Tuesday, July 16, 2013

ٽوئرزم - الطاف شيخ

ٽوئرزم
دنيا جي هڪ وڏي منافعي واري انڊسٽري
الطاف شيخ
ٽوئرزم به هڪ وڏي انڊسٽري چئي سگهجي ٿي، سنگاپور، هانگ ڪانگ، ٿائيلنڊ، برمودا، بهاما جهڙا ٻيٽ ۽ ملڪ به ٽوئرزم جي ڪري امير ٿي ويا. ملائيشيا جهڙو ملڪ جنهن وٽ قدرتي دولت ڇا گهٽ آهي؟ سال ۾ ٻه دفعا فصل ڏيڻ واريون ٻنيون، مفت جو پاڻي، ٻارهوئي پيو مينهن وسي، پيٽرول ۽ گئس، پام آئل، بي انتها ناريل، جنهن مان کوپري جي تيل کان وٺي مرسيڊيز ڪارن جون سيٽون ٺهن ٿيون، فروٽ ايترو جو ايڪسپورٽ ڪندا وتن، ان کان علاوه سون ۽ قلعي tin)) ايتري جو ختم ئي نٿي ٿئي، پر ان هوندي به هنن کي اها اڻ تڻ لڳي رهي ٿي ته اسان جي ملڪ ۾ ٽوئرسٽ اچن. گهمڻ لاءِ ماڻهو اچن ته ڪمائي ٿئي. ڪمائي ان ڪري ٿئي ٿي، جو گهمڻ لاءِ جيڪو اچي ٿو، اهو وڏي دل ڪري خرچ ڪري ٿو، هوٽلن ۾ رهي ٿو، کاڌي پيتي ۽ بسن، ٽئڪسين ۽ ريلن ۾ چڙهي ٿو. مزور، ڪُوليءَ کان وٺي هوٽل جو مالڪ ڪمائي ٿو. ان جو احوال توهان انهن وڏيرن پيرن کان پڇي سگهو ٿا ته هو پنهنجي ڳوٺ ۾ سال ۾ ٻه يا ٽي ڏينهن ميلو هڻائڻ سان ڪيڏو ڪمائي وٺن ٿا! ۽ سوچيو جن ملڪن ۾ ٻارهوئي ميلو متل رهي ٿو، اهي ڪيڏو ڪمائيندا هوندا.

هڪ اهڙو وقت هو، جو ملائيشيا جي حڪومت دنيا جي رسالن ۾ اشتهار ڏيندي رهي ته ملائيشيا گهمڻ لاءِ اچو. آئون جنهن رياست ملاڪا (انگريزي نالو Malacca ۽ مڪاني نالو Melaka) ۾ رهندو هوس. مون ڏٺو ته هن رياست جا سڀ واسطيدار عملدار ان ڪم کي عملي جامو پهرائڻ ۾ لڳا رهيا. هنن پنهنجي ملڪ کي سنگاپور وانگر Tourist Spot ٺاهڻ ٿي چاهيو. سٺ جي ڏهي تائين سنگاپور ۾ به ڪير نه پئي آيو. اسانجو جهاز سنگاپور پهچندو هو ته ڏينهن جو به اڪيلو نه ڇڏيندا هئا. ايڏي بدامني هُئي. دنيا جي هر بُرائي سنگاپور ۾ موجود هئي. پوءِ نئين آيل وزير اعظم لي ڪُئان يوءَ  پهريون ڪم اهو ڪيو، جو قانون جي سختي ڪئي ۽ امن امان قائم ڪيو. هر سال ٽوئرسٽ وڌندا ويا ۽ هاڻ.... يعني اڄ 28 سالن بعد ڏسان ٿو ته ملاڪا شهر جي گهٽي گهٽيءَ ۾ دنيا جي ملڪن جي ٽوئرسٽن جي پيهه پيهان لڳي پئي آهي.ملاڪا حڪومت هي ڪرتب ڪيئن ڪيو؟! ملائيشيا گهڻ قومي ۽ گهڻ مذهبي ملڪ آهي. ملاڪا حڪومت شهر جا سڀ مندر،  مسجدون، گوردوارا، گرجا گهرَ، جين ڌرم وارن جا ٽيمپل ۽ ٻڌن جا پگوڊا... مطلب ته هر عبادت گهر کي هنن مرمت ڪري خوبصورت بنايو، جيئن هر مذهب جا ماڻهو اچي ڏسن ۽ انهن اڳيان فوٽو ڪڍرائين.
شهر ۾ هڪ پورچوگالين جي ڏينهن جو قلعو هو... قلعو ڇا هو، ٻه کن عمارتون ۽ ٿوري ڀت هئي، ان کي رنگ روغن ڪري ايڏي اشتهار بازي ڪيائون، جو هر هڪ چوڻ لڳو ته اهو ته ڏسڻ ئي ڏسڻ کپي. سچي ڳالهه اها آهي ته حيدرآباد وارو قلعو ته الائي ڇا آهي، پر آهي ڪو ٽوئرسٽ؟ بهرحال ملاڪا حڪومت ٽي چار نيون شيون به ٺاهيون. هڪ ته چڙيا گهر....بيحد صاف سٿرو ۽ صحتمند جانورن ۽ پکين وارو، جنهن ۾ گهمندي مزو اچيو وڃي. هڪ ”مِني ملائيشيا“ ٺاهيائون، جنهن ۾ ملائيشيا جي هڪ هڪ رياست جو حصو رکيو ويو. هر هڪ رياست جو ان نموني جو گهر، ماڻهو ۽ انهن جا ويسَ وڳا وغيره. ڪيترا ٽوئرسٽ ملائيشيا جي هڪ هڪ رياست ۾ وڃڻ بدران هتي ملاڪا ۾ اچي مِني ملائيشيا ڏسڻ لڳا. ملاڪا جي حڪومت ٽوئرسٽن جي کاڌي پيتي لاءِ نه فقط مڪاني هوٽلن ۽ ريسٽورنٽن جي همت افزائي ڪئي، پر ڌارين ملڪن جي فاسٽ فوڊ جهڙوڪ KFC، ميڪڊونالڊ وغيره کي کولڻ ڏنو ۽ انهن جي حفاظت جو به ذمو کنيو. ملڪ ۾ کڻي ڇا به ٿي وڃي، پر مجال آهي جو ڌارين ملڪن جي انهن ريسٽورينٽن يا سپر مارڪيٽن تي ڪو حملو ڪري يا هڪ پٿر به هڻي. شهر ۾ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ وڃڻ لاءِ بسن ۽ ٽئڪسين کان علاوه پراڻي زماني جون سائيڪل رڪشائون به رکيون ويون، جن کي ماڻهو هلائين ٿا. هنن رڪشائن کي گلن سان سينگاريو وڃي ٿو ۽ هر ٽوئرسٽ، ملاڪا ۾ اچي هنن رڪشائن ۾ ضرور وهي ٿو ۽ هڪ عدد فوٽو ڪڍرائي ٿو. شهر ۾ ڪيترن هنڌن تي پارڪ ٺاهيا ويا آهن، جيئن ٽوئرسٽ شهر ۾ گهمندي ڦرندي ٿڪجي پون ته ساهي پٽي سگهن. پارڪن، بس اسٽاپن ۽ شاپنگ سينٽرن وٽ مردن ۽ عورتن لاءِ ڌار ڌار Toilets ٺهرايا ويا. هڪ شهر کان ٻئي ڏي وڃڻ لاءِ چوويهه ئي ڪلاڪ بس سروس رکي وئي، جيئن جنهن کي جنهن وقت وڻي، اهو ان وقت روانو ٿي وڃي. انڊيا ۾ به اهوئي سسٽم آهي. ڏينهن رات ٽوئرسٽ پيا گهمن! مجال آهي جو ڪنهن جي چوري ٿئي يا اغوا جو ڪيس درپيش اچي! امن امان ۽ انصاف بعد جيڪا ٽوئرسٽن لاءِ اهم شيءِ آهي، اها کاڌو پيتو آهي. سعودي عرب توڙي ايران يا هيڏانهن ملائيشيا ۾ ان تي تمام ڪڙي نظر رکي وڃي ٿي. ڪو ڍاٻي وارو، ڪو گاڏي وارو هجي يا وڏي هوٽل وارو، مجال آهي جو کاڌي ۾ ملاوٽ ڪري يا پاروٿو کاڌو رکي. ڇو جو ڪو به ٽوئرسٽ اهو نٿو چاهي، ته پرديس ۾ وڃي بيمار ٿيان. ان ڳالهه تي انڊيا وارا اڃا مڪمل طرح ڪنٽرول ڪري نه سگهيا آهن. هونءَ ڪوشش ڏاڍي ڪن پيا ۽ ڪافي حد تائين ڪاميابي نصيب ٿي اٿن ۽ ٽوئرسٽن جو تعداد به وڃي پيو وڌندو. ايتريقدر جو انڊيا وارن به جپان، سنگاپور، ملائيشيا ۽ ايران وانگر بسن ۽ ٽرينن جي آمدرفت کي وقت جو پابند بنائي ورتو آهي. اسان وٽ ته ان معاملي ۾ ترقي بدران تباهي ٿي رهي آهي. اسان جي ملڪ ۾ڪيتريون ئي تاريخي جايون، موهن جو دڙو، ڪوٽڏيجي کان ٺٽو ۽ ڀنڀور جهڙيون موجود آهن، جن کي ڏسڻ لاءِ سڄي دنيا جا ٽوئرسٽ اچي سگهن ٿا، پر ڪٿي آهي امن امان، صحيح رهائش ۽ صاف سٿرين هوٽلن جهڙيون بنيادي شيون؟!

ڪاش سڄي ملڪ ۾ بهتر امن امان ٿي وڃي ته اسان ماڻهن کي پنهنجي ملڪ ۾ ئي گهمڻ ڦرڻ جون جايون جام آهن. پراڻيون تاريخي عمارتون آهن، باغ باغيچا آهن، جبل ۽ ماٿريون آهن، رڻ پٽ ۽ قديم غارون آهن، درياهه ۽ نديون آهن، آبشار ۽ چشما آهن، ڪوهه مري، ايوبيه ۽ گورک هل جهڙيون Hill Stations آهن، جتي جون ۽ جولاءِ ۾ به سردي رهي ٿي.

No comments:

Post a Comment