Friday, July 01, 2016

پئسفڪ جي پاڙي ۾ قسط 18 - ياسر قاضي

پئسفڪ جي پاڙي ۾
 قسط 18
ياسر قاضي
پهرين اپريل 2014ع جي حسين شام، ”اوآهُو“ ٻيٽ جو تاريخي ۽ ثقافتي سير ڪندي، ”نو آنُو پالي لُڪ آئُوٽ“ (پولي ڪلف)، ”الُوپو هِي آيُو“ (ULUPO HEIAU) ۽ ”مڪاپُو“ (u’Makapu) ڪِلف جهڙا سُهڻا تاريخي ماڳ گھُمندي، يادگار ٿِي چُڪِي هُئي. هن شام جو ذڪر هن ”سفر ـ ڪٿا“ ۾ گذريل ٽن ڀاڱن کان جاري آهي ۽ اميد آهي ته اوهان به مُون سان گڏ تفصيل سان اهي سمُورا ماڳ مڪان گھميا. جيتوڻيڪ اڄ جي شام جي گھمڻ لاءِ شيڊيُول ٿيل تاريخي ۽ ثقافتي ماڳن مڪانن ۾ ”مڪاپُو“ (u’Makapu) ڪِلف اسان جو آخري ٿاڪ هو، پر اڃا اڄوڪي شام اختتام تي ڪانه پهتي هئي. ”پڪچر اڀي باقي هي ميري دوست!“ ڇاڪاڻ ته اڄوڪي شام جي پُڄاڻي هڪ يادگار ڊنر (عشائيي) تي ٿيڻي آهي، جيڪا هڪ پاڪستاني ڄاول، امريڪي شهريءَ ڊاڪٽر توفيق صديقيءَ ۽ سندس گھروارِيءَ الرائيڪ صديقيءَ اسان جي سمُوري گرُوپ جي مان ۾ ”هوائي ڪائيءَ“ ۾ واقع پنهنجي گھر ڪئي هُئي. صديقي صاحب ماحوليات ۽ توانائِيءَ بابت علمن جو ماهر آهي ۽ اسان جي ميزبان اداري ”ايِسٽ ويسٽ سينٽر“ ۾ ئي سينيئر فيلو جي حيثيت سان پنهنجيُون خدمتُون انجام ڏئي رهيو آهي.


اسين ”مڪاپُو“ (u’Makapu) ڪِلف گھُمي ”ڪوائِي هائي“ نالي اسٽريٽ (گھٽيءَ) ۾ واقع، هڪ خوبصورت اپارٽمينٽ جي عمارت جي ميزينائين فلور تي ”پائينا رُوم“ نالي ڪُشادي هال ۾ پهتاسين، جنهن جي شيشن جي سلائيڊنگ ڊورس جي پرئين پاسي هڪ وسيع سُوئيمنگ پُول سائيڊ ۽ ڪُشادو جھنگ نُما باغ هو. ڊاڪٽر ۽ مسز توفيق صديقيءَ جي رهائش هن ئي عمارت ۾ مٿي ڪنهن فلور تي واقع، ڪنهن فليٽ (اپارٽمينٽ) ۾ هئي، پر هي ميزينائين (زميني منزل ۽ پهرين منزل جي وچ وارو فلور) ۽ ان جو خاص ڪري هي ڀاڱو، هن عمارت جي رهائشين لاءِ ڪنهن گڏجاڻيءَ وغيره جي سهُولت طور مخصُوص ٿيل هو، جتي اسان جي پهچڻ شرط اسان جو انتهائي گرمجوشيءَ سان استقبال ٿيو. اسان جي ڪوسٽر مان لهڻ شرط ئي ڊاڪٽر شبِير چيمه (سندس ذڪر پونيُن قسطين ۾ تفصيل سان ٿيل آهي) اسان جو آڌر ڀاءُ ڪيو. جيئن ته اوهان کي ٻُڌائي چُڪو آهيان ته پورِيءَ امريڪا ۾ رات جي ماني جلدي کائڻ جو رواج آهي، ته جيئن هر قسم جِي مصرُوفيت مان آجو ٿي، هر ڪو جلدي وڃي سُمهڻ جي ڪري، ته جيئن ٻئي ڏينهن جي ڪمن ڪارن ۽ سرگرمين سان مُنهن ڏيڻ لاءِ صبح جو سوير اُٿي سگھجي، تنهنڪري اسين امريڪا ۾ جنهن به شهر ۾ رهياسِين، رات جي مانيءَ لاءِ اسان کي شام جو 5 کان ساڍي 5 لڳي جي وچ تائين جو ئي ٽائيم ڏسيَل هُوندو هو. هن عشائيي تي به اسين جنهن وقت پهتاسِين ته اُن وقت ٽنپهرن کن جو وقت هو ۽ اڃا ٽنپهرن جا پاڇا به ڪونه لَڙيا هُئا. لفٽ رستي ميزينائين فلور تي پهتاسِين، ته مائِي اينان (اين هارٽمين)، مائي جُونِي (”جُون ڪُريموتو“ ـ يعني هوائينز جي ”مُحمّد رمضان“)، مائِي ”سُوزن ڪرِيفلس“ ۽ مائي ”مارلو کُدارِي“ اڳواٽ ئي اُتي موجُود هيُون. مائي مارلو ته سگھرِي (پنهنجي مُڙس سميت) موجُود هُئي، پر سندس ورَ جو تعارف اوهان سان بعد ۾ ٿو ڪرايان، پهريان مان اوهان کي اسان جي اڄوڪي رات جي مانيءَ جي ميزبان، ڊاڪٽر توفيق صديقيءَ سان ملرايان، ڇو ته چوندا آهن نه ته: ”جنهن جو کائجي، تنهن جو ڳائجي به!“
ڊاڪٽر توفيق صديقي، ”اِيسٽ ويسٽ سينٽر“ جي تحقيقي پروگرام سان مُنسلڪ ”ريسرچ فيلو“ (مُحقق) هجڻ سان گڏوگڏ هوائيءَ ۾ قائم ”ٽوئينٽي فرسٽ سينچري“ نالي اين جِي او نُما اداري ۾ ”گلوبل انوائيرنمينٽ اينڊ انرجي“ (عالمي ماحوليات ۽ توانائِيءَ) واري شعبي جو صدر به آهي. ڊاڪٽر صديقيءَ کي توانائيءَ توڙي ماحوليات واري شعبي ۾، خاص طور تي عالمي موسمي تبديلين (گلوبل ڪلائيميٽ چينج) واري موضُوع تي تحقيق جو 30 سالن کان وڌيڪ جو تجربو آهي. اِيسٽ ويسٽ سينٽر ۾ هُن 1980ع ۾ ”پاليسيُن ۾ توانائيءَ جا ماحولياتِي رُخ“ جي عُنوان سان ۽ 1989ع ۾ ”عالمي موسمي تبديلين کي مُنهن ڏيڻ لاءِ ضرُوري عنصرن کي گھٽ ڪرڻ جا طريقا“ جي سَري سان ڪامياب تحقيقي پروگرام شرُوع ڪيا. ڊاڪٽر صديقيءَ، گڏيل قومن جي اقتصادي ۽ سماجي ڪميشن جي، ايشيا ۽ ايشيا پئسفڪ ريجنس لاءِ ”ريجنل ايڊوائيزر“ (علاقائي صلاحڪار) جِي حيثيت ۾ 1995ع کان 1997ع تائين ٻه سال خدمتُون انجام ڏنيُون. هُو مُختلف وقتن تي، گڏيل قومن جي سُڌاري واري پروگرام (UNDP)، ورلڊ بئنڪ، ايشين ڊويلپمينٽ بئنڪ ۽ ”بين الاقوامي سُڌاري لاءِ امريڪي اداري“ (يُو ايس ايجنسِي فار انٽرنيشنل ڊويلپمينٽ) جي صلاحڪار (ڪنسلٽنٽ) جي حيثيت ۾ به پنهنجيُون صلاحيتُون استعمال ڪندو رهيو آهي. ڊاڪٽر توفيق صديقي موسمي تبديليءَ بابت بين الحڪُومتي پئنل جو سرموڙ مُصنف به رهيو، جنهن لاءِ هن 2007ع وارو امن جو نوبل انعام شيئر به ڪيو. [اصل ۾ هن غريب جو نالو ته نوبل پرائز کٽندڙ طور ڪونه آيو ۽ اُن بين الحڪُومتي پينل (انٽرگورنمينٽل پئنل) جو نالو فاتح طور کنيو ويو، جنهن جو ڊرافٽ ڪندڙ (لکندڙ) اهم مُصنف ڊاڪٽر صديقي هو] 2007ع جي امن جي نوبل پرائز جي فاتح طور هڪ اداري ۽ هڪ فرد جو نالو رڪارڊ تي آيو. اُهو ادارو مٿي ذڪر ڪيل ”انٽر گورنمينٽل پئنل آن ڪلائيميٽ چينج“ (IPCC) هو ۽ فرد، ”الربرٽ آرنلڊ“ (اي آءِ) جارج جُونيئر“ هو. هنن فاتحن جي مڃتا ۾ لکيو ويو ته: ”2007ع جو امن جو نوبل انعام مٿي ذڪر ڪيلن کي، ماڻهن پاران ڪيل عمل جو سبب بڻجندڙ موسمي تبديلين جي حوالي سان گھڻو علم ڳولهي لهڻ، ان کي ماڻهن تائين پهچائڻ ۽ اهڙي قسم جي موسمي تبديلين سان مُنهن ڏيڻ لاءِ گھُربل ضرُوري قدم کڻڻ جي بُنيادن رکڻ جي خدمتن عيوض ڏنو وڃي ٿو.“ سو ڪنهن به حوالي سان صديقيءَ جو نالو هن نوبل پرائز جي فاتحن ۾ رڪارڊ تي ڪونه آيو، پر حقيقت اها آهي ته ان بين الحڪُومتي پئنل جو اصل ڊرافٽ تيار ڪرڻ ۾ ڊاڪٽر صديقيءَ جو خاص هٿ هو. ماڻهُو چوندا آهن، پر آءٌ اهڙن اڪيچار مثالن هُوندي به ان خيال کي ڪونه ٿو مڃيان ته نوبل پرائز کان ڪوشش ڪري مُسلمانن، خاص طور تي پاڪستاني مُسلمانن کي پري رکيو ويندو آهي. صديقيءَ وارو واقعو، ان تصوّر ۽ سوچ تي ايمان جي حد تائين يقين رکندڙن جي لاءِ هڪ وڏو مثال ٿي سگھي ٿو، پر منهنجو خيال اهڙي تصوّر جي اڄ به برعڪس آهي.
ڊاڪٽر توفيق صديقي، واشنگٽن ڊي سِيءَ ۾ ”گلوبل انوائرنمينٽ فيسلٽِي“ (عالمي ماحولياتي سهُولت واري اداري) جو پهريون ”گشتي مُحقق“ (وزِيٽنگ سينيئر فيلو) ۽ ”هوائي اڪيڊمي آف سائنس“ جو پهريون صدر هئڻ جو اعزاز به رکي ٿو. ڊاڪٽر توفيق جي پيدائش ۽ پرورش، ورهاڱي کان اڳ گڏيل هندستان جي هڪ علمي خاندان ۾ ٿي، جڏهن ته اسڪُول واري زماني ۾ هُو انگلنڊ ۽ جرمنيءَ جي اسڪُولن جو شاگرد رهيو. هُن نيُوڪليئر فزڪس ۾ ڊاڪٽوريٽ (پِي ايڇ ڊِيءَ) جِي ڊگري پڻ جرمنيءَ مان حاصل ڪئي. هن هڪ ذهين اسڪالر جي حيثيت ۾ ”توانائِيءَ جي ماحولياتي اثرن“ بابت هڪ نئون مضمُون (تحقيق جي فِيلڊ) تخليق ڪئي/ڳولهي لڌي، جنهن موضُوع تي هُو انڊيانا يُونيورسٽِيءَ جي استادن کان اڪيلي سِر پڙهيو. 1977ع ۾ جڏهن اِيسٽ ويسٽ سينٽر، ”اينوائرنمينٽ اينڊ پاليسي انسٽيٽيُوٽ“ (EAPI) قائم ڪيو، ته ڊاڪٽر صديقيءَ اُتي خدمتُون انجام ڏيڻ شرُوع ڪيُون. هُو هيل تائين ماحوليات، توانائي، موسمي تبديليُن، سائنس ۽ ٽيڪنالوجيءَ بابت پاليسيُن، پاڻِيءَ جي ذخيرن جي مناسب ۽ مُتناسب استعمالَ ۽ فزڪس جي ڪئين جُزوي موضُوعن تي مُتعدد ڪتاب، ڪئين رپورٽون توڙي آرٽيڪل لکي چُڪو آهي ۽ لکي رهيو آهي. هُو توانائيءَ توڙي ماحوليات جي مُعاملي ۾ ڀارت ۽ پاڪستان جي امريڪا سان سهڪاري پيش قدميُن توڙي نيُوڪليئر طاقتن جي عدم توسيع، پاڻِيءَ، ڏکڻ ايشيا ۾ سلامتيءَ، توانائِيءَ توڙي عالمگير موسمي تبديليُن جهڙن اهم موضُوعن تي پڻ مُسلسل لکندو ۽ مُختلف هنڌن تي ليڪچر ڏيندو رهي ٿو. صديقي صاحب جي ونِي، الرائيڪ صديقي، پرڏيهڻ آهي. هُونءَ ته مُنهن مُهانڊن ۾ صديقي صاحب به پرڏيهه ۾ رهِي رهِي پرڏيهي ئي پيو ڀاسي.
هن محفل ۾ هونولُولُو ڪائُونٽيءَ ۽ اوآهُو ٻيٽ ۽ ان جي آس پاس رهندڙ هڪ ٻن ٻين خاندانن کي به گھُرايو ويو هو، ته جيئن اسان پاڪستاني انهن سان ملِي، پنهنجائپ محسُوس ڪري سگُهون. انهن ۾ هونولُولُوءَ ۾ ورهن کان رهندڙ اڌيڙ عمر جو خوش مزاج صاحب، انور قادري ۽ سندس بنهه گھريلو زال به شامل هُئا، جيڪي ڄاوا، نپنيا ڪراچيءَ ۾ آهن، پر روزگار سانگي گذريل ڪئين سالن کان هوائيءَ جا رهائشي آهن، پر لڳي ٿو ته قادري صاحب جي گھر ۾ اڄ به پڪو پڪو پاڪستاني اسلامي ماحول آهي، جنهن جو پڪو پتو اسان کي هن سفر ۾ هونولُولُوءَ ۾ اسان جي ٻيهر قيام دؤران ته پئجي ويو، پر هن پهرينءَ مُلاقات ۾ به انور قادري صاحب جي ونيءَ جو بنهه ديسي لباس، پاڪستاني رک رکاءَ وارو سُڀاءُ ڏسي، اها پڪ ٿي ته هي ڪٽنب هوائِيءَ ۾ به پاڪستان جيان گُذاري ٿو.
هن دعوت جو ٻيو مُک ڪردار، مائي مارلو کُدارِيءَ جو مُڙس، يُوسف کُدارِي هو، جيڪو هونولُولُو جو مشهُور ”ڪيرِيڪيچر آرٽسٽ“ (ڪارٽُونسٽ) آهي. ڀريل بُت، ڊگھي قد ۽ مٿي تي وارن جي سخت قلت جو شڪار، يُوسف کُدارِي مُسلمان آهي ۽ عربيءَ، فارسيءَ سان گڏ ٿوري گھڻي اردُو به ڄاڻندو آهي. ڳالهائڻ ۾ ته خير! ايتري مهارت ڪانه اٿس، پر اردُو ۽ عربي رسم الخط چڱي لکي ٿي سگھيو. جڏهن ته سندس زال مائي ”مارلو کُدارِي“ مُسلمان ناهي. هن شام جو اسان لاءِ سڀني کان مُنفرد ۽ نرالو تحفو اهو هو ته يُوسف اسان سڀني جا ”ڪيريڪيچر اسڪيچ“ (ڪارٽُون) ٺاهيا، جيڪي اسان کي تحفي طور ڏنا ويا. اهو اسان لاءِ هڪ وڏو سرپرائز ۽ هڪ تمام سهڻو ۽ مُنفرد تحفو هو. اسان جي ڪُجهه دوستن کي سندن ڪيريڪيچر سندن اصل مُهانڊن سان ملندڙ جُلندڙ ڪونه لڳا، اُنهن پنهنجا ڪارٽُون ڏسي، مُنهن ٿي گھُنجايا، پر مُون کي يُوسف کان اهڙي شڪايت بنهه ڪانه رهي.
اسين هن ڊنر وارِيءَ جاءِ ”پائينا رُوم“ تي پهچڻ کان پوءِ صديقيءَ، سندس مسز الرائيڪ، ٻين ميزبان ڪٽنبن توڙي پاڻ ۾ ڪچهرِيءَ ۾ مصرُوف ٿي وياسِين. ان هال ۾ صوفا، ڪُرسيُون ۽ ننڍيُون ننڍيُون ڊائننگ ٽيبلُون به رکيل هيُون ۽ هرڪو پنهنجو پاڻ ننڍن گرُوپن ۾ ورهائجي، هڪ ٻئي سان ڪچهري ڪرڻ لڳو. يُوسف کُداريءَ اسان جي آمد کان وٺِي روانگيءَ تائين مُسلسل ”پائينا رُوم“ جي وچ ۾ رکيل ٻن صوفن منجھان هڪ تي ويهي، ٻئي تي اسان مان واري واري سان هڪ هڪ کي ويهاري اُن جو ڪيرِيڪيچر اسڪيچ پئي ٺاهيو. سندس گھر وارِي، مائِي مارلو اهي اسڪيچ ڊزائن ڪندي، سندس تصويرڪشِي ڪرڻ ۾ رُڌل هُئي. هر اسڪيچ ڊزائن ٿي وڃڻ کان پوءِ مائي مارلو اُن اسڪيچ جي مالڪ کي اُهو اسڪيچ هٿ ۾ پڪڙائي پڻ فوٽو پئي ڪڍيا. اسان جا به ڪيريڪيچر ٺهڻ کان پوءِ مائِي مارلو فوٽوز ڪڍيا. فوٽُو ڪڍڻ کان پوءِ مائِيءَ اسان سڀني جا اسڪيچ وٺِي پنهنجِي تحوِيل ۾ ٿي ڪيا. مُون کيس چيو: ”مائِي! اهي ته اسان جا اسڪيچ آهن. اسان جي حوالي ڪر نه!“ ته مائِيءَ مذاق ۾ وراڻيو: ”اوهان پهرين 20 ڊالر ادا ڪندا، پوءِ اوهان کي اوهان جو اسڪيچ ملندو.“ مُون کيس وراڻيو: ”اڇا! واهه جو بزنس شرُوع ڪيو اٿئي! آءٌ توکي اهڙي سُهڻي اسڪيچ جا 30 ڊالر ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. تُون رڳو مُنهنجي حوالي ڪر!“ مائِيءَ به کلي چيو: ”چڱو ڪڍ 30ڊالر!“ اهي اسڪيچ ان لاءِ واپس ورتا ويا، جو اهي اسان کي آخرِي ڏينهن تي سندُن ورهائڻ وارِيءَ تقريب ۾ ساڳئي لفافي ۾ وجھي ڏنا ويا هُئا، جنهن ۾ اسان جو گرُوپ فوٽو، سرٽيفڪيٽ ۽ اهو ڪيريڪيچر اسڪيچ پيل هو. سمجھو اهو اسان جو فائنل ڊَي گفٽ پيڪ هو، جيڪو اسان کي هن سفر جي هونولُولُو ۾ آخري ڏينهن تي مليو هو.
اُن هال ۾ پاسي کان ڊائننگ ارِينا سُهڻي نمُوني سينگاريو ويو هو، جنهن ۾ اڪثريت پاڪستاني کاڌن جي هُئي. ”ايپيٽائيزر“ (مانيءَ کان اڳ ۾ وارِيءَ پيٽ پُوڄا) کان وٺِي ”مين ڪور“ (اصل ڊشز) تائين لڳ ڀڳ 10 کن قسمن جا طعام سينگاريل هُئا. مان، اِشُو (اشفاق آذر) ۽ جيئند ڪاشف ساجدِي ٿوري دير اندر ويٺاسِين، پوءِ سُتت اهو محسُوس ٿيو ته انهن مُختلف ٽولن جي ڪچهرِيءَ سبب هال ۾ گوڙ الاهي وڌِي ويو آهي، تنهن ڪري اسان ٽئي شيشي جي سِلائِيڊنگ دروازي جي هُنَ پار وارِي دُنيا ڏسڻ لاءِ هن دُنيا کان ٿورو پرڀَرو ٻاهر آياسين... هيءَ پُول سائِيڊ هُئي. هڪ وڏو سُوئمنگ پُول ۽ ان جي ڀرسان هڪ ڪُشادي ويهڻ جِي جاءِ هئي، جنهن تي هڪ وڏِي ڇَٽي لڳل هُئي، جنهن جي هيٺان ٽيبل ۽ آرام ڪُرسيُون لڳل هُيُون. سانجھي ٿِي چُڪِي هُئي... اسان ٽئي اُنهن ڪُرسين تي ويهِي رهياسِين... اُن پاسي بلڪل خاموشي هُئي... اسان جي گرُوپ مان اسان ٽنهي کان سواءِ ٻيو ڪوبه ماڻهُو هن پاسي ڪونه هو. ٿوري دير ۾ اسان کي ويٺي، سُوئمنگ پُول ۾ ڪنهن جِي موجُودگي محسُوس ٿِي، اسان غور ڪري ڏٺوسي ته اهو هڪ وجُود نه پر جوڙِي هُئي، جيڪا هن مست شام ۾ مُحبت جي رنگن ۾ مست هِئي ۽ سُوئمنگ پُول جو پاڻي رُومان جي ست رنگن خُمارن ۾ حسناڪيءَ جو مظهر بڻيل ٿي نظر آيو. اسان هڪ نظر ڏسي، اڻ ڏٺو ڪري ڇڏيو. جيئند خواهه مخُواهه اُتاولو پئي ٿيو. اسان چيوسُونس: ”ابا! ڇڏي ڏِين! تُون پنهنجو ڪم ويهِي ڪر!“ پر سندس ڌيان هر هر اُن طرف پئي ويو. ان جا ٻه سبب هُئا. هڪ ته اسين ٻئي (اِشُو ۽ مان) شادي شُده (بلڪه ”شادي زده“) آهيُون ۽ جيئند ڪُنوارو... ٻيو اهو ته هُو اهڙي خطي سان مُتعلق آهي، جتي پرائي زائفان جو ڏانهُن ڏسڻ ئي وڏِي ڳالهه سمجھيو ويندو آهي. بهرحال اسان جي مزيدار ڪچهرِي هلندي رهِي، جڏهن سلائيڊنگ دروازن جي شِيشن مان ڏٺوسِي ته پيٽ پُوڄا جو سلسلو شرُوع ٿي چُڪو آهي، ته اندر وڃي، پنهنجي پنهنجي پيٽ پُوڄا لاءِ پليٽن ۾ ٻه گرهه کڻي اچي ورِي ساڳئِيءَ جاءِ تي (پُول سائيڊ ڏانهن) اچي اُنهن ئي ڪُرسيُن تي ويهي کاڌوسِين. مانيءَ کان پوءِ ورِي اُن پُول سائيڊ جي ننڍڙِيءَ ڀت جي پرئين پاسي موجُود جھنه نُما باغ ۾ اچي بئنچ تي ويٺاسِي... سُوٽا هڻڻ وارن سُوٽا هنيا ۽ اسان رُڳو پنهنجي نڪ تان دُونهان هَڪليا. ٿوري دير باغ ۾ ويهِي ”هونولُولُو“ جي دلفريب ساحلي هوا جو مزو وٺِي، جڏهن ڀانئيو سي ته هاڻ صفا اُوندهه ٿي چُڪِي آهي، ته پوءِ اندر ورِي ساڳئي هال ۾ آياسِين.
مانيءَ کان پوءِ اسان جِي ڪُجهه ڪچهرِي، اِيسٽ ويسٽ سينٽر جي صدر ”چارلس مُورسن“ سان، ڪُجهه انور قادرِيءَ سان، ڪُجهه ڊاڪٽر توفيق صديقيءَ سان، ڪجھه ڊاڪٽر شبّير چيمه سان ته ڪُجهه مائي اينان (اين هارٽمين) سان ۽ پاڻ ۾ ٿِي. مانِيءَ کان پوءِ واريءَ هن ڪچهرِيءَ ۾ تحمُل وڌِيڪ ۽ لُڙ گھٽ هو. لڳ ڀڳ ساڍي 8 ڌاري اسان ميزبانن کان موڪلايو ۽ ڪوسٽر ۾ چڙهِي واپس پنهنجي ٿاڪَ (ابراهام لنڪنز اِن) روانا ٿياسِين. رستي ۾ ڪوسٽر جو ماحول اوچتو ٻاراڻو ۽ هُلَ هنگامي وارو ٿِي ويو، جڏهن سڀني ڳائڻ شرُوع ڪيو. ڳائڻ ۾ هُونءَ ته ڪابه بُرائِي ناهي، پر هڪ گِيت اسان جي پاڪستاني گرُوپ جي ڪُجهه دوستن شرُوع ڪيو، جيڪو سنئون سڌو اسان جي هڪ امريڪي ساٿياڻِيءَ ڏانهن اشارو هو. گانو هو: ”جادُو تيرِي نظر... خوشبُو تيرا بدن... تُو هان ڪر! يا نان ڪر! تُو هي ميرِي ڪرن“ اهو گانو خالد خيشگِيءَ، ضياء، اسماء رزاق ۽ رياض برڪِيءَ ڳائڻ شرُوع ڪيو ۽ جڏهن اهو گِيت ڳائِيندي هُو لفظ ”ڪرن“ تي پهتا ٿي، ته اُتي اسماء انتهائي غير سنجيده انداز ۾ شاهه رُخ خان جي انداز ۾ رڙيُون ڪري لفظ ”ڪڪڪڪرن“ پئي اُچاريو، جيڪو سنئون سڌو اشارو اسان جِي امرِيڪي صحافِي ساٿياڻيءَ، ڪيلن هينرِيءَ ڏانهن هو، جنهن جي عشق ۾ اسان وارو پٺاڻ (خالد خيشگِي) انڌو ٿِي چُڪو هو. هن گيت جو انتخاب ان ڪري ڪيو ويو هو جو، ڇو ته لفظ ”ڪيلن“ ۽ ”ڪِرن“ ۾ هڪجهڙائي آهي. مُون اوهان سان ان عشق جو ذڪر ڪُجهه هفتا اڳ ڪيو هو ۽ جيئن ته سُڀاڻي سوير اسان ٻنهي گرُوپن (پاڪستاني توڙي امريڪي گرُوپ) کي اڳتي سفر لاءِ روانو ٿيڻو هو (اسان کي اوڀر ڪوسٽ/امريڪا جِي راڄڌانِيءَ ۽ امريڪيُن کي پاڪستاني راڄڌانِيءَ روانو ٿيڻو هو)، تنهن ڪري اُها جُدائي خالد کي سُجھِي پئي ۽ نه چاهِيندي به ڪيلن سان چاهت جو اظهار هُن کان نڪتو نڪتو ٿي ويو. (هتي آءٌ لفظ ”عشق“ يا ”چاهت“ مذاق ۾ پيو ڪتب آڻيان. هُونءَ اهو خالد جي واڇ گودو ٿيڻ کان وڌيڪ ٻيو ڪو قصو نه هو!)
سو ڪوسٽر ۾ اهو لُڙ وارو ماحول لڳو پيو هو. سچ پُڇو ته دبئيءَ ۾ خيشگِيءَ سان ملڻ کان پوءِ ان ڪوسٽر ۾ اهو گيت ڳائڻ کان اڳ تائين مُون کيس ڏاڍو سنجِيدو سمجھيو هو، پر سندس ان پرفارمنس نه فقط مُون تي، ”ڪيلِن“ تي سندس اک ڪرڙِي هُئڻ کي پهريون ڀيرو آشڪار ڪيو، بلڪه سندس اُٻهري ۽ هلڪڙي هُئڻ جو پتو به ڊاڪٽر صديقيءَ جي ان ڊنر کان واپسِيءَ تي پيو. ان گيت کي اڍنگي ۽ غير سنجيده انداز ۾ ڳائڻ دؤران اسان جي پاڪستانِي گرُوپ منجھان، مُون، اِشُوءَ، ذوالفقار ۽ ڪُجهه ٻين جڏهن ته امريڪي ساٿين مان چيلسييءَ، سونيا نارنگ، سونيا سِمٿ ۽ ٻين هڪ ٻن عجيب ۽ معيُوب انداز ۾ پئي محسُوس ڪيو. هڪ اڻ وڻندڙ احساس هو... پر هر جاءِ تي هر ماڻهُو اوهان جي مزاج مُطابق ناهي هُوندو.
لڳ ڀڳ رات 9 لڳي اسان لنڪنز هال پهتاسي. ٻئي ڏينهن سوير اسان جي امريڪي ساٿين کي سفر تي اُسهڻو هو، جڏهن ته اسان کي ٻئي ڏينهن صبح جو برنس هال ۾ هڪ ننڍڙِي بريِفنگ اٽينڊ ڪري، منجھند جو پرل هاربر جو تاريخي ماڳ ڏسي، شام ڌاري واشنگٽن ڊِي سِيءَ لاءِ روانو ٿيڻو هو. اڄوڪي شام جي تفصيلي تاريخي، جاگرافيائي ۽ ثقافتِي ٽُوئر بي حد مزو ته ڏنو هو، پر اوڏو ٿڪائي به وڌو هو، تنهن ڪري جلدي سُمهڻ ضرُورِي هو. آءٌ ننڊ ڪري وٺان، ته پوءِ ايندڙ قسط ۾ ”ايريزونا ميموريل“ جو يادگار، سُهڻو ۽ تاريخي ماڳ اوهان کي گھُمائيندم، جيڪو پڪ سان اوهان کي ڏاڍو مزو ڏيندو.


No comments:

Post a Comment