Sunday, July 21, 2013

ٿر ٿوهر، گهر جُهوپڙا - مشتاق گبول

ٿر ٿوهر، گهر جُهوپڙا
ٿر- ياترا
مشتاق گبول
راڳ درٻاري ۾ نوجوان شاعر امر کهاوڙ، سنڌ جي سُهڻي شاعر ايوب کوسي جو غزل پئي ڳايو:
”هوش نٿو هِت ڪير سنڀالي،
هُن کي چئبو ڇير سنڀالي.“
گاڏي، خوبصورت شاعر پريم پتافي پئي هلائي. اڳين سيٽ تي امين ۽ پُٺيان درگاهي گبول، امر کهاوڙ ۽ مان ويٺا هئاسين. اسين ٿر پئي وياسين.

ڀٽائي جي سُورمي مارئي جي وطن ۽ انگريزن کي ٽوٽا چٻاڙيندڙ سنڌ جي آزاديءَ جي جنگ وڙهندڙ، روپلي ڪولهي جي ديس. ٿر، جيڪو سنڌ جي جنت جو هڪ ”صحرائي ٽڪرو“ آهي، جنهن تان جڏهن گهوڙن ۽ اُٺن تان مڻهيار ايندا هئا ته ”مڻهيار“ جهڙو لوڪ گيت سرجي ويندو هو ۽ اُن لوڪ گيت جي هيءَ سِٽ:
”سنڌڙي ري مارگي اُڏتي جائي کيهه
(سنڌ جي واٽ تان دز اُڏامندي پئي وڃي)
ٻُڌڻ سان هانوَ ۾ وڍ وجهي ڇڏيندي آهي ۽ ڪنهن محبوب جي ڇڄي وڃڻ جو منظر اکين آڏو اچي بيهي رهي ٿو.
يا، لوڪ گيت: ”وڻجاري“ جون هيءَ سِٽون هانءُ ۾ تير وانگي کُپي ٿيون وڃن:
”ٿلهي مٿي پيپڙي، جِڪِي ري ڇايا ۾ بيٺا مور.
(اڱڻ ۾ پپر جو وڻ، جنهن جي ڇانوَ ۾ مور ويٺا آهن)
هاءِ وڻجارو بالم ڙي......
کول ري جُوسي! ٽيپڻو، مان جو لِکيو لي گيو ليک.
(جوتشي! ٽپڻو کولي ڏس، ته منهنجو ڀاڳ بدلجي پيو؟)
ها! وڻجارو بالم ڙي....
لوڪ گيتن جي سحر مان تڏهن نڪتس، جڏهن گاڏي اچي جهُڏي پهتي. جتي نوجوان شاعري امير بخش پتافي، اسان جي اوسيئڙي ۾ بيٺو هو. اُتي چانهه پيئڻ لاءِ ڊاٻو ڪيوسين. ايوب کوسي سان ملڻ جي خواهش پُوري نه ٿي سگهي جو هُن جا نمبر بند پئي مليا.
ٿر، جنهن جي ڀِٽن جي مٿي تي گُل ڦُل ۽ گاهه، ٻُوٽا ڪٿي کُليل ذلفن وانگي لهرائي رهيا هوندا آهن ته ڪٿي سجاوٽ ۾ ائين لڳندا آهن، ڄڻ اُهي ذُلف ڳُنڌي ڪنهن ڳُت ۾ ڳوپي ڇڏيا آهن!
جهُڏي کان ٿي نئون ڪوٽ ۾ اچي نوجوان شاعر اياز رضوي وٽ ڊاٻو ڪيوسين. چانهه پي اُٿياسين، اڳتي هلي ڏٺم ته ”دودي جي ڪنڌ“ وانگي ”نئون ڪوٽ جو قلعو، اوچي ڳاٽ سان بيٺو نظر آيو، جيڪو ڏيک ويک ۾ هوبهو ”ڪوٽڏيجي جي قلعي“ جهڙو لڳو.
ٿر جي خوبصورتي ڏسي، کن پَل اڳي اسان جا نيڻ، ٿر جي خالي ٿيل تل ۽ تراين وانگي پئي لڳا، حسين منظرن جي وسڪاري سان اهي تَل ۽ ترايون ڀرجندي پئي محسوس ٿيون.
مِٺي، محبتن ۽ خوبصورتين جو خوبصورت شهر آهي. جنهن جا ماڻهو ڏسڻ وائسڻ ۽ پنهنجي ڪردار ۾ ڏاڍا خوبصورت لڳا. سنڌ جي خوبصورت راڳي صادق فقير، اسان کي ”گڍي ڀِٽ“ گهمائي. ”مِٺي“ ۾ ”گڍي ڀِٽ“ آهي، يا ”گڍي“ جي ڀاڪُرن ۾ ”مِٺي“ شهر ڀريل آهي. ڪو فيصلو نٿو ڪري سگهجي. ”مِٺي“ جي سڀ کان اوچي ڀِٽ، ”گڍي“ آهي. جنهن تي روڊ رستا ۽ باغ ٺهرائي سياحتي مرڪز قائم ڪيو ويو آهي. جِتي، پنهنجي اڪيلاين کان ڀَڄي ”مِٺي جون مورڻيون“ پسار ڪرڻ اينديون آهن ته گڍي ڀِٽ تي موجود، سونهن پرست اکيون، اُنهن مورڻين جي پيرن ۾ پٿارجي وينديون آهن! پوءِ نيڻن کي نيڻ جون نينڍون ملنديون آهن ۽ محبوبي ناز، ادائن ۾ اضافو ٿيندي ڏسي، وقت کي پنهنجي مُٺ ۾ بند ڪري ڇڏبو آهي. ”مِٺي“ جي هيءَ خوبصورت ڀِٽ، بَر ۾ بهار لايون بيٺي آهي! گڍي، ڀِٽ ناهي، پر ”مِٺي“ شهر جي ”جنت“ آهي.
وسڪاري کانپوءِ هِتان جون ڀِٽون، سائي رنگ جي ساڙهي اوڍي، گُلن ڦُلن ٻُوٽن ۽ گاهن سان جهنجهي ڀريل پيٽ سان ٿي پونديون آهن. ٿر جي واري سون آهي سون! ان کي رُڳو ”صرافن“ جي ضرورت آهي. اسان وٽ ”بيقدري جي ڏُڪر“ ۾ ”صرافن جي سُڃ“ لڳي پئي آهي. نه ته جي هِن سون کي سُوڌي سنواري چمڪايو وڃي، پوءِ ٿر ته ڇا، سڄي سنڌ جي تقدير کي هي سون چمڪائي ڇڏي.
صادق فقير پنهنجي گهر وٺي وڃي ماني کارائي، اُن جي محبتن کي ڪٿي ٿا وساري سگهون!
واٽ ويندي اُڀ تي ڪارا ڪڪر ڇانيل ڏسندي، ٿرين کي اُٺن ۽ گڏهن سان هَر ڪاهيندي ڏسي، ”ڀٽائي“ جو ”سُر سارنگ“ ياد اچي ويو ۽ سُر سارنگ ۾ شامل سڀني منظرن کي چاهه وچان چُمندا رهياسون. ڀٽائي جي بيتن ۽ ڪردارن کي چُر پُر ڪندي ڏسندا رهياسين ۽ سوچيندو رهيس ته ”ڀٽائي کي ڀٽائي ٿيڻ لاءِ“ نه رُڳو ٿر ۽ بر جهاڳڻو پيو، پر لاهوت ۽ هنگلاج جا ڏونگر به ڏورڻا پيا. تڏهن وڃي: ”واهيري جي وير، ڇُلون ڪريان ڇپرين“ جهڙي سِٽ لکي سگهڻ ممڪن ٿي سگهي هُئي. ڀٽائي ٿيڻ جي لاءِ: ”تن تسبيح، من- مڻيو، دل دنبورو جن“، واري ڪيفيت مان پاڻ کي گُذارڻو پوندو آهي. ائين ويهي سکڻيون ظاهري مالهائون نه جپيون آهن! ڀٽائي ٿيڻ جي لاءِ ڪارونجهر جبل جون چوٽيون لتاڙڻيون پونديون آهن. بَر ۾ بيٺڪ لڳائي، دُونهان دُکائڻا پوندا آهن. ڀٽائي ٿيڻ جي لاءِ رُلڻو پوندو آهي. ٿر گهُمندي اسان تي ڀٽائي جي عظمت جو هڪڙو ننڍڙو راز کُليو. نه ته ڀٽائي جي تخليق ۾ ڀٽائي جي عظمت ۽ ڀٽائي جو درد ڪائنات وانگر پکڙيل آهي، جنهن ۾ ڪيئي دنيائون سمايل آهن! بهرحال ٿر ۾ اسان پاڻ سان گڏ ڀٽائي کي به ڀانيوسين. لڳو ڄڻ ڀٽائي سان گڏجي ٿر پيا گهُمون. ڀٽائي جي بيتن جا منظر، عڪس ۽ ڪردار اسان جي آڏو رهيا ۽ اسان سان ڳالهائيندا رهيا.
ٿر جا لوڪ گيت به شاهڪار آهن. ”هَمرچو“ لوڪ گيت آهي ته:
”هَمرچي روڪو ميڙيو لا“
(گڏجي اچڻ جو هي ميڙ، الا)
اَلا هَمرچو هوڙي لا....
”آڌي اُٺي ٿي اونان ڪَران لا“
(آڌيءَ جو اُٿي ورلاپ ٿي ڪريان)
الا همرچو هوڙي لا.....
بِڇڙي بگرسين توڏڙلي، ڙي لا،
(جئن توڏي پنهنجي وڳ کان وڇڙي)
الا همرچو هوڙي لا....
ڪارن ڪڪرن کي ڏسندي لوڪ گيت: ”پڻهاري“ جي هيءَ سِٽ هانوَ تي تري آئي ته:
”ڪالي ري ڪاراڻ اُوپڙي، ري پڻهاري، هي لو.“
(اُتر تي ڪارن ڪڪرن جي قطار چڙهي آئي آهي)
ٿرين جو بادلن ۽ مينهن سان رومانس جي به پنهنجي دنيا آهي. مينهن وسندو ته نه رُڳو ٿر ۾ سُڪر جا ڏينهن موٽي ايندا آهن، پر پرديس ويل پرين به موٽي ايندا آهن. تڏهن ته لوڪ گيت: ”بادليئو“ جي هِن سِٽ ۾ ناري، بادل سان مخاطب ٿي چوي ٿي ته:
”بادليئا! تون برسي نه جائي، تو پريتم کي ڪوٺاڙ.“
(اي بادل! تون وسي نه سگهين ته پرينءَ کي ڪوٺاءِ)
جڏهن ”گوڙي مندر“ پهتاسين ته هڪ تاريخي مذهبي عمارت (مندر) پنهنجون ٻانهون ڦهلائي اسان جي آجيان پئي ڪئي. هڪ عاليشان ۽ خوبصورت مندر ۽ اسان جو تاريخي ورثو، ”اُجڙيل سينڌ“ وانگي اُجڙيل نظر آيو. مندر جي اندر ”چمڙن“ جو واسو هو، پر ائين لڳو ته هيلتائين هي تاريخي مندر ۽ ثقافتي ورثو به ته: ”چَمڙن جي بي ڌياني“ جي نظر رهيو آهي. فنِ ڪاريگري جو شاهڪار، گوڙي مندر ڇا، هيءَ ٿر به ڇا، سڄي سنڌ ”چمڙن“ جي وَر چڙهي وئي آهي! ۽ اسان جا مَن، گوڙي مندر وانگي اُجڙيل اُجڙيل ڀڙڀانگ بڻجي رهجي ويا آهن!
گوڙي مندر ۾ هاڻي پوُڄا نه ٿيندي آهي، ڪا پُوڄارڻ ۽ ڪي پُوڄاري پُوڄا جي لاءِ ناهن ايندا. گوڙي مندر وٽ رکيل مورتين وٽ جڏهن پريم پتافي بيٺو ته ائين لڳو، ڄڻ ڪو پُوڄاري پُوڄا جي لاءِ بيٺو آهي. ڪجهه وقت جي لاءِ اسين سڀ گوڙي مندر ۾ پُوڄاري بڻجي پياسين ۽ اسان سڀني جي دلين ۾ ويٺل پُوڄارڻ به اسان سان گڏ ڄڻ پُوڄا ۾ شامل هُئي. گوڙي مندر ۾ صدين کانپوءِ اهڙي پُوڄا ٿي هوندي ۽ اهڙا پُوڄاري آيا هوندا، جيڪي پنهنجي پنهنجي پوڄارڻ کي به پاڻ سان وٺي آيا هوندا! اسان جي محبتن سان گوڙي مندر جو هانءُ ضرور وڏو ٿيو هوندو!
گوڙي مندر وٽان موٽندي ”ڀيلن جي ڳوٺ“ وٽ ”گوپين“ ۽ ”راڌائڻ“ کي سرڪار طرفان لڳايل نلڪن مان پاڻي ڀريندي ڏسي، اُڃ وڌي وئي ۽ هڪڙي نينگر کي سڏي پاڻي پي اڳتي روانا ٿياسون. ”ڀوڏيسر“ وٽ پهچي، پريم پتافي، ڪار ڀوڏيسر جي ”تاريخي مسجد“ وٽ اچي بيهاري. ٽن قُبن تي مُشتمل مسجد، شايد 1505ع ۾ ٺاهي وئي هُئي! مسجد جي صفائي ڏسي اندازو ٿيو ته هِتي نماز پڙهي پئي وڃي. مسجد جي پُٺيان هڪ خوبصورت تلاءُ آهي ۽ تلاءُ جي پُٺيان نيڻ نهار تائين ڪارونجهر جو پهاڙي سلسلو نظر اچي رهيو آهي. ڪارونجهر جبل کي ڏسندي ”روپلي ڪولهي“ کي ساريوسين ۽ مان ”ماٺ مطالعو“ واري ڪيفيت ۾ وڃي، ”ٽائيم ۽ اسپيس“ کي پُٺيان ڇڏي روپلي ڪولهي واري دور ۾ پاڻ کي محسوس ڪيم ۽ ڪارونجهر جي جابلو سلسلي مان مون کي ”روپلي ڪولهي“ جي گهوڙي جي ٽاپولين جو آواز ۽ گهوڙي جون هڻڪارون ٻُڌڻ ۾ آيون. روپلو، جيڪو ڪارونجهر جبل مان وڄُ وانگر نڪري بجلي بڻجي وڃي انگريزن جي لشڪر تي ڪِرندو هو ۽ واپس موٽي ايندو هو. روپلو، سنڌ جي وِڄُ هو، کِنوَڻ هو. روپلي جي دهشت به ته وِڄُ ۽ کنوڻ جي هانءُ ڏاريندڙ گوڙن ۽ چمڪاٽن وانگر هُئي. روپلي جو نانءُ، روپلي جي دهشت، دشمنن جي لاءِ اڄ به سنڌ جي تاريخ جي اُڀ تي وِڄُ ۽ کنوڻ وانگر هانءُ ڏاريندڙ آهي.
ڀوڏيسر کان ٿي اسان ننگرپارڪر پهتاسين. ننگرپارڪر ۾ اسان ”جين ڌرم“ وارن جو هزارين سال پُراڻو خوبصورت مندر ڏٺوسين، جيڪو به سنڌ جي ڀاڳ وانگر ڦٽل ڦٽل نظر آيو. اُتي نه عود لوبان جي ڪا خوشبوءَ هُئي، نه مندر ۾ ڪي گهنڊ هئا، نه ڪي پُوڄا جي واسطي پُوڄاري هُئا ۽ نه ڪا پوُڄارڻ هئي! پريم پتافي جي غزل جو شعر ياد اچي ويو:
”پوڄارڻ ڇو سنڌ ڇڏي وئي،
رات رُنو پئي مندر سوچي.“
”اڪيلائيءَ ۽ نڌڻڪائيءَ، پُوڄارڻ بڻجي“ ڄڻ ته مندر جي پُوڄا ۾ مصروف هُئي! نه ئي اُتي ڪي ”جين ڌرم“ جا يوگي نظر آيا. جين ڌرم وارا ڪنهن به ”ساسي“ کي مارڻ نه، ڇو ته هُو ”ساسي“ کي مارڻ پاپ سمجهندا هئا. ايستائين جو اُنهن کي وڇون، نانگ ۽ بلائون ڪکينديون هيون، تڏهن به اُنهن کي نه ماريندا هئا. ڇا ته اُهي سنڌ جي عروج وارا ڏينهن هئا! هاڻي ته ماڻهو مارڻ جهڙوڪر ثواب بڻجي پيو آهي! ڪَهل ۽ قياس جو ذڪر وڃي ڪتابن ۾ پڙهڻ جي لاءِ بچيو آهي. وڇون، نانگ، بَلائون ته ٿوري ڳالهه آهي، اسين ته ماڻهو مارڻ جا ماهر ٿي ويا آهيون!
جين ڌرم واري مندر جو مُهڙ وارو دروازو ٽپي، مندر ۾ داخل ٿيڻ جي لاءِ مٿي ڏاڪڻيون چڙهي، ٻيو دروازو ٽپي جڏهن ٽين دروازي وٽ پهتاسين ته اُتي دروازي جي ٻنهي پاسي جين ڌرم وارن جي ڪنهن ”مها پُرش“ جي مُورتي ٺهيل هئي، اُها مُورتي ديوارن تي اُڪريل هُئي ۽ سنگتراشي جو سهڻو ڏيک ڏنائون پئي. جين ڌرم وارن جو مندر ڏسي، اُستاد رائچند ۽ منگهارام اوجها کي ياد ڪري، ”تاريخ ريگستان“ ۽ ”پُراڻو پارڪر“ جهڙن ناياب ڪتابن کي ساريندي، رُخ رکيوسين ڪارونجهر جبل جي ڪڇ ۾ تاريخي تيرٿ آستان ۽ مندر ”سار ڌڙيو“ ڏانهن.
”سار ڌڙيو“ تيرت آستان کي ڏسندي ۽ پنهنجي چؤطرف مور پکين کي اُڏامندي ڏسي، ڪارونجهر کي گهُميوسين. اُتي ڪارونجهر جبل تي اڃان به ”ڪاپڙي“ ويٺل نظر آيا، جيڪي بَر ۾ بيٺڪ لڳائي، دُونهان دُکائي ويٺا هئا. پنهنجي مُرشد علي انور شاهه بُخاري (جهانپور شريف گهوٽڪي) واري جي بيت جو اکين سان مشاهدو ماڻيوسين. اهو بيت آهي ته:
”اڃا ئي آهين، ڪُلجڳ ۾ ڪاپڙي،
بَر ۾ بيٺڪ تن جي، ٿا دُونهان دُکائين،
ڪاڏي نه ڪاهِين، هڪ جاءِ هيڪاندا ٿيا.“
اُتان موٽندي رات ٿي وئي هئي. ڏونگر کي آخري نظر کڻي ڏٺم ته پنهنجي دوست ۽ نئين ٽهيءَ جي ڀلوڙ شاعر جميل سومري جي بيت جي منظر کي اکين سان ڏٺم، مَن سان ماڻيم ۽ جميل سومري جي ”اميجري“ تي دنگ رهجي ويس. جميل سومري جي انهيءَ بيت جي خوبصور منظر ۽ عڪس سان موڪلايان ٿو:
”چنڊ به پائي مُرڪيو، ڪڪرن مان لِيئو،
ڏونگر تي ڏِيئو، رات لڳو پئي ڪاپڙي.“
(جميل سومرو)


No comments:

Post a Comment