Saturday, July 27, 2013

پراگ جو ميوزيم ۽ مخملي انقلاب - اسحاق انصاري

پراگ جو ميوزيم ۽ مخملي انقلاب
اسحاق انصاري
ابرار مري، منهنجي ٻانهن کي ڌوڻي رهيو هو ڇو جو مان ته پنهنجن خيالن ۾ ئي گم هيس. هن لهڻ جو چيو، اسان ٽرام تان لهي وري ڏاڪڻين جي ذريعي هيٺ زمين دوز ٽرين جنهنکي ٻين ملڪن ۾ ڪٿي ان کي انڊر گرائونڊ سڏيو وڃي ته ڪٿي ٽيوب کي ميٽرو سڏيندا هيا جي اسٽيشن ۾ داخل ٿياسين. ميٽرو جون اسٽيشنون به سٺيون ۽ صاف سٿريون هيون. ان جو اندازو ته مون کي گھڻو ڪونه هيو ته ٻين ملڪن ۾ اهڙي زمين دوز سواري جي حالت ڇا آهي پر ڪجھه وقت کان پوءِ اسان جي هڪ دوست علي رضوي جيڪو لاهور جو هو ۽ انجينرنگ ۾ پڙهندو هو ته هنجي فيملي چيڪوسلوواڪيا گھمڻ آئي هئي. هن جو پيءُ جيڪو پاڻ به وڏو سياح آهي ان ٻڌايو هو ته پراگ جون ميٽرو ۽ ان جو اسٽيشنز ڪافي صاف سٿريون آهن ۽ انگلينڊ ۽ آمريڪا جي مقابلي ۾ به بهتر آهن. خير اسان ميٽرو ۾ چڙهياسين، جھٽ ئي نه گذري ته اسانجو اسٽاپ “ميوزيم” اچي ويو، وري مٿي وڃڻ واري ڏاڪڻ يا ايسڪيليٽر جي ذريعي مٿي آياسين. جيئن ئي اسٽيشن کان ٻاهر نڪتس ته منهنجي لاءِ ته دنيا ئي ٻي ٿي وئي. چوڌاري مختلف آرڪيٽيڪچر جون شاهڪار عمارتون موجود هيون جن کي ڏسڻ سان ئي ماڻهو هڪ جادوئي دنيا ۾ گم ٿي وڃي ٿو. سامهون وري هڪ ڪشادو رستو هو جنهن جي ٻنهي پاسن کان گاڏين لاءِ روڊ هو ته وري وچ تي پيدل هلندڙن لاءِ جڳهه هئي جيڪا ٻنهي روڊن کي پاڻ سان ملائڻ کان پوءِ به ڪشادي هئي، انهن جي وچ ۾ گل گلزاري به ٿيل هئي. رستي جي هڪ ڇيڙي تي هڪ وڏو بت لڳل هو، گھوڙي تي ويٺل همراهه هٿ ۾ نيزو کنيو ويٺو هو، ميان ابرار مريءَ ٻڌايو ته اهو سينٽ واتسلاو جو مجسمو آهي، جيڪو اصل ۾ ته ۱۰ صدي ڌاري چيڪ جو بادشاهه هو پر سازش ڪري کيس سندس ننڍي ڀاءُ مارائي وڌو، جيڪو بنيادي طور تي خراب ماڻهو هو ۽ هاڻي ان ڪري تاريخ ۾ هن کي لکندا ئي آهن سٺو بادشاهه ۽ سندس ڀاءُ کي سڏين ئي ڪِنو بادشاهه... اهو مجسمو ۱۸۸۷ کان ٺهڻ شروع ٿيو، چئني ڪنڊن تي وري ٻين چئين مختلف مَذهبي ۽ تاريخي ڪردارن جا مجسما آهن. ان رستي کي سڏين به واتسلواسڪي ناميستي يعني واتسلا اسڪوائر يا بولوارد. ان مجسمي جي پويان وري رستو آهي ۽ رستي جي ٻي ڀر وري هڪ عاليشان عمارت نظر اچي ٿي جيڪا قومي عجائب گھر آهي. اها عمارت آرڪٽيڪچر جي نيوڪلاسيڪل طرز تي آهي. نيوڪلاسيڪل آرٽ ۽ آرڪيٽيڪچر جي تحريڪ ۱۸ صدي ۾ هلي، جنهن ۾ روم ۽ يونان جي پراڻي آرٽ ۽ آرڪيٽڪيچر مان اتساهه وٺي ان ۾ ٿوري تبديلي ڪري آرٽ ۽ آرڪيٽيڪچر ۾ استعمال ڪيو ويو.

Friday, July 26, 2013

نائلا ٽالپر - عبدالحي پليجو

نائلا ٽالپر
ڪراچي جي تصويري نمائش تي ڇانيل سنڌ جي ڳوٺاڻي چترڪار
عبدالحي پليجو
سنڌ جي ٻهراڙين ۾ جتي اڄ سياسي غنڊه گردي تعليم کان دوري، ٺري، مين پڙي ۽ پڻ ٻين ڪيترين ئي براين جو راڄ آهي، پر اڄ به اسان جي معاشري پيرو لاشاري ٽيشڻ جي ڀرسان هڪ ننڍي ڳوٺ باغ علي ٽالپر جي هڪ سنڌي نياڻي جي پينٽنگ، پاڪستان جو مشهور آرٽسٽ امين گل جي پئسن سان خريد ڪري ٿو، ڇو ته اها تصوير امين گل جي کي تمام گهڻي وڻي. اها نمائش ڪراچي جي تمام پوش علائقي ڊفينس جي T2F هال ۾ ٿي، جنهن ۾ ان سنڌي ڳوٺاڻي ڇوڪريءَ کانسواءِ ڪراچي شهر جي ٻين مشهور آرٽسٽن جون وڏي تعداد ۾ تصويرون رکيل هيون، پر امين گل جي کي هن ڳوٺاڻي ڇوڪريءَ جي اها تصوير ڏاڍي وڻي ۽ هن ان جو اظهار ڪيو ۽ آرٽسٽ جي همت افزائي ڪئي. اها خبر ٻڌڻ کانپوءِ اسان به نمائش ڏسڻ وياسين، مون سان گڏ منهنجي ڌيءَ پرهه، سپي ۽ پٽ محبوب هو. هي نمائش ٻه ڏينهن هلي. اسين آخري ڏينهن يعني 29 جون تي وياسين. نمائش جو ٽائيم شام چار وڳي کان رات جو 9 وڳي تائين هو.

ڪتيُم ڪِينَڪي ڇا ٻڌايان - لياقت علي ٿهيم

ڪتيُم ڪِينَڪي ڇا ٻڌايان
لياقت علي ٿهيم
گاڏي، جهول شهر جي مرڪزي رستي کان ٽرن ڪٽي، شهر جي پٺيان، هڪ ننڍڙي واهه جي ڪڙ ڏيندي گذرِي. هن رستي تي ڪپڙن ڌوئڻ جي صابڻ جي ڀلي بوءِ هوا ۾ پکڙيل آهي ۽ ٻنهي پاسي وڻن جون ڊگهيون قطارون آهن. واهه جي ڪپرن تي ڀيل ۽ مينگهواڙ عورتون ڪپڙا ڌوئي رهيون آهن. مٿن تي ڳاڙهيون، سايون ۽ نيريون پوتيون ٻڌي ڪم ڪندڙ هنن زائفائن جي سلوارن جا ور سندن چيلهن ۾ کتل آهن. سندن مرد به ساڻن گڏ ڌوپ جي ڪم ۾ شريڪ آهن پر اهي شادين مرادين ۾ استعمال ٿيندڙ قناطون، زمين تي وڇائجندڙ گلم ۽ غاليچا ڌوئي رهيا آهن. ننڍڙا ٻار، واهه ۾ تري رهيا آهن. اسڪولن کي اونهاري جون موڪلون آهن. واهه جي پاڻي ۾ بيد مشڪ جا ڏار جهڪيل آهن. ڪي شاخون ته ايتريون هيٺ لڙيل آهن جو ڄڻ ته انهن وڻن جا پن، گهوڙي جيان هيٺ جهڪي پاڻي پيئندا هجن. ڍڪيل بازار مان ٽيپ تي هلندڙ فلمي گانن جا، چانهن جي ڪوپ ساسرن، بئنچن تي آمهون سامهون ويٺل، هڪٻئي سان جهيڻي آواز ۾ ڪچهري ڪندڙ ماڻهن جا، ميوات کپائيندڙ دڪاندارن جي هوڪن جا آواز اچي رهيا آهن. آواز جا هي اولاڻا، آهستي آهستي گم ٿيندا ٿا وڃن.

ھڪ قبر ۾ ٻه مردا - عبدالله مورائي

ھڪ قبر ۾ ٻه مردا
عبدالله مورائي
فرانس جي گاديءَ وارو شهر پئرس (Paris) به ڄڻ منهنجو ٻيو گهر رهيو آهي. يورپ ۾ رهڻ دوران هن خوشبوئن ۽ پيار جي شهر ۾ منهنجو اچڻ وڃڻ ڏاڍو رهيو آهي. هتي منهنجا فرينچ دوست ڪرسٽين (Christine) ۽ پئٽرڪ (Patrick) رهن ٿا. جڏهن به موقعو ۽ وٿي ملندي آهي ته ڪا سستي هوائي جهاز جي ٽڪيٽ وٺي هليو ويندو آهيان. يورپ ۾ هونئن به بس يا ريل گاڏي مهانگي ۽ جهاز سستو آهي سو وقت به بچيو وڃي ۽ پئسو به.

Tuesday, July 23, 2013

ڪجهه ملڪ، جتي جون جولاءِ سرديءَ جا مهينا ٿين ٿا - الطاف شيخ

ڪجهه ملڪ، جتي جون جولاءِ سرديءَ جا مهينا ٿين ٿا
الطاف شيخ
اسان وٽ رمضان شروع ٿيڻ کان هفتو کن اڳ روزي جي افطار ۽ سحري جي وقتن جي لسٽ مسجدن ۾، چوراهن ۽ دڪانن تي، ملڻ شروع ٿيندي آهي ته پهرئين روزي رکڻ جو هي ٽائيم ۽ کولڻ جو هي رهندو، ٻئي جو هي، ٽئين جو هي وغيره. وري عيد کان هڪ يا ٻه ڏينهن اڳ کان، اخبارن ۾ اچڻ شروع ٿيندو ته فلاڻي فلاڻي مسجد ۾ عيد نماز صبح جو سوا ستين ٿيندي، فلاڻين مسجدن ۾ ساڍي ستين، ٻين ۾ پوڻي اٺين ۽ اٺين کان نائين يا ساڍي نائين تائين مختلف مسجدن جا وقت ڏنل هوندا آهن. پوءِ جنهن کي جنهن ٽائيم تي، جنهن مسجد ۾ سهولت ٿئي، ان ۾ هو عيد نماز پڙهي يا ڪنهن مسجد ۾ پهچندي پهچندي نماز نڪري وڃيس ته ٻيءَ ۾ پڙهي سگهي ٿو، جتي دير سان پڙهڻ جو وقت مقرر ٿيل هجي. جنهن کي عيد نماز پڙهڻ جي نيت نه هجي، اهو سوير پڙهڻ لاءِ ويندڙن کي اهو چئي سگهي ٿو ته توهان هلو آئون فلاڻي مسجد ۾ عيد نماز نائين وڳي  پڙهڻ ويندس ۽ پوءِ جيڪڏهن ڪو نائين وڳي نماز لاءِ ويندڙ نماز جو پڇي ته گوسڙو همراهه هن کي اهو ڪوڙ هڻي سگهي ٿو ته آئون سوير ئي ساڍي ستين وڳي فلاڻي مسجد ۾ نماز پڙهي آيو آهيان.

ڪجهه ذڪر ٽاور آف لنڊن جو - عبدالحي پليجو

ڪجهه ذڪر ٽاور آف لنڊن جو
عبدالحي پليجو
گذريل ڪجهه ڪالمن ۾ آ لنڊن جو ذڪر ڪندو رهيو آهيان، منهنجو اڄوڪو ڪالم به ان ئي تسلسل ۾ لکيل آهي. مون لنڊن جو ذڪر چرچ بابت ٻڌايو هو. اهو ذڪر اڳتي وڌايون ٿا. چرچ ڏسڻ کانپوءِ اسان پنڌ ئي پنڌ لنڊن جي روڊن تي گهمندا ڦرندا اڳتي وياسين. ڊبل ڊيڪرس، جنهن جي ڇت ڪانهي، تنهن ۾ سياح مٿي ويٺا ڪچهريون ڪري رهيا هئا. هتي سڄي انگلينڊ ۾ اهڙيون بسون جام هلن. توهان هڪڙيءَ ٽڪيٽ ۾ بس، زير زمين ٽيوب ۽ ٽرين ۾ چڙهي گهمي ڦري سگهو ٿا. انهن ۾ گهمڻ لاءِ هڪ ڏينهن، هڪ هفتي ۽ سيزن جون ٽڪيٽون هونديون آهن، جيڪي توهان کي انهن جي اڏن تان ملي وينديون. تڪيٽ جو مدو جيئن وڌيڪ، تيئن ڊسڪائونٽ زياده. اسان اهو سڄو ڏينهن گهميا ڦرياسين ۽ هينئر به ڪافي وقت پنڌ ئي پنڌ لنڊن جا چڪر لڳاياسين، ۽ پوءِ هڪ ٽئڪسي ڪري واپس پنهنجي رهائش واري جڳهه ڏانهن موٽياسين. شام جي وقت ۾ڪافي ماڻهو فوٽ پاٿن تي گهمي ڦري رهيا هئا. اسانکي ٽئڪسي واري آڻي پنهنجي جڳهه ڀيڙو ڪيو. اسان ڪپڙا بدلائي ريسٽ لاءِ بيڊ تي ليٽي پياسين.

Sunday, July 21, 2013

ٿر ٿوهر، گهر جُهوپڙا - مشتاق گبول

ٿر ٿوهر، گهر جُهوپڙا
ٿر- ياترا
مشتاق گبول
راڳ درٻاري ۾ نوجوان شاعر امر کهاوڙ، سنڌ جي سُهڻي شاعر ايوب کوسي جو غزل پئي ڳايو:
”هوش نٿو هِت ڪير سنڀالي،
هُن کي چئبو ڇير سنڀالي.“
گاڏي، خوبصورت شاعر پريم پتافي پئي هلائي. اڳين سيٽ تي امين ۽ پُٺيان درگاهي گبول، امر کهاوڙ ۽ مان ويٺا هئاسين. اسين ٿر پئي وياسين.

Tuesday, July 16, 2013

ٽوئرزم - الطاف شيخ

ٽوئرزم
دنيا جي هڪ وڏي منافعي واري انڊسٽري
الطاف شيخ
ٽوئرزم به هڪ وڏي انڊسٽري چئي سگهجي ٿي، سنگاپور، هانگ ڪانگ، ٿائيلنڊ، برمودا، بهاما جهڙا ٻيٽ ۽ ملڪ به ٽوئرزم جي ڪري امير ٿي ويا. ملائيشيا جهڙو ملڪ جنهن وٽ قدرتي دولت ڇا گهٽ آهي؟ سال ۾ ٻه دفعا فصل ڏيڻ واريون ٻنيون، مفت جو پاڻي، ٻارهوئي پيو مينهن وسي، پيٽرول ۽ گئس، پام آئل، بي انتها ناريل، جنهن مان کوپري جي تيل کان وٺي مرسيڊيز ڪارن جون سيٽون ٺهن ٿيون، فروٽ ايترو جو ايڪسپورٽ ڪندا وتن، ان کان علاوه سون ۽ قلعي tin)) ايتري جو ختم ئي نٿي ٿئي، پر ان هوندي به هنن کي اها اڻ تڻ لڳي رهي ٿي ته اسان جي ملڪ ۾ ٽوئرسٽ اچن. گهمڻ لاءِ ماڻهو اچن ته ڪمائي ٿئي. ڪمائي ان ڪري ٿئي ٿي، جو گهمڻ لاءِ جيڪو اچي ٿو، اهو وڏي دل ڪري خرچ ڪري ٿو، هوٽلن ۾ رهي ٿو، کاڌي پيتي ۽ بسن، ٽئڪسين ۽ ريلن ۾ چڙهي ٿو. مزور، ڪُوليءَ کان وٺي هوٽل جو مالڪ ڪمائي ٿو. ان جو احوال توهان انهن وڏيرن پيرن کان پڇي سگهو ٿا ته هو پنهنجي ڳوٺ ۾ سال ۾ ٻه يا ٽي ڏينهن ميلو هڻائڻ سان ڪيڏو ڪمائي وٺن ٿا! ۽ سوچيو جن ملڪن ۾ ٻارهوئي ميلو متل رهي ٿو، اهي ڪيڏو ڪمائيندا هوندا.

Wednesday, July 03, 2013

لنڊن جا عجائب گهر ۽ گئلريون -عبدالحي پليجو

لنڊن جا عجائب گهر ۽ گئلريون
عبدالحي پليجو
لنڊن شهر ۾ عجائب گهر ۽ گئلريون به تمام گهڻيون ۽ مختلف قسمن جي نوادرات سان ڀريل ۽ سجايل آهن. نوادرات جي گهڻائي پنهنجي بادشاهت واري دور ۾ پنهنجي غلام ڪالونين ۾ ڦرلٽ جي دولت سان گڏ ڪئي وئي. اُتي هنن ڪا به شيءِ ڪا نه ڇڏي. ويندي ويندي لاش به پاڻ سان گڏ کڻي ويا. يعني احرام مصر مان مصرين جون مميون ڪي قدر هنن کي سوکڙي طور يا عطيي جي صورت ۾ مليل آهن. بلاشبه شهر پنهنجي شاندار ماضي جنهن ۾ قديم رومي آثارن کان وٺي برطانوي سلطنت جي مرڪز واري حيثيت وارن گهڻن يادگارن جو مرڪز پڻ آهي. قديم رومي حاڪمن لنڊنيئم شهر ٿيمس ندي جي اترئين ڪناري تي سن ۴۳ع ۾ اڏيو. پر حقيقت ڪري انهيءَ ۾ ڪو واڌارو يا سڌارو يارهين صدي عيسويءَ تائين ڪو نه ٿيو. يارهين صدي عيسوي ۾ نارمنڊي واري ڊيوڪ وليئم ثاني آخري ڪامياب حمله آور جي حيثيت سان لنڊن شهر کي پنهنجي راڄڌاني بنايو. وليئم ثاني انگلينڊ جو پهريون پهريون بادشاهه هو، جنهن جي تاجپوشي ويسٽ منسٽر ايبي ۾ ٿي. ۽ هن بادشاهه ٽاور آف لنڊن واري مکيه ۽ مرڪزي حيثيت جي حامل عمارت وائيٽ هال جي چوڌاري پنهنجي عظمت جا نشان ڇڏيا هئا، پر سن ۱۶۶۶ع ۾ لنڊن شهر کي لڳل زبردست باهه سبب شهر جون گهڻيون بهترين عمارتون اٽڪل تيرهن هزار گهر ۽ تقريباً نوي گرجا گهر سڙي رک ٿي ويا. اهڙي طرح تباهيءَ جي چڪر جو انت انهيءَ باهه تي پورو ٿيو. هن باهه مان اتفاقاً فائدو حاصل ڪندڙ سر ڪرسٽوفر رين هو. جنهن کي تباهه ٿيل عمارتن جي جڳهه تي نيون عمارتون تعمير ڪرڻ جو ڪم سونپيو ويو. جنهن ۾ گرين وچ ۾ تعمير ٿيندر بحري فوج واري اسپتال ۽ سينٽ پال واري ڪيٿيڊرل (شاهي گرجا) جي تعمير شامل هئي.

Monday, July 01, 2013

روشن ستارن جو ٽڪنڊو - الطاف شيخ

روشن ستارن جو ٽڪنڊو
الطاف شيخ
آسمان ۾ هڪڙن ٽن چمڪندڙ تارن جو ٽڪنڊو نظر اچي ٿو، جيڪو Navigation (جهاز هلائڻ وارن) جي لحاظ کان بيحد اهم آهي. اهو ٽڪنڊو Summer Triangle سڏجي ٿو، جنهن جي ڪنڊن وارا تارا الطائر (Altair)، Deneb (ذنب) ۽ ويگا آهن. هڪ ڳالهه هتي واضح ڪندو هلان ته مٿيان ٽي تارا: الطائر، ذنب ۽ ويگا جيتوڻيڪ هڪ ٽڪنڊو ٺاهين ٿا ۽ ٽئي تارا چٽا نظر اچن ٿا، جو تمام گهڻو روشن آهن، پر انهن مان هر هڪ تارو الڳ شڪل يعني الڳ جهڳٽي ۽ جهرمٽ (Constellation) سان تعلق رکي ٿو. مثال طور ويگا (جيڪو عربي لفظ ’واقع‘ جي کار آهي) Lyra نالي Constellation جو سڀ کان گهڻو چلڪندڙ تارو آهي ۽ سڄي آسمان ۾ پنجون نمبر روشن تارو آهي. پر اسان جهڙا ماڻهو، جيڪي خط استوا (Equator) کان گهڻو مٿي اتر ۾ رهن ٿا، انهن کي دنيا جي ڏکڻ اڌ گول وارا تارا ڏسڻ ۾ نٿا اچن. جيڪي ٿورا گهڻا نظر اچن ٿا، اهي ڏکڻ طرف اُفق جي ويجهو آهن، ان ڪري اهي، توڙي کڻي گهڻو روشن هجن، پر اسان کي ڌنڌلا نظر اچن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو اسان کي (دنيا جي اتر اڌ گول ۾ رهندڙن کي)، Arcturus بعد ٻئي نمبر تي چٽو تارو Vega لڳي ٿو. ويگا دنيا جو اهم تارو سمجهيو وڃي ٿو ۽ سائنسدانن ۽ فلڪيات جي ماهرن سج بعد هن تاري تي وڌيڪ کوجنا ڪئي آهي. ويگا تارو اسانجي ڌرتيءَ کان 25 نوري سال پري آهي. صدين کان عرب هن تاري کي رڻ پٽن ۽ سمنڊن تي سفر ڪرڻ دوران Navigation (رستو ڳولڻ) خاطر استعمال ڪندا اچن ۽ هن تي سندن رکيل عربي نالو ”واقع“ (معنيٰ ڪرندڙ) اڄ ويگا ٿي ويو آهي. عربيءَ ۾ هن تاري جو دراصل سڄو نالو ”الواقع النسر“ معنيٰ ڪرندڙ عقاب آهي. ڪي ماڻهو ان جو ترجمو لامارو ڏيندڙ ڳجهه ٻڌائين ٿا. هي تارو سج کان جيتوڻيڪ ڏيڍوڻو ڳرو آهي، پر روشنيءَ جي حساب سان 54 ڀيرا وڌيڪ آهي. هي تارو Vega پنهنجي محور جي چوڌاري تمام گهڻي رفتار سان گول گهمي (Rotate ڪري) ٿو. اٽڪل 274 ڪلوميٽر هڪ سيڪنڊ ۾ طئي ڪري ٿو، ان گهڻي رفتار ڪري هو سندس خط استوا واري هنڌ تان ٻاهر نڪري آيو آهي. جيئن سج جي چوڌاري ڌرتي، مريخ، زهره جهڙا ڪيترا ئي سيارا گردش ڪندا رهن ٿا، تيئن ويگا جي چوڌاري گهٽ ۾ گهٽ هڪ Jupiter جيڏو سيارو گردش ڪري ٿو.