Wednesday, January 18, 2012

پارسين کي ڇو پسند ڪيو وڃي ٿو - الطاف شيخ


پارسين کي ڇو پسند ڪيو وڃي ٿو
الطاف شيخ
ڪڏهن به ڪنهن پارسيءَ کي جهيڙو ڪندي يا گاريون ڏيندي توهان نه ٻڌو هوندو. ڪنهن جو ٻار اغوا ڪندي يا ڪنهن جي گهر ۾ کاٽ هڻندي نه ٻڌو هوندو. پارسي، چاهي ڪراچيءَ ۾ رهندا هجن يا ممبئيءَ ۾، بڙودا ۾ رهندا هجن يا سورت  ۾، امن ۽ سانت سڪون سان رهن ٿا. هو نه فقط پاڻ تعليم حاصل ڪن ٿا، پر اعليٰ تعليمي درسگاهه ٺاهي ٻين لاءِ به علم جي روشني عام ڪن ٿا. ڌنڌي بزنيس ۽ هنرن ۾ ماهر آهن ۽ نه فقط پنهنجي لاءِ اڻ مَيو پئسو ڪمائي ڄاڻن ٿا پر خير خيرات به دل وٽان ڪن ٿا. گهر، محلي ۽ شهر کي نه فقط صاف سٿرو ۽ سهڻو رکن ٿا، پر پنهنجي پاڙي واري ۽ شهريءَ جي ويلفيئر جو به خيال رکن ٿا. ڪراچيءَ ۾N.E.D (نادرجي ايڊلجي ڊنشا) ڪاليج ۽ هاڻ يونيورسٽي کان ماما پارسي اسڪول تائين، توهان کي ڪيتريون ئي عمارتون نظر اينديون، جيڪي هنن پارسين جي ياد ڏيارين ٿيون. انڊيا جو شهر بمبئي ته اهڙين عمارتن سان ڀريو پيو آهي ۽ ڪيترن اهم پارسين جون مورتيون (Statues) توهان کي شهر جي چوراهن تي نظر اينديون.


پارسي باهه جا پوڄاري آهن ۽ زوروسٽرين سڏجن ٿا. شاديون پنهنجن ۾ ئي ڪن. ڪو به پارسي ڇوڪرو يا ڇوڪري، ٻاهر شادي ڪرڻ سان ڌرم مان خارج ڪيو وڃي ٿو. پارسي، پنهنجن مري ويل مائٽن کي زمين ۾ دفن ڪرڻ يا ساڙڻ بدران، ڪنهن مٿانهين هنڌ تي رکي اچن (جنهن کي هو خاموشيءَ جو ٽاور سڏين) جيئن مُردي کي سرڻيون، ڳجهون ۽ ڪانگ ڪٻريون کائي وڃن. هو بيحد پڙهيل ڳڙهيل، اخلاق وارا ۽ پنهنجين رسمن رواجن تي قائم رهندڙ ٿين. هر شيءِ، خاص ڪري گاڏي خيال سان رکن. اهو ئي سبب آهي، ته هر ڪو پارسيءَ کان سيڪنڊ هئنڊ ڪار خريد ڪرڻ ۾ خوشي محسوس ڪري ٿو. سندن ڪي ڪي ڳالهيون، چريائپ جي حد تائين به ٿين. چرچو ڀوڳ به سٺو ڄاڻن. اهو ئي سبب آهي جو اڄ به ڪنهن محفل ۾ اردشير ڪواسجي (جهازن جو مالڪ ۽ ڊان اخبار جو ڪالم نويس) کي ڏسندو آهيان، ته ان سان گڏ وڃي ويهندو آهيان. عمر ۾ مون کان وڏو آهي پر گذريل ٽيهارو سالن کان، منهنجي ساڻس ٺٺ مسخري لڳي رهي ٿي.
ممبئي يونيورسٽي جي گجراتي ڊپارٽمينٽ جي هيڊ ڊاڪٽر رتي لعل جي آفيس ۾ هڪ ڏينهن پارسين جي چريائيءَ جي ڳالهين جو ذڪر اچي نڪتو. ڪنهن ٻڌايو ته، هن بلڊنگ ۾ جيڪو پارسي رهي ٿو ان کي پنهنجي موٽرسائيڪل سان ايڏو ته پيار آهي جو روزانو شام جو ان کي مٿي ٽئين فلور تي پنهنجي فليٽ ۾ کڻي ايندو آهي ۽ ان کي پنهنجي بيڊ روم ۾ بيهاريندو آهي.
پارسي، هلچل گهٽ ڪرڻ ڪري، قبضيءَ جا مريض ٿين ٿا. هو ڪاٺ جي ڊگهي ڪرسي (جنهن جي ٻانهن تي ٽنگون رکجن) تي ويهي اخبار پڙهڻ جا شوقين ٿين ٿا. هڪ همراهه ٻڌايو ته هو هڪ پوڙهي پارسيءَ کي سڃاڻي، جنهن ان ڪاٺ جي ڊگهي ڪرسيءَ کي ڪموڊ جي مٿان رکي ڇڏيو آهي، جنهن تي پائخاني مهل ويهي اخبار پڙهندو آهي ۽ ان ڳالهه جو ته آئون به شاهد آهيان جو اسان جي هڪ جهاز تي سفر ڪندڙ پوڙهي پارسي سيٺ کي دست ٿي پيا ته اڳٺ ٻڌڻ بدران ان کي ڪنڊن وٽ ڳنڍ ڏيئي هار ڪري ڳچيءَ ۾ وجهي، جهاز جي گهٽين ۾ هلندو رهيو، جيئن ضرورت مهل ڳچيءَ مان اڳٺ جو هار ڪڍي رڳو ڪموڊ تي ويهڻو پوي.
بهرحال ڳالهه اها آهي ته پارسي تعليم يافته ۽ دلچسپ ماڻهو آهن. اڄ کان 12 صديون کن اڳ، ايران کان هندستان لڏي اچڻ وقت، جيڪو هنن وچن ڪيو هو ته؛ هن ڌرتيءَ جي رهواسين کي ڪنهن به قسم جي تڪليف ڏيڻ کان گريز ڪنداسين، ان وچن کي نڀائيندا اچن.
اسلام جي آمد کان اڳ، دنيا ۾ جيڪي ٻه وڏيون طاقتون هيون، انهن مان هڪ رومن سلطنت (بائزنٽائين) هئي ۽ ٻي ايران جيڪو پرشيا سڏبو هو ۽ پرشن حاڪم جو راڄ مصر کان وچ ايشيا تائين هو جنهن ۾ انڊيا جو اتراهون حصو به اچي ويو ٿي. پرشن حڪومت 550 ق. م کان سائرس دي گريٽ بادشاهه کان هلندي آئي پئي. وچ ۾ سڪندر اعظم به ايران فتح ڪيو، جنهن جي مرڻ کان پوءِ سندن ’جنرل‘ حڪومت ڪندا هليا. 250 ق. م، يعني حضرت عيسيٰ جي ڄمڻ کان اڍائي صديون اڳ، ايران تي اردشير نالي ايرانيءَ جو قبضو ٿيو ۽ هن پنهنجي گهراڻي جو نالو پنهنجي ڏاڏي ساسان تان ’ساساني گهراڻو‘ رکيو. ساسانين زوروسٽر نالي پيغمبر جي پوڄا ڪئي ٿي، جيڪو حضرت عيسيٰ کان به 600 سال اڳ ڄائو هو. هنن باهه کي پاڪ سمجهيو ٿي. بهرحال، ساساني حڪومت جو دور امن امان ۽ ترقيءَ جو دور مڃيو وڃي ٿو، جنهن ۾ نوشيروان عادل جهڙا انصاف پسند بادشاهه اڄ تائين مڃيا وڃن ٿا. بنا شڪ جي، ايران هڪ طاقتور ملڪ هو، جنهن جي جهنڊي هيٺ ان وقت جي ڄاتل سڃاتل دنيا جو وڏو حصو اچي ويو ٿي. نه فقط زمين جي پکيڙ ۾ پر تهذيب ۽ تمدن ۾، آرٽس ۽ ڪلچر ۾، فوج ۽ جنگ جي ڄاڻ ۾. ان جي مقابلي ۾، ڀر وارين عرب يا ٻين حڪومتن ڪهڙي حيثيت رکي ٿي! جڏهن عرب، اسلام جي ڇٽيءَ هيٺ گڏ ٿيا ۽ اسلام جي ٻئي خليفي حضرت عمر رضه جي ڏينهن ۾ هنن ايران (پرشيا) تي حملي ڪرڻ جو پروگرام ٺاهيو ته ظاهر آهي ايراني جنرلن کي کل آئي هوندي ۽ ان وقت جي ساساني يزدگرد سوم جيڪي چيو يا عربن کي جواب ۾ لکيو، ان جي ترجماني بعد ۾ ايران جي شاعر فردوسيءَ 1010ع ڌاري پنهنجي 000، 60 بيتن واري نظم شاهنامي ۾ هن ريت ڪئي آهي ته؛ اُهي عرب بدو جيڪي تپندڙ واريءَ تي رهن ٿا، جيڪي ڳوهه (Iguana) کائين ٿا ۽ اٺڙين (ڏاچين) جو کير پين ٿا، اهي ايران جهڙي سلطنت کي فتح ڪرڻ جا خواب ڏسي رهيا آهن؟
پوءِ ائين ٿيو جو حضرت عمر رضه جي دورِ خلافت (644-634) جي ڏينهن ۾، سال 641ع ۾ تپندڙ وارين وارا عرب، ايران تي حاوي ٿي ويا ۽ دنيا اهو به ڏٺو ته؛ ايران جي ماڻهن نه فقط اسلام قبول ڪيو پر بهترين مسلمان ٿي به ڏيکاريو. هيءُ اهو زمانو آهي، جڏهن ڪجهه پارسين، جن اسلام قبول نه ڪيو، انهن مان ڪي ايران ۾ رهي پيا. ٻيا ٻاهر نڪري پيا ۽ عربي سمنڊ جي ٻئي ڪناري تي، گجرات جي مختلف شهرن ڀاڳاري (نَوسري)، ڀاروچا، سورت، کنڀاٽ، سنجاناس وغيره ۾ اچي رهي پيا. هو هڪ نئين ديس ۽ موسم ۾، ڪيتريون ئي صديون هٿ پير هڻندا رهيا. بهرحال، يارهين صدي تائين هو ڪافي Established ٿي ويا. جو ان بعد عربن، پوروچوگالين، فرينچن ۽ انگريز سياحن جا جيڪي انڊيا بابت سفرناما پڙهجن ٿا، انهن ۾ هنن ڌارين پارسين کي هندستان جو الڳ گروپ تسليم ڪيو آهي، جيڪي ايران کان هتي آيا.
پارسين هر قسم جو ڪم ڪيو ٿي. هو سوداگر هئا، هاري هئا، دڪاندار، واڍا، دلال، ڊاڪٽر (ويد، حڪيم)، ڪوري  هئا، سواءِ لوهارن جي. لوهارڪي ڪم ۾، جيئن ته باهه ٻاري لوهه کي گرم ڪري، وري باهه کي وسائڻو پيو ٿي، ان ڪري هنن ان ڌنڌي کان گريز ڪئي ٿي.
مغل شهنشاهه اڪبر اعظم جي ڏينهن ۾، پارسي ٻاون کي دهليءَ جي درٻار ۾ گهرايو ويو. پارسي ٻائو ”دستور مهرجي رانا“ هڪ ڊيليگيشن کي وٺي، دهليءَ پهتو ۽ اڪبر صاحب ايڏو ته متاثر ٿيو، جو هن حڪم صادر ڪيو ته پارسين جي هن پاڪ باهه کي سندس ڪورٽ ۾ به هميشھ لاءِ قائم رکيو وڃي. هن اسلامي ڪئلينڊر مطابق، پارسين جا خوشين وارا ڏينهن، ملهائڻ شروع ڪيا. هي اهو ئي اڪبر آهي جنهن راجپوت ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ لاءِ، هن جي شرط مطابق هن کي گهر ۾ مندر ٺاهي ڏنو هو. اڪبر جي مرڻ بعد، جهانگير ۽ اورنگزيب بادشاهه جي ڏينهن ۾، اهم پارسي مغل درٻار ۾ حاضري ڀريندا رهيا، جن مان هڪ سورت جو رستم مانيڪ سيٺ به هو، جيڪو اورنگزيب وٽ ايندو هو. هيءُ هڪ مشهور سوداگر هو، جيڪو انگريزن ۽ پورچوگالين لاءِ بروڪر جو ڪم ڪندو هو. پاڻ 1635ع ۾ سورت ۾ ڄائو هو ۽ 1721ع ۾ وفات ڪيائين. هن شخص يورپين کي سورت ۾ ڪارخانا لڳرائڻ ۾ مدد ڪئي ۽ مغل حاڪمن کان، هنن لاءِ اجازت نامن جا پروانا حاصل ڪيا.
بمبئيءَ ۾ جيڪو پهريون پارسي آيو، سو دورابجي نانا ڀائي هو، جيڪو 1640ع ۾، جيئن ئي پورچوگالين بمبئي جو شهر قائم ڪيو ته، سورت کان لڏي آيو. هن پورچوگالين جو مئنيجر ٿي ڪم ڪيو. 1668ع ۾ بمبئي، انگريزن کي ملي ۽ دورابجي ٽئڪس ڪليڪٽر مقرر ڪيو ويو. اهو عهدو 1834ع تائين، هن دورابجي فئمليءَ وٽ رهيو. 1668ع کان پوءِ ته، لڳاتار پارسي گجرات کان بمبئي ايندا رهيا ۽ اوڻهين ۽ ويهين صدي تائين، بمبئي پارسين جو ڳڙهه ٿي وئي.
”لَوجي نسرونجي واڍيا“ بمبئي ۾ پهريون ڊاڪيارڊ ٺهرايو ۽ جهازن ٺاهڻ جو ڪم شروع ڪيو. بمبئي اچڻ بعد، پارسين هندي ۽ فارسي زبان کي ڇڏي، يڪدم انگريزي زبان ۽ مغربي سائنس، ميڊيسن، انجنيئرنگ ۽ ٻيا سبجيڪٽ پڙهڻ شروع ڪيا. ان ڪري هو تعليم ۽ ٻين ڳالهين ۾ مقامي هندن ۽ مسلمانن کان گهڻو گهڻو اڳتي نڪري ويا. ڪواسجي دوار نالي هڪ پارسيءَ بمبئي ۾ 1851ع ۾ ٽيڪسٽائيل مِل هنئي، جيڪا انڊيا جي پهرين مِل هئي. جيجي ڀائي، پيٽٽ (Petit)، ٽاٽا ۽ ڪواسجي جهانگير پارسي فئملين، نه رڳو پنهنجن پارسين کي مختلف ڌنڌن ۾ اڳيان ڪيو، پر بمبئي کي به امير ڪيو. ’جمشيت جي جيجي ڀائي‘ چين سان واپار شروع ڪري، خوب ناڻو ڪمايو ۽ هن پارسين لاءِ مندر ۽ ٽاور آف سائلنس ٺهرايا ۽ پوني جي واٽر ورڪس لاءِ به پئسو ڏنو، جيڪو انڊيا ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون پروجيڪٽ هو.
ڊنشا پيٽٽ نالي پارسيءَ، ڪپهه جو بزنيس شروع ڪيو ۽ هن بامبي اسٽاڪ ايڪسچينج ٺاهي. ان کان علاوه بمبئيءَ جو پهريون انجنيئرنگ اسڪول به هن پارسي سيٺ ٺهرايو. هن ايران ۽ انڊيا ۾ رهندڙ پنهنجن زوروسٽرين کي خوب خيرات ڏئي ورسايو. ڪواسجي جهانگير به ڪاٽن مان ڏاڍو ڪمايو ۽ بمبئي ۾ ڪيترن ئي خير جي ڪمن لاءِ عمارتون، ڪاليج ۽ اسپتالون ٺهرايون.
جمشيت جي ٽاٽا، جيتوڻيڪ هڪ غريب پارسي ٻائي جي گهر ۾ پيدا ٿيو پر هن پنهنجي پڙهائي جاري رکي ۽ انجنيئرنگ ۾ ڊگري حاصل ڪرڻ بعد، رُڪ جو ڪارخانو(Steel Factory) کوليائين. اڄ ٽاٽا انڊيا جي ڪارخانن جو طاقتور نالو آهي. جنهن جي ٺهيل مختلف شين جي سڄي دنيا ۾ ناموس ۽ ساک آهي. ٽاٽا فئملي، پهرين آهي جنهن انڊيا ۾ ايئر سروس شروع ڪئي. جنهن ڪمپنيءَ پوءِ Air India جي شڪل اختيار ڪئي. ٽاٽا فئمليءَ، سوشل سائنسز جو پهريون اسڪول انڊيا ۾ ٺاهيو ۽ ٽاٽا انسٽيٽيوٽ آف فنڊامينٽل ريسرچ به هنن جو ادارو آهي، جنهن ۾ نيوڪليئر سائنس تي ريسرچ ٿئي ٿي.
گودريج نالي پارسي فئملي، هڪ ٻي انڊيا جي انڊسٽريل فئملي آهي جنهن جا ڪلف، ٽجوڙيون، ريفريجريٽر، پنکا، واشنگ مشينون سستائي، مضبوطي ۽ سونهن ۾ دنيا اندر مشهور آهن. سمرابجي پوچخانا والا اهو پارسي سيٺ آهي، جنهن انڊيا جي سينٽرل بئنڪ شروع ڪئي.
سياست ڏي جي نظر ڪجي، ته دادا ڀائي نوروز جيءَ انڊين نئشنل ڪانگريس جو بنياد وڌو. فيروز شاهه ميهتا، بمبئي جو مشهور ميئر ٿي رهيو، جنهن جي ڏينهن ۾ بمبئي برٽش ايمپائر جو وڏو شهر ليکيو ويو. ڀيڪائجي ڪاما (Cama) اها پارسي عورت آهي، جيڪا لنڊن ۾ رهي، آزاد انڊيا جو پهريون جهنڊو ٺاهي، پنهنجي گهر جي مٿان ڦڙڪايو. جنهن ڏوهه ۾ هن کي ملڪ نيڪالي ڏني وئي ۽ هوءَ انگلينڊ ڇڏي فرانس ۾ اچي رهي.
انڊيا جي فوج کي ٿو ڏسجي، ته فيلڊ مارشل سئم مانيڪ شاهه پارسي هو. اڄ ڪلهه انڊيا جو نيول چيف آف اسٽاف ائڊمرل جال ڪرسٽجي پارسي آهي. ايئر مارشل اسپي انجنيئر (انجنيئر به پارسين جي هڪ ذات آهي) ڪيترا ئي سال، انڊين ايئرفورس ۾ رهيو.
آرٽس، سائنس ۽ قانون جي دنيا کي ڏٺو وڃي ته ان ۾ به انڊيا جي پارسين وڏو نالو پيدا ڪيو آهي. ڊاڪٽر جال ڪواسجي پي ماسٽر (ياد رهي ته ڊاڪٽر، انجنيئر، ڪئپٽن، پائلٽ وانگر Pay Master به پارسين جي ذات آهي) دنيا جو مشهور ڪئنسر اسپيشلسٽ آهي. ڊاڪٽر رستم جال وڪيل پهريون ڊاڪٽر آهي، جنهن Rawolfia ٻوٽي مان هاءِ بلڊ پريشر جي علاج لاءِ دوا ڳولي، جنهن لاءِ هن کي ايوارڊ به مليو. ڊاڪٽر نوشير انيتا انڊيا جي ٽاپ جي پلاسٽڪ سرجن آهي. اهي رڳو چند مثال آهن. پهريون انڊين، جنهن مغربي سمفوني آرڪسٽرا تيار ڪيو، سو زوبن ميهتا نالي پارسي هو. فريدونجي مارا زبان، جنهن 1812ع ۾ گجراتي پريس شروع ڪئي ۽ پهرين گجراتي اخبار ”بمبئي سماچار“ شروع ڪئي. اها اخبار اڄ به هلي رهي آهي. ناني پالکي والا، انڊيا جو وڏو وڪيل آهي، جنهن اندرا گانڌي طرفان لڳايل ايمرجنسي خلاف ڪورٽ ۾ ڪيس ڪيو. بعد ۾ جمهوريت بحال ٿيڻ تي کيس آمريڪا جو سفير بڻايو ويو.
ڏٺو وڃي ته انڊيا ۾ رهندڙ پارسين جي آدمشماري 0.02 سيڪڙو به ناهي، پر هنن جي انڊيا جي ايڪانامي، سياست، تعليم، سائنس ۽ آرٽس ۾ وڏو حصو آهي. اهو ئي سبب آهي جو انڊيا ۾ پارسين کي وڏي عزت سان ڏٺو وڃي ٿو.

No comments:

Post a Comment