Sunday, July 17, 2016

انڊيا جون ڪجهه خاص ريل گاڏيون - الطاف شيخ

انڊيا جون ڪجهه خاص ريل گاڏيون
بنارس جو سفرنامو
الطاف شيخ
ريل گاڏين ۾ سفر ڪرڻ يا ريلوي اسٽيشن جو سحر، منهنجي دماغَ تي به ڪجهه گهڻو ئي ڇانيل رهي ٿو. ملائيشيا، انگلنڊ، جپان ۽ سئيڊن، جِتي منهنجو جهاز تمام گهڻو ويندو رهيو يا جِتي ڪناري جي نوڪري يا تعليم دوران مونکي گهڻو وقت رهڻو پيو اتي کيسي ۾ چار پئسا وڌيڪَ گڏ ٿيڻ تي پهرين فرصت تي ٽڪيٽ وٺي ٽرين ۾ چڙهي پوندو هوس. ڪڏهن ڪڏهن ته آخري ڇيڙي تائين وڃي وري ساڳي ٽرين ۾ موٽي ايندو هوس. ٽرين جي سفر ۾ دريءَ وٽ ويهي ٻاهر جو نظارو پسڻ، ساڳئي دٻي ۾ ويٺل ماڻهن سان ڪچهري ڪرڻ، اسٽيشنن تي لهي پسار ڪرڻ سان مونکي سڪون ۽ سفرنامو لکڻ لاءِ Inspiration ملي ٿي. هِتي مون جهڙن ريل جي شوقينن يا ريل جي معلومات رکندڙن لاءِ، ڪجهه انڊيا جي ريلوي سسٽم بابت، ٻه ٽي صفحا لکي، هن عنوان کي ختم ڪرڻ چاهيان ٿو.


۱۸۴۲ع تائين انڊيا ۾ ريلوي لائين جو هڪ ميل به نه هو. ۱۸۵۳ع ۾ ۱۴ دٻن ۽ ٽن لوڪوموٽوز (ريلوي انجڻين) واري ريل گاڏيءَ بمبئي کان ۲۱ ميلن جو فاصلو اٽڪل مني ڪلاڪ ۾ پورو ڪري، ٿاني شهر پهتي ۽ انڊيا ۾ ريل گاڏي هلڻ جو افتتاح ٿيو. اڄ پاڪستان ۽ بنگلاديش کي الڳ رکي، رڳو انڊيا ۾ ريل جي پٽن جو ٽرئڪ ۱۱۵۰۰۰ ڪلوميٽر يعني ۷۱۰۰۰ ميل آهي. روٽ يعني فاصلو ساريو وڃي ته ۶۵۰۰۰ ڪلوميٽر يعني ۴۰,۰۰۰ ميل ٿيو..... يعني سڄي دنيا جي چوڌاري خط استوا وٽان چڪر هڻي ته ڏيڍ کن چڪر ٿيندو. ڇو جو دنيا جي گولي جو گهيرو ۲۴۰۰۰ کن ميل آهي. سچ ته اهو آهي ته انڊيا جو ريلوي سسٽم دنيا جي چند وڏن سسٽمن مان هڪ آهي. جنهن کي ۷۵۰۰ ريلوي اسٽيشنون آهن..... جن گاڏين ۾ روزانو ۲۵ ملين مسافر سفر ڪن ٿا ۽ ۳ کن ملين ٽن سامان ڍوئيو وڃي ٿو.
لوڪوموٽوز (Locomotives) ريل گاڏيءَ کي پٽن تي ڇڪڻ جي انجڻ کي سڏجي ٿو. ڪن حالتن ۾ هڪ بدران ٻه انجڻيون به لڳايون وڃن ٿيون.... خاص ڪري جابلو علائقن ۾ جِتي چڙهائي آهي. جيئن ڪوئيٽا وڃڻ وقت ريل گاڏيءَ ۾ هڪ اڳيان ۽ هڪ پويان انجڻ لڳائي وڃي ٿي. انڊيا وٽ اڄ جيڪي ريل گاڏيون هلن ٿيون، انهن جون لوڪوموٽوز (انجڻيون) اليڪٽرڪ تي ٿي چڪيون آهن يا ڊيزل تي آهن. ٻاڦ تي هلندڙ انجڻيون (Steam Engines) فقط انهن يادگار ريل گاڏين کي هلائين ٿيون، جيڪي يونيسڪو طرفان World Heritage Sites ۾ شامل ڪيون ويون آهن. اهي ريل گاڏيون، انڊيا جون جابلو ريلون Mountain Railways of India سڏجن ٿيون. دنيا ۾ ان قسم جون جبلن جي چوٽين تائين چڙهندڙ ريل گاڏيون ڪي ويهارو کن آهن، جن مان ڇهه ست انڊيا ۾ آهن ۽ انهن ڇهن ستن مان في الحال ٽي ريلون يونيسڪو وارن طرفان چونڊيون ويون آهن ته انهن جي بچاءَ لاءِ اهي پڻ مدد ڏيندا. هي ائين آهي جيئن يونيسڪو وارا ”ورلڊ هيريٽيج سائيٽس“ پروگرام هيٺ پاڪستان جي ڪجهه آڳاٽين جاين/ماڳن جي پڻ نگهباني ڪن ٿا.... جيئن ته موهن جو دڙو، ٽئڪسلا جا کنڊهر، ٻڌن جا تاريخي کنڊهر تخت ڀاهي وغيره. انڊيا جون اڃا تائين هلندڙ انهن ٽن آڳاٽين جابلو ريل گاڏين مان هڪ دارجلنگ هماليا ريلوي آهي جيڪا Toy Train به سڏجي ٿي. اها ريل گاڏي هماليا جبلن جي قدمن واري شهر سلگري کان ۷۲۰۰ فٽ (۲۲۰۰ ميٽر) اتاهين شھر دارجلنگ تائين ۸۸ ڪلوميٽر (۵۵ ميل) هلي ٿي. رستي تي غوم (Ghoom) نالي ريلوي اسٽيشن جي بلندي دارجلنگ کان به ۳۰ فٽ اتاهين يعني سطح سمنڊ کان ۷۵۰۰ فٽ مٿي آهي. هيءَ سڀ کان ننڍي گيج جي ريل آهي.... شايد ان ڪري هيءَ رانديڪو ٽرين سڏجي ٿي. سندس پٽن جي ويڪر فقط ٻه فٽ آهي جيڪا نئرو گيج جي گاڏي سڏجي ٿي. هن ريل تي انگريز سرڪار ۱۸۷۹ ۾ ڪم شروع ڪرايو ۽ ۱۸۸۱ع کان ريل هلڻ شروع ٿي. دارجلنگ هل اسٽيشن، فوجين جي آرام لاءِ سمر هل اسٽيشن ۽ چانهه جي باغن ڪري مشهور آهي.
ٻي ريل گاڏي ”نيلگري مائونٽين ريلوي“ آهي جيڪي ڏکڻ هندسان جي تامل ناڊو رياست جي پهاڙي علائقي ۾ آهي. اها نيلگري جبلن جي قدمن واري شهر ميتو پالايم ريلوي اسٽيشن کان جبلن جي چوٽيءَ واري شهر اداگ مندالام تائين ۴۶ ڪلوميٽر يعني ۲۹ ميل فاصلي تي ۲۰۲۳ ميٽرن جي بلنديءَ تي آهن.
۴۹ ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ريل کي ۲۰۸ موڙن وٽان مڙڻو پوي ٿو. ان کي ۱۸ سرنگهن (Tunnels) ۽ ۲۵۰ پلين تان گذرڻو پوي ٿو. اوچائي تي چڙهڻ وقت هن کي ۵ ڪلاڪ لڳن ٿا ۽ لهڻ وقت ساڍا ٽي ڪلاڪَ. هيءَ ٽرين ۱۹۰۸ع کان هلڻ شروع ٿي هئي ۽ سندس پٽن جي ويڪر هڪ ميٽر آهي. ان ڪري هيءَ ٽرين ميٽر گيج واري سڏجي ٿي.
انڊيا وارن جي ٽين ٽرين، جيڪا ورلڊ هيريٽيج ۾ اچي ٿي، اها آهي ”ڪالڪا-شملا ريلوي“. شملا هندستان جي رياست هماچل پرديش جي گاديءَ جو ماڊرن شهر آهي ۽ سطح سمنڊ کان ۷۲۳۴ فٽن يعني ۲۲۰۵ ميٽرن جي بلنديءَ تي هجڻ ڪري ڪوھ مري ڪوئيٽا وانگر اونهاري ۾ به ٿڌو رهي ٿو. انگريز راڄ جو جتي دهلي گاديءَ جو شهر هو، اتي اونهاري جي گرميءَ وارا ڏينهن هو آفيسن جا سمورا فائيل کڻائي شملا ۾ اچي رهندا هئا. ان کان علاوه، شملا برٽش آرمي جو هيڊ ڪوارٽر پڻ هو. جبلن جي قدمن واري ريلوي اسٽيشن، هريانا رياست جي پنچڪُلا ضلعي ۾ اچي ٿي ۽ جبل جي چوٽي واري ريلوي اسٽيشن شملا هماچل پرديش ۾ آهي. ٻنهي جي وچ ۾ ۶۹ ڪلوميٽر يعني ۴۴ ميلن جو فاصلو آهي. اڍائي فٽن جي هيءَ نئرو گيج ٽرين ۱۹۰۳ع کان هلڻ شروع ٿي هئي. ياد رهي ته شملا انگريزن جي ڏينهن ۾ ۱۸۶۴ع کان Summer Capital هو. ٽرين هلڻ کان اڳ، انگريز بيل گاڏين، خچرن ۽ ڏولين ۾ سامان ۽ پاڻ کي کڻائي اتي پهچندا هئا.
ڪالڪا کان شملا تائين پهچڻ ۾ هن ريل گاڏيءَ کي ۱۰۳ سرنگهون ۽ ۸۶۴ پليون ٽپڻيون پون ٿيون. ان کان علاوه ريل کي عام ريلن وانگر، سڌو وڃڻ بدران جبلن جي چوڌاري ۹۱۹ وڪڙ (Curves) کائڻا پون ٿا.
منهنجي خيالَ ۾ شملا شهر اهڙو آهي، جنهن جي نالي کان اسان جا ماڻهو به چڱيءَ طرح واقف هوندا. هڪ ته انڊين فلمن جي شوقينن انڊيا جي ۱۹۶۰ جي فلم Love in Shimla ضرور ڏٺي هوندي، جيڪا هِتي شمله ۾ فلمايل آهي. هن فلم جو پروڊيوسر ساشڌر مڪرجي هو، جنهن پنهنجي پٽ جئاءِ مکرجي کي هيرو ٺاهيو. فلم جي هيروئن، سنڌ مان تازو لڏي ويل ڇوڪري ساڌنا ٿي هئي. فلم جو ڊئريڪٽر آر ڪي نير هو، جنهن جي هن فلم جي سيٽ تي ساڌنا سان عشق شروع ٿيو هو ۽ پوءِ اڳتي هلي ڪجهه سالن بعد سندن شادي ٿي هئي. شادي بعد ساڌنا فلمن ۾ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو، پر جن جن فلمن ۾ ڪم ڪيائين، اهي انهن ڏينهن جون ٽاپ فلمون ثابت ٿيون هيون. هن فلم لو ان شملا ۾ ڌرميندر به آهي پر فلم جي پروڊيوسر پنهنجي پٽ کي هيرو ٺاهيو.
شملا ويندي رستي تي هڪ تمام اهم مندر ”تارا ديوي مندر“ اچي ٿو. اتي ڌرمينڌرا لهي گانو ڳائي ٿو ”سگنل ہوا کہ نکلی“.
شملا جو شهر، شملا ائگريمينٽ کان به مشهور آهي، جيڪا ۲ جولاءِ ۱۹۷۲ع تي انڊيا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٿي. هيءَ ائگريمينٽ ۱۹۷۱ع واري انڊو-پاڪ جنگ بعد، پاڪستان جي وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي ۽ انڊيا جي وزير اعظم اندرا گانڌيءَ جي وچ ۾ ٿي هئي.
هونءَ اڄ-ڪلهه رڌ پچاءَ جي چئنل کلڻ بعد، هر عورت ڪئپسيڪم (Capsicum) کان واقف ٿي وئي آهي، جنهن کي اسان وٽ ”شملا مرچ“ سڏين ٿا. چون ٿا ته هي مرچ ڪئنسر جي بچاءَ لاءِ بهترين شيءِ آهي، جو هن ۾ Capsaicin’s ڪمپائونڊ موجود آهي، جيڪو Carcinogen کان بچائي ٿو. هن مرچ جو عرق (extract) وارن کي ڪرڻ کان پڻ بچائي ٿو. هن کي کائڻ سان انسان جي چمڙي صاف رهي ٿي ۽ منجھس وٽامن A هجڻ ڪري، اکين لاءِ پڻ فائديمند آهي.
۱۹۶۱ع جي فلم بئاء فرينڊ ۾ پڻ ڪالڪا کان شملا ويندڙ گاڏي ڏيکاري اٿن جنهن ۾،ب”اپنا یار بنا لو“ گانو ڳايو ويو آهي. هن سفر جي هڪ ٻي فلم ۱۹۷۴ع جي ”دوست“ آهي، جنهن ۾ ڪشور ڪمار جو هڪ تمام مشهرو گانو آهي: ”گاڑی بلا رہی ہے“، ”سیٹی بجا رہی ہے۔۔۔۔ چلنا ہی زندگی ہے، چلتی ہی جا رہی ہے۔“
اهڙيءَ طرح مٿي بيان ڪيل نيلگري لائين جي ريل کي ۱۹۴۱ جي بالي ووڊ جي هندي فلم ”زمانے کو دکھانا ہے“ ۾ ڏيکاريو ويو آهي جنهن ۾ فلم جو هيرو گانو ٿو ڳائي: ”ہوگا تم سے پیارا کون؟“ ”ہم کو تم سے سی، ہے کنچن ہی کنچن پیار۔۔۔۔۔“ هڪ ٻي ۱۹۸۸ع جي فلم ”دل سي“ ۾ پڻ هيءَ نيلگري لائين جي ٽرين تامل ناڊو رياست جي پهاڙي شهر ميتو پالا يليم شهر کان جبل جي چوٽيءَ واري ريلوي اسٽيشن اداگا مندالم ويندي ڏيکاريو ويو آهي. جنهن ۾ مشهور گانو ”چھیا چھیا ساری عشق کی چھائوں، چل چھیا چھیا“ ڳايو ويو آهي.
هوڏانهن دارجلنگ هماليا ريلوي کي ۱۹۶۹ع جي فلم اراڌنا ۾ ڏيکاريو ويو آهي، جنهن ۾ مشهرو گانو ”میرے سپنوں کی رانی“ فلمايل آهي. ۽ ان جي ريلوي اسٽيشن تي اسان جي اسڪول وارن ڏينهن جي فلم ”ريلوي پليٽ فارم“ جو محمد رفيع جو گانو هيرو سنيل دت ڳايو آهي:
بستی بستی پربت پربت
گاتا جائے بنجارا – لیکے دل کا اکتارا

اهو گانو/ قوالي شايد فلم The Burning Train جو آهي. هن فلم جو ڊائريڪٽر رَوي چوپڙا آهي. هيءَ فلم ۲۰ مارچ ۱۹۸۰ع ۾ رليز ٿي. هن فلم جي ڪهاڻي اِها آهي ته ٽرين جا بريڪ فيل ڪيا ويندا آهن. اُنَ ٽرين جو نالو Supper Express آهي. جنهن ڏينهن هِنَ ٽرين جو واقعو ٿيو، اُهو هِنَ جو پهرين ڏينهن هُيو..... هيءَ ٽرين ڪيترين ئي اسٽيشنن تي نه بيٺي هُئي ۽ آخر ڪار هِنَ ٽرين کي انجڻ کان ڌار ڪَري ممبئيءَ ۾ هِڪُ نئون ٽريڪ وِڇائي بيهاريو ويو......

No comments:

Post a Comment