Sunday, October 30, 2016

نواب پٽودي ۽ شرميلا ٽئگورجي جوڙي - الطاف شيخ

نواب پٽودي ۽ شرميلا ٽئگورجي جوڙي
الطاف شيخ
نواب آف پٽوڊي منصور علي خان جي زال شرميلا ٽئگور بنگال جي آهي ۽ نوبل انعام يافته رابندر ناٿ ٽئگور جي خاندان سان هن جي پري جي مائٽي آهي. در اصل اوڻهين صدي جي آخري سالن ۾ گاگيندرا ناٿ نالي هڪ بنگالي پينٽر جون ٺاهيل تصويرون دنيا ۾ بيحد مشهور ٿيون ۽ اڄ تائين آرٽ جي دنيا ۾ هن جو وڏو نالو آهي. شرميلا ٽئگور هن آرٽيسٽ جي پڙپوٽي ۽ ڪانا ڪندر ناٿ جي پوٽي آهي. شرميلا ۱۹۴۴ع ۾ حيدرآباد دکن ۾ ڄائي جِتي سندس پيءُ گِيتندر ناٿ ٽئگور ايسٽ انڊيا ڪمپني جي هڪ ڪارخاني جو مئنيجر هو. حيدرآباد دکن ۾ رهڻ ڪري شرميلا جي اڙدو سٺي آهي ۽ ڪانوينٽ اسڪولن مان پڙهڻ ڪري انگريزي پڻ سٺي ڳالهائي ٿي.

Friday, October 14, 2016

اچو ته گڏجي ڇپر کڻون - ڊاڪٽر فهميده حسين

اچو ته گڏجي ڇپر کڻون
ڊاڪٽر فهميده حسين
سنڌ جي ڀلائيءَ لاءِ سوچڻ جو حق هر سنڌي ماڻهوءَ جي سرشت ۾ شامل آهي ۽ هو ان کي ادا ڪرڻ به چاهي ٿو، پر هر ماڻهوءَ جو پنهنجو طريقو ٿيندو آهي، جيئن ڪو به هڪڙو ماڻهو ٻئي جهڙو ٿي نه ٿو سگهي تيئن هڪ ماڻهوءَ جي سوچڻ جو انداز ٻئي ماڻهوءَ کان مختلف ٿيندو آهي، سوچ جي ٻنهي اندازن ۾ فرق سندن سوچ جي محور ۽ ان لاءِ خلوص نيت ۾ فرق جي مترادف نه سمجهڻ گهرجي، تازو آءٌ پنهنجي هڪ نجي ڪم سان جڏهن آمريڪا وئي هئس، تڏهن ان ڳالهه جو احساس مون کي شدت سان ٿيو.
17 آگسٽ تي آمريڪا جي شهر سينٽ لوئس ۾ پنهنجي ڀاءُ اعجاز جي گهر پهتس، هن ئي شهر ۾ اسان جو ڀاءُ ڊاڪٽر مٺل وقاصي پڻ رهي ٿو جنهن کي منهنجي اچڻ جو اطلاع اڳ ۾ ئي هو ۽ هن نه صرف ان شهر ۾ مون سان ملاقات ڪئي، پر مون کي آمريڪا ۾ ديٽرائيٽ جي شهر ۾ سنڌين جي تنظيم ”سانا“ ۾ شرڪت ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني ۽ هڪ سيشن ۾ پيپر پڙهڻ جي نينڍ پڻ ڏني، جيڪو سانا جي 32هين ڪنوينشن جي پڇاڙيءَ ۾ رکيل هو، آءُ جيئن ته پنهنجي ڀائيٽي جي شاديءَ ۾ شرڪت لاءِ ويل هئس، جيڪا انهيءَ هفتي جمعي ۽ ڇنڇر تي رکيل هئي، ان ڪري پهرين ته مون معذرت ڪئي، پر ڊاڪٽر صاحب سان اهڙا برادرانه تعلقات آهن جو سندس زور ڀرڻ تي وڌيڪ انڪار ڪري ڪا نه سگهيس، ساڳئي وقت ”سانا“ جي سيڪريٽري جنرل ڀيڻ نورالنساءِ گهانگهرو جي اي ميل آئي ۽ پوءِ فون به ڪيائين ته هن ڀيري سانا جي طرفان اوهان کي ”لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ“ ڏيڻ جو فيصلو ٿيو آهي جيڪو اوهان کي آچر تي ٿيندڙ جشن جي موقعي تي ڏنو ويندو ان ڪري اهو وٺڻ لاءِ توهان ڪيئن به ڪري پهچو، ٻئي ڏينهن صبح جو ڊاڪٽر وقاصيءَ واري سيشن ۾ به شرڪت ڪرڻي اٿو“، نور النساء ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ منهنجي شاگردياڻي رهي آهي، سندس صحبت اڳيان انڪار ڪرڻ به ڏکيو ٿي پيو، پر سوال اهو هو ته شاديءَ جي گهر مان نڪرجي ڪيئن، جنهن ۾ هتان سنڌ مان ويل ۽ اتي آمريڪا ۾ رهندڙ، اسان جو سڄو خاندان اچي گڏيو هو، منهنجي ڀاءُ  اعجاز کي سانا جي صدر محترم جميل دائوديءَ پڻ فون ڪري ٿاڪيد ڪئي، ايئن نيٺ اعجاز همت ڪئي ۽ اسين آچر تي صبح جو نڪري پياسين، 8 ڪلاڪن جي رستي تي سمورو وقت ”سانا“ جي باري ۾ سنڌ جي اخبارن ۾ پڙهيل تنقيدي، وضاحتي ۽ تعريفي خطن بابت ذڪر ٿيندو رهيو، انهن ئي ڏينهن ۾ نيٽ تي محترم عزيز ناريجي جو لکيل هڪ خط به پڙهيو هئم جنهن ۾ هن سانا جي ٺهڻ کان هن وقت تائين ٿيندڙ مثبت سرگرمين تي روشني وڌي هئي، ان ڏس ۾ منهنجا تاثرات گڏ وچڙ هئا، ڪير صحيح ڪير غلط اهو فيصلو ڪرڻ منهنجو ڪم ڪونهي، پر اتفاق سان آءٌ 1991 کان وٺي ڪڏهن سانا جي دعوت تي ته ڪڏهن پنهنجي ڪنهن ذاتي دوري دوران امريڪا ۾ هئڻ سبب سندن ڪنوينشن ۾ شرڪت ڪندي رهي آهيان، ٿيندو هيئن آهي ته جيئن ئي کين خبر پوندي آهي ته آءٌ اتي آهيان ته ادبي نشست ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ حجت ڪندا آهن.

Tuesday, October 11, 2016

شاهجهان مسجد - مسجد الطاف شيخ

شاهجهان مسجد
لنڊن جي پهرين مسجد
الطاف شيخ
پاڻ بنارس شهر ۾ مغل شهنشاهه جي ٺهرايل ”مسجد عالمگيري“ جي ڳالهه ڪرڻ دوران ٺٽي جي ”شاهجهان  مسجد“ جي به ڳالهه ڪئي. دراصل هن نالي سان دنيا ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي مسجدون آهن جيئن هڪ ”شاهجهان مسجد“ بنگلا ديش جي شهر چٽگانگ ۾ به آهي جنهن شهر مان مون  مئرين انجنيئرنگ جي تعليم حاصل ڪئي. سچي ڳالهه ته اها آهي ته ٺٽي جي مسجد جيڪا شاهجهان مغل شهنشاهه ٺهرائي ۽ ”شاهجهان مسجد“ سڏجي ٿي  اها اسان جڏهن 1960ع ۾ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو کان ٺٽو گهمڻ آيا هئاسين ته سؤ قبن واري مسجد سڏبي هئي. ان بعد ڪجهه سال منهنجو والد ٺٽي جو ڊپٽي ڪمشنر ٿي رهيو ۽ اسان مڪلي تي رهندا هئاسين ته به ان جو اهو نالو ٻڌوسين. مڪلي تي ان وقت ڪا مسجد نه هئي سو منهنجي والد کان اڳ واري ڊپٽي ڪمشنر شاهجهان ڪريم ”ڊي سي آفيس“ جي سامهون، مين روڊ جي ٻي پاسي هڪ مسجد ٺهرائي جنهن کي اسان ۽ مڪلي تي رهندڙ ٻين آفيسرن جا ٻار شاهجهان مسجد سڏيندا هئاسين. اسانجي پاڙي ۾ رهندڙ انهن آفيسرن مان هڪ ته سول سرجن ڊاڪٽر سائين ڏنو هاليپوٽو هوندو هو ۽ ٻيو شڪارپور جو  ڪرم الله ميمڻ صاحب هو.... جن جا ٻار به هاڻ وانگر سٺ جو ڏاڪو ٽپي ستر جي ويجھو ڃي پهتا آهن جهڙوڪ محمد عالم هاليپوٽو، منور هاليپوٽو، ڊاڪٽر مقبول، منظور ۽ انور هاليپوٽو وغيره ۽ هيوسٽن ۾ رهندڙ منظور ميمڻ، حيدرآباد جو ڊينٽل سرجن مظهر ميمڻ وغيره.
اڄ ڪلهه شاهجهان ڪريم نوي سالن کان  مٿي عمر جو آهي ۽ ڪراچي جي ڪورنگي علائقي ۾ پنهنجو خانگي تعليمي ادارو CBM (ڪاليج آف بزنيس مئنيجمينٽ) هلائي ٿو. بهرحال اڄ به جڏهن ڪو ٺٽي جي شاهجهان مسجد جي ڳالهه ٿو ڪري ته اسان جي اڳيان مغل  شهنشاهه شاهجهان بدران ڊپٽي ڪمشنر شاهجهان جي ٺهرايل مڪلي واري مسجد اکين آڏو ڦري ٿي جنهن ۾ اسان نماز پڙهڻ ويندا هئاسين.
اهڙي طرح انگلنڊ ۾ رهندڙ، خاص ڪري لنڊن جي آسپاس ۾ رهندڙ ڪنهن پاڪستاني، هندستاني مسلمان يا ڪنهن ٻئي ملڪ جي مسلمان کان پڇندائو ته ”شاهجهان مسجد“ ڪٿي آهي ته هو يڪدم چوندو ته هِتان لنڊن کان ٽيهه ميل کن پري ڏکڻ اولهه ۾ ووڪنگ (Woking) نالي شهر جي اورينٽل روڊ تي آهي.
توهان کي حيرت ٿيندي ته هيءَ ووڪنگ واري مسجد نه فقط انگلنڊ ۾ پر سڄي اولهه يورپ ۾ مسلمانن جي پهرين مسجد آهي. هيءَ مسجد 1889ع ۾ انڊيا جي نوابي رياست ڀوپال جي حاڪمه سلطان شاهه جهان بيگم ٺهرائي. پاڻ ڀوپال جي راڻي سڪندر بيگم ۽ سندس مڙس جهانگير محمد خان جو اڪيلو ٻار هئي ۽ ڀوپال شهر جي ڀر واري ڳوٺ اسلام نگر ۾ 1838ع ۾ جنم ورتو هئائين.
پاڻ 50 کن سال ڀوپال رياست تي حڪومت ڪئي جنهن ۾ هن پنهنجي رياست کي تمام گهڻو خوشحال بنايو. عورت ٿي ڪري هن ڪيترائي دليري جا قدم کڻي ماڻهن جي معاشي ۽ سماجي حالت سڌاري. هن ريونيو ٽئڪس سسٽم کي بهتر بڻايو، سپاهين جا پگهار وڌايا ۽ کين ماڊرن هٿيارن سان تيار رکيو. هڪ هٿرادو ڍنڍ کوٽرائين ۽ هڪ ڊئم ٺهرائين ۽ پهريون دفعو آدمشماري ڪرائين. هن جي ڏينهن ۾ انڊيا م ٻه دفعا ڪوئن واري پليگ جي ڪري ماڻهن جو تعداد گهٽجي ويو هو. بهرحال تاريخ ۾ هوءَ هڪ سٺي حاڪمه مڃي وڃي ٿي. هونءَ ته مذهبي طبيعت جي هئي پر انهن ڏينهن ۾ شايد آفيم پيئڻ يا ان جي  پوکڻ ۽ وڪري کي عيب نٿي سمجھيو ويو جو رياست جو خرچ پکو هلائڻ لاءِ هن عوام کي آفيم پوکڻ لاءِ همٿايو. ننڍي هوندي اڙدو ۽ فارسي جي تعليم حاصل ڪيائين ۽ سندس ڪيترائي اڙدو جا لکيل ڪِتابَ آهن. سندس هڪ ڪِتاب ”تاج الاقبال تاريخِ ڀوپال“ تمام مشهور چيو وڃي  ٿو جيڪو ايڇ.سي. بارسٽو (Barslow) نالي هڪ انگريز The History of Bhopal نالي سان انگريزي ۾ ترجمو ڪيو. هن انگريزي ڪِتاب جي پهرين ڪاپي 1876ع ۾ ڪلڪتي مان ڇپي.
بيگم شاهجهان جي حڪومت ۾ ڀوپال رياست جي پهرين ٽپال جي ٽڪلي اڌ آني ۽  چوٿي آني جي 1877ع ۾ شايع ٿي. انهن ڏينهن ۾ هڪ رپئي ۾ 16 آنا هوندا هئا ۽ رپئي جي قيمت چانديءَ جو  هڪ تولو هو بلڪه اهو رپيو ئي چاندي جي هڪ تولي  مان ٺهندو هو. اهي ٽڪليون اڃان تائين ڪيترن ٽڪلين جي شوقينن، خاص ڪري پارسين وٽ موجود آهن. هن اٺ ڪنڊيءَ (Octagonal) ٽڪليءَ تي انگريزي ۾ لکيل آهي: HH Nawab Shahjahan Begum ۽ ان بعد گول فريم واريون ٽڪليون نڪتيون جن تي مٿيون نالو اڙدو ۾ لکيل آهي.  ڀوپال رياست ۾ 1945ع تائين سندن ٽڪليون هلنديون رهيون.

نوابي رياست ڀوپال جي هن حاڪمزادي بيگم شاهجهان 17 سالن جي ڄمار ۾ 1855ع ۾ ڀوپال جي هڪ اميرزادي باقي محمد خان سان شادي ڪئي جنهن جي هيءَ ٽي زالَ هئي. 12 سالن بعد 1867ع باقي محمد خان گذاري ويو ۽ پوءِ چار سال رکي شاهجهان بيگم قنوج جي صديق حسن خان سان شادي ڪئي جنهن مان کيس ڪو ٻار نه ٿيو..... آئون ڀوپال جي هن بيگم يا ٻين حاڪمن جو هِتي  ڪجهه تفصيل ان ڪري لکي رهيو آهيان جو ڀوپال جو جيڪو اڄ ڪلهه شهزادو  آهي يعني هن بيگم شآهه جهان جي اولاد مان جيڪو  موجوده تاج نشين يا تخت نشين يا کڻي چئجي ته نالي جو نواب آهي ان جي زال کي اسان جي ملڪ جو هر ماڻهو سڃاڻي ٿو. مونکي ته حيرت ٿي ته سنڌ توڙي پنجاب ۽ پاڪستان جي ٻين صوبن جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ هن جون تصويرون مختلف اشتهارن ۾ نظر اچن ٿيون.... اخبارن ۾، بِل بورڊن تي، بئنرن تي، ٽي وي چئنلن تي هن حسينا جي شڪل نظر اچي ٿي.... اهو ئي سبب آهي جو هوءَ نه فقط انڊيا ۽ عرب ملڪن ۾ پر اسان جي ملڪ ۾ به تمام مشهور آهي.... اخبارن ۾ ڪم ڪندڙ منهنجي دوستن ٻڌايو ته اسانجي ملڪ ۾ پسنديدگي ۽ سڃاڻپ ۾ بينظير ڀُٽو بعد ٻئي نمبر تي هيءَ آهي. اهو به لکندو هلان ته سندس ماءُ سنڌ جي ڄائي آهي ۽ هوءَ به پنهنجي وقت ۾ ڪافي مشهور شخصيت هئي.... يعني انهن ڏينهن ۾ جڏهن اسان به جوان هئاسين ۽ جهازراني جي تعليم مڪمل ڪري دنيا جي سمنڊن تي مختلف جهاز هلائڻ شروع ڪيا هئاسين. بهرحال ماءُ ڌيءَ جا نالا اڳيان هلي ٿو لکان في الحال ڪجهه سٽون ڀوپال شهر، ڀوپال رياست ۽ ان جي حاڪمن.... يعني بيگم شاهجهان جي وڏن بابت جن هن رياست کي جنم ڏنو ۽ نواب ٿي حڪومت ڪيائون..... بابت لکڻ چاهيان ٿو  جيڪا ڄاڻ پڙهندڙ لاءِ ضروري سمجھان ٿو.

ڀوپال ۽ ان جا نواب الطاف شيخ

ڀوپال ۽ ان جا نواب
الطاف شيخ
انڊيا جو شهر ڀوپال ڪٿي آهي؟ ڀوپال ”شهر“ جو به نالو آهي ته ”ضلعو“ ۽ ”ڊويزن“ جو به.... جيئن سکر آهي. ۽ جيئن سکر پاڪستان جي سنڌ صوبي جو شهر آهي، تيئن ڀوپال، انڊيا جي رياست مڌيا پرديش جو شهر آهي. هن رياست جي نقشي ۾ بيهڪ بلڪل انڊيا جي وچ ۾ چئي سگهون ٿا. سنڌ سان لاڳو انڊيا جون راجستان ۽ گجرات رياستون آهن ۽ ٿورو هيٺ مهاراشٽرا آهي، جنهن ۾ ممبئي ۽ پوني جهڙا شهر آهن. مڌيا پرديش انهن ٽن رياستن جي ڀرسان آهي. مڌيا پرديش رياست جي مٿان ۽ ساڄي پاسي يوپي (اتر پرديش) ۽ ڇتيس ڳڙهه رياستون آهن.