Tuesday, September 13, 2011

آفريڪا جا مونجهاري وارا ملڪ - الطاف شيخ


آفريڪا جا مونجهاري وارا ملڪ
الطاف شيخ
آفريڪا جي ملڪن جو ذڪر ڪرڻ کان اڳ هن کنڊ جو نقشو ذهن ۾ رکڻ ضروري آهي. آفريڪا کنڊ جو نقشو ماڻهوءَ جي منهن سان گهڻي مشابهت رکي ٿو جنهن جي کاڏي سمجهو ته سائوٿ آفريڪا آهي، جنهن تي جيڪڏهن ٻه تر هجن ته انهن مان هڪ سوازيلئنڊ ملڪ آهي ته ٻيو ليسوٿو(Lesotho)  آهي. آفريڪا جا هي ٻه ننڍڙا ملڪ سائوٿ آفريڪا ۾ ئي اچن ٿا. بهرحال آفريڪا کنڊ ان ماڻهوءَ جي منهن جيان آهي جيڪو توهان جي سامهون بيٺو آهي. سندس نرڙ يا مٿو آلجيريا، لبيا، تيونيشيا ۽ ڪجهه مصر جو حصو آهي جو اهي ملڪ آفريڪا کنڊ جي اتر ۾ آهن جن مٿان ميڊيٽرينين سمنڊ آهي. يعني ان ماڻهوءَ جي منهن مٿان وارن واري جاءِ تيMediterranean  سمنڊ آهي. سندس کاٻي پاسي وارو ڪن- يعني اسانجي کاٻي هٿ واري پاسي جو ڪن (جيڪو دراصل هن جو ساڄو ڪن ٿيو جو هن جو منهن اسان ڏي آهي) سمجهو ته موراڪو، ماريطانيا ۽ سينگال وغيره ٿيو ته ٻئي پاسي وارو ڪن مصر، سوڊان، اريٽيريا، جبوتي، اٿوپيا ۽ سوماليا ٿيو. آفريڪا کنڊ ايشيا کنڊ سان فقط مصر ملڪ جي ڪجهه حصي سان ڳنڍيل آهي يعني هن ماڻهوءَ جو منهن سندس ڪن جي مٿين حصي سان ڪنهن وڻ يا ڀت سان چنبڙيل آهي. ان ماڻهوءَ جو اهو ڪن ان مٿئين حصي وٽان (جيڪو ڀِت يا وڻ سان چنبڙيل آهي)، ٽوپيل آهي ته اهو ٿيو ڄڻ سئيز ڪئنال. هڪ ماڪوڙي جيڪڏهن چاهي ته ان منهن جي چوڌاري ٽوپيل ڪن جي چوڌاري ڦيرو ڪري سگهي ٿي. اهڙي طرح اسان جا جهاز به آفريڪا کنڊ جي چوڌاري ڦيرو ڪري سگهن ٿا جو هن کنڊ جي مٿان يعني اتر ۾ ميڊيٽرينين سمنڊ آهي. ساڄي پاسي يعني اوڀر ۾ هندي وڏو سمنڊ آهي ۽ اولهه پاسي ائٽلانٽڪ سمنڊ آهي ۽ هيٺ تري ۾ جتي آفريڪا کنڊ جو نقشو ماڻهوءَ جي منهن جي کاڏي ٺاهي ٿو اتي هي ٻه سمنڊ ملڻ ڪري سخت ڇوليون پئدا ڪن ٿا ۽ سمنڊ جو اهو حصو ’ڪيپ آف گڊ هوپ‘ سڏجي ٿو.
 
بهرحال سامهون بيٺل ماڻهوءَ جي منهن جو ساڄي پاسو وارو ڳل آفريڪا جو اوڀر وارو ڪنارو آهي يعني اهو ڳل ڪينيا، تنزانيا ۽ موزمبق وغيره آهي ته ٻئي پاسي وارو ڳل (اولهه ڪنارو) گهانا، نائيجيريا، ائنگولا ۽ نمبيا جهڙا ملڪ آهن. منهن جو وچ يعني وات ۽ نڪ وغيره سمجهو ته سينٽرل آفريڪا آهي جنهن ۾ ڪانگو، چاڊ، نائيجر، مالي، ملاوي ۽ زئمبيا جهڙا ملڪ اچي وڃن ٿا.
آفريڪا جا سڀ کان گهڻو منجهائيندڙ ملڪ نائيجر ۽ نائجيريا آهن جن کي گهڻا ماڻهو هڪ ئي ملڪ سمجهن ٿا پر اهي الڳ الڳ ٻه پاڙيسري ملڪ آهن. انهن ملڪن تي نائيجر نديءَ تان اهي نالا پيا آهن جيڪا ندي انهن مان وهي ٿي. نائيجيريا آفريڪا جي اولهه واري ڪناري تي آهي جنهن کي ائٽلانٽڪ سمنڊ ڇُهي ٿو. نائيجر ٿورو مٿڀرو، نائيجيريا جي اتر ۾ ائين آهي جيئن افغانستان پاڪستان جي اتر ۾ آهي. ۽ افغانستان وانگر نائيجر(Niger) به هڪ Land Locked ملڪ آهي، يعني هن جي چوڌاري سمنڊ ناهي. اسان نائيجر مان سامان کڻڻ لاءِ پنهنجي جهاز کي هميشه نائيجيريا جي بندرگاه لاگوس يا بينن جهاز کي وٺي ويندا هئاسين. نائيجر ۾ خشڪسالي (drought) جي ڪري ڏڪار جي حالت رهي ٿي ۽ ائين رڻ پٽ آهي جيئن بئراجن کان اڳ سنڌ هو. ڪافي عرصي کان اسلامي ملڪ آهي ۽ مسلمانن جي آدمشماري وڌيڪ آهي. هوڏانهن نائيجيريا جي آدمشماري آفريڪا جي ملڪن ۾ سڀ کان گهڻي آهي ۽ مختلف قسمن جون قومون، قبيلا ۽ مذهبن سان واسطو رکندڙ ماڻهو رهن ٿا. نائيجيريا جي هڪ وڏي شهر جو نالو بينن(Benin)  پڻ آهي. ڪيترا ماڻهو هن شهر بينن ۽ نائيجيريا جي پاڙيسري ملڪ بينن ۾ به مونجهارو محسوس ڪن ٿا. ڪجهه سال اڳ جڏهن اسان ڪاليج ۾ پڙهندا هئاسين ته بينن ملڪ جو نالو ڌاهومي(Dahomey)  هو. هي ملڪ ٽپال کاتي جي خوب صورت ٽڪلين ڪري اسان شاگردن لاءِ اهم سمجهيو ويو ٿي.
نائيجيريا تي انگريزن جي حڪومت رهي ان ڪري اتي انگريزي ڳالهائي وڃي ٿي. آفريڪا جو هي واحد ملڪ آهي جتي سڀ کان گهڻو تيل، پيٽرول ۽ گئس ملي ٿي پر حڪومتي انتظام صحيح نه هجڻ ڪري هر وقت قرض کڻندو رهي ٿو يا قرض معاف ڪرائيندو رهي ٿو. ملڪ جي وزيرن، سياستدانن، وڏيرن، ڪارخانيدارن، فوجين ۽ سرڪاري عملدارن جا ملڪ اندر يا ٻاهر شان ٿا ڏسجن ته لڳي ٿو ته هنن جو واسطو برونائي يا ڪويت جهڙن ملڪن سان هجي پر عوام کي ٿو ڏسجي ته سندن غربت تي حيرت ۽ ڏک ٿو ٿئي!
نائيجر تي فرينچن جو قبضو رهيو. ان ڪري نائيجر ۾ فرينچ ڳالهائي وڃي ٿي. هن ملڪ کي 1960ع ۾ خود مختياري ملي. نائيجيريا جا ماڻهو نائيجيرين سڏجن پر نائيجر جا نائيجرئي(Nigers)  سڏجن ٿا ۽ سندن اسپيلنگNiggers  سان ملڻ ڪري هنن کي افسوس ٿئي ٿو ته ڪي ماڻهو هنن کي نائيجر(Niger)  سڏڻ بدران نگر(Nigger)  سڏين ٿا جيڪو لفظ آمريڪا، يورپ ۽ ٻين ڪيترن ملڪن ۾ آفريڪي ڪارن ماڻهن کي توڙي آمريڪا ۾ رهندڙ شيدين کي نفرت مان سڏڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. تازو نائيجر جي هڪ وزير ڀوفاسا ممباڪو لاس ائنجلس ۾ سندن ملڪ جي قونصل خاني ۾ تقرير ڪندي چيو:
”اسان هڪ G وارا نائيجر آهيون جن جو واسطو آفريڪا جي نائيجر ملڪ سان آهي جنهن مان نائيجر نالي ندي پڻ وهي ٿي. اسان ٻن G وارا نگر نه آهيون“.
هن ملڪ نائيجر جو دراصل 80 سيڪڙو صحارا رڻ پٽ آهي. هتي ٻه ٽي سٽون نائيجر نديءَ تي لکڻ ضروري سمجهان ٿو جيڪا آفريڪا جي اهم ندين مان هڪ آهي ۽ آفريڪا جي اولهه ڪناري وارن ملڪن ۾ سڀ ۾ وڏي ندي آهي جيڪا 4180 کن ڪلوميٽر ٿيندي.
نائيجر ندي، گني (ريپبلڪ آف گني) ملڪ جي ڏاکڻي حصي کان شروع ٿئي ٿي ۽ سندس وهڪرو عجيب طرف (direction) اختيار ڪري ٿو. دنيا جون ڪيتريون نديون ڏکڻ کان اتر يا اتر کان ڏکڻ وهن ٿيون (جيئن سنڌو ندي) يا وري اوڀر کان اولهه يا اولهه کان اوڀر جيئن گنگا ندي وغيره. پر هيءَ نائيجر ندي ڏکڻ کان ٿي مٿي اتر ڏي مالي ملڪ ۾ پهچي پوءِ اتي جي تاريخي شهر ٽمبڪٽو وٽان يڪدم هيٺ ڏکڻ جو رخ ڪري ٿي ۽ نائيجر مان ٿي نائيجيريا ۾ هيٺ ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ اچيو ڇوڙ ڪري. هي ائين آهي جيئن سمجهو ته اسان واري سنڌو ندي ڪوئيٽا کان نڪري ۽ مٿي لاهور بلڪ ڪابل تائين هلي وڃي جتان پوءِ وري يوٽرن ڪري هيٺ ڏکڻ ڏي موٽي ۽ انڊيا ۾ داخل ٿي گجرات يا راجستان وٽان ٿيندي گهوٽڪي سکر مان ڦرندي ڪراچي يا پورٽ قاسم م اچي عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري.
انگريز ۽ يورپي ماڻهو آفريڪا جي اوڀر واري ڪناري جي بندرگاهه ۽ انڊيا جي ڪوچين، ڪاليڪٽ وغيره ۾ ته گهڻو پوءِ آيا جو ڪيپ آف گڊ هوپ وارو سمنڊ ڪراس ڪندي سندن سر ۽ ٻيڙا ٿي غرق ٿيا، پر آفريڪا جي اولهه ڪناري وارن ملڪن تي ته هنن سورهين صديءَ کان اچڻ شروع ڪري ڇڏيو هو.
پاڻ کي هنن فقط ڪناري تائين محدود ٿي رکيو. ڪناري تي پهچي خشڪي رستي اندروني علائقي ۾ نٿي ويا. اندر فقط تڏهن ويا ٿي جڏهن ڪا ندي آئي ٿي. پر نائيجر ندي ذريعي اندر داخل ٿيڻ ۾ هنن کي ٻه کن صديون لڳي ويون پوءِ وڃي هنن يورپين کي خبر پيئي ته اتي نائيجر ندي آهي. ڇو جو سمنڊ ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ نديون جيڪو ڊيلٽا ٺاهين ٿيون. اهو نائيجر نديءَ جو تمام گهڻو آهي. سمجهو ته سنڌو ندي جي ڊيلٽا جيڪڏهن ڪراچيءَ کان ماندوي يا ڀاونگر (گجرات) تائين هجي ته عربي سمنڊ مان لنگهندڙ جهازي ته وائڙا ٿي ويندا ته آيا اهو ڪنهن نديءَ جو ڇوڙ آهي يا آبي آماجگاه(Wetland)  ۽ جيڪڏهن اهو ڪنهن نديءَ جو ڇوڙ(delta)  آهي ته ڪهڙي هنڌ تان جهاز کي اندر گهيڙيو وڃي جو ڪوٽڙي يا سکر تائين پهچي سگهجي ۽ ائين نه ٿئي جو اڳتي هلي اها شاخ سوڙهي يا تانگهي ٿي وڃي ۽ جهاز خشڪي تي چڙهي وڃي.
هن ندي (نائيجر) تي ڪيترائي تاريخي شهر آهن پر انهن ۾ ٽمبڪٽو جو جواب ناهي. اهو مالي ملڪ ۾ اچي ٿو ۽ مالي سلطنت جي ڏهين منسا (حاڪم) منسا موسى جي ڏينهن ۾ هي شهر دنيا جو بلي بلي ۽ امير ترين شهر هو جتي جا مسلمان سون سان اٺ ڀرائي حج جي سفر لاءِ نڪرندا هئا. هي شهر ان دور ۾ يعني 15 ۽ 16 صدي ۾ به آفريڪا ۾ اسلامي علم ۽ تبليغ جو مرڪز سڏيو ويو ٿي. ٽمبڪٽو اڄ به سنڪور(Sankore)  يونيورسٽي ۽ مدرسن کان مشهور آهي. هن شهر جي تعريف ابن بطوطا پنهنجي 1352ع ۽ 1353ع جي وچ واري عرصي جي سفر ۾ ڪئي آهي. پر ٽمبڪٽو جو سڀ کان مشهور احوال ليو فريڪنس جي سفر نامي ۾ ملي ٿو جيڪو سفر هن 1520ع ڌاري ڪيو. هو لکي ٿو ته: ”ٽمبڪٽو ۾ جيتوڻيڪ باغ يا فصل نه آهن پر ماڻهن کي ايڏو ته پئسو آهي جو ڏورانهن ڏيهن کان هر قسم جو اناج ۽ ميوو هتي اچي ٿو. مڪئي ۽ ڍور ڍڳا به جام آهن. کير ۽ مکڻ جي به کوٽ ناهي.“
ليو افريڪنس لوڻ بابت لکي ٿو ته هتي لوڻ مهانگي ۽ نادر شيءِ سمجهي وڃي ٿي. ”هتي جي بادشاه پنهنجون ٻه ڌيئون هتي جي امير واپارين سان پرڻايون آهن. اناج ۽ وهٽن جي ته هتي کوٽ ئي ناهي پر لوڻ تمام ڏکيو ملي ٿو جو اهو تيغازا شهر مان ڪڏهن ڪڏهن اچي ٿو جيڪو ٽمبڪٽو کان گهٽ ۾ گهٽ 500 ميل پري آهي. آئون ان ڏينهن شهر جي مارڪيٽ ۾ موجود هوس ته منهنجي سامهون لوڻ جا وڏا توبرا لٿا ۽ ماڻهن سون جا سڪا ڏيئي لوڻ خريد ڪيو.“
هتي ليو افريڪانس(Leo Africanus)  سياح نالي لکندو هلان ته هو 1485ع ۾ اسپين جي شهر غرناطا ۾ هڪ مسلمان جي گهر ۾ الحسن بن محمد الوزانز ضيا جي نالي سان ڄائو. 1492ع ۾ اسپين کي واپس حاصل ڪرڻ تي بادشاه فرڊينڊ ۽ سندس راڻي اسابيلا جڏهن اسپين جي هزارين مسلمانن کي ڏيهه نيڪالي ڏني ته الحسن پنهنجي والدين سان گڏ موراڪو اچي رهيو. هن موراڪو جي شهر ’فيض‘ مان تعليم حاصل ڪئي ان بعد پنهنجي چاچي سان گڏ اتر آفريڪا جي ٽوئر دوران هن کي ٽمبڪٽو گهمڻ جو موقعو مليو. ان سامونڊي سفر دوران هي قذاقن(pirates)  جي ور چڙهي ويو. قذاقن طرفان اٽلي جي پوپ ليو ڏهين جي خذمت ۾ الحسن هڪ پڙهيل ڳڙهيل غلام جي حيثيت ۾ پيش ڪيو ويو جنهن پئسا ڏئي هن کي آزاد ڪيو ۽ کيس عيسائي بنائي مٿس نئون نالو رکيو ويو ۽ هن تي اهو ڪم رکيو ويو ته آفريڪا کنڊ بابت اطالوي زبان ۾ پنهنجي سفر جو احوال لکي. هن جي ان سفرناميDescrittione dell  Africa مان يورپ جي ايندڙ ڪيترن نسلن کي آفريڪا بابت وڏي ڄاڻ ٿي. هن ڪتاب جو انگريزي ۾ به ترجمو آهي. ان ۾ هڪ هنڌ الحسن (يعني ليو افريڪانس) لکي ٿو ته....
”ٽمبڪٽو جي امير بادشاه وٽ تمام گهڻيون سون جون پليٽون ۽ چمچا آهن.... جن مان ڪجهه جي تور 1300 پائونڊ ٿيندي. هن سان گڏ هر وقت 300 گهوڙيسوار رهن ٿا ۽ هن جي ڪورٽ ۾ ڊاڪٽرن، ججن، مذهبي عالمن ۽ ڄاڻو ماڻهن جو وڏو تعداد نظر اچي ٿو جن کي بادشاه جي خزاني مان پگهار ڏنو وڃي ٿو.....“
هتي ٻه اکر ٽمبڪٽو جي سانڪور (Sankore) يونيورسٽي بابت پڻ لکندس ته اها 1581ع (يعني 989 هجري سال) ۾ ٺهي. دراصل اها يونيورسٽي سو سال کن پهرين هڪ مدرسي جي حيثيت ۾ ٻي هنڌ ٺهي جتان پوءِ موجوده شڪل ۾ آئي. قرآن ۽ حديث جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پري پري جي شهرن جا نوجوان هن يونيورسٽي ۾ آيا ٿي.
آفريڪا جي هڪ جهوني چوڻي آهي ته:
”لوڻ اتر کان اچي ٿو، سون ڏکڻ کان، ۽ چاندي گورن (يورپين) جي ملڪ کان پر الله جو نالو ۽ عقل جا خزانا فقط ٽمبڪٽو ۾ آهن“.
اڄ جي ٽمبڪٽو شهر کي ايئرپورٽ به آهي ۽ سندس آدمشماري 33000 آهي. ٽمبڪٽو جون مٽي جون ٺهيل ٽي آڳاٽيون مسجدون ڏسڻ وٽان آهن:
·         جن گربر(Djinguereber)  مسجد جيڪا 1327ع ۾ ٺهي
·         سانڪور مسجد جيڪا هاڻ سانڪور يونيورسٽي به سڏجي ٿي جيڪا پنڌرهين صديءَ ۾ ٺهي.
·         سِدي يحى مسجد جيڪا 1441ع ۾ ٺهي.

No comments:

Post a Comment