Friday, July 29, 2016

يادگيرين جو حسين سفر - عظيم سنڌي

يادگيرين جو حسين سفر
عظيم سنڌي
مهيني ٻن کانپوءِ ڪراچي اچڻ ضرور ٿئي، سفر مورو ٽو ڪراچي اهو غريباڻو سفر ڪڏهن ڪئين ته ڪڏهن ڪيئن ٿي، موري مان نڪرڻ مهل اهو سوچيندو آهيان ته ڇا اهو ساڳيو موري جو پرائمري اسڪول آهي جتي آءٌ به پڙهيو آهيان، ان ساڳي اسڪول جو شاگرد ڪراچي جو مسلمانن ۾ نمبر ون ميئر بڻيو جنهن ڪراچي جي خدمت ڪندي ايڏو وڏو مان مرتبو ماڻيو جو ٻيو ڪو به ماڻي نه سگهيو، اهو هوشيار، محنتي، ايماندار ڪراچي جو وڪيل قاضي خدا بخش مورائي هو، هن پنهنجي لاءِ ڪا به ملڪيت نه ڇڏي، سندس اولاد مان فقط قاضي نبي بخش زنده آهي، ڪيئن ٿو زندگي گذاري. اهو پتو نه آهي، خان محمد پنهور معرفت هن سان سال 1974 ۾ ملاقات ٿي سا موري ۾ ٿي، وري نه ڏٺو اٿم، موري جا قاضي موري جي سونهن هئا سڀئي جنم ڀومي ڇڏي گهڻي ڀاڱي ڪراچي پيا رهن مورو هنن کان سواءِ اداس آهي.
هن دفعي ڪراچي جي سفر دوران روڊ جي ٻنهي پاسي سنڌ جي واهڙ وسندين شهرن وڻن ٽڻن پوکن سان گڏ ماڻهن کي غور سان ڏسندو سوچيندو پيو اچان 7-8 ميلن جي فاصلي تي اچي ويو شاهپور جهانيان جتي مخدوم حسن جهانيان جو خوبصورت مقبرو، افسوس جو سيدن جي جهيڙي سبب اڃان زيارت لاءِ نه کليو آهي، بشير قريشي شهيد کي به ان ڳالهه جو وڏو ڏک هو ته سڄي سنڌ ۾ منهنجي ميڙ منٿ قافلي کي جهانيان سائين وارن سيدن مان نه ڏنو. هتي شگر جي وڏي مل النور شگر مل به آهي ته سنڌي ادبي سنگت جي متحرڪ شاخ به آهي،  جنهن اسلم لغاري زنده رکيو اچي. هن ئي مل ۾ خاڪي جوئي طويل نظم لکي.
دولت پور:- ڏاهري سردارن جو هي شهر به ڏسڻ وٽان سنڌ جي جهونن شهرن منجهان هڪ آهي، وچ شهر ۾ نيشنل هاءِ وي سان ميان نور محمد ڪلهوڙي جي مشير مير متاري ڏاهري جي مزار به آهي جنهن کي ميان نور محمد ڪلهوڙي دهلي نادر شاهه ڏي ڳالهين لاءِ موڪليو هو، اڄ اهو مير متارو ڏاهري پير متن شاهه جي نالي سان مشهور ۽ پڄائيندڙ پير آهي.
نواب ولي محمد:- ڪنهن وقت مشهور ريلوي اسٽيشن هئي، هاڻ ته ريلوي اسٽيشن نه رهي آهي، پوءِ به ننڍڙو ئي سهي پر ڏاڍو دلڪش شهر نيشنل هاءِ ويز سان ڏسڻ جهڙو آهي، هي شهر ميرن جي وزيراعظم نواب ولي محمد نالي سان منسوب هي شهر سندس پوٽي نواب ولي محمد آباد ڪيو، جتي سندس جاگير هئي، جا سندس پوئينرن گهڻي ڀاڱي وڪري ڪري ڇڏي، هن خاندان جو قابل احترام بزرگ نواب امداد علي پنهنجي وڏڙن جي شهر سان محبت قائم رکيو اچي ته پنهنجي زمينداري به قائم رکيو اچي ته پنهنجي وڏڙن جا قائم ڪيل ناتا به هن شهر جي ماڻهن سان نڀائيندو اچي. هي تاجپور جا نواب مير بهرام خان مير صوبدار جي اولاد مان آهن، اڄڪلهه سندس مزاج فقيراڻو آهي، نواب امداد پنهنجي خاندان ۽ ان جي تاريخ تي ڪتاب به لکندو اچي پاڻ هن قصيدي جي لکڻ ڪري هنڌ سنڌ ۾ وڏي مشهوري ماڻي اٿس.
حسنين جي صدقي ڪا، باطن کي بهاري ٿئي
ديدار ٿئي داتا، ڪا قلب قراري ٿئي
ڪل وهمن کان آجو، امداد لغاري ٿئي
اي ختم رسُل، مولائي ڪل، سامهون جو بيٺا آهيون
جهڙا به آهيون، اوهان جا آهيون.
نواب ولي محمد ۾ وري هڪ ٻي عجب جهڙي قبر آهي اها آهي ”شيطان جي قبر“ اهو شيطان مون به ڏٺو نالو هيس محمد رمضان ذات جو اوٺو هيو، پورهيت مسڪين هارين جو همراهه، انهن جا مسئلا پنهنجي شاعريءَ ۾ جهر جهنگ پهچائڻ ۾ سندس نه وسارڻ جهڙو ڪردار شيطان بڻجي ويو، جنهن کي آمنا صدقنا چئي پاڻ کي شيطان فقير سڏائيندو هيو، افسوس جو هن جي شاعري ڇپجي منظر عام تي نه اچي سگهي اڃا سنڌ شيطان  فقير جي شاعري کان محروم آهي. سڪرنڊ ايندي کوڙ ساريون يادون ذهن تي ڊوڙنديون رهيون. مان هن شهر ۾ P.T.V قائم ٿيندي شيخ اياز جو انٽرويو ڏسڻ لاءِ مورو مان آيو هوس، خاڪي جو مهمان ٿيس. هي شهر قومي تحريڪن جو شهر آهي، جتي امداد محمد شاهه، خاڪي جويو، تاج جويو، مير محمد پيرزادو، سائل لاکو، عبدالرحمان منگيو، حاجي خان لاکو، ماڻڪ ملاح ۽ رحمت پيرزادو رهن ٿا. ساڳئي وقت ڪيترن ئي سنڌ جي سڄڻن جو شهر آهي، جن ساهه ڏئي ويساهه ڏنو، جيئي جُنگ ۽ حمل فقير جا ميلا به هن شهر جو اهم باب آهن، خاڪي ۽ تاج سنڌ جي تاريخ جا ٻه اهم هيرا  آهن سندن ڊگهي جدوجهد کي سلام هجي. خاڪي اڄڪلهه بيمار آهي دوستن کي وڏي مشڪل سان سڃاڻي ٿو، خاڪي الائي ڪنهن کي ياد آهي الائي نه پر مان خاڪي کي نه وساري سگهندس.
نيو سعيد آباد جو شهر ويجهو ايندي ئي، پوليس چوڪيءَ پٺاڻ خان راهو تي نظر پوندي. اهو پٺاڻ خان راهو سنڌ جي رعبدار پهلوان گل شير راهو جو ڀاءُ هيو، سندس وڏو ڀاءُ پهرين جوڙ جو پهلوان هو ۽ پٺاڻ خان ٻئي جوڙ جو سٺو پهلوان هو، پٺاڻ خان راهو ملهه ڇڏي پوليس جمعدار ٿيو، ڪراچي ۾ سنڌ دشمنن کيس گوليون هڻي شهيد ڪري ڇڏيو. سعيد آباد شيدي پهلوانن جو به شهر آهي. هن ئي شهر جو ملهه ڀلائو  شيدي عرف عبدالطيف تمام وڏن انگن اکرن جو بادشاهه پهلوان هو بيمار هو، هن جي علاج واسطي ملهه ايسوسيئيشن گهڻيون رڙيون ڪيون پر هو نواب شاهه اسپتال ۾ لکين پرستارن کي جدائي جو داغ ڏئي تڙپي تڙپي بنا علاج انتقال ڪري ويو. مون کيس کوڙ درگاهن تي ملهه وڙهندي ڏٺو.
مونکي هن شهر جو استاد درزي پريل حاجاڻو به ڏاڍو ياد آيو، پريل حاجاڻو ٿي سگهي ٿو، سعيد آباد جي ماڻهن کان وسري ويو هجي پر مان ته اڃا هي ڪم سکيو ئي نه هيس ته هن استاد درزي جي واکاڻ ٻڌندو هيس. ملهه جا وڏا اوڏا پهلوان ڳريون، وڏيون گهنجين واريون شلوارن ٺهرائڻ لاءِ پريل حاجاڻي جو حاضريون ڀريندا هئا، هن استاد ڪاريگر جي جان تڏهن ڇٽي جڏهن هن پنهنجو شاگرد جمال ڀٽي تيار ڪري موري موڪليو، جن جي وڏين شلوارن ٺاهڻ وارو رڪارڊ گم ٿيل تاريخي صفحن ۾ موجود آهي.
سعيد آباد وڏي مشهوري پير آف جهنڊو ڪري به ماڻي، جو هتي مولانا عبيدالله سنڌي نه رڳو رهيو پر هن ئي قائم ڪيل مدرسي ۾ ديني تعليم ڏنائين، هاڻ سعيد آباد ڪراس ڪري هالا پهتس، هالا جتي جا اجرڪ، جندي جو هنر ڏاڍو مشهور آهي، جتي شاعرن بزرگن جو سرواڻ مخدوم سرور نوح جو خوبصورت ڪشادو ۽ ڏسڻ جهڙو روضو به آهي، ان روضي اندر مخدوم طالب الموليٰ ۽ مخدوم امين فهيم به مدفن آهن. طالب الموليٰ جو اهو شعر ياد اچي ويو، جو هن پنهنجي شهزادي پٽ مخدوم خليق الزمان کي ضيا الحق جي سختين کي شينهن ٿي  منهن ڏيڻ لاءِ دعا ڪارڻ لکيو مخدوم خليق ۾ مخدوم وڏي جو ساهه هوندو هو
منهنجو ته وار وار ٿو دم دم دعا ڪري
ڪوسو نه لڳي واءُ، سڄڻ کي خدا ڪري.
هاڻي ته امين فهيم به ڪونهي جنهن جو اسان موري وارن طوفان منعقد ڪيل 1972 ۾ سنڌي زبان قومي ڪنوينشن ۾ به اهو چيو هو ته ”سج جي ڳل تي چماٽ هڻي به پنهنجي حصي جي روشني وٺبي.“ هو هميشه بينظير صاحبه سان گڏ رهيو، ڪارساز ڌماڪي ٿيڻ وقت به ساڻس گڏ هو. پر الائي ڇو سڀ ڪجهه  سمجهندي به دل جو ڳالهيون دل ۾ سانڍي هليو ويو.
سرڪار ڀٽائي وٽان گذرندي هميشه جيان پري کان سندس اڇي نور ڀرئي روضي جو ديدار ٿيو ۽ استاد بخاري ياد اچي ويو
ڪراچي کان ڪشمور مرڪز جو ٽٻڪو
ڀٽائيءَ جو روضو، ڀٽائيءَ جو روضو
ڀٽ شاهه جو هر ميلو ياد اٿم ڇاڪاڻ جوهر سال پهلوان غلام سرور جتوئي سان گڏ ملاکڙي ۾ شرڪت ۽ ادبي ڪانفرنس، راڳ سڀئي يادون اکين اڳيان ڦرڻ لڳيون ۽ لطيف جو هي شعر جو ڀٽ شاهه ڪراس ڪندي هميشه دعا طور پڙهندو آهيان.
بندر جان ڀئي، ته سکاڻيا مَ سُمهو
ڪپر ٿو ڪن ڪري، جيئن ماٽي منجهه مهي
ايڏو سور سهي، ننڊ نه ڪجي ناکئا

مٽياري ۾ سخي هاشم شاهه جي ميلي جو ديدار به کوڙ دفعا نصيب ٿيو. سائين زمان شاهه سان سندس بنگلي تي پهلوان غلام سرور جتوئي سان گڏ يادگار ڪچهريون به ياد آيون، اڳتي لکيل بورڊ امداد شاهه روڊ، اهو مٽيارين جو شهزادو شاهه، وري ايڪسڊنٽ ۾ شهيد ٿيو، ان ڪار ۾ ساڻس سيد قائم علي شاهه به حادثي ۾ زخمي ٿيو هو، رب سائين کيس ٿر جي ماڻهن ۽ سنڌ جي پورهيتن جي خدمت واسطي حياتي ڏني. سيد قائم علي شاهه کي خدا ڊگهي عرصي تائين وزير اعليٰ جو منصب عطا ڪيو، جا خدمت ڪري پيو. ان جي موٽ وري به سنڌ ۾ پ پ جي ڪاميابي آهي، جنهن تي شاهه صاحب ڏاڍو خوش آهي. گهڙي کن لاءِ سوچيان پيو ته هن امداد علي شاهه ڄاموٽ روڊ واري هن شاهراهه تان گذرندڙ کي ڇا خبر هوندي؟ اچي ويو غلام شاهه ڪلهوڙي جو قائم ڪيل شهر حيدرآباد غلام شاهه ڪلهوڙي جي صحافي ڪالوني واري مقبري جي رحم جوڳي حالت به ڏسڻ جهڙي آهي، سندس ڀاءَ ميان عطر خان زبيده ڪاليج اندر سيد عطن شاهه بخاري ٿي ويو، آزاد سنڌ جو آزاد حاڪم غلام شاهه نيرون ڪوٽ کي حيدرآباد بنائي دنيا جو عطيه خوبصورت قلعو ٺهرايو، اهو سنڌ وانگر قبضي ۾ آهي. غلام شاهه ڪلهورو لطيف جي دعا سان گلان مان گل ٿيو،  جنهن جي خوشبوءِ سڄي سنڌ کي واسي ڇڏيو، پاڻ به پنهنجو نالو غلام شاهه پسند ڪيائين شاهه جو غلام ڪلهوڙو. شاهه سائين جو قدردان، پاڻ کٽ وجهي خوبصورت مقبري جي تعمير ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏيائين، هن کان وڌيڪ غلام شاهه لاءِ ڪهڙو ڪريڊٽ ٿي سگهي ٿو جو بابا سنڌ حيدر بخش جتوئي، مولانا غلام محمد گرامي، سندس صحن ۾ دفن ڪرڻ جي وصيعت ڪئي، سبحان الله سبحان الله سنڌ ڪيڏي نه سٺي آهي اها ماءُ جيجل اسان کي ڪيڏي نه مٺي آهي، وري وري پڇو ان کان جنهن سڄي سنڌ ڪارونجهر کان ڪيٽي، ڪشمور، گورک، ڪاڇي، منڇر، لاڙ ۽ سري تائين گهمي ڏٺي آهي.

Sunday, July 24, 2016

انڊيا جي ريل گاڏين بابت ڪجهه دلچسپ ڳالهيون الطاف شيخ

انڊيا جي ريل گاڏين بابت ڪجهه دلچسپ ڳالهيون
الطاف شيخ
هتي اهو لکندو هلان ته يونيسڪو وارن ٽن ريل گاڏين کان علاوه بمبئي جي ريلوي اسٽيشن CST (چتر پتي شيوا جي ٽرمينل) اسٽيشن پڻ ورلڊ هيريٽيج ۾ شامل ڪئي وئي آهي. عمارت سازي جي خيالَ کان واقعي هيءَ ريلوي اسٽيشن دنيا جي آڳاٽي ۽ سهڻي ريلوي اسٽيشن آهي. هن بابت تفصيل سان پنهنجي بمبئي واري سفرنامي ”بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾“ لکي چڪو آهيان.

سعيو سامونڊين سين - ڊاڪٽر ايوب شيخ

سعيو سامونڊين سين
ڊاڪٽر ايوب شيخ
هن سال جي اونهاري جي موڪلن ۾ اسان جي آڏو گهمڻ لاءِ روايتي شهر اسلام آباد، ڪوهه مري، سوات وغيرهه نه هيا، نه ئي اسان عرب امارات، ترڪي يا ملائيشيا جي چونڊ ڪئي. ان جو هڪ سبب اهو هيو ته گهر جي پنجن ڀاتين مان ڪنهن جي ترڪي ڏٺل هئي ته ڪنهن جي ملائيشيا. اسان ٽي مهينا اڳ، هڪ ڀيرو ٻيهر جوهي ويجهو موجود شاندار ”گورک هل اسٽيشن“ ڏٺي هئي، تنهن ڪري هاڻي ڪُڻو نڪتو ٿائيلينڊ ۽ ڪمبوڊيا جو.

Sunday, July 17, 2016

انڊيا جون ڪجهه خاص ريل گاڏيون - الطاف شيخ

انڊيا جون ڪجهه خاص ريل گاڏيون
بنارس جو سفرنامو
الطاف شيخ
ريل گاڏين ۾ سفر ڪرڻ يا ريلوي اسٽيشن جو سحر، منهنجي دماغَ تي به ڪجهه گهڻو ئي ڇانيل رهي ٿو. ملائيشيا، انگلنڊ، جپان ۽ سئيڊن، جِتي منهنجو جهاز تمام گهڻو ويندو رهيو يا جِتي ڪناري جي نوڪري يا تعليم دوران مونکي گهڻو وقت رهڻو پيو اتي کيسي ۾ چار پئسا وڌيڪَ گڏ ٿيڻ تي پهرين فرصت تي ٽڪيٽ وٺي ٽرين ۾ چڙهي پوندو هوس. ڪڏهن ڪڏهن ته آخري ڇيڙي تائين وڃي وري ساڳي ٽرين ۾ موٽي ايندو هوس. ٽرين جي سفر ۾ دريءَ وٽ ويهي ٻاهر جو نظارو پسڻ، ساڳئي دٻي ۾ ويٺل ماڻهن سان ڪچهري ڪرڻ، اسٽيشنن تي لهي پسار ڪرڻ سان مونکي سڪون ۽ سفرنامو لکڻ لاءِ Inspiration ملي ٿي. هِتي مون جهڙن ريل جي شوقينن يا ريل جي معلومات رکندڙن لاءِ، ڪجهه انڊيا جي ريلوي سسٽم بابت، ٻه ٽي صفحا لکي، هن عنوان کي ختم ڪرڻ چاهيان ٿو.

Sunday, July 10, 2016

سفر بخير - مٺل جسڪاڻي

سفر بخير
مٺل جسڪاڻي
سفر صرف مون نه ڪيو آهي، ٻيا به ڪن ٿا. سفر جو احوال، يعني سفرنامو ٻيا به لکن ٿا، ان ڪري مون به سوچيو ته آئون ڇو نه لکان؟
سفرنامو، نثر جي هڪ صنف آهي. ان صنف جا پنهنجا اصول هوندا، پر مون کي انهن اصولن جي خبر نه آهي. ان ڪري مون کي پڪ آهي، ته منهنجو هي سفر نامو عام سفرنامن کان گهڻو مختلف هوندو.

نائين-اليون سانحي جو يادگار ۽ ٽريبيُوٽ سينٽر - ياسر قاضي

نائين-اليون سانحي جو يادگار ۽ ٽريبيُوٽ سينٽر
پئسفڪ جي پاڙي ۾ قسط: 48
ياسر قاضي
هن ”سفر ـ اورَ“ جي گذريل ڀاڱي ۾ اسين 2001ع جي سيپٽمبر مهيني جي 11 تاريخ پيش آيل امريڪي تاريخ، بلڪ دُنيا جي تاريخ جي انتهائي دل دهلائيندڙ واقعي (نائِين ـ اليون) جي اذيتناڪ ياد تازي ڪرائڻ واري يادگار کي ڏسڻ لاءِ اُن جاءِ تي پهتا هُئاسِين، جتي اهو ڏک ڏيندڙ واقعو پيش آيو هو. اهو اربع 9 اپريل 2014ع جو صبح هو ۽ اسين 10 لڳي ڌاري ان جاءِ تي پهتاسِين، جتي هي ڏک ڏيندڙ واقعو پيش آيو هو. هيءَ جاءِ (سائيٽ) ڪنهن هڪ يادگار تي مُشتمل ناهي، بلڪه هن ۾ ننڍا ننڍا ٻه چار يادگار آهن، جيڪي گھمڻ کان اڳ اهو سمجھڻ ضروُري آهي ته ڪهڙي ڪهڙِي جاءِ ڪٿي ڪٿي آهي. سڀ کان اڳ ته اهو سمجھيو وڃي ته اها جاءِ، جتي اهي ٻئي ڊگھا ٽاور (ٻه ڊگھيوُن عمارتُون) ڳاٽ اُوچو ڪري بيٺيُون هُيُون، جن کي ”ورلڊ ٽريڊ ٽاور“ (ورلڊ ٽريڊ سينٽر) چيو ويندو هو، جنهن سان اچي 4 هاءِ جيڪ ٿيل مسافر بردار جهاز ٽڪرايا ۽ انهن کي ٿوريءَ دير ۾ رک جو ڍير بڻائي ڇڏيائُون، ان جاءِ کي ”گرائُونڊ زِيرو“ چيو وڃي ٿو، جتي (بلڪل انهن ٻن ٽاورز وارِيءَ جاءِ تي) هاڻي ٻه حوض ٺاهيا ويا آهن. ان جاءِ جي پاڙي ۾ 3.9 ارب ڊالرس جي لاڳت سان هڪ نئون اُوچو ٽاور تعمير ڪيو ويو آهي، جنهن کي ”ون ورلڊ ٽاور سينٽر“ چون ٿا. هن ٽاور جي اُوچائي هڪ هزار 7 سؤ 76 فُوٽ آهي ۽ هيءَ دنيا جي گولي جي اولاهين ڀاڱي جي سڀ کان اُوچي عمارت آهي. هي ٽاور 27 اپريل 2006ع تي تعمير ٿيڻ شرُوع ٿي، جُولاءِ 2013ع ۾ جُڙي راس ٿيو. جنهن جو افتتاح اڃا تيستائين ڪونه ٿيو هو، جنهن ڏينهن اسان ان کي سامهُون ڏسي رهيا هُئاسِين. ان جو افتتاح 3 نومبر 2014ع تي ٿيو هو. هن عمارت جا 5 فلور زمين کان هيٺ ۽ 94 فُوٽ زمين کان مٿي آهن. جڏهن ته هن عمارت ۾ ڪل 73 تيز رفتار لفٽُون لڳل آهن. ان جاءِ (گرائُونڊ زِيرو) تي هن واقعي ۾ بيگناهه پنهنجيُون جانيُون قربان ڪرڻ وارن کي انتهائي نرالي انداز ۾ خراج پيش ڪندي، انهن ٻن جاين تي، جتي 11 سيپٽمبر 2001ع تائين جاڙا ”ورلڊ ٽريڊ ٽاور“ بيٺا هُئا، بلڪل انهن جي ئي نقشِ قدم تي ٻه وڏا ويڪرا حوض ٺاهيا ويا آهن، جن ۾ ”ريسائيڪلنگ“ (وري وري استعمال ڪرڻ) واري اصُول تحت پاڻيءَ جي هر وقت وهڪري کي يقيني بڻايو ويو آهي. هنن حوضن جي چئني پاسن کان ڀت جي مٿان انهن سمُورن ماڻهن جا نالا لکيل آهن، جن ”نائين ـ اليون“ واقعي ۾ پنهنجيُون جانيُون وڃايُون. هن يادگار جي اڏاوت مارچ 2006ع ۾ شرُوع  ٿي، جڏهن ته هن جي جُڙِي راس ٿيڻ کان پوءِ ان کي هن حادثي ۾ مارجي ويلن جي وارثن لاءِ هن واقعي جي ڏهين ورسيءَ جي موقعي تي (11 سيپٽمبر 2011ع تي) جڏهن ته عوام لاءِ ان جي ٻئي ڏينهن (12 سيپٽمبر 2011ع) کان کوليو ويو. هنن حوضن واري علائقي ۽ ان جي آسپاس واقع هڪ ويڪري لان (باغ) کي عارضي چؤديواري ڏئي محفُوظ ڪيو ويو آهي. هن يادگار جي حدن جي اندر ”نائين اليون جو عجائب گھر“ (جنهن کي وڏي پيماني تي ٺاهيو ٿي ويو آهي) تن ڏينهن ۾ اڏاوت هيٺ هو ۽ عوام لاءِ اڃا ڪونه کليو هو، پر اهو ٻڌايو ويو ته هن ميُوزيم کي هن واقعي ۾ مري ويلن جي وارثن لاءِ 15 مئي 2014ع تي جڏهن ته عوام لاءِ 21 مئي 2014ع تي کوليو ويندو، جنهن ۾ هن واقعي جي حوالي سان سمُورين يادگاري شين کي سهڻي نمُوني سانڍي سنڀالي رکيو ويو آهي. (اڄ ڪلهه اهو ميُوزيم عوام لاءِ کليل آهي). هنن حوضن ۽ عجائب گھر جي حفاظتي چارديوارِيءَ ٻاهران ئي هڪ ننڍيءَ عمارت ۾ ”نائين اليون ٽريبيُوٽ سينٽر“ ٺهيل آهي (هو)، جنهن کي هن عجائب گھر جو نعم البدل ئي سمجھڻ گھرجي. ڇوته جيسين هي وڏو ”نائِين ـ اليون ميُوزيم“ جُڙيل ڪونه هو، تيسين اهو ٽريبيُوٽ سينٽر هتي خراج پيش ڪرڻ لاءِ ايندڙ عوام کي هن واقعي ۽ هن جاءِ بابت معلُومات فراهم ڪندو هو. اسين به جڏهن هيءَ جاءِ گھمڻ آيا هئاسِين، ته اهو ”نائين اليون ميُوزيم“ اڃا عوام لاءِ ڪونه کليو هو، ته اسان کي هن سانحي بابت ڄاڻ ڏيڻ لاءِ اهو ٽريبيُوٽ سينٽر ئي گھُمايو ويو هو. هي ٽريبيُوٽ سينٽر هڪ سوڙهي گھٽيءَ ۾ واقع هو. ان ئي ٽريبيُوٽ سينٽر کان هنن حوضن واري مُک يادگار طرف ايندي اُن ئي گھٽيءَ جي ڪُنڊ تي ”نائِين اليون فائر فائيٽرس ميموريل“ آهي. هي يادگار انهن باهه وسائيندڙ عملي جي فردن کي خراج پيش ڪرڻ لاءِ جوڙايو ويو آهي، جن هن حادثي جي پهرين حصّي (پهرين جهاز ٽڪرائڻ کان پوءِ) باهه وسائڻ واريُون سرگرميُون جاري رکندي پنهنجيُون جانيُون وڃايُون. اها ڳالهه شايد اوهان منجھان گھٽ پڙهندڙن کي خبر هجي ته هن سانحي ۾ سڀ کان وڌيڪ جانيُون قربان ڪندڙ  باهه وسائڻ وارا ڪارڪن (فائر فائيٽرس) ۽ صحافي هُئا، ڇاڪاڻ ته انهن جو وڏو انگ جهاز ٽڪرائڻ جي پهرين حملي ۽ پهرين ٽاور تباهه ٿيڻ کان پوءِ حادثي واريءَ جاءِ ڏانهن ڊوڙيو هو ۽ پوءِ جڏهن ٻيو حملو ٿيو ۽ ٻيو ٽاور به انتهائي تيزيءَ سان تباهه ٿيو، ته صحافين ۽ باهه وسائيندڙ عملي جو وڏو انگ انهن حملن جي انهيءَ ٻئي قسط ۾ اجل جو شڪار ٿي ويو هو. هن حملي ۾ امريڪا جي ئي ملڪيت 4 جهاز (يُونائيٽڊ ايئرلائنز فلائيٽ نمبر: 11، يُونائيٽڊ ايئرلائنز فلائيٽ نمبر:175، اميريڪن ايئرلائنز فلائيٽ نمبر:77 ۽ يُونائيٽڊ ايئرلائنز فلائيٽ نمبر:93) هائي جيڪ ڪري نيُويارڪ ايئرپورٽ تان اُڏايا ويا ۽ انهن کي ٻن قسطين ۾ ورلڊ ٽريڊ ٽاور جي ٻٽيُن (جاڙيُن) قد آور عمارتن سان ٽڪرايو ويو. ان ڏس ۾ پهريون حملو 11 سيپٽمبر 2001ع تي نيُويارڪ جي معياري وقت مُوجب صبح جو 8:46 لڳي ۽ ٻيو حملو ان کان لڳ ڀڳ 2 ڪلاڪ پوءِ 10:26 لڳي ٿيو. هنن ٻنهي حملن ۾ ڪُل 2 هزار 9 سئو 96 ماڻهن پنهنجيُون جانيُون وڃايُون، جن ۾ 2 هزار 9 سئو 77 بيگناهه ماڻهُو ۽ 19 هائيجيڪرس پڻ شامل هُئا، جن ڄاڻ ٻُجھِي خودڪشي ڪئي. جڏهن ته هن حادثي ۾ 6 هزارن کان وڌيڪ ماڻهن کي اهڙا گھاوَ به لڳا، جيڪي ڪڏهن به نه ڇُٽندڙ (مُستقل) هُئا. هي سانحو، جيتوڻيڪ هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ جو عرصو گذري وڃڻ ڪري پنهنجي يادگيرين جي حوالي سان هيل تائي ميسارجي/ وسري وڃڻ گھرجي ها، پر اڄ به ڄڻ هر دل تي تازو آهي. دنيا جا مُبصر حلقا هن واقعي جو ذميوار ڪنهن کي به کڻي چون (ڪن حلقن جو اهو به خيال آهي ته امريڪا اهو حملو پنهنجو پاڻ تي پاڻ ڪرايو هو، جنهن جي پٺيان به سندس اقتصادي مفاد هُئا)، پر هڪ عام ماڻهوءَ لاءِ هي واقعو ان لاءِ افسوس ۽ بي انتها ڏک جو باعث آهي، جو هن ۾ هزارين بي گناهه انسانن جو قتلِ عام ٿيو، ان ڳالهه کان قطعِ نظر ته انهن ماڻهن جو تعلق ڪهڙي ملڪ، رنگ، نسل، مذهب ۽ قوم سان هو، پر آدم جو اولاد هئڻ جي ناتي، هُو اسان جا ڪنهن نه ڪنهن رِيت مائٽ ضرُور هُئا، جن جو بي گناهه قتل ڏسي هر شعُور ۽ احساس واري اک اڄ به آلي ٿي وڃي ٿي ۽ هي سانحو، رهندڙ دنيا تائين ڏک ۽ ڪرب جي علامت رهندو. هن سانحي ڪيترن مهينن تائين پُوريءَ دنيا کي سوڳ ۾ ويڙهي رکيو ۽ اڄ به جڏهن هن واقعي جو ذڪر اچي ٿو ته هر دل، رت جا ڳوڙها روئي ٿي.

بنارس مسجدن جو به شهر آهي - الطاف شيخ

بنارس مسجدن جو به شهر آهي
الطاف شيخ
هندن جي پاڪ ندي گنگا جي ڪناري وارو شهر بنارس مندرن جو شهر به سڏجي ٿو. هندن جي پاڪ شهرن جهڙوڪ هردوار، الهه آباد وغيره مان بنارس هڪ آهي بلڪه ائين چوڻ غلط نه ٿيندو ته بنارس سڀ ۾ گهڻو پاڪ پوتر شهر سمجھيو  وڃي ٿو  جنهن ۾ هر هندو هڪ دفعو اچي گنگا جل ۾ سنان ڪري پنهن جي ڌرم موجب پنهنجا پاپَ ڌوئي ٿو ۽ اها پڻ هر هندو جي خواهش رهي ٿي ته هن جو آخري دم هن شهر ۾ نڪري جو هندن جو اهوئي عقيدو آهي ته هن شهر ۾ مرڻ وارو سڌو سرڳ ۾ وڃي ٿو.... هو اهو ئي چاهي ٿو ته ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ سندن خاڪ هِتي اچي گنگا حوالي ڪئي وڃي.

حڪومت اسان جي هئي پر حال هيڻا هئا.- الطاف شيخ

حڪومت اسان جي هئي پر حال هيڻا هئا.
الطاف شيخ
اوڻهين صديءَ جي شروع ٿيڻ تائين سواءِ ڪن چند ملڪن جي آفريڪا، ايشيا ۽ آمريڪا کنڊ جي سمورن ملڪن تي انگريزن ۽ يورپ جي ٻين قومن ڊچ، پورچو گالين، فرينچن، اطالوين، هسپانين، المانين (جرمنن) وغيره جو قبضو ٿي چڪو هو. هو هر ڳالهه تي مڪاني ماڻهن بدران پنهنجو پاڻ قبضو ڪيو ويٺا هئا. ايتريقدر جو ڪجهه زمين مڪاني ماڻهن جي هٿ ۾ هئي ته اهي به ان ۾ اها پوکَ ڪري سگهيا ٿي جن جو کين يورپين حڪم ڏنو ٿي. انهن کان ڪچو مال ڪپهه هجي يا ڪڻڪَ سستي اگهه تي وٺي پنهنجي ملڪ يورپ موڪليو ويو ٿي جِتي جي ڪارخانن ۾ ڪپڙو، بسڪيٽ ۽ ٻيو سامان تيار ڪري اسان جي ملڪن ۾ وڏي اگهه تي وڪيو ويو ٿي. هنن کي مڪاني ماڻهن جي ڏک سک جو ڪو الڪو نه هو ته هو ڪيئن پيا زندگي گذارين.... بهرحال ٿوري گهڻي ضرور مدد ڪئي ٿي پوءِ ان پويان ڀلي مقصد کڻي سندن فائدي جو هجي، جيئن فرينچن، پورچو گالين ڊچن ۽ ٻين يورپين مڪاني ماڻهن کي اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ همٿايو جيئن هو سندن ڪلارڪ يا منشي ٿي ڪم ڪري سگهن. پر ڏٺو وڃي ته انهن مڙني يورپين ۾ انگريزن ڪجهه وڌيڪَ ئي خيال رکيو ٿي. هنن جيتري تعليم، امن امان، جوڊيشري، اريگيشن ۽ انڊسٽري تي زور ڏنو اوترو ڪنهن به نه ڏنو. ريلوي نظام به انهن مان هڪ هو. هنن انگلنڊ جهڙو ريلوي نظام ۽ ريلوي اسٽيشنون انڊيا، آفريڪا ۽ ايشيا جي ٻين ڪالونين ۾ به ٺاهڻ چاهيون ٿي. ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن ۾ انڊيا پهريون ملڪ آهي جِتي سڀ کان اڳ 1853ع ۾ بمبئي کان ٿاني ريل گاڏي هلائي وئي ۽ ٻئي سال 1854ع ۾ ٻي ٽرين ڪلڪتي کان هگلي هلڻ لڳي.

مٽيءَ جو من ۽ مستيءَ جو تن - الطاف شيخ

مٽيءَ جو من ۽ مستيءَ جو تن
الطاف شيخ
پنهنجن اخباري ڪالمن ۾ لکي چڪو آهيان ته ڪو به ناليرو تعليمي ادارو شاگرد جي شاندار ڪاميابيءَ جو ذميوار ناهي. پر پنهنجي ماستري (Teaching) تجربي مان ان راءِ تي پهتو آهيان ته شاگرد جي امتحانن ۾ سٺي ڪارڪردگي جو سبب سٺو ٽيچر، شاگرد تي لڳاتار نظر رکندڙ والدين ۽ شاگرد پاڻ آهي. ڪنهن ڏڏ ۽ سست شاگرد کي ڪهڙي به مشهور ڪاليج ۾ رکو هو ڪو ٻوٽو نه ٻاريندو.... ويتر ڪاليج کي بدنام ڪندو. اهوئي ته سبب آهي جو ناموس وارا ڪاليج هر شاگرد کي داخلا ڏيڻ بدران جانچي جونچي، انٽري ٽيسٽ وٺي پوءِ ٽاپ جا شاگرد کڻن ٿا ۽ ماستر به محنتي، ايماندار ۽ devoted رکن ٿا ۽ والدين کي کپي ته هو پنهنجن ٻارن جي monitoring ڪن يعني انهن تي لڳاتار نظر رکن ڇو جو ڪڏهن ڪڏهن محنتي ۽ هوشيار ٻار خراب سنگت ملڻ تي کرجيو پون ۽ هنن جي دلچسپي پڙهائيءَ تان هٽي ٻين ڳالهين تي هليو وڃي.

بنارس جو پان ۽ پڙهائي - الطاف شيخ

بنارس جو پان ۽ پڙهائي
الطاف شيخ
اسان وٽ پاڪستان ۾ به سٺي مٺائي ٺهي ٿي پر انڊيا جي مٺائي دنيا ۾ مشهور آهي. ڪي ڪي دڪان ته سئو سئو سال پراڻا آهن. اسان وٽ سنڌ ۾ به شڪارپور جي هندن جي مٺائي، آچار ۽ پاپڙن جو ڪو مقابلو ڪري نٿي سگهيو. اڄ کان چوٿو صدي اڳ جيئن ئي ڪراچيءَ ۾ ڪنهن شڪارپور جي نالي سان ”شڪارپوري سويٽ ميٽ“ دڪان کوليو ته اهو نه فقط سڄي ڪراچي ۾ مشهور ٿي ويو پر ان جي مٺائي جا آرڊر ٻاهر جي ملڪن مان به اچڻ لڳا. ستر سالن جو ٿي ويو آهيان، چانهه ۾ به کنڊ وجھڻ کان گريز ڪندس پر مٺائي ضرور کائيندس خاص ڪري انڊيا ۾ يا ڪوالالمپور شهر جي ”جالان ملايو“ روڊ تي... جتي ”جئه هند“ نالي ڀوپيندر سنگهه نالي هڪ سک مٺائيءَ جو دُڪان کوليو آهي. ڪڏهن ڪڏهن مونکي سمجهه ۾ نه ايندو آهي ته مٺائي ٺاهڻ لاءِ کير، کنڊ، گيهه، مکڻ يا بئسڻ ته اسان وٽ به ساڳيو استعمال ٿئي ٿو پوءِ ڀلا ڇو ڪجهه دڪان ڇڏي ٻين جي مٺائيءَ ۾ اهو سواد نه آهي!

لاهور کي لتاڙڻ لاءِ مون وسان نه گهٽايو - مٺل جسڪاڻي

لاهور کي لتاڙڻ لاءِ مون وسان نه گهٽايو...
مٺل جسڪاڻي
پاڻ کان وڌيڪ ٻئي جي خبر ته پري جي ڳالهه، پنهنجي خبر به گهڻن کي نه هوندي آهي. مون کي مون متعلق گهڻين ڳالهين جي خبر نه آهي، ڪيترين ئي ڳالهين جي خبر هوندي به خبر نه آهي، پر ايترو ياد اچي پيو، ته جڏهن پرائمري ۾ پڙهندو هئس، يعني 1970 واڌو ڪاٽو 2 ۾، درسي ڪتابن ۾ لاهور بابت پڙهيم ۽ ڪا هڪ اڌ تصوير به ڏٺم. پوءِ وري جڏهن ڳوٺ ۾ بجلي آئي ۽ ٽي وي پهتي، ته 1980ع کان به پوءِ، ٽي وي ۾ خبرن، ڊرامن ۽ ٻين پروگرامن وسيلي لاهور جا ڪجهه منظر نظر آيا، جڏهن ته اخبارن ۽ رسالن توڙي مختلف ڪتابن ۾ لاهور جو احوال پڙهڻ ۽ پاڪستاني فلمن ۾ لاهور جون مشهور جايون ڏسڻ جا پڻ موقعا مليا.

آب رود گنگا - الطاف شيخ

آب رود گنگا
الطاف شيخ
بنارس (ورانسي)، هردوار يا الهه آباد جهڙن شهرن جو مانُ گنگا ندي جي ڪري آهي جنهن کي هندو ڌرم جا ماڻهو پوڄا جي حد تائين پيار ڪن ٿا ۽ عزت ڏين ٿا. هن شهر بنارس کي ته هندو ڌرم جي گادي جو شهر سمجھيو وڃي ٿو. هندن جي لاءِ بنارس هڪ متبرڪ شهر آهي. هِتي هڪ سؤ کان مٿي مندر آهن ۽ هر سال لکين ياتري هِتي گنگا جي پاڻي ۾ اشنان ڪرڻ يا ٽٻي هڻڻ لاءِ اچن ٿا ۽ گهڻي ڀاڱي هندن جي اها ئي خواهش هوندي آهي ته هنن جو موت هن شهر ۾ ٿئي ۽ هتيئي سندن چتا کي ساڙي را ک گنگا ماتا حوالي ڪيو وڃي.

بنارس، ورانسي ۽ ڪاشي هڪ ئي شهر آهي - الطاف شيخ

بنارس، ورانسي ۽ ڪاشي هڪ ئي شهر آهي
الطاف شيخ
هندستان جا جيڪي ست پاڪ پوتر شهر سمجھيا وڃن ٿا انهن ۾ سڀ کان ٽاپ تي بنارس آهي. هن شهر تي هي نالو انگريزن جي 200 سال حڪومت دوران رهيو نه ته ان کان اڳ ۽ هاڻ وري هن شهر کي ورانسي سڏيو وڃي ٿو جنهن کي اسان جا سنڌي ماڻهو وراڻسي پڻ سڏين ٿا جيئن پوني کي پوڻي چون ٿا. هن شهر جو اهو نالو ورانسي شايد هن شهر مان لنگهندڙ ٻن ندين تان پيو هجي..... ورونا Varuna ندي جيڪا اڃا هن شهر ورانسي مان وهندي رهي ٿي ۽ ٻي ندي اسي (Assi) آهي جيڪا هاڻ اسانجي هاڪڙو وانگر نظر نٿي اچي جيتوڻيڪ اسي گهاٽ وٽ هڪ وهندڙ نالي(Stream) لاءِ هتي جي هڪ پنڊت ٻڌايو ته هِتي جا ماڻهو ان نالي کي اسي ندي سمجھن ٿا. بهرحال اهي ٻئي ننڍيون نديون(Tributaries) آهن جيڪي گنگا نديءَ سان وڃيو ملن.

بنارس هڪ آڳاٽو جاڳندڙ شهر - الطاف شيخ

بنارس هڪ آڳاٽو جاڳندڙ شهر
الطاف شيخ
گذريل مضمون کان آئون هندستان جي هن آڳاٽي ۽ مشهور شهر جو سفرنامو لکي رهيو آهيان، جيڪو مندرن جو شهر آهي ۽ هندو هن کي بيحد ڀلارو ۽ متبرڪ شهر سمجھن ٿا. هن شهر جي لاءِ مان هر وقت بنارس نالو استعمال ڪري رهيو آهيان... جيتوڻيڪ توهان کي هن شهر جي ريلوي اسٽيشنن، بس اسٽاپن ۽ ٻين هنڌن تي هن شهر جو نالو، انگريزي توڙي هندي ۽ ڪٿي ڪٿي اڙدو ۾ ورانسي (VARANASI) لکيل نظر ايندو ۽ اڄ جي هر نوجوان جي زبان تي اهو ئي نالو آهي، جيڪو نالو انگريزن جي وڃڻ بعد آزاد هند سرڪار هن شهر جو رکيو، نه ته اسان ننڍي لاڪون بنارس ٻڌو. پاڪستان جي شهر لائلپور ۽ منٽگمري وانگر جيڪي هاڻ فيصل آباد ۽ ساهيوال سڏجن ٿا، انڊيا به پنهنجن ڪيترن شهرن جا نالا پنهنجي مرضيءَ مطابق نوان رکيا، يا وري اهي ساڳيا رکيا، جيڪي انگريزن جي 200 کن سالن جي حڪومت کان اڳ هئا. اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان جهڙا پوڙها اڌ صدي کان اهي انگريزن وارا نالا جيڪي نه فقط عام طرح ٻڌا پر انگريزن جي لکيل ناولن ۾ پڙهيا سو هاڻ پيريءَ ۾ اهي نالا وسارڻ ڏکيو ڪم ٿي پيو آهي. جيئن گذريل سال ممبئيءَ ۾ رهائش دوران مونکي ممبئي اچارڻ ڏکيو، عجيب ۽ اوپرو لڳو ٿي ۽ آئون هر وقت پراڻو نالو بمبئي چوندو رهيس، جنهن تي سالن کان زبان هريل هئي. اهڙيءَ طرح ”پوني“ بدران پراڻو نالو ”پونا“ استعمال ڪندو رهيس، جيڪو اڃا سال ٻن جو هوس ته پنهنجي مرحوم ڏاڏيءَ کان ٻڌو هوم جيڪا هر ڳالهه ۾ پونا شهر جو ذڪر ڪندي هئي، جِتان سندس اڪيلو ۽ سڪيلڌو پٽ (منهنجو والد گل محمد شيخ) سٺي پوزيشن سان ائگريڪلچر سائنس ۾ ڊگري حاصل ڪري آيو هو. پر اڄ اهو چوڻ بدران ته ”پونا Poona سٺو شهر آهي“، هر ڪو چوي ٿو ته ”پوني Pune سٺو شهر آهي.

Friday, July 01, 2016

پئسفڪ جي پاڙي ۾ قسط 18 - ياسر قاضي

پئسفڪ جي پاڙي ۾
 قسط 18
ياسر قاضي
پهرين اپريل 2014ع جي حسين شام، ”اوآهُو“ ٻيٽ جو تاريخي ۽ ثقافتي سير ڪندي، ”نو آنُو پالي لُڪ آئُوٽ“ (پولي ڪلف)، ”الُوپو هِي آيُو“ (ULUPO HEIAU) ۽ ”مڪاپُو“ (u’Makapu) ڪِلف جهڙا سُهڻا تاريخي ماڳ گھُمندي، يادگار ٿِي چُڪِي هُئي. هن شام جو ذڪر هن ”سفر ـ ڪٿا“ ۾ گذريل ٽن ڀاڱن کان جاري آهي ۽ اميد آهي ته اوهان به مُون سان گڏ تفصيل سان اهي سمُورا ماڳ مڪان گھميا. جيتوڻيڪ اڄ جي شام جي گھمڻ لاءِ شيڊيُول ٿيل تاريخي ۽ ثقافتي ماڳن مڪانن ۾ ”مڪاپُو“ (u’Makapu) ڪِلف اسان جو آخري ٿاڪ هو، پر اڃا اڄوڪي شام اختتام تي ڪانه پهتي هئي. ”پڪچر اڀي باقي هي ميري دوست!“ ڇاڪاڻ ته اڄوڪي شام جي پُڄاڻي هڪ يادگار ڊنر (عشائيي) تي ٿيڻي آهي، جيڪا هڪ پاڪستاني ڄاول، امريڪي شهريءَ ڊاڪٽر توفيق صديقيءَ ۽ سندس گھروارِيءَ الرائيڪ صديقيءَ اسان جي سمُوري گرُوپ جي مان ۾ ”هوائي ڪائيءَ“ ۾ واقع پنهنجي گھر ڪئي هُئي. صديقي صاحب ماحوليات ۽ توانائِيءَ بابت علمن جو ماهر آهي ۽ اسان جي ميزبان اداري ”ايِسٽ ويسٽ سينٽر“ ۾ ئي سينيئر فيلو جي حيثيت سان پنهنجيُون خدمتُون انجام ڏئي رهيو آهي.

زندگي ۾ گهمڻ ڦرڻ جي اهميت -عبدالله مورائي

زندگي ۾ گهمڻ ڦرڻ جي اهميت
Notes from Europe
عبدالله مورائي
زندگيءَ جي سفر ۾ هن دنيا جو سير ڪرڻ تمام ضروري آهي. مون پنهنجي وس آهر ڪوشش ڪئي آهي ۽ ان ڳالهه تي عمل به ته؛ ’گهڻي کاڌي کان گهڻو ڏٺو چڱو آهي. اهي پهاڪا، صدين جي شعور جو نچوڙ ٿين ٿا. جڏهن جُون ۽ جولاءِ جا مهينا ايندا آهن ۽ مون-سون جا مينهن وسندا آهن ته مون سميت منهنجي وڏي ڀاءُ فاروق ۽ اسان جي ڪجهه ٻين دوستن جي ڪيفيت ڏسڻ وٽان هوندي آهي.