Thursday, September 29, 2011

شڪارپور جي نينگر جو اميريءَ ڏي سفر - الطاف شيخ


شڪارپور جي نينگر جو اميريءَ ڏي سفر
الطاف شيخ
ممبئي جي ڏاکڻي علائقي فورٽ ۾ پهچڻ لاءِ اسان کي جن جن رستن ۽ اهم عمارتن وٽان لنگهڻو پيو، پاڻ انهن جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين. انهن مان ماٽونگا ايسٽ واري علائقي مان به گذرياسين. مصطفيٰ بازار وٽان لنگهندي مهيش منيال ٻڌايو ته؛ ان جي ويجهو بوهري بازار به آهي. بوهرين جو بزنس سان تعلق آهي ۽ ڪراچي وانگر هنن جو ممبئي ۾ به وڏو بزنس آهي. هنن جا مرد توڙي عورتون، پنهنجي مخصوص لباس ڪري پري کان سڃاتا وڃن ٿا. 

Tuesday, September 27, 2011

ممبئي جي رستن تي مسلمانن جا نالا - الطاف شيخ


ممبئي جي رستن تي مسلمانن جا نالا
الطاف شيخ
ممبئي ۾ پهچڻ سان انڊيا جي قانون موجب پاڪستان جي ٽوئرسٽ کي اتي جي پوليس آفيس ۾ پنهنجي پهچ جو اطلاع ڪري پنهنجي Residential Permit واري فارم تي ٺپو هڻائڻو پوي ٿو، جيئن انڊيا جي اميگريشن وارن کي خبر پوي ته پاڪستاني شهري ڪهڙي شهر ۾ ۽ ڪڏهن داخل ٿيو ۽ ڪڏهن ڇڏيو. ان ڪم لاءِ مون کي پهرين پوليس رجسٽريشن آفيس وڃڻو هو. ممبئي شهر جي اها اڪيلي آفيس (CST ڇترا پتي شيواجي ٽرمينس) ريلوي اسٽيشن وٽ آهي. ممبئي ۾ منهنجي ميزبان جئه موتياڻي پنهنجي هڪ دوست مهيش منيال کي ان ڪم ۾ منهنجي رهنمائي ڪرڻ لاءِ فون ڪيو، جيڪو مون سان سيان سينٽر وٽ ملڻ آيو ۽ هاڻ پنهنجي آفيس وٺي پئي هليو. مهيش جو ڪاغذ جو ڪاروبار آهي. “اوم پيپر مارٽ نالي” ڪاغذ سپلاءِ ڪرڻ جي هن جي ڪمپني نه فقط ٻاهرين ملڪن کان اڇو ۽ رنگين ڪاغذ امپورٽ ڪري ٿي پر انڊيا جي ڪيترين ئي ڪاغذ ٺاهڻ جي ڪارخانن جي هول سيلر آهي. سندس آفيس فورٽ علائقي جي رگوناٿ دادا جي اسٽريٽ جي J.B هائوس بلڊنگ ۾ آهي. 

Monday, September 26, 2011

کنڊالا کان ڪيفي ورنداوان - الطاف شيخ


کنڊالا کان ڪيفي ورنداوان
الطاف شيخ
ممبئي ۽ پوني جي وچ ۾ هي لوناولا ۽ کنڊالا جو نوري آباد جهڙو اسٽاپ ان ڪري بهتر لڳو جو نوري آباد ايترو Developed ناهي. هاڻ مڙِيئي اسان جي پيٽارو جي دوست اي. ڊي خواجا ڪراچي حيدرآباد سپر هاءِ وي تي پيٽرول پمپ سان گڏ علي ريسٽورنٽ ٺاهي آهي، جنهن جي هر شيءِ کاڌي پيتي جي شين کان بئرن جا يونيفارم ۽ اخلاق سان ڳالهائڻ جو معيار ۽ واش روم بهتر نموني جا رکيا آهن پر ممبئي پوني ايڪسپريس وي تي هنن جاڙن شهرن لوناولا ۽ کنڊالا پويان تاريخ هڪ طرف آهي ته قدرت جي مهرباني ٻئي طرف. گهڻي بارش ڪري چوڌاري ماٿريون ۽ جبل سرسبز نظر اچن ٿا. سامونڊي سطح کان گهڻو مٿي هجڻ ڪري ڪوهه مري ۽ ايوبيا لڳن ٿا. هوڏانهن ممبئي ۽ پوني ۾ ڀلي پگهر پيو ٽمي ۽ ماڻهو برف جا ڳنڍا پيا کائين پر لوناولا ۽ کنڊالا پهچڻ سان اس ۾ بيهڻ تي دل چوي ٿي ۽ چانهه يا ڪافي پيئڻ ۾ واهه جو لطف اچي رهيو هو. ملائيشيا جو گنتنگ  آئيلئنڊ ياد اچي ويو. ڪوالالمپور ۾ گرميءَ ۽ گهم ڪري ماڻهو گنجي ۽ گوڏ ۾ پيا هلن پر ڪلاڪ جي سفر بعد گنتنگ پهچڻ تي سئيٽر پائڻو پوي ٿو.

Friday, September 23, 2011

ممبئي ڪو ڪابل ۽ قنڌار ته نه آهي - الطاف شيخ


ممبئي ڪو ڪابل ۽ قنڌار ته نه آهي
الطاف شيخ
پوني جي مين بس اسٽاپ تي پهچڻ لاءِ آئون پنهنجي ڦيٿن واري بئگ کي واسواني چوڪ کان ڦيرائي ڪناٽ روڊ تي جيڪو هاڻ واسواڻي روڊ سڏجي ٿو، هلڻ لڳس. رستي تي هڪ ٻه بس ڪمپنين جون آفيسون نظر آيون، جتي مختلف شهرن ڏي ويندڙ بسن جون ٽڪيٽون ائين وڪامي رهيون هيون، جيئن اسان وٽ هوائي جهاز ۾ سفر ڪرڻ لاءِ ٽڪيٽ آفيسون آهن. ڪن جي ته اڳيان بيٺل سندن پگهاردار ايندڙ ويندڙ جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ مها بليشور، ڪولهاپور يا ڪنهن ٻئي شهر جو نالو وٺي رهيا هئا، جيئن پاڻ وٽ مختلف بسن جا ڪنڊيڪٽر يا ڪلارڪ بس جي آخري منزل مورو، ميرپورخاص، نوابشاهه يا سجاول جو هوڪو ڏيندا رهندا آهن. رستي تان هڪ ٻه رڪشا وارا مون کي بئگ سان گڏ واڪ ڪندو ڏسي اچي ڀر ۾ بيٺا ٿي پر مون اڄ پوني جي رستن تي آخري واڪ ڪرڻ چاهي ٿي، ڀلي ممبئي اڌ ڪلاڪ دير سان پهچان. ڪو زمانو هو جو بئگ کي مٿي کڻي هلبو هو يا ڪلهي يا مٿي تي رکبو هو. ان صورت ۾ بئگ سان گڏ هلڻ مصيبت هوندو هو، پر هاڻ ڏهاڪو سالن کان هي ڦيٿن واريون بئگون عام ٿي ويون آهن ۽ اهو بيوقوف هوندو جيڪو پرديس جي سفر ۾ بنا ڦيٿن واري بئگ کڻي نڪري ٿو ۽ اهو به لکندو هلان ته بئگ جا ڦيٿا جيڏا وڏا اوترو بهتر.

Tuesday, September 20, 2011

ريل بدران بس ۾ ممبئي وڃڻ - الطاف شيخ

ريل بدران بس ۾ ممبئي وڃڻ
الطاف شيخ
اڱاري ڏينهن صبح جو پوني کان ممبئي وڃڻ لاءِ، آئون ٻه ڏينهن اڳ، ڇنڇر ڏينهن ئي پرگتي ايڪسپريس نالي ٽرين ۾ سيٽ رزرو ڪرائي ٽڪيٽ وٺي آيس ۽ اچي سڪون جي ننڊ سُتس. ٻيو ڏينهن آچر جو گهمڻ ڦرڻ لاءِ هو ۽ سومر ڏينهن آفيسون کلڻ تي مون کي پوليس آفيس رپورٽنگ ڪرڻي هئي، ڇو جو انڊيا جي قانون موجب انڊيا جو ڪو به شهر ڇڏڻ وقت آخري 24 ڪلاڪن اندر پوليس کي رپورٽ ڪرڻو پوندو آهي ته آئون توهان جو شهر ڇڏي پنهنجي ملڪ واپس پيو وڃان يا توهان جي ملڪ جي ڪنهن ٻئي شهر ڏي روانو پيو ٿيان. آئون اهو سوچي رهيو هوس ته سومر ڏينهن صبح جو يارهين بجي پوليس آفيس پهچي مقرر فارم تي انچارج آفيسر کان صحيح ۽ ٺپو هڻائيندس، جيئن هو پنهنجي رجسٽر تي به لکي ڇڏي ته آئون سندس شهر مان نڪري ويس. سومر ڏينهن جو باقي حصو به مون کي هي شهر پوني گهمڻ لاءِ ملي ويندو ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو اٿڻ سان پرگتي ايڪسپريس ۾ ممبئي روانو ٿي ويندس. پر پوءِ اوچتو اهو خيال اچي ويو ته سومر ڏينهن پوليس رپورٽنگ جو ڪم جيڪڏهن نٿو ٿي سگهي، يعني آئون ته آفيس پهچي وڃان پر خبر پوي ته پوليس آفيسر غير حاضر آهي ۽ سومر ڏينهن بدران مون کي ٻئي ڏينهن يعني اڱاري ڏينهن گهرايو ويو ته منهنجي ٽرين جي ٽڪيٽ ته بيڪار ٿي وئي، ڇو جو پوني اچڻ وقت به مون کي ٻه ڏينهن پوليس آفيس جا چڪر هڻڻا پيا هئا، جو انچارج آفيسر پهرين ڏينهن تي غير حاضر هو يا بقول هن جي کيس ٻئي ڪنهن اهم ڪم لاءِ موڪليو ويو هو. اهو سوچي مون ريل رستي ممبئي وڃڻ جو ارادو لاهي ڇڏيو. ”ان کان بهتر آهي ته بس رستي وڃجي. پوني مان ڪيترين ئي ڪمپنين جون بسون- ايئرڪنڊيشنڊ، ساديون، ننڍيون، وڏيون اوچيون- هر اڌ ڪلاڪ بعد ممبئي لاءِ نڪرن ٿيون. سومر ڏينهن رپورٽنگ جو ڪم رهجي ويو، ته اڱاري ڏينهن جيئن رپورٽنگ جو ٺپو لڳي ملندو، ته ان بعد جيڪا بس ملي ته ان ۾ هليو ويندس.“ اهو سوچي ٽڪيٽ کنيم ۽ ريلوي اسٽيشن تي وڃي مقرر دريءَ تي اها واپس ڪيم. منهنجي خيال ۾ پنج سيڪڙو يعني هڪ سئو رپين تي پنج روپيا ڪٽيا ويا ۽ باقي ٽي سؤ رپيا کن مون کي موٽايا ويا. اها 320 روپين جي ٽڪيٽ هئي.

Saturday, September 17, 2011

ممبئي وڃڻ لاءِ ريل جي ٽڪيٽ ورتم - الطاف شيخ


ممبئي وڃڻ لاءِ ريل جي ٽڪيٽ ورتم
الطاف شيخ
(نوٽ: الطاف شيخ جو انڊيا بابت ھيءُ نئون سفرنامو آهي. هن کان اڳ وارا، ھندستان بابت سفري ڪالم ھئا جيڪي سندس ڪتاب؛ ‘هلي ڏسجي هندستان’ ۾ شايع ٿي چڪا آهن)
ڪجهه ڏينهن پوني ۾ ڇا رهڻ ٿيو، پوني جي ماڻهن خاص ڪري ساڌو واسواڻي مشن سان وابسته ماڻهن (جيڪي منهنجا ميزبان به هئا) ڇا پيار ڏنو، جو پوني ڇڏڻ کان هڪ ڏينهن اڳ واري شام جو پوني جي رستن تي واڪ ڪندي ۽ هاڻ نيتو وولوو ڪمپني جي بس ۾ پوني جون گهٽيون ڇڏيندي ڏک پيو ٿئي. گذريل ستَ اَٺ ڏينهن جا واقعا اکين اڳيان پيا ڦرن. پوني ۾ اچڻ وقت پاڻ کي هن شهر ۾ ڪيترو اجنبي محسوس ڪري رهيو هوس. هاڻ هفتي کن بعد پوني ڇڏيندي ائين پيو لڳي، ڄڻ آئون سالن کان هتي هوس. سالن کان هنن رستن تي هلندو رهيس. ان ۾ ڪو شڪ ناهي، ته ايتري گهٽ وقت ۾ منهنجو دنيا جي ڪنهن ٻئي شهر ۾ شايد ايترو گهڻو هلڻ ٿيو هجي. پيدل پنڌ، آٽو رڪشا ۾، بسن ۾، جئه موتياڻي، ريٽا شهاڻي ۽ ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي جي شاگرد ڀوڄراج ليکواڻيءَ جي ڪارن ۾، ۽ ويندي چندرو موهيناني جي موٽر سائيڪل تي، پوني جي رستن تي ايترو هليو آهيان جو هيءَ بس جڏهن پوني ڇڏي رهي آهي، ته خاص چوراهن ۽ روڊن جا نالا منهنجي زبان تي ائين اچي رهيا آهن، ڄڻ پوني نه پر حيدرآباد مان گذري رهيو هجان. ريلوي اسٽيشن، گاڏي کاتو، حيدر چونڪ، رسالا روڊ، پٺاڻ ڪالوني، هيرآباد، سٽيزن سوسائٽي، راجپوتانا اسپتال وغيره وغيره.

Thursday, September 15, 2011

زئمبيا، گئمبيا ۽ مختلف گِني ملڪ - الطاف شيخ


زئمبيا، گئمبيا ۽ مختلف گِني ملڪ
الطاف شيخ
آفريڪا جا اهي ملڪ جن جا نالا مونجهارو پئدا ڪن ٿا، انهن ۾ زئمبيا ۽ گئمبيا به آهن. آفريڪا جو نقشو جي ماڻهوءَ جي منهن وانگر سمجهيو وڃي ته گئمبيا توهان جي سامهون بيٺل ماڻهوءَ جي کاٻي پاسي واري ڳل جي مٿين حصي ۾ آهي ۽ زئمبيا هن جي هيٺين چپ وٽ آهي. زئمبيا اسانجو ڪڏهن به وڃڻ نه ٿيو جو اهو ملڪ افغانستان وانگر Land Locked آهي. يعني هن جي چوڌاري ٻيا ملڪ آهن، سمنڊ ناهي، ان ڪري پاڻيءَ جو جهاز اتي وڃي نٿو سگهي.

Tuesday, September 13, 2011

آفريڪا جا مونجهاري وارا ملڪ - الطاف شيخ


آفريڪا جا مونجهاري وارا ملڪ
الطاف شيخ
آفريڪا جي ملڪن جو ذڪر ڪرڻ کان اڳ هن کنڊ جو نقشو ذهن ۾ رکڻ ضروري آهي. آفريڪا کنڊ جو نقشو ماڻهوءَ جي منهن سان گهڻي مشابهت رکي ٿو جنهن جي کاڏي سمجهو ته سائوٿ آفريڪا آهي، جنهن تي جيڪڏهن ٻه تر هجن ته انهن مان هڪ سوازيلئنڊ ملڪ آهي ته ٻيو ليسوٿو(Lesotho)  آهي. آفريڪا جا هي ٻه ننڍڙا ملڪ سائوٿ آفريڪا ۾ ئي اچن ٿا. بهرحال آفريڪا کنڊ ان ماڻهوءَ جي منهن جيان آهي جيڪو توهان جي سامهون بيٺو آهي. سندس نرڙ يا مٿو آلجيريا، لبيا، تيونيشيا ۽ ڪجهه مصر جو حصو آهي جو اهي ملڪ آفريڪا کنڊ جي اتر ۾ آهن جن مٿان ميڊيٽرينين سمنڊ آهي. يعني ان ماڻهوءَ جي منهن مٿان وارن واري جاءِ تيMediterranean  سمنڊ آهي. سندس کاٻي پاسي وارو ڪن- يعني اسانجي کاٻي هٿ واري پاسي جو ڪن (جيڪو دراصل هن جو ساڄو ڪن ٿيو جو هن جو منهن اسان ڏي آهي) سمجهو ته موراڪو، ماريطانيا ۽ سينگال وغيره ٿيو ته ٻئي پاسي وارو ڪن مصر، سوڊان، اريٽيريا، جبوتي، اٿوپيا ۽ سوماليا ٿيو. آفريڪا کنڊ ايشيا کنڊ سان فقط مصر ملڪ جي ڪجهه حصي سان ڳنڍيل آهي يعني هن ماڻهوءَ جو منهن سندس ڪن جي مٿين حصي سان ڪنهن وڻ يا ڀت سان چنبڙيل آهي. ان ماڻهوءَ جو اهو ڪن ان مٿئين حصي وٽان (جيڪو ڀِت يا وڻ سان چنبڙيل آهي)، ٽوپيل آهي ته اهو ٿيو ڄڻ سئيز ڪئنال. هڪ ماڪوڙي جيڪڏهن چاهي ته ان منهن جي چوڌاري ٽوپيل ڪن جي چوڌاري ڦيرو ڪري سگهي ٿي. اهڙي طرح اسان جا جهاز به آفريڪا کنڊ جي چوڌاري ڦيرو ڪري سگهن ٿا جو هن کنڊ جي مٿان يعني اتر ۾ ميڊيٽرينين سمنڊ آهي. ساڄي پاسي يعني اوڀر ۾ هندي وڏو سمنڊ آهي ۽ اولهه پاسي ائٽلانٽڪ سمنڊ آهي ۽ هيٺ تري ۾ جتي آفريڪا کنڊ جو نقشو ماڻهوءَ جي منهن جي کاڏي ٺاهي ٿو اتي هي ٻه سمنڊ ملڻ ڪري سخت ڇوليون پئدا ڪن ٿا ۽ سمنڊ جو اهو حصو ’ڪيپ آف گڊ هوپ‘ سڏجي ٿو.

Saturday, September 10, 2011

آفريڪا بابت ڪجهه حقيقتون - الطاف شيخ


آفريڪا بابت ڪجهه حقيقتون
الطاف شيخ
آفريڪا هڪ تمام وڏو کنڊ آهي جنهن ۾ ڪيتريون ئي نديون آهن. نيل ندي سڀ کان ڊگهي ندي آهي (اٽڪل 6700 ڪلوميٽر). ان کان پوءِ ٻي نمبر تي ڪانگو ندي آهي جيڪا وچ آفريڪا مان وهي ٿي، ٽي نمبر تي نائيجير آهي. جنهن تان انهن ملڪن جا نالا ڪانگو ۽ نائيجر پيا. ڪانگو ندي 4700 ڪلوميٽر ڊگهي آهي ۽ نائجر ندي 4200 ڪلوميٽر آهي. انهن کان علاوه زمبيسي، ابانگي، ڪاسائي، آرينج، لمپوپو ۽ سينيگال نديون مشهور نديون آهن جن جي ڊيگهه ڏيڍ هزار ڪلوميٽر کان وڌيڪ آهي. سينيگال ندي ”سينيگال“ مان وهي ٿي ۽ ان نديءَ تان ئي هن ملڪ جو نالو سينيگال پيو آهي. جنهن جي گاديءَ جو شهر ۽ وڏو بندرگاه ڊڪار آهي جتي اسان جا جهاز سڀ کان گهڻو ويا ٿي.
*        *        *        *

Monday, September 05, 2011

آفريڪا بابت ڪجهه دلچسپ ڳالهيون -الطاف شيخ


آفريڪا بابت ڪجهه دلچسپ ڳالهيون
الطاف شيخ
نئروبي (ڪينيا) جي هوٽل ۾ جيڪا حبشي عورت منهنجو ڪمرو صاف ڪرڻ آئي ان کي ٿوري گهڻي انگريزي به آئي ٿي. اها ڪا حيرت جي ڳالهه ناهي. ڪينيا، تنزانيا، نائجيريا، گهانا، يوگنڊا جهڙا آفريڪي ملڪ جتي انگريزن جي حڪومت رهي، اتي جي وڏن شهرن ۾ ٿوري گهڻي انگريزي هرڪو سمجهي ٿو. بهرحال هوٽل جا ڪمرا صاف ڪندڙ هيءَ عورت قد ۾ ڪجهه ننڍي هئي ۽ آمريڪا جي پهلوان حبشي عورتن جي قد بت جو سوچي هن کي ائين ئي چرچي ۾ کڻي چيم ته “خير ته آهي تون قد ۾ ننڍي آهين؟” هوءَ ڪا اڳهين ڀري ويٺي هئي. لڳي ٿو ڪجهه درجا پڙهيل ۽ تاريخ جاگرافيءَ کان به واقف هئي. بهرحال اهو ته چوندس ته هوءَ بيحد حساس ٿي لڳي. منهنجي ائين ئي هڪ بي خيالي قسم جي سوال تي هن سنجيدو ٿي چيو: “جي ها. اسين ننڍي سائيز جا آهيون ان ڪري جو جڏهن هنن غلاميءَ لاءِ کنيو ٿي ته ٿلهن متارن کي ئي کنيو ٿي.”