Tuesday, July 23, 2013

ڪجهه ملڪ، جتي جون جولاءِ سرديءَ جا مهينا ٿين ٿا - الطاف شيخ

ڪجهه ملڪ، جتي جون جولاءِ سرديءَ جا مهينا ٿين ٿا
الطاف شيخ
اسان وٽ رمضان شروع ٿيڻ کان هفتو کن اڳ روزي جي افطار ۽ سحري جي وقتن جي لسٽ مسجدن ۾، چوراهن ۽ دڪانن تي، ملڻ شروع ٿيندي آهي ته پهرئين روزي رکڻ جو هي ٽائيم ۽ کولڻ جو هي رهندو، ٻئي جو هي، ٽئين جو هي وغيره. وري عيد کان هڪ يا ٻه ڏينهن اڳ کان، اخبارن ۾ اچڻ شروع ٿيندو ته فلاڻي فلاڻي مسجد ۾ عيد نماز صبح جو سوا ستين ٿيندي، فلاڻين مسجدن ۾ ساڍي ستين، ٻين ۾ پوڻي اٺين ۽ اٺين کان نائين يا ساڍي نائين تائين مختلف مسجدن جا وقت ڏنل هوندا آهن. پوءِ جنهن کي جنهن ٽائيم تي، جنهن مسجد ۾ سهولت ٿئي، ان ۾ هو عيد نماز پڙهي يا ڪنهن مسجد ۾ پهچندي پهچندي نماز نڪري وڃيس ته ٻيءَ ۾ پڙهي سگهي ٿو، جتي دير سان پڙهڻ جو وقت مقرر ٿيل هجي. جنهن کي عيد نماز پڙهڻ جي نيت نه هجي، اهو سوير پڙهڻ لاءِ ويندڙن کي اهو چئي سگهي ٿو ته توهان هلو آئون فلاڻي مسجد ۾ عيد نماز نائين وڳي  پڙهڻ ويندس ۽ پوءِ جيڪڏهن ڪو نائين وڳي نماز لاءِ ويندڙ نماز جو پڇي ته گوسڙو همراهه هن کي اهو ڪوڙ هڻي سگهي ٿو ته آئون سوير ئي ساڍي ستين وڳي فلاڻي مسجد ۾ نماز پڙهي آيو آهيان.

افطار ۽ سحريءَ جا وقت اسان وٽ سياري ۽ اونهاري جي حساب سان گهٽبا وڌندا رهن ٿا. اسان وٽ اونهاري ۾ ڏينهن وڏو ٿئي، معنيٰ روزا ٻارهن ڪلاڪن کان به وڏا ٿين. سياري ۾ وري روزا ننڍا ٿيو پون. نه فقط ننڍا پر سيءَ جي ڪري ٿڌا به ٿيو پون. پر ملائيشيا جهڙي ملڪ ۾، جتي منهنجي زندگيءَ جو وڏو عرصو گذريو آهي، اتي ڳالهه ئي ٻي آهي. ملائيشيا خط استوا جي ڀرسان ملڪ آهي، ان ڪري نه فقط ڏينهن ۽ راتيون هڪ جيڏيون ٿين، پر ٻارهو ئي سج به ساڳئي وقت تي لهي ۽ چڙهي. نه ٿئي سيارو نه ٿئي بهار يا سرءُ! ان ڪري ته هڪ هنڌ لکي چڪو آهيان ته ملائيشيا ۾ هر قسم جي نالي واري ڇوڪري ملي ٿي، پر ”بهار“ جي نالي واري نه. ۽ نه ڪو توهان کي ملئي زبان ۾ اهڙو گانو ٻڌڻ ۾ ايندو، جنهن ۾ بهار جي موسم جي تعريف ٿيل هجي. ملائيشيا جا ماڻهو ڇا ڄاڻن بهار جي موسم مان يا سياري جي ٿڌ مان! ڪوالالمپور ۾، اسي واري ڏهاڪي ۾، فقط ٻه دڪان گرم ڪپڙن جا هوندا هئا. هاڻ هڪ ٻه ٻيو به کليو آهي. ڪو يورپ نوڪري يا اعليٰ تعليم لاءِ ويندو آهي ته پوءِ انهن دڪانن مان ڪنهن هڪ تان ڪوٽ يا سوئيٽر ۽ مفلر خريد ڪري ويندو آهي. بلڪ انهن دڪانن ڏي ويندڙن يا موٽندڙن کان اڪثر ٻيا پڇندا آهن: ”پرگي مانا؟ يورپا اتائو آمريڪا“- (ڪيڏانهن وڃڻ ٿي رهيو آهي؟ يورپ يا آمريڪا.) ظاهر آهي ملائيشيا ۾ ته ڪڏهن سيءُ ٿئي ئي ڪونه. توهان کي ڪيترائي اهڙا پوڙها نظر ايندا، جن سڄي عمر ڪڏهن ڪوٽ يا سوئيٽر نه پاتو هوندو. ملائيشيا خط استوا جي ويجهو هجڻ ڪري، اتي ٻارهوئي هڪ موسم اونهارو رهي. ٻارهوئي ڪينيا، يوگنڊا جهڙن خط استوائي ملڪن جهڙي گرمي ٿئي. پر ملائيشيا، سنگاپور ۽ انڊونيشيا ان ڳالهه ۾ خوش نصيب آهن، جو ٻارهوئي جهڙ ۽ مينهن ڪري موسم خوشگوار رهي ٿي.
مٿي خط استوا جو ذڪر آيو آهي. خط استوا اهو خيالي ليڪو آهي، جيڪو دنيا جي گولي کي پورن ٻن حصن ۾ ورهائي ٿو: اتر اڌ گول Northern Hemisphere ۽ ڏکڻ اڌ گول Southern Hemisphere. خطِ استوا کي انگريزيءَ ۾“Equator” سڏجي ٿو، جيڪو زيرو ڊگري وارو ويڪرائي ڦاڪ (Latitude) آهي. ان ليڪ يعني خط استوا کان جيئن جيئن مٿي يا هيٺ وڃبو، تيئن تيئن ڊگرين جو تعداد وڌندو ويندو، تان جو ڌرتيءَ جي چوٽيءَ تي جيڪو اتر قطب ٿو سڏجي، 90 ڊگريون ٿينديون ۽ اهڙي طرح ڌرتيءَ جي هيٺ تر ۾ جنهن کي ڏکڻ قطب ٿو سڏجي، اهو 90 ڊگريون ٿيون. اتر اڌ گول واريون ٻڙي (Zero) کان نوي تائين ڊگريون “N” يعني نارٿ (اتر) سڏجن ۽ هيٺ واريون “S” يعني سائوٿ (ڏکڻ) سڏجن.

ڌرتي سج جي چوڌاري ڦيرو 365 ڏينهن ۾ ڪري ٿي. ڌرتي پنهنجي محور (Centre) تي ڦرڻ بدران ڪجهه ڊگريون جهڪيل (Inclined) آهي، ان ڪري دنيا جي هڪ ”اڌ گول“ ۾ سج جي روشني گهڻي پوي ٿي، اتي اونهارو ٿئي ۽ ٻئي ۾ گهٽ روشني (اُس) وڃڻ ڪري اتي سيارو ٿئي ۽ پوءِ ڇهن مهينن کن بعد ڌرتي سج جي ٻي پاسي پهچي ٿي، ته اُبتو حساب ٿيو وڃي. يعني هاڻ جنهن پاسي اونهارو هو، اتي سيارو ٿيو وڃي. جتي سيارو هو، اتي اونهارو. جڏهن اسان وٽ اتر اڌ گول ۾ ڊسمبر، جنوري، فيبروري مهينن ۾ سيارو هوندو آهي ته آسٽريليا، برازيل، بولويا، ائنگولا، زئمبيا ۽ ٻين ڏکڻ اڌ گول جي ملڪن ۾ سخت اونهارو هوندو آهي. اسلام آباد، ڪابل يا لنڊن ۾ رهندڙ هڪ شاگرد اسڪول ۾ اهوئي پڙهندو آهي ته جون، جولاءِ آگسٽ گرمين جا مهينا آهن. پر اهو ڇوڪرو ان ساڳئي سوال جو اهو جواب مپوتو، ڊربن يا ريوڊي جنيرو شهرن جي اسڪول ۾ ڏيندو ته ٻيا ٻار مٿس کل ئي ڪندا، جو اهي شهر ڏکڻ اڌ گول ۾ آهن، جتي جون، جولاءِ ۽ آگسٽ جي مهينن ۾ سخت پاري جهڙا سيءَ ۽ برف باري ٿئي ٿي. خط استوا وارو علائقو ئي هڪ اهڙو آهي، جتي ٻارهوئي سج جو اثر هڪ جهڙو ٿئي ٿو. نه فقط سج جو اثر هڪ جهڙو ٿو ٿئي، پر ان جي اُڀرڻ ۽ لهڻ جو وقت به ذري گهٽ ساڳيو ئي ٿئي ٿو ۽ پوءِ ظاهر آهي سڄو سال ڏينهن رات جو مدو به هڪ جيڏو ئي، يعني ٻارنهن ٻارنهن ڪلاڪ ٿئي ٿو.

No comments:

Post a Comment