Friday, July 01, 2016

زندگي ۾ گهمڻ ڦرڻ جي اهميت -عبدالله مورائي

زندگي ۾ گهمڻ ڦرڻ جي اهميت
Notes from Europe
عبدالله مورائي
زندگيءَ جي سفر ۾ هن دنيا جو سير ڪرڻ تمام ضروري آهي. مون پنهنجي وس آهر ڪوشش ڪئي آهي ۽ ان ڳالهه تي عمل به ته؛ ’گهڻي کاڌي کان گهڻو ڏٺو چڱو آهي. اهي پهاڪا، صدين جي شعور جو نچوڙ ٿين ٿا. جڏهن جُون ۽ جولاءِ جا مهينا ايندا آهن ۽ مون-سون جا مينهن وسندا آهن ته مون سميت منهنجي وڏي ڀاءُ فاروق ۽ اسان جي ڪجهه ٻين دوستن جي ڪيفيت ڏسڻ وٽان هوندي آهي.


ائين لڳندو هو ڄڻ ڪا شيءِ اسان کي پاڻ طرف ڇڪي رهي هجي. پنهنجي آسپاس جي ماحول مان بيزاري ٿيڻ شروع ٿي ويندي هئي. جيستائين اسان جي سفر شروع ٿيڻ جو ڏينهن اچي، تيستائين مورو باءِ پاس تان راولپنڊيءَ طرف ويندڙ هر ڪوچ اسان کي چٻرا ڏئي گذري ويندي هئي، تان جو اهو ڏينهن به ايندو هو، جڏهن اسان پنهنجا ٿيلها کڻي مورو باءِ پاس يا نوابشاهه جي ريلوي اسٽيشن تي پهچندا هئاسين. پهرين منزل پنڊي هوندي هئي.
پنڊي جو پير وڌائي اڏو، ٻين لاءِ ڀلي عام رواجي بس جو اڏو هجي پر، اسان جي لاءِ ان جي اهميت ٻي هئي. پير وڌائي اڏي تان نڪرندڙ ناٽڪو جون بسون يا ڪوسٽر جن جي منزل گلگت يا اسڪردو هجي ٿي، اسان لاءِ وڏي اتساهه جو سبب هوندا هئا. اصل ۾ اسان جي سفر جي شروعات اتان کان ٿيندي هئي. ان شيءِ طرف وک جيڪا اسان کي پاڻ ڏانهن ڇڪي رهي هوندي هئي.
تنهن دؤر ۾ انهن ڪوسٽرن ۾ پاڪستاني سياحن سان گڏوگڏ دنيا جي ٻين ملڪن جا سياح پڻ سوار ٿيندا هئا. ڪوسٽر جيئن پنڊي ڇڏيندو هو، تيئن اسان جون واڇون ٽڙڻ شروع ٿينديون هيون. کل ڀوڳ، ننڊ جا هلڪا جهوٽا، ٻاهرين دنيا جي سياحن سان سندن ملڪن جي باري ۾ سوال جواب، مينهن جو اسان جو لاڳيتو پيڇو ڪرڻ، روڊ سان لائين وارين هوٽلن ۾ ڪڙڪ پتي چانهه جا مزا، تندور جي گرم گرم ماني، موسم جو ڪجهه بهتر ٿيڻ، پسيل روڊ کي ڪوسٽر جو چيري لاڳيتو پنهنجي منزل طرف اڳتي وڌڻ، گڏوگڏ اهو ڊپ به ته متان لينڊ سلائيڊنگ جي ڪري روڊ جو بند ٿيڻ ۽ ان سان گڏوگڏ اهو خيال به ته منزل تي پهچڻ کانپوءِ الائي ڪهڙي هوٽل ملندي، سچ پچ ته اهو هڪ وڏو اتساهه هوندو هو ۽ پڙهڻ کانپوءِ ڪڙهڻ ۽ ٺرڻ جو موقعو پڻ. هاڻي جنهن کي ڳالهه دل سان لڳي.
اسڪردو يا گلگت پهچڻ کانپوءِ، هڪ ٻه ڏينهن اتي گذارڻ کانپوءِ، وري اصل ائڊوينچر شروع ٿيندو هيو، معنيٰ انهن علائقن ڏانهن روانگي جتي عام سياح هرو ڀرو نه ويندو آهي. پوءِ ڀلي اها ديوسائي پلين هجي يا واديءِ خپلو هجي، استور هجي يا فيري ميڊوز هجي، نانگا پربت جي بيس ڪيمپ هجي يا رائيڪوٽ پل هجي، هنزه هجي يا خنجراب پاس هجي يا کڻي شندور جو ميلو هجي يا اتي پولو جي راند هجي. رنگ برنگي خيمن جون وقتي طور تي قائم ٿيل بستيون سچ پچ ته زندگي ۾ سڄي عمر ذهنن تي سوار هجن ٿيون. ماڻهو انهن کي ياد ڪري هڪ سڪون محسوس ڪري ٿو ۽ ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي منهن کلي به ٿو ته ماڻهو پنهنجي زندگيءَ ۾ چاهي ته ڪٿي ڪٿي پهچي وڃي ٿو.
پاڪستان جا اتريان علائقا، واقعي به جنت نظير آهن. مان سمجهان ٿو ته جن علائقن ۾ ماڻهو آسانيءَ سان پهچي وڃي ٿو، شايد انهن علائقن جي اهميت ڪجهه گهٽ هجي ٿي، جيئن يورپ ۾ ماڻهو آسانيءَ سان سفر ڪن ٿا ۽ تقريبًا هر جاءِ تي آسانيءَ سان پهچيو وڃي. ان جي ابتڙ، پاڪستان جي اترين علائقن تائين، ماڻهوءَ کي وڏي جستجو ڪرڻي پوي ٿي ۽ اصل مزو انهيءَ جستجو ڪري گهمڻ ۾ ئي اچي ٿو.
اهي مٿيون ڳالهيون لکڻ جو مقصد رڳو اهو هو ته هاڻي اهو سوچي ۽ سمجهي سگهجي ٿو ته آخر ماڻهو پنهنجو گهر گهاٽ ڇڏي ڇو وتي هيڏانهن هوڏانهن رلندو؟ موڪلن ۾ ماڻهو ڇو نه گهر ۾ ويهي مزي سان سڪون ڪري، دير سان ننڊ مان اٿي، دوستن يارن سان ملاقاتون ڪري ۽ موڪلون گذاري ڇڏي؟ اهو ڪنهن حد تائين ٺيڪ به آهي پر زندگيءَ ۾ ڪجهه سفر ڪرڻ ۽ نيون شيون ڏسڻ ۽ پرکڻ به ضروري آهي. ائين ڪرڻ سان ماڻهو ملڪ اندر موجود مختلف ثقافتون به ڏسي وٺي ٿو يا دنيا جي مختلف ملڪن ۾ سفر ڪرڻ سان اتان جي ثقافتن، تهذيبن، رهڻي ڪهڻي، کاڌي پيتي بابت ڄاڻ به حاصل ڪري ٿو. نيون شيون ڏسڻ ۽ پرکڻ سان انسان جو دماغ کلي ٿو ۽ هو نيون شيون سکي ٿو ۽ زندگيءَ جي ٻين رُخن کي پڻ ڳولي لهي ٿو.
سفر ڪرڻ سان ماڻهو، پنهنجي روزمرهه جي زندگيءَ کان ڪٽجي ٿو، ۽ جيڪي مسئلا روزمرهه جي زندگي ۾ هوندا آهن، انهن کي هڪ يا ٻن هفتن لاءِ وساري ٿو ڇڏي. پر ڪن جو خيال آهي ته ڪڏهن ڪڏهن انهن مسئلن کي ماڻهو پنهنجي روزمرهه جي زندگيءَ ۾ حل ڪرڻ جو اهل نٿو رهي ۽ جڏهن هو سفر ڪري ٿو ته هو انهن کي حل ڪرڻ جي باري ۾ سولائيءَ سان سوچي سگهي ٿو.
ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿيندو آهي ته جيڪي شيون سامهون هونديون آهن، انهن جي اهميت ته هوندي آهي پر شايد اها محسوس ناهي ٿيندي ۽ ائين چيو به ويو آهي ته جڏهن شيون اسان کان پري هليون وينديون آهن ته پوءِ انهن جي اهميت جو احساس ٿيندو آهي. ڪجهه هفتن لاءِ جڏهن، ماڻهو پنهنجي آسپاس جي ماحول يا پنهنجي گهر ڀاتين کان پري ٿو هليو وڃي ته اهو هڪ قسم جو رابطو ڪٽجي ٿو. جڏهن رابطو ڪٽجي ٿو ته پوءِ پنهنجن پيارن جي اهميت جو احساس ٿئي ٿو. چوڻ جو مقصد ته؛ سفر ڪرڻ سان ماڻهو پنهنجن پيارن سان وڌيڪ ويجهو ٿئي ٿو.
جيئن پاڻ اڄڪلهه موبائل فون چارج ڪرڻ لاءِ پريشان هوندا آهيون، تيئن ئي سال ۾ هڪ دفعو جڏهن ماڻهو پنهنجي آسپاس جي ماحول کان پري ٿو وڃي ته اهو به هڪ قسم جو پنهنجو پاڻ کي چارج ڪرڻ ٿو وڃي. آءٌ اهو يقين سان چئي سگهان ٿو ته ٻن هفتن جو سفر پوري سال جي چارجنگ ڪريو ڇڏي. منهنجا پنهنجا پاڪستان ۾ يا پاڪستان کان ٻاهر ڪيل سفر منهنجي لاءِ سڄي عمر جي چارجنگ جو ڪم ڪن ٿا. هڪ سروي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سفر ڪرڻ سان دل جي دوري پوڻ جي امڪان ۾ ڪافي گهٽتائي اچي ٿي.
سفر ڪرڻ سان ماڻهو ڪي نيون ۽ سٺيون عادتون به سکي ۽ شروع ڪري سگهي ٿو ۽ ڪن ڪنين عادتن مان جان به ڇڏائي سگهي ٿو. سياڻن ماڻهن جو خيال آهي ته جيڪي ماڻهو سفر ڪن ٿا، اهي مسئلن کي صحيح طريقي سان حل ڪرڻ جا گــُر سکي وٺن ٿا. اهي ڪنهن به ٿوري گهڻي تبديلي کان ڊنل ناهن هوندا. ظاهر آ، هيءُ زندگيءَ جو ميلو ئي آهي، جيڪو ڪٿي نه ڪٿي ته ختم ٿيڻو آهي. جڏهن ماڻهو اڪيلو يا پنهنجي گهر وارن سان سفر ڪري ٿو ته هو زندگيءَ جو بهترين وقت هڪ ٻئي سان گذارين ٿا ۽ اهو زندگي ۾ وڏو يادگار هجي ٿو. سفر ڪرڻ کانپوءِ ماڻهو دوستن يارن کي نوان نوان قصا ٻڌائي سگهي ٿو ۽ اهي قصا ٻڌائي ماضيءَ جي سفر جون يادون تازيون ڪري، ماضيءَ جي قصن مان لطف اندوز ٿي سگهي ٿو. اسان اڄ به دوستن سان، جن سان سفر گڏ ڪيل آهي، ماضيءَ جي انهن وڻندڙ سفرن بابت ڳالهيون ڪندا آهيون ۽ سچ پچ ته ائين لڳندو آهي ڄڻ اسان وري گڏ سفر ڪري رهيا آهيون.

پنهنجي پاڻ کي چارج ڪرڻ لاءِ هتي يورپ جا ماڻهو سال ۾ هڪ يا ٻه دفعا ضرور ڪاڏي نه ڪاڏي گهمڻ لاءِ وڃن ٿا. بقول سائين منير شاهه ذاڪري جي ته ”تيري دو ٽڪيا ڪي نوڪري، ميرا لاکون ڪا ساون جائي ري.“

No comments:

Post a Comment