Thursday, January 05, 2012

لڱن ۾ سور آهي، مونجهه آهي - الطاف شيخ


لڱن ۾ سور آهي، مونجهه آهي
الطاف شيخ
سنڌ مان جيڪي سنڌي انڊيا لڏي آيا، تن مان گهڻا جيتوڻيڪ هٿين خالي هتي ممبئي، ڪلياڻ يا الهاس نگر آيا. پر هنن ڏينهن رات محنت ڪري پنهنجو پير ڄمايو. اڄ هو وڏي پئسي وارا آهن. هو سياست ۽ بزنيس کان وٺي ڊاڪٽر انجنيئر آهن. هو جتي خوب پئسو ڪمائين ٿا، اتي خير جا ڪم به ڪن ٿا. فقط ممبئي شهر ۽ اردگرد ۾ سنڌين جون ڪيتريون ئي بهترين اسپتالون آهن. هنن جا اعليٰ معيار جا ڪاليج آهن. هو خوشحال لڳن ٿا، گهٽ ۾ گهٽ ظاهري طرح ته ائين لڳي ٿو ته هنن کي زندگي ۾ ڪو ڏک درد يا ڪا بيماري نه آهي. مون اهو سوال بمبئي جي هڪ ٻن سنڌي ڊاڪٽرن کان پڇيو ته انڊيا ۾ رهندڙ سنڌين ۾ ڪهڙيون بيماريون عام آهن.


ان بابت سڀ ۾ سٺو ۽ ڄاڻ وارو جواب  ڊاڪٽر او پي. ڪپور جو آهي. 77 سالن جي هن قابل ڊاڪٽر جو انڊيا جي مختلف مريضن کي ڏسڻ جو وڏو تجربو آهي. پاڻ قابل فزيشن، بهترين ٽيچر، تعليمدان ۽ ليکڪ مشهور آهي. سندس هڪ ڪتاب Vegetarian Diet جيڪو پنهنجي نوعيت جو انڊيا ۾ ڇپجندڙ پهريون ڪتاب آهي، سنڌيءَ کان علاوه اردو، هندي، گجراتي ۽ مراٺي ۾ به ڇپجي چڪو آهي. پاڻ ممبئي جي گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج ۽ J.J اسپتال جي ڪاليج ۾ ميڊيسن جو پروفيسر رهي چڪو آهي. اڄ ڪلهه هو سنڌين جي هڪ اسپتال جسلوڪ هاسپيٽل ۽ بامبي هاسپيٽل ۾ وزيٽنگ فزيشن آهي ۽ هن جو بمبئي ۽ ان جي آس پاس ۾ رهندڙ سنڌي هندو مريضن سان واسطو پوي ٿو. هن جا خيال ۽ Views قدر جي نگاهه سان ڏٺا وڃن ٿا. ان ڪري سندس سنڌي مريضن بابت ويچار پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ لکان ٿو. انڊيا ۾ رهندڙ سنڌي گهڻي کان گهڻو امير بڻجڻ جو شوق رکن ٿا، ان ڪري هنن جو سڄو ڏينهن پورهئي ۾ گذريو وڃي. تفريح يا ورزش لاءِ هنن کي وقت ئي نٿو ملي. آفيسن ۾ توڙي دڪانن تي هو سڄو سڄو ڏينهن ويٺا آهن. پئسو جام اٿن، ان ڪري گهر کان آفيس به ڪار ۾ اچن ٿا. سنڌي ماڻهو کائڻ جا به شوقين آهن. صبح جو اڦراٽا، پوريون، ڀاڄيون کائي نڪرن ٿا، منجهند جي ماني به دل وٽان کائين ٿا ۽ رات جو ڪنهن بزنيس پارٽي يا ٻاهران آيل خريدارن سان گڏ ڪنهن هوٽل ۾ ڊنر ڪن ٿا. يعني کائيندا رهن ٿا. هلچل صفا نٿا ڪن. پوءِ بيماريون به ان حساب سان کين ٿين ٿيون. سنڌي گهڻو ڪري مذهبي ٿين ٿا. هو هر هفتي هڪ روزو کڻي رکن ٿا پر ان ۾ به کير ۽ ميون جي رس جو ايڏو گهڻو مقدار واپرائين ٿا جو ڪئلورين جو حساب ساڳيو ٿيو وڃي. بهرحال سندن ان لائيف اسٽائيل ڪري کين دل جي بيماري ۽ بلڊ پريشر ته ٿئي ئي ٿئي ٿو. عورتون به چڱيءَ طرح کائين ٿيون. کائڻ جي وچ ۾ به ٽڪيون، چاڪليٽ ۽ مٺايون کائين ٿيون. جنهن ڪري کين ٿولهه ٿئي ٿي ۽ وقت کان اڳ هڪ طرف ڊائبٽيز جون مريض بنجن ٿيون، ته ٻئي طرف کين بلڊ پريشر ۽ اوسٽيو پوروسز ٿئي ٿو. ڪيتريون بيماريون هنن کي Genetically يعني رت ۾ شامل آهن يا ورثي ۾ ملن ٿيون، جهڙوڪ  Ischaernic دل جي بيماري، ذيابيطس، بلڊ پريشر، دل جي بيماري  Thalassaemia Minor  GPDجي کوٽ، ٿولهه، اوسٽيو آرٿرائٽس وغيره.
دل جي بيماريءَ Ischaeminc (IHD)  لاءِ ڊاڪٽر ٻڌايو، ته اها بيماري دل جي مشڪن(Muscles)  ڏي رت جي گهٽ وڃڻ ڪري ٿئي ٿي، جنهن جو وڏو سبب هاءِ بلڊپريشر ۽ هاءِ ڪوليسٽرول آهي. اوسٽيوپوروسز(Osteoporosis)  بيماري جيڪا گهڻو ڪري زالن کي ٿئي ٿي، اها هڏن جي بيماري آهي. جنهن ۾ هڏن جي Density گهٽجڻ ڪري اهي هيڪاندا ڀرڪڻا ٿيو پون ۽ ٿوري گهڻي ڌڪ لڳڻ تي فريڪچر ٿيندا رهن ٿا. هيءَ بيماري عورتن جا پيرڊ بند ٿيڻ(Menopause)  بعد ٿئي ٿي. گهڻي کائڻ ڪري به هيءَ بيماري وڌيو وڃي جو کاڌي ۾ گهڻيون پروٽين کائڻ تي اهي هڏن مان ڪئلشم چوسيو وٺن ۽ هڏا ٽاڪئان ٿيو پون.
ڊاڪٽر ڪپور چيو، ته ممبئي جي سنڌين جو جنرل چيڪ اپ ڪرڻ سان هو گهڻي ڀاڱيOver Weight  ظاهر ٿين ٿا. هو هر وقت اها ئي شڪايت ڪن ٿا ته ”سائين لِڱن ۾ سور آهي.“ هاڻ اهو لڱن جو سور ان ڪري آهي، جو هنن تي چرٻي گهڻي چڙهي وئي آهي ۽ ورزش (Exercise) ڪرڻ جو ڪو پروگرام ناهي. ڪيترن جو ته پيٽ ٻاهر نڪتل نظر اچي ٿو. مردن جو گهڻي شراب ۽ کاڌي کائڻ ڪري ته عورتن جو هڪ مٿان ٻيو ٻار ڄڻڻ ڪري. ان ڪري هنن جو Abdominal   tone به صحيح نٿو رهي، ان ڪري سنڌي مرد توڙي عورتون قبضيءَ جا پراڻا مريض بڻجيو وڃن. ”لڱن ۾ سور آهي“ سان گڏ سندن ٻي شڪايت اها ئي رهي ٿي ته ”پيٽ صاف ڪو نه اچي ٿو“، معنيٰ قبضي رهي ٿي. ڪيتريون سنڌي عورتون پيرن جي سوڄ جي به شڪايت ڪن ٿيون، جيڪو سندن ٿولهه ۽ گهڻي لوڻ جي استعمال ڪري به ٿئي ٿو. گهڻي کائڻ ۽ گهڻي آرام ڪري ڪيترين عورتن جون سَٿرون هيڪانديون ٿلهيون ٿي پيون آهن. ڪيترين جي ڌڏين  (Buttocks)۽ ڪلهن تي به سوڄ چڙهي وئي آهي، جنهن کي هو ڍرين ڍالين ڊريسن ۾ لڪايو وتن. ان کان علاوه انڊيا ۾Osteo-arthritis  جي وڌيل ڪيسن ۾ سنڌي عورتون مبتلا آهن.(OA) Osteoarthritis  يا جنهن کيDegenerative Join Disease به سڏجي ٿو. ان ۾ سَنڌن جو سور ۽ سوڄ ٿئي ٿي.
سنڌي عورتن ۾ ڪيتريون اهڙيون آهن، جيڪي ماهواري بند ٿيڻ بعد هارمون جون گوريون نٿيون کائين. يعني 45 کان 48 سالن تائين Menopause شروع ٿئي ٿو ۽ 10 کان 15 سالن بعد جڏهن هو 60 ۽ 65 ورهين جي آسپاس پهچن ٿيون، ته هنن جي هڏن جا رکي رکي فريڪچر ٿين ٿا ۽ ڪيترا ڊاڪٽر Osteoporosis جي چڪاس نٿا ڪن، جيڪا سنڌي زالن ۾ تمام گهڻي بيماري آهي.
عام ڊاڪٽري تپاس تي سنڌي عورتون پيليون (anemic) لڳن ٿيون، ۽ صاف لڳي ٿو ته هنن ۾ رت جي کوٽ آهي. ڪيتريون اهو به ٻڌائين ٿيون ته هو ڪيترن ئي ڊاڪٽرن وٽ علاج لاءِ ويون آهن پر انهن جون دوائون اثر ئي نٿيون ڪن. دراصل اهو ان ڪري آهي جو هنن کي Thalassaemia Minor آهي، جنهن لاءِ هنن کي سمجهائڻ کپي ته ان جو ڪو علاج ڪونهي ۽ هنن کي ان حالت ۾ زندگيءَ سان سمجهوتو ڪري گذارڻ کپي. ٿليسيميا دراصل رت ۾ ڳاڙهن جزن جي خرابيءَ جو مسئلو آهي، جنهن ڪري جسم جو رنگ هئڊو ڦڪو ٿيو وڃي. اها بيماري ٻن قسمن جي چئي وڃي ٿي. هلڪي قسم جي Minor سڏجي ٿي. ميجر واري لاءِ ضروري آهي ته هن جي رت جي تبديلي Transfusion ٿيڻ کپي.
ڊاڪٽر او پي ڪپور مطابق سنڌين ۾ G6PD  جي تمام گهڻي کوٽ آهي. هانگ ڪانگ، سنگاپور ۽ فلپين پاسي کان جيڪي سنڌي اچن ٿا، انهن ۾ به G6OP جي کوٽ آهي. مليريا ٿيڻ بعد هو انيمڪ (هئڊا) ٿيو وڃن ۽ هو هِتي انڊيا ۾ اچي يا پنهنجن ملڪن ۾ مليريا جي علاج ڪرائڻ ۾ پورا رهن ٿا. جيتوڻيڪ هنن کي G6PD جي کوٽ آهي، جنهن بابت تپاس ڪندڙ ڊاڪٽر جو ڌيان نٿو وڃي.
ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته؛ G6PD جي کوٽ هڪ موروثي بيماري آهي، جيڪا سنڌين ۾ عام آهي. هن ۾ گلوڪوز 6 فاسفيٽ ڊي هئڊروجينيز (G6PD) جي کوٽ ٿيڻ ڪري رت جا ڳاڙها جزا صحيح طرح ڪم نٿا ڪن. هيءَ کوٽ جيڪڏهن ماءُ يا پيءُ کي آهي ته ٻارن کي به ٿئي ٿي. جڏھن ته G6PD جي کوٽ ڪري Hemolytic Anemia ٿيو پوي ۽ ماڻهوءَ جي هئڊي ڦڪي رنگت ڪري، هر وقت ائين ٿو لڳي ته ڄڻ بيمار هجي يا ڪنهن بيماريءَ مان اٿيو هجي.
وقت کان اڳ، مٿي جي وارن جو اڇو ٿيڻ هڪ عالمي بيماري ٿي پئي آهي. ڪيترن سنڌي مردن توڙي عورتن ۾ آهي، جنهن لاءِ هو هر وقت وارن کي رنگ ڏئي هلن ٿا. هڪ ٻي بيماري، جنهن جي اسان جا سنڌي شڪايت کڻي اچن ٿا اها، ڊپريشن آهي. اچڻ سان چوندا؛ ”مونجهه ڇڏي نٿي.“ منهنجي خيال ۾ هر ٻي عورت کي ”مونجهه“ آهي، جنهن جا جسماني سبب آهن ته ذهني به. بلڊ پريشر ڪِرڻ ڪري، هنن کي مونجهه محسوس ٿئي ٿي. پر مونجهه جو وڏو سبب؛ فڪر ۽ پريشانيون آهن. پوءِ مردن کي واپار ۽ پئسي ڪمائڻ جو فڪر آهي ته عورتن کي پنهنجن مردن جو، جيڪي ڌنڌي ۾ مشغول هجڻ ڪري پنهنجين جوين ڏي ڌيان گهٽ ٿا ڌرين يا آفيس ۽ دڪانن تي رکيل ٺاهوڪين سيڪريٽرين ۽ سيلز گرلز ۾ وڌيڪ دلچسپي ٿا رکن. سنڌي عورتون مونجهه سان گڏ ’سهڪي‘ جي به شڪايت ڪن ٿيون. ”ڊاڪٽر صاحب ڇا ڪريون مونجهه ۽ سهڪو ڇڏي نٿو.“ سهڪو دراصل Dyspnoea آهي.
سنڌين ۾ هاءِ بلڊ پريشر ۽ ڊائبٽيز تمام عام بيماريون آهن، جن جو ڪچيءَ ۾ نه علاج ڪرائين ٿا ۽ نه احتياط ڪن ٿا. پوءِ کين دل جون بيماريون ٿيو پون. پوءِ ائنجيو پلاسٽي يا باءِ پاس سرجري ڪرائي، ساڳيون گوريون ڦڪيندا رهندا، پر پهرين ڌيان نه ڌريندا. مٿين سببن ڪري ڪيترن ممبئي ۽ الهاس نگر پاسي رهندڙ سنڌين جا گُردا (Kidney) (بُڪيون) خراب رهن ٿا. الهاس نگر ۾ ڪجهه غربت هجڻ ڪري، اتي جا سنڌي سستي قسم جا سگريٽ ۽ ٻيڙيون ڇڪين ٿا، جنهن ڪري اتي کان ايندڙ مريضن ۾ ڦڦڙن جون بيماريون پڻ آهن.
بقول ڊاڪٽر او. پي. ڪپور جي؛ هڪ ٻي بيماري جيڪا انڊيا جي سنڌين ۾ عام آهي، جنهن جي گهڻي شڪايت عورتون ڪن ٿيون، سا آهي: ”ڊاڪٽر صاحب اوڳرائي ٿي پئي آهي.“ يا ”ڊاڪٽر صاحب پيٽ صاف ڪو نه ٿو اچي.“ يعني قبضي جي ڪري هنن جو آنڊو مڪمل صاف نٿو ٿئي. مڪمل Evacuation نٿي ٿئي. بيلچنگ Belching يعني ذري ذري پيٽئون ويهڻ، دراصل بيماري ناهي پر هڪ عادت آهي. جيڪا هن ڪميونٽي ۾ ننڍي هوندي کان پئجيو وڃي، جيڪا گهڻو کائڻ ڪري ٿئي ٿي.
ڊاڪٽر ڪپور ٻڌايو ته؛ منهنجي تجربي مطابق دنيا ۾ بيلچنگ ۽ Aerophagy جا واقعا، سڀ کان گهڻا سنڌين ۾ آهن. ان کان علاوه هنن کي قبضي ۽ پيٽ خراب رهڻ ڪري هر وقت زبان تي هئڊو تهه چڙهيل رهي ٿو. انڊيا جي ٻين ڪميونٽين جي مقابلي ۾ سنڌين جي عورتن ۾ Leucorrhoea جون علامتون گهڻيون نظر اچن ٿيون ۽ گهڻي شراب پيئڻ، گهڻين پريشانين، ذيابيطس ۽ ٽينشن ڪري مردن ۾ Sexual ڪمزوري رهي ٿي. هتي اهو به لکندو هلان ته ڊاڪٽر ڪپور (Dr O.P.Kapoor) دنيا جي هڪ اهم شخصيت آهي. توهان جو ممبئي وڃڻ ٿئي ته اميتاڀ بچن يا ايشوريا راءِ سان به پوءِ ملجو، پر پهرين ڊاڪٽر ڪپور سان ملجو. 77 سالن جو ڊاڪٽر ڪپور، گذريل 54 سالن کان نه فقط ميڊيڪل جي اسٽوڊنٽس کي پر ڊاڪٽرن کي به ليڪچر ڏئي رهيو آهي. مون به کيس ممبئي جي برلا مٿوشري هال ۾ ليڪچر ڏيندي ڏٺو.
ڊاڪٽر ڪپور جا مختلف رسالن ۾ 600 کان وڌيڪ، ميڊيڪل تي مضمون ڇپجي چڪا آهن. هو 12 ڪتابن جو مصنف آهي، جن ۾ مشهور “Guide for General Practitioners” جا ست واليوم آهن. پاڻ سعودي عرب ۾ به نوڪري ڪئي اٿس ۽ سندس عربن جي بيمارين بابت هڪ ڪتاب Common Chronic Disease Pattern Saudi Arabia نه فقط سعودي عرب جي ميڊيڪل اسٽوڊنٽس لاءِ ڪمپلسري ڪيو ويو آهي پر انهن ٻاهرين ملڪن جي ڊاڪٽرن لاءِ پڻ پڙهڻ ضروري آهي جيڪي سعودي عرب ۾ نوڪري ڪن ٿا.
ڊاڪٽر ڪپور 1986ع ۾ ممبئي جي گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج مان رٽائرمينٽ حاصل ڪئي. ان بعد هو شوقيه بنا اجوري جي انڊيا جي هڪ هڪ شهر ۾ ڪشمير کان ڪيرالا تائين ۽ ڪڇ کان اوڙيسيا تائين ميڊيڪل شاگردن ۽ ڊاڪٽرن کي ليڪچر ڏيندو رهي ٿو. سندس ان خير جي ڪم ڪري، برٽش ميڊيڪل جرنل وارن سندس نالو گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊس ۾ ڏيڻ لاءِ Suggest ڪيو آهي.

No comments:

Post a Comment