Friday, October 10, 2014

چنڊ ٻيڙيءَ مان - خالد ٻانڀڻ

چنڊ ٻيڙيءَ مان
خالد ٻانڀڻ
جيتوڻيڪ اها چنڊ جي ۱۵ هين تاريخ هئي پر سنڌوءَ جي سير ۽ ٻيڙيءَ مان چنڊ ڄڻ ۱۴ تاريخ جو لڳي رهيو هو. ها سومر واري رات جو ۹ وڳي دوستن جو هڪ قافلو سهڻي دوست لالا اسد پٺاڻ جي اڳواڻي ۾ جند پير وٽان ٻيڙي ۾ چڙهي ڪچي ڏانهن سير لاءِ نڪتو هو. سچ پڇو ته پوئتي رهجي ويندڙ لئنسڊائون پل، سکر جون بتيون پاڻي تي پوندڙ ان جا عڪس ڪنهن خواب وانگر لڳي رهيا هئا. ها پر ٻيڙيءَ جي موٽر سڄي ماحول جي ماٺار ۾ ڄڻ خلل وجهي رهي هئي. ٻيڙي جڏهن جند-پير-وارو-پتڻ ڇڏي، پاڻيءَ جي ابتي وهڪري سان گڏ، الف ڪچو ڏانهن پنهنجو سفر شروع ڪيو ته چنڊ به ٻيڙيءَ مٿان اچي بيٺو هو. ايئن لڳي رهيو هو ته هو به اسان سان گڏ ٻيڙيءَ ۾ سفر ڪرڻ ٿو چاهي!

Thursday, October 09, 2014

جهرڪ شهر ۽ پراڻيون يادگيريون - عبدالحي پليجو

جهرڪ شهر ۽ پراڻيون يادگيريون
عبدالحي پليجو
ڪارن ڪڪرن هيٺ، پنهنجي گهر جي پارڪ ۾ سهڻن گلن جي وچ ۾ ڇٻر تي ستو پيو هئس، سانوڻ جي مهيني جي تمام سنهي ۽ هلڪي بوند، لطف اندوز انداز ۾ منهنجي بستري جي مٿان ٻڌل مَهاريءَ تي وسي پئي. ڪيڏي ڪيڏي مهل بوند جون سنهيون سنهيون ڦڙيون منهنجي جسم تي به پئي پيون جنهن تن بدن ۾ خوشيءَ جون مڌر لهرون پيدا ڪري وڌيون. دل ٿي چيو ته؛ آئون هتي ئي پيو بوندن جو لطف وٺندو رهان. پر بوندن جڏهن بس نه ڪئي ته مجبوراً اٿي اندر ويس ته سڀ ٻار جيڪي عيد تي آيل هئا، تن چيو ته؛ ”بابا ٻاهر برسات ۽ اندر گهر ۾ گرمي آهي. تنهنڪري اسين واپس ڪراچي ٿا وڃون.“ مون کين ٻڌايو ته؛ ”ٻني کان مٿي، اٺ ميلن جي مفاصلي تي ۽ جهرڪن کان ٻه ميل هيٺ، سنڌو درياهه تي ڪوريا جي هڪ تعميراتي ڪمپني هڪڙي پل پئي ٺاهي. اچو ته هلي اها ٺهندڙ پل ڏسي اچون.“

Sunday, October 05, 2014

ڪانڪريا جو سئر - موهن مدھوش

ڪانڪريا جو سئر
موهن مدھوش
موهن بچو ڀائي ۽ هن جون ڌيئرون بار بار چئي رهيون هيون: ”چاچا، توهان ڪانڪريا ضرور ڏسجو.“
مون به سوچيو ته ’ڪانڪريا‘ ۾ اهڙو ڇا آهي جو اُن کي ڏسڻ گهرجي. آئون احمدآباد جي واڙي علائقي ۾ نٿو ڪوثر جي گهر ترسيل هئس. موهن بچو ڀائي ڪٻيرنگر مان فون ڪري چوڻ لڳو ته:
”موهن ڀائي، توهان جي ڀاڀي ۽ ٻار هتان کان ڪانڪريا لاءِ نڪرن ٿا، توهان به جگنيش ڀاٽيا سان گڏ اتي پهچي وڃو. ڪانڪريا گهمڻ لاءِ توهان کي گهٽ ۾ گهٽ ٻه ٽي ڪلاڪ لڳي ويندا.“
موهن بچو ڀائي کي چيم، ”ها ڀائي، اسان اچون ٿا.“