Saturday, August 24, 2019

ڪراچي - ڪارونجھر - ڪينجھر - عاجز جمالي


ڪراچي - ڪارونجھر - ڪينجھر
عاجز جمالي
Image may contain: outdoor
عيد جي ٻئي ڏهاڙي آفيسن ۽ اسڪولن جي موڪلن جو فائدو ڏسي ڪراچي کان ٿر ڏانهن نڪري پياسين. ڪراچي جي ملير کان مارئي جي ملير تائين جو هي سفر ٻن صحافين جي غير صحافتي ڪٽنبن جو سفر هئو، نيشنل هاءِ وي وسيلي سنڌ جي ديبل بندر (ڀنڀور) تان گذرندي ڪارا بادل برسي هيا هئا، ٿر تائين پهچڻ لاءِ لاڙ مان گذرڻو پوي ٿو، مڪلي جي شهر ڪوهستان ۾ ارغونن ۽ ترخانن سان گڏ ڄام نندو به ستل آهي، سرويچ سجاولي جي شهر وچان ٿيندا گولاڙچي ۽ بدين باءِ پاس کان مٺيءَ ڏانهن سفر هئو ۽ ٿر جي ڀٽن تي پلر جي پالوٽ ڏسي مون پنهنجي موبائيل فون تي استاد محمد جمن جي آواز ۾ شاهه لطيف جو ڪلام وڄايو.

Thursday, August 15, 2019

اترين علائقن ۾ ڪجهه ڏينهن - ڊاڪٽر رميش ڪمار وانڪواڻي


اترين علائقن ۾ ڪجهه ڏينهن!
ڊاڪٽر رميش ڪمار وانڪواڻي
Image result for ‫ناران‬‎
قومي اسيمبلي، پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس ۽ ٻين ٿڪائيندڙ سياسي ۽ سماجي مصروفيتن کان پوءِ هن وقت يومِ آزادي ملهائڻ جي لاءِ اُترين علائقن ۾ موجود آهيان. بنا ڪنهن شڪ جي دنيا جي حسين ترين وادي ناران ڪاغان ۽ گلگت بلتستان جو علائقو هنزه قدرتي حُسن ۾ پنهنجو مثال پاڻ آهي. مون کي سڄي دنيا جي مختلف خاص هنڌن جي سياحت جو موقعو ملندو رهندو آهي، پر اِن حقيقت کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي ته خدا پاڪستان کي جاگرافيائي، تاريخي، سماجي ۽ ثقافتي لحاظ کان هر قسم جي منفرد نعمت سان نوازيو آهي. هتي دنيا جا ٽي وڏا پهاڙي سلسلا ڪوهه هماليه، قراقرم ۽ هندوڪش هڪ ٻئي سان گڏيل آهن. دنيا جي ٻئي وڏي چوٽي ڪي ٽو سميت ڪيتريون ئي بُلند چوٽيون پاڪستان ۾ واقع آهن، جن کي سر ڪرڻ جو خواب دنيا جي هر ڪوهه پيما ڏسندو آهي. پاڪستان کي خدا گليشيئرز جي صورت ۾ برفاني خزاني سان به نوازيو آهي. مون کي هر هنڌ وادي ڪاغان جا سرسبز جهنگل، ساوڪ، نديون نالا، ڍنڍون ۽ پُرڪشش ماڳ سياحن کي دعوت ڏيندي نظر آيا. واديءَ جي هڪ رونق درياءِ ڪنهار آهي. لذيذ ٽرائوٽ مڇين جي ان صاف شفاف درياهه جو وهڪرو لولوسر ڍنڍ مان ٿيندو آهي ۽ پوءِ ملڪه پربت مان سيف الملوڪ ڍنڍ کان ٿيندو درياههِ جهلم سان وڃي ملندو آهي. ملڪه سڏجڻ واري ملڪه پربت جي چوٽيءَ کي وادي ڪاغان جي بُلند ترين چوٽي قرار ڏنو ويندو آهي. دنيا جي هر قديمي خوبصورت هنڌ جيان وادي ڪاغان سان به ڪيتريون ئي لوڪ ڪهاڻيون وابستا آهن. سيف الملوڪ ڍنڍ جي باري ۾ مشهور آهي ته چنڊ جي چوڏهينءَ واري رات جو پريون اُتي رقص ڪرڻ لاءِ لهنديون آهن. ان حوالي سان مشهور مصنف ميان محمد بخش سيف الملوڪ ڍنڍ کي پنهنجي تحرير سان هڪ لافاني شهرت عطا ڪري ڇڏي. واديءَ جي هڪ ٻي حسين ڍنڍ ’آنسو‘ جي باري ۾ چيو ويندو آهي ته خوبصورت پريءَ جي جدائيءَ جي غم ۾ مبتلا شهزادَي جي لُڙڪن سان وجود ۾ آئي آهي. اهڙي نموني ’سري پائي‘ مقام تي ڪجهه مقامي ماڻهو قديم دور جي شري هندو دوشيزه ۽ پائي نالي نوجوان جي محبت جي ڪهاڻي ٻُڌائيندا آهن. گلگت بلتستان جو خوبصورت ترين علائقو هنزه به سياحن جي لاءِ مثالي مقام آهي. وادي هنزه ۾ نوَ سال اڳ لينڊ سلائڊنگ سبب وجود ۾ آيل عطاءَ آباد جهيل قدرت جو هڪ عظيم شاهڪار آهي، جتي سياحن جي دلچسپيءَ جي لاءِ بوٽنگ، جيٽ اسڪائي، فشنگ سميت مختلف سرگرميون جاري آهن.