Thursday, August 15, 2019

اترين علائقن ۾ ڪجهه ڏينهن - ڊاڪٽر رميش ڪمار وانڪواڻي


اترين علائقن ۾ ڪجهه ڏينهن!
ڊاڪٽر رميش ڪمار وانڪواڻي
Image result for ‫ناران‬‎
قومي اسيمبلي، پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس ۽ ٻين ٿڪائيندڙ سياسي ۽ سماجي مصروفيتن کان پوءِ هن وقت يومِ آزادي ملهائڻ جي لاءِ اُترين علائقن ۾ موجود آهيان. بنا ڪنهن شڪ جي دنيا جي حسين ترين وادي ناران ڪاغان ۽ گلگت بلتستان جو علائقو هنزه قدرتي حُسن ۾ پنهنجو مثال پاڻ آهي. مون کي سڄي دنيا جي مختلف خاص هنڌن جي سياحت جو موقعو ملندو رهندو آهي، پر اِن حقيقت کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي ته خدا پاڪستان کي جاگرافيائي، تاريخي، سماجي ۽ ثقافتي لحاظ کان هر قسم جي منفرد نعمت سان نوازيو آهي. هتي دنيا جا ٽي وڏا پهاڙي سلسلا ڪوهه هماليه، قراقرم ۽ هندوڪش هڪ ٻئي سان گڏيل آهن. دنيا جي ٻئي وڏي چوٽي ڪي ٽو سميت ڪيتريون ئي بُلند چوٽيون پاڪستان ۾ واقع آهن، جن کي سر ڪرڻ جو خواب دنيا جي هر ڪوهه پيما ڏسندو آهي. پاڪستان کي خدا گليشيئرز جي صورت ۾ برفاني خزاني سان به نوازيو آهي. مون کي هر هنڌ وادي ڪاغان جا سرسبز جهنگل، ساوڪ، نديون نالا، ڍنڍون ۽ پُرڪشش ماڳ سياحن کي دعوت ڏيندي نظر آيا. واديءَ جي هڪ رونق درياءِ ڪنهار آهي. لذيذ ٽرائوٽ مڇين جي ان صاف شفاف درياهه جو وهڪرو لولوسر ڍنڍ مان ٿيندو آهي ۽ پوءِ ملڪه پربت مان سيف الملوڪ ڍنڍ کان ٿيندو درياههِ جهلم سان وڃي ملندو آهي. ملڪه سڏجڻ واري ملڪه پربت جي چوٽيءَ کي وادي ڪاغان جي بُلند ترين چوٽي قرار ڏنو ويندو آهي. دنيا جي هر قديمي خوبصورت هنڌ جيان وادي ڪاغان سان به ڪيتريون ئي لوڪ ڪهاڻيون وابستا آهن. سيف الملوڪ ڍنڍ جي باري ۾ مشهور آهي ته چنڊ جي چوڏهينءَ واري رات جو پريون اُتي رقص ڪرڻ لاءِ لهنديون آهن. ان حوالي سان مشهور مصنف ميان محمد بخش سيف الملوڪ ڍنڍ کي پنهنجي تحرير سان هڪ لافاني شهرت عطا ڪري ڇڏي. واديءَ جي هڪ ٻي حسين ڍنڍ ’آنسو‘ جي باري ۾ چيو ويندو آهي ته خوبصورت پريءَ جي جدائيءَ جي غم ۾ مبتلا شهزادَي جي لُڙڪن سان وجود ۾ آئي آهي. اهڙي نموني ’سري پائي‘ مقام تي ڪجهه مقامي ماڻهو قديم دور جي شري هندو دوشيزه ۽ پائي نالي نوجوان جي محبت جي ڪهاڻي ٻُڌائيندا آهن. گلگت بلتستان جو خوبصورت ترين علائقو هنزه به سياحن جي لاءِ مثالي مقام آهي. وادي هنزه ۾ نوَ سال اڳ لينڊ سلائڊنگ سبب وجود ۾ آيل عطاءَ آباد جهيل قدرت جو هڪ عظيم شاهڪار آهي، جتي سياحن جي دلچسپيءَ جي لاءِ بوٽنگ، جيٽ اسڪائي، فشنگ سميت مختلف سرگرميون جاري آهن.


موجوده حڪومت جي ترجيحن ۾ سياحت کي هٿي وٺائڻ شامل آهي. اِن حوالي سان وزيراعظم عمران خان مختلف موقعن تي پنهنجي عزم جو اظهار ڪندو رهندو آهي، پر مان سمجهان ٿو ته فروغِ سياحت جي لاءِ اسان کي وڌيڪ ٺوس قدم ترجيحي بنيادن تي کڻڻ جي ضرورت آهي. سڀ کان پهريان اسان کي بنيادي انفرااسٽرڪچر بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي. دنيا جي ڪنهن به سياحتي هنڌ جي ڪاميابيءَ جو راز آسانيءَ سان اُن ماڳ تائين رسائي آهي. اترين علائقن جي سفر دوران روڊن جي زبون حاليءَ شديد ڪوفت ۾ مبتلا ڪيو. سفر دوران پبلڪ واش رومز جي تلاش به سياحن جي لاءِ ڪنهن ڊيڄاريندڙ خواب کان گهٽ ناهي. اڄ جي ترقي يافته دور ۾ انٽرنيٽ، واءِ فاءِ جي سهولت نه هُجڻ سياحن کي جلد واپسيءَ جي لاءِ مجبور ڪري ڇڏيندي آهي. مون پنهنجي ٽي روزه دوري دوران اُتي پاڪستان ٽورازم ڊولپمينٽ ڪارپوريشن (پي ٽي ڊي سي) جي موٽلز ۾ قيام ڪيو، جيڪو نهايت خوبصورت هنڌ تي واقع هو. مان سمجهان ٿو ته جيڪڏهن انهن موٽلز کي وڌيڪ بهتر انداز ۾ هلايو وڃي ته پاڪستاني ۽ عالمي سياحن کي راغب ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. اسان کي ٽورازم کي هٿي وٺرائڻ جي ڪوششن ۾ پي ٽي ڊي سي کي پروموٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي، پر اُن کي صوبن جي حوالي ڪرڻ وارن اطلاعن سان في الحال ملازمن ۾ بي چيني ۽ ڳڻتي ڏٺي وڃي ٿي. اُن کان علاوه سڄي واديءَ ۾ لڳ ڀڳ سو کن هوٽل ۽ ريسٽورنٽ موجود آهن، پر موثر چيڪ اينڊ بيلنس نه هُجڻ سبب سياحن کي ڪافي شڪايتون آهن. ڪيترن پٿريلن هنڌن تائين ڏکي رسائي جيپ ۽ خچرن ذريعي آهي، جيڪي پنهنجي مرضيءَ جا ڪرايا وصول ڪن ٿا. مان سمجهان ٿو ته پاڪ- چين اقتصادي راهداري منصوبو پاڪستان جي اقتصادي ترقيءَ کان علاوه سياحتي لحاظ سان به نهايت اهم آهي. اڄ جيڪڏهن اُن قومي منصوبي کي احسن انداز سان هلائڻ جي لاءِ سي پيڪ اٿارٽي جي قيام جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن ته اسان کي نيشنل ٽورازم اٿارٽي کي به غور هيٺ آڻڻ گهرجي.
منهنجي نظر ۾ سياحت جو شعبو پوري پاڪستان سان وابسته آهي ۽ ارڙهين ترميم تحت سياحت کي صوبن جي حوالي ڪرڻ صوبن تي وڌيڪ بار وجهڻ برابر آهي. منهنجي نظر ۾ هر صوبي مان نمائندگي رکندڙ ڄاڻايل ٽورازم اٿارٽي حقيقي انداز ۾ هڪ واضح پاليسي جوڙي سگهي ٿي. جنهن تحت ڄاڻايل سياحتي علائقي جي چونڊيل عوامي نمائندن کي فنڊز جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. اها اٿارٽي نه صرف سياحت کي هٿي وٺائڻ جي لاءِ سهولتن جي فراهميءَ کي يقيني بڻائي، بلڪه چيڪ اينڊ بيلنس جو موثر نظام رکندڙ هوٽل مالڪن، پبلڪ ماڳن، سياحتي مرڪزن جي لاءِ عالمي معيار جي برابر ڪوالٽي اسٽينڊرز يقيني بڻائين. ٽورازم اٿارٽي تحت سياحت ۾ دلچسپي رکڻ وارن جي لاءِ ميمبرشپ اسڪيم شروع ڪئي وڃي، انهن ميمبرن جو دائرو پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ هُجي. ڄاڻايل اٿارٽي عالمي سياحن جي لاءِ سياحتي ويزا جاري ڪرڻ لاءِ دعوت نامه، انگريزي ۽ مقامي زبان ڄاڻندڙ ٽور گائيڊ، هوٽل رجسٽريشن، روم بڪنگ، ضرورت ايمرجنسي ريسڪيو قدمن سميت سياحتي شعبي جي سڀني اسٽيڪ هولڊرز کي هڪ ڇٽيءَ هيٺ گڏ ڪري. اهڙي نموني ئي قومي ادارو عورتن ۽ عالمي سياحن جي تحفظ لاءِ بهترين ماحول يقيني بڻائي. مون کي يقين آهي ته جيڪڏهن حڪومت پاڪستان فيڊرل سطح تي نيشنل ٽورازم اٿارٽي جوڙڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ته اهو قدم مُلڪ کي اقتصادي بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ ان لحاظ کان اهم ثابت ٿيندو جو ڊالر ٻاهر نه ويندو، بلڪه زرمبادله ۾ اضافي جو سبب بڻبو ۽ مون سميت اُهي سڀئي پاڪستاني جيڪي قدرت جي نظارن مان لطف اندوز ٿيڻ جي لاءِ ٻاهرين مُلڪ جي سياحتي هنڌن جو رُخ ڪن ٿا، اُهي به پنهنجي پياري وطن جي سياحتي ماڳن کي ترجيح ڏيندا. ٻئي طرف مختلف مُلڪن جا عالمي سياح به سُٺيون ياد کڻي پاڪستان مان رخصت ٿيندا ۽ بين الاقوامي سطح تي پاڪستان جي نيڪ نامي ۾ اضافو ڪندا.

(روزاني عبرت حيدرآباد، ۱۵ آگسٽ ۲۰۱۹ع تان کنيل)

No comments:

Post a Comment