Monday, January 16, 2012

جماڻي ممبئي ۾ به رهن ٿا - الطاف شيخ


جماڻي ممبئي ۾ به رهن ٿا
الطاف شيخ
پوني ۾ ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي سان پهرئين ڏينهن ئي ملاقات ٿي وئي هئي. ٻئي ڏينهن صبح جو نيرن لاءِ هيٺ لٿس، ته ڊائننگ هال جي منهن وٽ ڊاڪٽر جگديش کي هڪ ٻئي همراهه سان گڏ ڏٺم.
”الطاف! هن سان ملاقات آهي؟“ ڊاڪٽر لڇاڻيءَ پڇيو.
”نه، يار.“ مون وراڻيو.


”ڪمال آهي! سائين مدن جماڻي کي نٿا سڃاڻو. هن سنڌي ڊرامن کي نئون ساهه ڏنو. ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آهي. اڄ ڪلهه سنڌي فلمون ٺاهي رهيو آهي...“ ڊاڪٽر لڇاڻيءَ، هڪ ئي ساهه ۾ چئي ويو ۽ آئون مدن جماڻيءَ جو هٿ جهلي، کيس حيرت مان ڏسندو رهيس.
”الطاف چرچو نه سمجهجو.“ مون کي تعجب ۾ ڏسي، هن شايد اهو سمجهيو، ته آئون سندس ان ڳالهه تي شڪ ٿو ڪريان ته مدن جماڻي ايڏي وڏي شخصيت آهي.
”سائين مون کي حيرت ان ڳالهه جي ٿي ٿئي ته مدن جي ذات جماڻي آهي. مون سمجهيو ته جماڻي فقط اسان مسلمانن ۾ آهن.“ مون چيو ۽ پوءِ احساس ٿيو ته جماڻي ته کڻي مون اڄ ٻڌو آهي پر ٻيون به ڪيتريون ئي ذاتيون آهن جيڪي مسلمانن ۽ هندن ۾ ساڳيون آهن، جهڙوڪ: ملڪاڻي، شاهاڻي.
انڊيا جي ٽوئر بعد، هڪ شاديءَ ۾ پيٽارو ڪئڊٽ ڪاليج جي شوڪت جماڻي ۽ DIG پوليس غلام محمد ملڪاڻيءَ سان ملاقات ٿي، جن انڊيا جو حال پڇيو ته مون يڪدم کين چيو:
”يار ڳالهه ٻڌو، انڊيا جو توهان کي چڪر ڏيڻ کپي. ڏاڍي پنهنجائپ محسوس ڪندائو.“ مون چيومان.
دراصل ڪيترا سنڌي هندو، خاص ڪري نئين ٽهي سمجهي ٿي، ته سنڌي معنيٰ رڳو هندو. ڇو جو هو پنهنجي اردگرد جيڪي سنڌي ڏسن ٿا، اهي هندو آهن. ٻي ڳالهه ته هنن لاءِ سنڌي ذاتيون اهي آهن، جن جي آخر ۾ ’ڻي‘ يا ’واڻي‘ اچي. ملائيشيا، سنگاپور، هانگ ڪانگ ۽ هاڻ هتي انڊيا ۾ جڏهن ڪنهن مون کان ذات پڇي ٿي ته ”شيخ“ ٻڌي هنن تعجب کاڌو ٿي ته هيءَ ڪهڙي ذات آهي. پوءِ منهنجي ٻڌائڻ تي ته آئون سنڌي مسلمان آهيان ته ڪيترن مون سان همدردي ڪئي ٿي: ”اوهه ساري! لڏپلاڻ بعد توهان کي پاڪستانين زوريءَ مسلمان بڻايو؟“
ان معاملي ۾ اسان جي هالن جا ميمڻ لَڪي آهن، جن پنهنجي ميمڻ ذات جي Sub Caste ٺاهي ڇڏي آهي: عيساڻي، يونساڻي، زاهداڻي، گاجڻي، ٻاجواڻي، تورپياڻي، وغيره. منهنجو ڳوٺائي پروفيسر عبدالرزاق ميمڻ، جيسين ڳوٺ ۾ هو ته ٻاجواڻي سڏائڻ تي چڙندو هو، پر پوءِ جڏهن جاپان ۾ اچي پڙهيو ۽ هانگ ڪانگ، سنگاپور وغيره ۾ سنڌي هندن سان ملاقات ٿيس، ته هن پاڻ کي ٻاجواڻي سڏائڻ ۾ ئي عافيت سمجهي. اهڙيءَ طرح هو ان سوال جواب کان بچي ويو ٿي، ته توهان کي زوريءَ مسلمان بنايائون.
بهرحال هتي مسٽر مدن جماڻيءَ جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين جنهن ٻڌايو ته؛ شڪارپور پاسي ڪيترا ئي هندو ۽ سنڌي ’جماڻي‘ ذات وارا آهن. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌي ڊرامن ۽ فلمن جي حوالي سان مدن جماڻي ننڍي کنڊ جي هڪ اهم شخصيت آهي ۽ آئون پنهنجو پاڻ کي خوش نصيب ٿو سمجهان جو دادا جشن جي سالگرهه جي بهاني، جگديش لڇاڻي ۽ مدن جماڻيءَ سان ملاقات ٿي وئي. ممبئي يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻيءَ ٻڌايو ته؛ سنڌ ۾ جيڪي ڊراما ڏيکاريا ويندا هئا، انهن ۾ سين تبديل ڪرڻ لاءِ مختلف پردا بدلايا ويندا هئا. پر مدن جماڻيءَ هتي انڊيا ۾ اچي هر سين لاءِ سيٽ ٺهرايا. يعني جي گهر جي سين آهي ته باقاعدي گهر ٺاهيو ويو.
”سنڌي ڊرامن کي صحيح معنيٰ ۾ ٽن ڄڻن ترقي ڏياري“، هڪ ڏينهن پروفيسر مٽلاڻيءَ پنهنجي آفيس ۾ ٻڌايو هو، ”S.P مينگهاڻيءَ، رميش ڄاڃياڻيءَ ۽ مدن جماڻيءَ.“
مدن جماڻي، ڊاڪٽر جگديش ۽ مون کان 10 سال وڏو آهي. پر لڳي اسان کان به وڌيڪ جوان ۽ همت وارو ٿو. پاڻ 20 ڊسمبر 1934 تي شڪارپور ۾ رامچند جماڻيءَ جي گهر ۾ ڄائو. هندستان جي ورهاڱي بعد، هو ممبئي لڏي آيو. پاڻ ڊرامن کان علاوه ٽي وي لاءِ پروگرام ۽ فلمون پڻ ٺاهيون اٿس. جن مان ڪجهه هن ريت آهن:
·        هل ته ڀڄي هلون. 1985ع.
·        وتايو فقير. 2003ع.
·        رائيپور جو رام. 2004ع.
·        جيءُ جهولي لعل. 2007ع.
۽ اڄ ڪلهه جيڪا مدن فلم ٺاهي رهيو آهي، ان جو نالو آهي: ”مان سنڌ آهيان.“
مدن جماڻي هڪ بهترين ليکڪ پڻ آهي. سندس 15 ڪتابن مان 3 ڪتاب يونيورسٽين ۾ پڙهايا وڃن ٿا ۽ 6 ڪتابن تي کيس ايوارڊ ملي چڪو آهي. اڄڪلهه جيڪو ڪتاب لکي رهيو آهي، ان جو نالو آهي ”پرهه ڦٽيءَ کان، سانجهيءَ تائين“. مدن جماڻيءَ کي اولاد ۾ فقط هڪ ڌيءَ سنڌو آهي، جنهن جي شادي منوج کٽواڻيءَ سان ٿي. منوج، هڪ بلڊر ۽ بزنيس مئن آهي. کيس گوا ۾ هوٽلون به آهن. سنڌو ۽ منوج کي به، فقط هڪ ڌيءَ جو ٻار آهي، جنهن جو نالو مارئي آهي.
ان ڏينهن پوني ۾ مدن جماڻيءَ نيرن ڪرڻ بعد، چانهه جو ڪوپ ڪَنن تائين ڀري آيو.
”سائين مدن! هڪ ڪم ڪيو. چانهه به پيئندا هلو، مون کي سنڌي فلمن بابت به ٻڌائيندا هلو، جو توهان جي معلومات گهڻن کان بهتر هوندي.“ مون پنهنجي ڪاپي ۽ پين ڪڍي مدن کي چيو. مدن جنهن ترتيب سان سنڌي فلمون ٻڌايون، پڙهندڙن جي دلچسپيءَ ۽ معلومات لاءِ لکان ٿو:
·        ڀڳت ڪنور رام 1951ع: هن فلم جي ڪهاڻي رام پنجواڻيءَ لکي ۽ گانا پرسرام ضيا ۽ پرڀو وفا لکيا. ميوزڪ بُلوسي راڻي ڏني ۽ اداڪاري شيلا رماني ۽ شيام وغيره ڪئي.
·        اباڻا 1952ع: هيءَ هڪ بهترين فلم مڃي وڃي ٿي، جنهن ۾ اداڪاري شيلا راماني، ساڌنا ۽ ٻين ڪئي.
·        راءِ ڏياچَ 1954ع: هن فلم جي ڪهاڻي رام پنجواڻيءَ لکي ۽ پروڊيوسر اَتو لالواڻي هو. اداڪاري شانتي رامچنداڻي، P ماني ۽ ٻين جي هئي.
·        انصاف ڪٿي آ 1955ع: هن فلم جو پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر ديپڪ آشا ۽ ڪهاڻيڪار رام پنجواڻي هو. گانا پرسرام ضيا لکيا. اداڪاري: ڪان موهن، چندرا وغيره ڪئي.
·        جهولي لعل 1966ع: پروڊيوسر ريلومل ملتاني، ڊائريڪٽر ديپڪ آشا، ڪهاڻي رام پنجواڻي، گانا گووڌن ڀارتي لکيا ۽ ميوزڪ Bulo C. Rani ڏني. فلم ۾ اداڪاري S.Pمينگهاڻي گيتا راج ۽ ٻين ڪئي.
·        سنڌوءَ جي ڪناري 1968ع: پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر گوبند مالهي ۽ گانا گوورڌن ڀارتيءَ لکيا. ميوزڪ سي. ارجن ڏني. اداڪاري: ڀڳونتي ناواڻي، امرچندناڻي ۽ ٻين جي آهي. هي هڪ هٽ فلم هئي.
·        لاڏلي 1969ع: پروڊيوسر ڪندن ڪمار، ڊائريڪٽر ديپڪ آشا، ڪهاڻيڪار رام پنجواڻي، گانا گوورڌن ڀارتي ۽ ميوزڪ ڏني سي. ارجن. نرملا ميرچنداڻي، موهن ٻيلاڻي ۽ ٻين اداڪاري ڪئي
·        هو جمالو 1969ع: پروڊيوسر هري موٽواڻي، ڊائريڪٽر E. چاولا، گانا گوورڌن ڀارتي، ميوزڪ C ارجن ڏني. اداڪاري ڪئي: امر ديو، سجاتا ۽ ٻين.
·        شل ڌيئر نه ڄمن 1969ع: پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر ديپڪ آشا، ڪهاڻي رام پنجواڻي، گانا گوورڌن ڀارتيءَ لکيا ۽ ميوزڪ C ارجن ڏني. هن فلم ۾ اداڪاري ڪئي: نرملا مير چنداڻي، رميش راج، حاسي آڏواڻي ۽ ٻين. هيءَ فلم ڏيج (Dowry) جي مسئلن تي فلم هئي.
·        رات هڪ طوفان جي 1970ع: پروڊيوسر D.H کٽاڻي، ڊائريڪٽر ديپڪ آشا، ڪهاڻي موتي پرڪاش، گانا: عزيز بيدي، ميوزڪ گوند نريش، اداڪاري: نرملا ميرچنداڻي، امر چندناڻي ۽ ٻيا. هيءَ هڪ Suspense فلم هئي.
·        نقلي شان 1971ع: پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر شيام رامسي، ڪهاڻي: رميش ميهتا ۽ موتي پرڪاش، گانا: ڪرشن راهي، ميوزڪ بُلو C راڻي. اداڪار: S.P مينگهاڻي، گيتا راج ۽ ٻيا.
·        اڃا ته مان ننڍڙي آهيان 1973ع: پروڊيوسر ڊاڪٽر رام تارا سنگهاڻي، ڊائريڪٽرس: ديپڪ آشا ۽ G ڌنواڻي، گيت موني پرڪاش ۽ عزيز بيديءَ جا آهن. هيءَ هڪ مزاحيه فلم آهي جنهن ۾ چندرا ۽ ڪان موهن جن اداڪاري ڪئي آهي.
·        امي ۽ ممي 1986ع: پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر گوپال پنجواڻي، گانا گوورڌن ڀارتي، ميوزڪ C ارجن. هن ۾ ڪويتا پنجواڻي ۽ ٻين اداڪاري ڪئي آهي. هي کل مسخري جي فلم آهي.
·        دل ڏجي دل وارن کي 2000ع: پروڊيوسرس: ٺاڪر ڀيرواڻي، منوج ڀيرواڻي ۽ ڪمار منواڻي، ڊائريڪٽر: يشونت.
·        پاڙيواري 2001ع: هيءَ فلم، دبئي جي هڪ ڪارخانيدار سيٺ، لڇمڻ ڀاٽيا جي خرچ تي ٺاهي وئي آهي. اهم اداڪار راڪي ڀاٽيا ۽ آرتي ماکيجاڻي اٿس. ان کان علاوه اجيت واڇهاڻي، سري چند ماکيجا، S.P مينگهاڻي، دولت روپاڻي، راڌا اسراڻي، نرملا گربخشاڻي ۽ سنيل ليکواڻيءَ اداڪاري ڪئي آهي. ڪهاڻي واسديو نرمل لکي آهي ۽ فلم جو ڊائريڪٽر ڪيلاش آڏواڻي آهي.

No comments:

Post a Comment