Saturday, September 10, 2011

آفريڪا بابت ڪجهه حقيقتون - الطاف شيخ


آفريڪا بابت ڪجهه حقيقتون
الطاف شيخ
آفريڪا هڪ تمام وڏو کنڊ آهي جنهن ۾ ڪيتريون ئي نديون آهن. نيل ندي سڀ کان ڊگهي ندي آهي (اٽڪل 6700 ڪلوميٽر). ان کان پوءِ ٻي نمبر تي ڪانگو ندي آهي جيڪا وچ آفريڪا مان وهي ٿي، ٽي نمبر تي نائيجير آهي. جنهن تان انهن ملڪن جا نالا ڪانگو ۽ نائيجر پيا. ڪانگو ندي 4700 ڪلوميٽر ڊگهي آهي ۽ نائجر ندي 4200 ڪلوميٽر آهي. انهن کان علاوه زمبيسي، ابانگي، ڪاسائي، آرينج، لمپوپو ۽ سينيگال نديون مشهور نديون آهن جن جي ڊيگهه ڏيڍ هزار ڪلوميٽر کان وڌيڪ آهي. سينيگال ندي ”سينيگال“ مان وهي ٿي ۽ ان نديءَ تان ئي هن ملڪ جو نالو سينيگال پيو آهي. جنهن جي گاديءَ جو شهر ۽ وڏو بندرگاه ڊڪار آهي جتي اسان جا جهاز سڀ کان گهڻو ويا ٿي.
*        *        *        *
 
آفريڪا کنڊ ڏٺو وڃي ته ذري گهٽ آسٽريليا وانگر ٻيٽ آهي. هن جي چوڌاري سمنڊ آهي. آفريڪا کنڊ فقط مصر وٽ ايشيا سان ڳنڍيل آهي باقي چوڌاري ڪو نه ڪو سمنڊ آهي. آفريڪا کنڊ جا اتراهان ملڪ جهڙوڪ الجيريا، ٽيونيشيا ۽ لبيا ڏٺا وڃن ته انهن جي چوڌاري ميڊيٽرينين سمنڊ آهي. ان بعد مصر آهي. جنهن جي ڪجهه حصي کي مٿيون ميڊيٽرينين سمنڊ ڇُهي ٿو. مصر کانپوءِ سوڊان، اريٽيريا، جبوتي ۽ سوماليا جو ڪجهه حصو ڳاڙهي سمنڊ تي آهي ۽ سوماليا جو باقي حصو، ڪينيا، تنزانيا، موزمبق وغيره هندي وڏي سمنڊ جي ڪناري تي آهن. ان بعد سائوٿ آفريڪا بلڪل هيٺ پڇڙيءَ تي آهي. جتي هندي وڏو سمنڊ ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ ملن ٿا ۽ آفريڪا جي اولهه ڪناري وارا سڀ ملڪ ائٽلانٽڪ سمنڊ تي آهن. انهن ۾ نميبيا، ائنگولا، ڪانگو، گئبن، ڪئمرون، نائيجيريا، ٽوگو، گهانا، آئوري ڪوسٽ، لائيبيريا، سيريا ليون، گئمبيا، گِني بسائو، سينيگال، ماريطانيا ۽ موراڪو وغيره اچي وڃن ٿا.
سئيز ڪئنال کليل هجڻ ڪري آفريڪا کنڊ اسان جهازين لاءِ هڪ ٻيٽ ئي آهي جنهن جي چوڌاري اسان ڦري سگهون ٿا. جيئن آسٽريليا کي ڦيرو ڪري سگهجي ٿو. اهڙي طرح پاناما ڪئنال جي ڪري ڏکڻ آمريڪا به سامونڊي آمدرفت جي معاملي ۾ اسان لاءِ ٻيٽ آهي. پر ايشيا، يورپ ۽ اتر آمريڪا (USA ۽ ڪئناڊا) جي چوڌاري جهاز کي ڦيرائي نٿا سگهون جو اتر ۾ ايڏي ته ٿڌ آهي جو اونهاري ۾ به سمنڊ سخت برف رهي ٿي جنهن ۾ برف ڪٽيندڙ جهاز (Ice Cutters) به رستو ٺاهي نٿا سگهن. ياد رهي ته يورپ ۽ ڪئناڊا جي ڪجهه اتراهن علائقن ۾، اونهاري ۾ برف جو تهه ايڏو ٿلهو نٿو ٿئي ۽ برف ڪٽيندڙ جهاز عام جهازن جي اڳواڻي ڪري، برف ڪٽيندو ويندو آهي ۽ سندس پٺيان ٻين جهازن جو يڪو قافلو اڳيان وڌندو ويندو آهي. واپسي تي موٽڻ مهل وري اهو Ice Cutter جهازن جي قافلي لاءِ رستو ٺاهيندو آهي. جهازن لنگهڻ بعد برف جا تهه وري ملي ميدان ٺاهي ڇڏيندا آهن جن تي توهان فٽ بال کيڏندا رهو يا سائيڪلون هلائيندا رهو.
*        *        *        *
دنيا جي پنجن تکي ۾ تکو ڊوڙندڙ جانورن مان چار آفريڪا ۾ رهن ٿا. هڪڙو چيتو جنهن جي رفتار 115 ڪلوميٽر في ڪلاڪ آهي. ٻيو وائلڊ بيسٽ، ٽيون شينهن ۽ چوٿون هرڻ (Gazelle)آهي. وائلڊ بيسٽ. جيڪو antelope جانور جهڙو ٿئي ٿو ۽ سندس منهن ڪجهه گڏهه ۽ ڪجهه پاڏي سان ملي ٿو. مٿو وڏو ٿئيس ۽ سڱ چٻا ٿينس، 8 فٽ کن ڊگهو ٿئي ۽ قد ۾ ساڍا چار فٽ ٿئي. هي جانور 70 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي حساب سان ڊوڙي سگهي ٿو ۽ گهڻو ڪري ڪينيا ۽ ڀرواري ملڪ تنزانيا ۾ نظر اچي ٿو. هتي جا ماڻهو کيس ”وائلڊ بيسٽ“ سڏين پر ان جي اسپيلنگ Wild Beast بدران Wildebeest لکن. ڪن هنڌن تي هن جانور کي نُو (Gnu) به سڏين.
*        *        *        *
آفريڪا ۾ جتي ڪٿي جنگلي جانورن جو خوف رهي ٿو. خاص ڪري آدمخور شينهن جو. هتي جي ڪيترن ماڻهن جو انت شينهن جي پيٽ ۾ ٿئي ٿو. پر جانورن طرفان انسانن جي موت جا انگ اکر ٻڌائين ٿا ته آفريڪا ۾ سڀ کان گهڻا ماڻهو واڳن جو شڪار ٿين ٿا. آفريڪا ۾ پاڻيءَ جو وڏو مسئلو آهي. هر اڃايل انسان توڙي جانور درياه، ڍنڍ يا پاڻيءَ جي دُٻي تي پهچي ٿو. جتي واڳن جو هجڻ ضروري آهي.
آفريڪا جو صحارا ڊيزرٽ (رڻ پٽ) دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو آهي. دنيا ۾ فقط ٽي ملڪ آهن جيڪي صحارا رڻ پٽ کان وڏا آهن. روس، ڪئناڊا ۽ چين. ان کان پوءِ ٻي نمبر تي وڏو رڻ پٽ (Desert) ڪَلهاري آهي. جيڪو ڏکڻ آفريڪا ۾ آهي. صحارا جي پکيڙ 90 لک چورس ڪلوميٽر آهي.
آفريڪا کنڊ ۾ 53 ملڪ آهن جن مان 6 ملڪ خط استوا جي پٽي تي اچن ٿا، اهي آهن: سوماليا، ڪينيا، يوگنڊا، ڪانگو، DRC (ڊيموڪريٽ ريپبلڪ آف ڪانگو) ۽ گئبن.
نائيجيريا جي آدمشماري سڀني ۾ گهڻي آهي- 140 ملين جي لڳ ڀڳ ٿينديس. ٻئي نمبر تي مصر آهي جنهن جي آدمشماري 80 ملين ٿيندي. سڀ کان گهٽ آدمشماري سيشلز ٻيٽن جي آهي جيڪا ٽوٽل هڪ لک ٿيندي. ۽ جي توهان ملڪن بدران شهرن جي آدمشماري جي ڀيٽ ڪندائو ته بنا شڪ جي مصر جو قاهره جنهن کي انگريز ’ڪيرو‘ سڏين ٿا سڀ کان گهڻو ڳتيل شهر آهي. جنهن جي آدمشماري 17 ملين آهي. يعني لڳ ڀڳ ڪراچيءَ جيتري. جيڪڏهن توهان گهٽ آدمشماري واري شهر جي ڳالهه ٿا ڪريو ته پوءِ اهو ليسوٿو ملڪ جي گاديءَ جو شهر مَيسرو(Maseru) آهي جنهن جي آدمشماري 14 هزار آهي.
آفريڪا ۾ ڪيترائي قبيلا آهن جن کي ڳڻڻ ناممڪن ڳالهه آهي. باقي اهم ۽ وڏا قبيلا 3000 کن چيا وڃن ٿا جن مان فقط نائيجيريا ۾ 380 قبيلا آهن جيڪي رڪارڊ تي موجود آهن. سڄي آفريڪا ۾ اٽڪل 2000 زبانون ڳالهايون وڃن ٿيون. سڀ کان گهڻي عربي ڳالهائي وڃي ٿي جيئن ته موراڪو، موريطانيا، الجيريا، ٽيونيشيا، لبيا، مصر، سوڊان، جبوتي، سوماليا، اٿوپيا وغيره ۾. جيڪڏهن توهان اهو معلوم ڪرڻ چاهيو ٿا ته آفريڪا جو ڪهڙو شهر آهي جنهن کي گهمڻ لاءِ گهڻي کان گهڻا ماڻهو اچن ٿا ته اهو مصر جو قاهرو آهي، جتي جا اهرام ۽ ٻيون آڳاٽيون ۽ تاريخي شيون ڏسڻ لاءِ ماڻهو اچن ٿا. جيڪڏهن توهان ملڪن جي ڳالهه ڪندائو ته پوءِ سڀ کان گهڻا ماڻهو سائوٿ آفريڪا گهمڻ لاءِ اچن ٿا. ان کان علاوه موراڪو، موزمبق، سينيگال ۽ گئمبيا ۾ به ڪافي آمريڪن ۽ يورپي اچن ٿا. آفريڪا ۾ سڀ کان وڏو ٻيٽ مئڊاگاسڪر آهي جيڪو موزمبق جي سامهون هندي وڏي سمنڊ ۾ آهي.
*        *        *        *
آفريڪا جي جاگرافي جي ٿوري گهڻي ڄاڻ هوندي، آفريڪا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ جهاز وٺي وڃڻ جي باوجود ۽ آفريڪا جي تقريباً سڀني ملڪن جي شاگردن سان ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي، سئيڊن ۾ پڙهڻ ۽ جهازرانن سان گڏ مختلف ملڪن ۾ سيمينار ۽ ڪانفرنسون اٽينڊ ڪرڻ جي باوجود اڄ به آفريڪا جي ڪيترن ملڪن جي نالن ۾ مون کي مونجهارو ٿيو وڃي. جيئن گني (Guinea)نالي ملڪ آهي. هاڻ ان نالي وارو هڪ ملڪ ڏکڻ آمريڪا ۾ به آهي ته آسٽريليا پاسي به آهي جيڪو هاڻ پاپاءِ نيو گني سڏجي ٿو ته آفريڪا ۾ به هڪ نه ٻه، پر ٽي گني ملڪ آهن: ريپبلڪ آف گِني (جنهن کي ڪي ماڻهو Guinea Konakry به سڏين ٿا)، ٻيو گني بسائو نالي ملڪ آهي ۽ ٽيون اِڪيٽوريل گني يعني ”خط استوا وارو گني“ نالي ملڪ آهي جيڪو اصل ۾ خط استوا (Equitor) واري ليڪ تي آهي ئي ڪونه.
مونکي اڪثر مالي ۽ مالاوي ملڪ به منجهائيندا آهن ته ساڳي وقت نائيجر ۽ نائيجيريا به! اهڙي طرح زئمبيا ۽ گئمبيا به. آفريڪا جا ٻه ملڪ جيڪي ڪانگو سڏجن ٿا، جن مان هڪ کڻي ريپبلڪ آف ڪانگو سڏجي ٿو ته ٻيو ڊيموڪرئٽڪ ريپبلڪ آف ڪانگو پر تڏهن به چڱو مونجهارو پئدا ڪن ٿا ڇو جو اهو ٻيو نمبر ڪانگو ماضيءَ ۾ ڊيموڪرئٽڪ ريپبلڪ آف ڪانگو بدران ”ڪانگو فري اسٽيٽ“ سڏبو هو، ان کان اڳ بيلجئن ڪانگو سڏبو هو، اڃان به ڪجهه سال اڳ ڪانگو ليپولڊول، ڪانگو ڪنشاسا ۽ زائر سڏبو هو. اهڙي طرح ماريشس ۽ ماريطانيا ملڪ به گهڻن لاءِ مونجهاري جو سبب بنجن ٿا. ڪيترن ملڪن يا شهرن جا ته نالا به بدلجيو وڃن. موزمبق جي مشهور بندرگاه لارينزو مارڪس ۾ ٻه دفعا جهاز وٺي آياسين. ٽئي دفعا موزمبق مان ڪارگو کڻڻ لاءِ اسان کي موپوتو گهرايو ويو. نقشي ۾ کڻي ڏسون ته اهو بندرگاه موزمبق ۾ ته ڇا پر اوسي پاسي جي ملڪن ۾ به نظر نه اچي. پوءِ خبر پيئي ته پورچوگالين طرفان خودمختياري ملڻ تي موزمبق جي حڪومت لارينزو مارڪس بندرگاه جو نالو موپوتو رکيو آهي ڇو جو لارينزومارڪس پورچوگالي نالو هو. اهڙي طرح مئڊاگاسڪر مالاگاسي ٿي ويو. ان بعد وري مئڊاگاسڪر ٿي ويو آهي. بهرحال ايندڙ مضمون ۾ پاڻ مٿين ملڪن بابت مختصر احوال ڏينداسين. هتي آفريڪا جي هڪ اهم ۽ پاپولر جانور هاٿيءَ جي ڳالهه ڪنداسين.
*        *        *        *
آفريڪي هاٿي هتي جي ماڻهن لاءِ ائين اهم جانور آهي جيئن عربستان ۾ اٺ آهي. هاٿيءَ کان سامان ڍورائڻ جو ڪم هڪ طرف ورتو وڃي ٿو ته سندس عاج وڏي اگهه ۾ ٻئي طرف وڪيو وڃي ٿو. آفريڪا جو هاٿي اسانجي ايشيائي يعني انڊيا، سريلنڪا يا ملائيشيا جي هاٿيءَ کان قد بت ۾ وڏو ٿئي ٿو. سندس کل (چمڙي) وارن بنا ٿئي ٿي. آفريڪي هاٿيءَ جا ڪن به وڏا ٿين ٿا پر ٻڌڻ ۾ اهڙو سُرلو ناهي سندس ڪنن جو پويون حصو سڀ ۾ گهڻو نرم ٿئي ٿو ان ڪري هاٿي هلائڻ وارو هن تي ڇوه ڇنڍڻ وقت ڪن جي پٺيان ٿُڏا يا لڪڻ هڻي ٿو. آفريڪن هاٿي جو وزن 700 ڪلو ٿئي ٿو يعني سترهن ارڙهن مڻ کن ٿئي ٿو. سندس قد ڏهن کان تيرهن فٽن تائين ٿئي ٿو. يعني ماڻهو ٻئي ماڻهوءَ جي ڪلهن تي بيهي تڏهن هن جي برابر ٿيندو.
هتي جي (يعني ممباسا جي) هڪ رهاڪوءَ کي چيم ته آفريڪا ۾ تمام گهڻا هاٿي آهن. جنگلن ۾ ته نظر اچن ٿا پر ممباسا يا نئروبي شهر ۾ ڪنهن زميندار، وڏيري يا سيٺ جي گهر ۾ نه آهن. جيڪي آهن اهي شهر جي چڙيا گهر ۾ آهن. وراڻيائين: ”هاٿيءَ کي ڪير شهر ۾ رکي سگهندو جو هن کي روزانو کارائڻ لاءِ 250 ڪلو يعني 6 مڻ ڪتر يا گاه کپي ۽ ايترو ئي پاڻي کپي. سو شهر ۾ ڪٿان اچي؟“
هن ٻڌايو ته هاٿيءَ جي عمر 70 سال ٿئي ٿي ۽ هو روزانو 16 ڪلاڪ کائڻ ۾ مشغول رهي ٿو ۽ عام طرح 4 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي ٿو ۽ ڪافي مفاصلو تري به سگهي ٿو. آفريڪي هاٿيءَ جي نه فقط ٻڌڻ جي پر ڏسڻ جي قوت به گهٽ آهي. آفريڪي هاٿيءَ جو سائنسي نالو Loxodonta Africana آهي.

No comments:

Post a Comment