاف شيخ
پوني ۾ ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي سان پهرئين ڏينهن ئي ملاقات ٿي وئي هئي. ٻئي ڏينهن صبح جو نيرن لاءِ هيٺ لٿس، ته ڊائننگ هال جي منهن وٽ ڊاڪٽر جگديش کي هڪ ٻئي همراهه سان گڏ ڏٺم.
”الطاف! هن سان ملاقات آهي؟“ ڊاڪٽر لڇاڻيءَ پڇيو.
”نه، يار.“ مون وراڻيو.

Sunday, January 15, 2012

ممبئي ۽ ان جي آسپاس ۾ رهندڙ ڪجهه اهم سنڌي عورتون - الطاف شيخ


ممبئي ۽ ان جي آسپاس ۾ رهندڙ ڪجهه اهم سنڌي عورتون
الطاف شيخ
ساڌنا، ببيتا ۽ ڪمود ڇڳاڻي جهڙيون فلمي اداڪارائون، جيڪي اسان جي جوانيءَ جي ڏينهن ۾ فلمن جون هيروئنون هونديون هيون. (هاڻ ته هڙئي اسان وانگر نانيون ڏاڏيون ٿي ويون آهن.) ساڌنا 1941ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڄائي، يعني مون کان به 3 سال وڏي آهي. ۽ ستر کي اچي ويجهو ٿي آهي. وقت نه مليو نه ته سوچيو هوم ته ساڻس ملي فوٽو ڪڍرايان. پڙهائيءَ دوران، چٽاگانگ ۾ 1963ع ۾ سندس فلم ‘love in Simla’ ڏسي، کيس خط لکيو هوم، ته تنهنجو فئن آهيان ۽ هن آٽوگراف سان گڏ پنهنجو پوسٽ ڪارڊ سائيز فوٽو موڪليو هو. هيءُ اهو دور هو، جنهن ۾ انڊيا ۽ پاڪستان جون ڇوڪريون، ساڌنا کي ڏسي ٽائيٽ فِٽنگ چوڙيدار قميصون پائڻ شروع ڪيون هيون.

Friday, January 13, 2012

بمبئي جي هر عمارت ڪنهن جي ياد ڏياري ٿي - الطاف شيخ


بمبئي جي هر عمارت ڪنهن جي ياد ڏياري ٿي...
الطاف شيخ
ممبئي يونيورسٽي جي ڪئنٽين ۾ هڪ ٽيبل تي جيڪي ڌارين ملڪن جا شاگرد ويٺا هئا، تن ۾ هڪ روسي رياست جارجيا جو به هو، جنهن سان پروفيسر ڊاڪٽر منوهر جي اڳواٽ سڃاڻپ هئي، جو جيئن اسان ڪئنٽين ۾ داخل ٿياسين ته هن اٿي بيهي منوهر کي کيڪاريو.
”سڃاڻين ٿو ڪير ٿي سگهي ٿو؟“ منوهر مون کان سنڌيءَ ۾ پڇيو.
سندس قدآور جسم ۽ گوري ڳاڙهي رنگت ڏسي چيومانس ته؛ پٺاڻ يا افغاني ٿو لڳي.
”نه جارجين آهي،“ منوهر هن کي مون سان ملائيندي چيو، ”آئون سندس ڳوٺائيءَ ڪري سندس عزت ڪندو آهيان، جنهن جا ڪتاب پڙهي اسان وڏا ٿيا آهيون.“

Tuesday, January 10, 2012

پردي ۽ موبائيل فون جي استعمال کان منع - الطاف شيخ



پردي ۽ موبائيل فون جي استعمال کان منع

الطاف شيخ
پوني ۾، ان بعد ممبئي ۾ پهتس ته ٻنهي شهرن جي ڪيترن ئي سنڌين، خاص ڪري وڏي عمر جي مردن توڙي عورتن پنهنجي خواهش جو اظهار ڪيو ته هو پنهنجي اباڻي وطن سنڌ جي انهن شهرن کي ڏسڻ چاهين ٿا، جتي هنن جنم ورتو يا سيوهڻ، اڏيرولعل، ٽنڊوجهانيان جهڙا شهر گهمڻ چاهين ٿا، جتي هنن جا پير مرشد يا ولي بزرگ آهن.

Sunday, January 08, 2012

هاٿيءَ کي هندستان نه ڏيکارجي - الطاف شيخ


هاٿيءَ کي هندستان نه ڏيکارجي
الطاف شيخ
اڃا ڪراچيءَ ۾ ئي هوس ته، ممبئيءَ مان ڊاڪٽر پروفيسر ٻلديو مٽلاڻيءَ فون ڪري مون کي چيو ته؛ انڊيا اچين ته پنهنجي پاسپورٽ، ويزا ۽ ٻين ڪاغذن جون ٽي چار فوٽو ڪاپيون ٺهرائي اچجانءِ. ڇو جو موبائيل فون جي سِم، توڙي هوٽل ۾ ڪمرو وٺڻ مهل، انهن ڪاغذن جي فوٽو ڪاپي ڏيڻي پوي ٿي. ڊاڪٽر ٻلديو، بلڪل صحيح ڳالهه ڪئي. اڄ ڪلهه دنيا جي هر ملڪ ۾ سيڪيورٽي کي ترجيح ڏني وڃي ٿي ۽ هر پنهنجي پرائي جي چڱي طرح کوج لڳائي وڃي ٿي. بهرحال ڌارين ملڪن ۾ پهچي پوءِ فوٽو اسٽيٽ وارن جا دڪان پيا ڳولجن، ان کان بهتر آهي ته پنهنجي ملڪ مان نه رڳو مسافري ۽ شناخت سان تعلق رکندڙ ڪاغذن جون ٽي چار فوٽو ڪاپيون کڻي نڪرجن، پر ڏهاڪو کن پنهنجا پاسپورٽ سائيز فوٽو به پاڻ سان گڏ رکجن. اهو انهن ماڻهن لاءِ به ضروري آهي جيڪي حج يا عمري لاءِ، سعودي عرب وڃن ٿا. يا زيارتن لاءِ ايران، عراق ۽ شام وڃن ٿا.

Saturday, January 07, 2012

سائين بابا ڪير آهي؟ الطاف شيخ


سائين بابا ڪير آهي؟
الطاف شيخ
گذريل دفعي دهلي آيس، ته اتي ڪيترن ئي هنڌن تي سائين بابا (Sai Baba) جون تصويرون نظر آيون. هڪ هنڌ مندر به سائين بابا نالي هو. هڪ ڏينهن ٽرڪ جي پويان به هن فقير جي تصوير ڏٺم. ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ به ڪيترن مدراسي ۽ تامل هندن جي ڳچيءَ ۾ سائين بابا جي تصوير جا لاڪيٽ ڏسندو هوس. هاڻ هتي ممبئي ۽ پوني ۾ ته ڪيترن ئي دڪانن جا نالا هن بزرگ نالي نظر آيا آهن. ممبئي يونيورسٽي جي ٻاهران جنهن مراٺيءَ جي ريسٽورنٽ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ماني کائڻ وڃان ٿو، ان ريسٽورنٽ جو نالو به سائين بابا آهي.

Thursday, January 05, 2012

لڱن ۾ سور آهي، مونجهه آهي - الطاف شيخ


لڱن ۾ سور آهي، مونجهه آهي
الطاف شيخ
سنڌ مان جيڪي سنڌي انڊيا لڏي آيا، تن مان گهڻا جيتوڻيڪ هٿين خالي هتي ممبئي، ڪلياڻ يا الهاس نگر آيا. پر هنن ڏينهن رات محنت ڪري پنهنجو پير ڄمايو. اڄ هو وڏي پئسي وارا آهن. هو سياست ۽ بزنيس کان وٺي ڊاڪٽر انجنيئر آهن. هو جتي خوب پئسو ڪمائين ٿا، اتي خير جا ڪم به ڪن ٿا. فقط ممبئي شهر ۽ اردگرد ۾ سنڌين جون ڪيتريون ئي بهترين اسپتالون آهن. هنن جا اعليٰ معيار جا ڪاليج آهن. هو خوشحال لڳن ٿا، گهٽ ۾ گهٽ ظاهري طرح ته ائين لڳي ٿو ته هنن کي زندگي ۾ ڪو ڏک درد يا ڪا بيماري نه آهي. مون اهو سوال بمبئي جي هڪ ٻن سنڌي ڊاڪٽرن کان پڇيو ته انڊيا ۾ رهندڙ سنڌين ۾ ڪهڙيون بيماريون عام آهن.

Monday, January 02, 2012

بامبي ڊَڪ ۽ گڏهه تي ٿي سوار - الطاف شيخ


بامبي ڊَڪ ۽ گڏهه تي ٿي سوار
الطاف شيخ
پوني وانگر ممبئي ۾ به ڪيترا ئي ڪراچي نالي دڪان ۽ ريسٽورنٽون آهن. هڪ ته ڌوٻي تلاءَ وٽ جمعا مسجد جي ڀرسان ۽ منگلداس مارڪيٽ جي سامهون ”ڪراچي بيڪري“ نالي دڪان نظر آيو ۽ هڪ باندرا ويسٽ ۾ راماداس نائڪ مارگ ۽ هل روڊ وٽ ”ڪراچي سوئيٽ شاپ“ آهي. ڪراچي ريسٽورنٽ نالي هڪ هوٽل دادر ۽ وادالا بس اسٽاپن جي وچ ۾ به نظر آئي.
*