Sunday, July 10, 2016

بنارس جو پان ۽ پڙهائي - الطاف شيخ

بنارس جو پان ۽ پڙهائي
الطاف شيخ
اسان وٽ پاڪستان ۾ به سٺي مٺائي ٺهي ٿي پر انڊيا جي مٺائي دنيا ۾ مشهور آهي. ڪي ڪي دڪان ته سئو سئو سال پراڻا آهن. اسان وٽ سنڌ ۾ به شڪارپور جي هندن جي مٺائي، آچار ۽ پاپڙن جو ڪو مقابلو ڪري نٿي سگهيو. اڄ کان چوٿو صدي اڳ جيئن ئي ڪراچيءَ ۾ ڪنهن شڪارپور جي نالي سان ”شڪارپوري سويٽ ميٽ“ دڪان کوليو ته اهو نه فقط سڄي ڪراچي ۾ مشهور ٿي ويو پر ان جي مٺائي جا آرڊر ٻاهر جي ملڪن مان به اچڻ لڳا. ستر سالن جو ٿي ويو آهيان، چانهه ۾ به کنڊ وجھڻ کان گريز ڪندس پر مٺائي ضرور کائيندس خاص ڪري انڊيا ۾ يا ڪوالالمپور شهر جي ”جالان ملايو“ روڊ تي... جتي ”جئه هند“ نالي ڀوپيندر سنگهه نالي هڪ سک مٺائيءَ جو دُڪان کوليو آهي. ڪڏهن ڪڏهن مونکي سمجهه ۾ نه ايندو آهي ته مٺائي ٺاهڻ لاءِ کير، کنڊ، گيهه، مکڻ يا بئسڻ ته اسان وٽ به ساڳيو استعمال ٿئي ٿو پوءِ ڀلا ڇو ڪجهه دڪان ڇڏي ٻين جي مٺائيءَ ۾ اهو سواد نه آهي!


بنارس جِتي روزانو هزارين ٽوئرسٽ اچن ٿا ۽ جيڪو شهر ايامن کان برقرار آهي اتي مٺائي، نمڪو، آلو پراٺا، پوري ڀجيا جهڙن دڪانن جي ڪهڙي کوٽ؟ ۽ ڪيترن دڪانن جو سؤ سؤ سالن کان پراڻو هجڻ ڪا ڳالهه ئي ناهي. گنگا ندي جي ڪناري تي ٺهيل گهاٽن جي ڀرسان ته کاڌن پيتن جا ائين دڪان آهن جيئن ڪراچي جي برنس روڊ تي يا لاهور جي فوڊ اسٽريٽ ۾. اسان ايشيائي ماڻهو ته ڇا، بنارس ۾ گورن (يورپين) کي به هِتي جون مشهور شيون بنارسي دم آلو، آلو چاٽ، پاني پوري ۽ پان وغيره چشڪا ڏئي کائيندو ڏٺم. بنارس جي پانَ بابت ته گهڻن ئي اميتاب بچن جي فلم ڊان ۾ ڪشور ڪمار جو گانو ٻڌو هوندو:
کھاکے پان بنارس والا
کھل  جائے بند عقل کا تالا
پھر تو ایسا کرے دھمال
سیدھی کردے سب کی چال
او چھورا گنگا کنارے والا
گنگا جي ڪناري تي ڪيترن ڇوڪرن کي پان ٻيڙي ماچيس جهڙيون شيون وڪڻندو ڏسي مونکي به اهو گانو ياد اچيو وڃي.
هونءَ بنارس جي پان بابت هڪ ٻيو گانو فلم ”کلم کلا پيار ڪرين“ جو به مشهور آهي.
یہ لڑکی نہیں بنارس کا پان ہے
اسے ہونٹوں پہ اپنے سجاکے رکھوں
اسے دانتوں تلے دبا کے رکھوں
یہ تو جوانی کے کتھے کی دکان ہے
یہ لڑکی نہیں بنارس کا پان ہے۔
هونءَ انڊيا جي ٻين شهرن وانگر بنارس ۾ به هڪ ٽوئرسٽ يا مڪاني ماڻهو کي ماني ٽڪي خاص ڪري نيرن جو مسئلو نٿو ٿئي. صبح جي وقت ڏسان ٿو ته غريب غربو، خاص ڪري مزور ۽ ڪلارڪ طبقو گهر ۾ نيرن ڪرڻ بدران رستي تي ٺهيل ڌاٻن تان چانهه جو ڪوپ ۽ ٻه ٽي ٽوسٽ کائي پوءِ پنهنجي ڪَمَ تي روانا. انڊيا ۾ خبر ناهي حڪومت طرفان کير تي سبسڊي آهي يا هونءَ ئي اها قيمت آهي جو اسان کاسن سستو آهي. اها دوڌ پتي چانهه جيڪا اسان وٽ 25 رپئي ڪوپ ملي ٿي.... اها انڊيا ۾ 5 رپئي آهي. هاڻ ٽن چئن سالن کان اسانجي رپئي جو قدر بنهه ڪرڻ ڪري انڊيا جو رپيو اسان جي ٻن رپين برابر ٿي پيو آهي ته به اهو چانهه جو ڪوپ ڏهين رپئي ۾ به سستو ٿيو.
هِتي بنارس ۾ ته نيرن جي وقت ڪچوريون، پوريون ۽ ٻيون ان قسمَ جون شيون عام آهن.... خاص ڪري ”ڪچوري سبزي“ ان ۾ به ٽي قسم آهن. ڪٿي پٽاٽن جي سنهي ڪاتر جي ڀاڄي سان پوريون ملن ٿيون ته ڪٿي اهي ڪچوريون ملن ٿيون جن ۾ مڱن جي دال ڀريل آهي. ان کان علاوه گنگا ندي جي ڪناري اشنان گهاٽن وٽ مِني ڪچوريون ملن ٿيون جن سان گڏ پٽاٽن جي ڀاڄيءَ جو رس ”آلو رس“ ٿئي. هڪ گاڏي واري کان مون چار پوريون ۽ ڀاڄي وٺي کاڌي هن مونکان 15 رپيا ورتا جيڪي اسان جا 30 رپيا ٻڌجن ته به اسان جي اَگهه کان گهٽ ٿيا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته مهانگائي انڊيا ۾ به وڌي وئي آهي پر هڪ غريب جو گذارو ايترو ڏکيو نٿو ٿئي جيترو اسان جي ملڪ ۾..... خاص ڪري سنڌ ۾ جِتي بيروزگاري وڌيڪَ آهي نوڪرين ۽ ڪارخانن جي کوٽَ آهي. امن امان جي صورت بيحد خراب آهي.
دشناس واميد گهاٽ واري گهٽي جيڪا وشواناٿ مندر ڏي وڃي ٿي اتي ”ڪانجي لال ائنڊ ڪمپني“ نالي ساڙهين جي دڪان وٽ هڪ رٻڙي/ملائي جو دڪان آهي. اتان هڪ ڏينهن رٻڙي وٺڻ ويس ته هڪ ملئي نوجوان ڇوڪري کي ڏٺم. پنهنجي ملئي ٻولي تيز ڪرڻ لاءِ هن سان خير خبر ڪيم. مون سمجھيو ته هو ٽوئرسٽ آهي يا پنهنجي ملڪ جي ڪنهن يونيورسٽي ۾ هسٽري جو شاگرد آهي ۽ هِتي تعليمي ٽوئر تي آيو آهي. پر اهو ٻڌي مونکي حيرت ٿي ته هو هِتي بنارس هندو يونيورسٽي جو شاگرد آهي.
”ڇا پڙهي رهيا آهيو؟“ مون پڇيومانس.
”انجنيرنگ“ هن وراڻيو.
”ڪمال آهي. اها ته توهان ملائيشيا جي به ڪنهن يونيورسٽي مان ڪري سگهو ٿاس. بلڪه دنيا جا ماڻهو اڄ ڪلهه توهان جي ملڪ ۾ اعليٰ تعليم لاءِ وڃن ٿا.“ مون چيومانس.
”بلڪل صحيح ٿا چئو پر مون سيرئمڪ (ceramic) انجنيرنگ ڪرڻ ٿي چاهي جيڪا اسان جي ڪنهن انجنيرنگ يونيورسٽي ۾ نه آهي.“
هِتي اهو لکندو هلان ته بنارس هندو يونيورسٽي ۾ چئن سالن جو انڊر گرئجوئيٽ ”بيچلر آف ٽيڪنالاجي“ ۾ ڊگري ۽ پوسٽ گرئجوئيٽ ”بيچلر آف ٽيڪنالاجي“ ۾ ڊگري ۽ پوسٽ گرئجوئيٽ ”ماسٽر آف ٽيڪنالاجي“ ۽ Ph.D ڊگرين جا جيڪي ڪورسز ٿين ٿا اهي هنن انجنيرنگ برانچن ۾ آهن:
سيرئمڪ انجنيرنگ
ڪيميڪل انجنيرنگ
سول انجنيرنگ (جنهن ۾ مختلف برانچون آهن جيئن ته هئڊرالڪ ۽ واٽر رسورسز انجنيئرنگ، جيو ٽيڪنيڪل انجنيرنگ، اسٽرڪچرل انجنيرنگ، انورانمينٽل انجنيرنگ، ۽ ٽرانسپورٽيشن انجنيرنگ).
اليڪٽريڪل انجنيرنگ
اليڪٽرانڪس انجنيرنگ (جنهن ۾ وڌيڪَ برانچون هي آهن: مائڪرو ويو انجنيئرنگ، ڪميونيڪيشن سسٽمس انجنيرنگ وغيره).
ميڪينيڪل انجنيرنگ
مائيننگ انجنيرنگ
بايو ميڊيڪل انجنيرنگ
ميٽلرجيڪل انجنيرنگ............ وغيره وغيره.
”هونءَ مونکان وڌيڪَ منهنجي پيءُ کي شوق هو ته آئون انڊيا جي ڪنهن يونيورسٽي..... خاص ڪري هن بنارس هندو يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪريان.“ مٿئين ملئي شاگرد ٻڌايو.
”ڇو ڀلا؟“ مون حيرت مان پڇيو.
”منهنجو پيءُ به انجنيئر آهي جنهن آسٽريليا مان تعليم حاصل ڪئي ۽ اسانجو پنهنجي ملڪ جي شهر جوهوربارو ۾ پنهنجو انجنيئرنگ سيٽ اپ آهي جنهن جو اڳتي هلي مونکي CEO ٿيڻو آهي سو منهنجو پيءُ ضروري ٿو سمجھي ته مونکي تعليم سان گڏ ٻاهر اڪيلو رهڻ جو به تجربو حاصل ٿئي.“ هن ٻڌايو.
مونکي به کڻي ٿي کُٽي سو جذباتي ٿي کڻي چيومانس ”پوءِ ته پاڪستان ۾ اچي پڙهين ها جيڪو مسلمانن جو ملڪ آهي.“
منهنجي ان سوال تي هن مون ڏي حيرت مان ڏسي ڪجهه لمحا سوچيو ۽ پوءِ چيو:

”انڪل، هِتي به ته مسلمان آهن. بلڪه پاڪستان کان به گهڻا آهن. اسان پاڪستان جو به سوچيو هو پر منهنجي والد اهو سوچي مونکي هيڏانهن انڊيا موڪليو جو پاڪستان ۾ امن امان جي صورت خراب آهي. اڪثر تعليمي ادارا بند رهن ٿا ۽ ٻي ڳالهه ته انڊيا ۾ مڪاني شاگردن کان علاوه ڪيترن ٻاهرن ملڪن جا شاگرد پڙهن ٿا جيئن هن BHU ۾ ٽيهن کان مٿي ملڪن جا شاگرد آهن جن سان پڻ منهنجي ڏيٺ ويٺ ٿئي ٿي... سڀ کان وڏي ڳالهه ته هِتي جي تعليمي ادارن ۾ ڊسيپلين ۽ تعليمي معيار تمام بلند آهي... اسان پنهنجي انجنيرنگ فرم لاءِ جڏهن انجنير رکندا آهيون ته انڊين رکندا آهيون جو هنن کي نه فقط ڊگري هوندي آهي پر ڄاڻَ به هوندي آهي. ان ڪري مونکي منهنجي والد نه فقط  انجنيرنگ جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ موڪليو آهي پر ان بابت صحيح تعليم ۽ ڄاڻَ پرائِڻَ لاءِ پڻ جيئن سڀاڻي گرئجوئيٽ ٿيڻ بعد پنهنجي ڪاروبار کي صحيح طرح سمجھي سگهان ۽ هلائي سگهان.“

No comments:

Post a Comment