Saturday, July 13, 2019

جهيل سيف الملوڪ - بشير ڪالاڻي


جهيل سيف الملوڪ
پرين جو آستان
بشير ڪالاڻي
Image may contain: sky, cloud, mountain, outdoor, nature and water
ڪجھ ڏينهن اڳ، واپڊا پيغام يونين جو اجلاس ضلعي ايبٽ آباد جي تعلقي حويليان جي هڪ خوبصورت وادي ديوال ۾ منعقد ٿيل هو، جنهن ۾ شرڪت لاءِ اسين حيدرآباد کان يونين جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل، محمد ساجن پنهور جي اڳواڻي ۾ قافلي جي صورت ۾ ايبٽ آباد روانا ٿياسين. ايبٽ آباد روانگي کان اڳ ئي اسان ڪجھ دوستن طئي ڪري ڇڏيو هو ته يونين جي اجلاس جي پڄاڻيءَ بعد ڪاغان، ناران، بابو سر ٽاپ، جهيل سيف الملوڪ، شوگران ۽ ٻين تفريحي ماڳن تي گهمڻ هلنداسين.

Monday, July 08, 2019

طوطي جي وطن جھڙو پيارو کارو ڇاڻ - عزيز ڪنگراڻي


طوطي جي وطن جھڙو پيارو کارو ڇاڻ
عزيز ڪنگراڻي
Image may contain: sky, outdoor and natureٽيهارو کن سال اڳ، جڏهن حيدرآباد بي ايڊ ڪرڻ ويو هئس، تڏهن دوست فيض محمد ڪلمتي ۽ ڪريم بخش شيخ سان گڏ ميرپورساڪرو وڃڻ ٿيو هو. ڳاڙهو ۽ ڪيٽي بندر ڏسي ورتو هئم. ڪيٽي بندر وٽ، سمنڊ اندر ڦٽندڙ سونهڻ گاهه چرندڙ مال ڏٺو هئم. گاهه ڦٽي کاري پاڻي ۾ پر ٿئي مٺو ۽ جڏهن سڪي ته اڃا به مٺو. ان گاهه جي مشاهدي جي نسبت سان شاهه لطيف جو بيت آهي، جيڪو شاهه جي رسالي جي نسخن ۾ مون کي ملي نه سگهيو آهي:
کاري منجهه کِرَن، ونگ مڙوئي واسيا،
سونهڻ ماهه سيڻن، مرندي ساءُ نه مٽيو.