Friday, January 22, 2016

اسان جي ۽ ٻين جي حاڪمن ۾ فرق - الطاف شيخ


اسان جي ۽ ٻين جي حاڪمن ۾ فرق

الطاف شيخ

انڊيا جو شهر بنارس جيڪو ورانسي ۽ ڪاشي سڏجي ٿو دنيا جي آڳاٽن شهرن مان هڪ آهي جنهن جي گهٽ ۾ گهـٽ 3500 سالن جي تاريخ موجود آهي. بنارس لاءِ شروع به لکي آيو آهيان ته هي نه فقط جھونو شهر آهي پر لڳاتار وسيل آهي، جيئرو آهي، هلندو اچي. هن شهر جي بنارس هندو يونيورسٽي هڪ سؤ سال پراڻي آهي ۽ سڄي ايشيا ۾ وڏي ۾ وڏي آهي. اسان هن يونيورسٽي جي وچ ۾ ٺهيل وشوناٿ مندر (جيڪو برلا مندر به سڏجي ٿو) ڏسي ڪجهه پيئڻ لاءِ وري اچي ڪيفيٽيريا ۾ ويٺاسين مس ته ڊڪٽر انوپ ڪمار گهوش ٻڌايو ته يونيورسٽي جو وائيس چانسلر چانهه لاءِ اسان جو انتظار پيو ڪري. مون کي ڏاڍي حيرت ٿي. هڪ ڏينهن اڳ منهنجي ميزبان دوست مونکان وي سي سان ملڻ لاءِ پڇيو هو. مون ها ته کڻي ڪئي پر منهنجي خواب خيال ۾ به نه هو ته هيڏي وڏي يونيورسٽي جو وي سي اسان جهڙن عام ٽورسٽن سان ملڻ لاءِ هائوڪار ڪندو. هڪ مئرين انجنير يا مئرين انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جو هيڊ يا پروفيسر يا هڪ ٽوئرسٽ جي حيثيت ۾ ته مون ڪا اهميت نٿي رکي جو اهڙا ته ڪيترائي ماڻهو نظر اچن ٿا. لڳي ٿو ته منهنجي ميزبان BHU يونيورسٽي جي وي سيءَ سان مونکي هڪ ليکڪ ۽ ڪِتابن جي آڌار تي ايڏي ته ڪا تعريف ڪئي.... خاص ڪري منهنجو ايران وارو اڙدو سفرنامو ”ايران ڪي دن“ ۽ انڊيا وارو سنڌي سفرنامو ”هلي ڏسجي هندستان“ هن کي ڏيکاري ته ههڙا ٿلها ڪِتاب هن ٽوئرسٽ لکيا آهن... هن کي اهڙو ڪو متاثر ڪيائين جو ماڳهين هن پنهنجي شوق سان اظهار ڪيو ته ان انجنيئر سان ته آئون پاڻ به ملڻ چاهيان ٿو. مونکي ڪئنگرو وارو لطيفو ياد اچي رهيو آهي جنهن کي Zoo ۾ ڏسڻ لاءِ هڪ ماءُ پنهنجن ٻارهن ٻارن کي وٺي آئي. ڪئنگرو جو ٻچو ان وقت سندس پائوچ ۾ اندر ستو پيو هو. زو جي انچارج ڪئنگرو کي چيو ته پنهنجي ٻچي کي جاڳائي ٻاهر ڪڍ ته هيءَ ماءُ پنهنجي ٻارن کي ڏيکاري. ڪئنگروءَ حيرت مان زو انچارج کان پڇيو ته ”هي سڀ ٻار هن جا آهن؟“

Monday, January 11, 2016

ڪجهه بنارس هندو يونيورسٽي بابت - الطاف شيخ

ڪجهه بنارس هندو يونيورسٽي بابت
الطاف شيخ
گنگا ندي جي ڪناري کان ڪافي ويجھو مانيڪرنيڪا اشنان گهاٽ وٽ جنهن ٿري اشتار ”هوٽل گوتم“ ۾ روزانو 600 کن رپين جي مسواڙ تي آخري ڏينهن ۾ اچي رهيو هوس ان جي ڇت تي هڪ ڏينهن بيهي ان شهر بنارس (ورانسي) جو نظارو ڪيم. چوڌاري مندر ۽ مندر، گهاٽ ئي گهاٽ ڏسي دل ۾ چيم ته واقعي بنارس مندرن ۽ گهاٽن جو شهر آهي. پر نه ائين نه آهي. هن شهر جي مختلف روڊن: بولا نالا ۽ رابندرناٿ ٽئگور کان سنت ڪبير ۽ اسٽيشن روڊ تائين يا وري ڪماڇا ۽ سوامي وويڪانند روڊ کان لسڪا روڊ ۽ لاهور ابير روڊ تائين آٽو رڪشا ۽ پنهنجي ٽنگن ذريعي گهمندي ڦرندي ان نتيجي تي پهتو آهيان ته بنارس اسڪولن ۽ ڪاليجن جو به شهر آهي. پوني وانگر هِتي بنارس ۾ به نه فقط انگريزن جي وڃڻ کانپوءِ انيڪ تعليمي درسگاهه کليا آهن پر انگريزن جي ڏينهن جا آڳاٽا اسڪول ۽ ڪاليج پڻ. قائم رکيا ويا آهن... . انگريزن جي ڏينهن جا آهن ڪجهه اسڪول ۽ ڪاليج اهڙا آهن جن کي هن شهر ۾ رهندڙ هند نه ، پارسين ۽ يهودين ٺهرايو ۽ گجرات رياست جي احمد آباد ۽ بڙودا شهرن وانگر هِتي تعليمي ادارا هِتي جي هندو نوابن ۽ راجائن به ٺـهرايا جن جي ٻارن پڻ اعليٰ تعليم حاصل ڪئي.  اسان وٽ سنڌ ۾ اهڙو ڪو ورلي پير مير وڏيرو يا سردار ملندو جنهن ڪو اسڪول ڪاليج کوليو هجي. بلڪه تعليم کي تباهه ڪرڻ ۾ سندن وڏو هٿ نظر ايندو. ڪيترا اجڪول ڪاليج جيڪي جيتوڻيڪ عوام جي زور ۽ پئسي تي کليا پر انهن تي هنن ڳوٺ جي ڀوتارن جا نالا ان ڊپ ڪري به رکيا ته جيئن اهي قائم رهن.

ايم ٽريڪ رستي واشنگٽن کان نيُويارڪ جو سفر - ياسر قاضي

ايم ٽريڪ رستي واشنگٽن کان نيُويارڪ جو سفر
پئسفڪ جي پاڙي ۾ - قسط: 45
ياسر قاضي
پوئين آچر واري هن ”سفر ـ ڪٿا“ جي 45هين حصّي جي آخر تائين اسين امريڪا جي سفر ۾ امريڪي راڄڌانيءَ، واشنگٽن ڊِي سِيءَ ۾ آخري شام گذاري، يُونين ريلوي اسٽيشن تان نيُويارڪ روانا ٿي رهيا هُئاسِين. اسان کي شام 6 لڳي نيُويارڪ لاءِ ”ايم ٽريڪ“ (اميريڪن ٽريڪ) جي ريل ۾ سفر شرُوع ڪرڻو هو. ”اسِيلا ايڪسپريس 2124“ نالي ”ايم ٽريڪ“ جِي ريل جي روانگيءَ کان لڳ ڀڳ 20 منٽ کن اڳ ريل ۾ سوار ٿيڻ لاءِ چيو ويو. جنهن ويٽنگ لائُونج ۾ اسان ويهي انتظار پئي ڪيو ۽ پيٽ پُوڄا سان گڏ شام جي چانهه پئي پيتي، ان جي سامهُون ئي اهو پليٽ فارم هو، جتان هن ريل کي روانو ٿيڻو هو. سَڏ ٿيڻ سان اسان کي بمشڪل 100 قدم ٽرين جي بزنس ڪلاس جي اُن دٻي تائي پهچڻ جو ڪشٽ ڪرڻو پيو، جنهن ۾ اسان جُون سِيٽُون بُڪ ٿيل هيُون.

کيوڙه لوڻ کاڻ - مٺل جسڪاڻي

کيوڙه لوڻ کاڻ!
۲۲ هزار فوٽ اوچي جبل هيٺ گهمڻ جي خوبصورت جڳهه
مٺل جسڪاڻي
اوهان جڏهن به موٽر وي سان لاهور کان راولپنڊي اسلام آباد وڃو ۽ اوهان جي پنهنجي سواري هجي، وقت هجي، ته لاهور کان 248 ڪلوميٽر فاصلي تي کيوڙه لوڻ کاڻ آهي، اها ضرور گهمو. ڇو ته هن حيرت انگيز جڳھ کي ڏسڻ لاءِ، ٻين به ڪيترن ئي ملڪي توڙي غير ملڪي ماڻهن جي روزانو رش هوندي آهي. جنهن ڏينهن اسان وياسين، ان ڏينهن به کاڻ ۾ اندر ويندي، گهمندي ڦرندي، واپس ورندي، اسان به ڪيترا ئي ٽولا ڏٺا! منهنجي خيال ۾ لوڻ کاڻ جي انتظاميا، گهمڻ ڦرڻ وارن کان ٽڪيٽ جا پيسا اوڳاڙڻ وسيلي به روزانو هزارين رپيا ڪمائيندي هوندي.

انساني ضرورتون ۽ اکين جو ڍءُ - عبدالله مورائي

انساني ضرورتون ۽ اکين جو ڍءُ!
عبدالله مورائي
ٿورا يا گهڻا سڀني کي مليا هوندا، گهر ۾ يا وري اسڪول ۾، بجن جي ڳالهه پئي هلي سائين. بجو (ڀونڊو) اهڙي شيءِ آهي جنهن جو استعمال پاڻ وٽ سنڌ ۾ مختلف موقعن تي ڪيو ويندو آهي. ٻارن کي گهر يا اسڪول ۾ حرڪت ڪرڻ تي بجن جو آزادانه استعمال ڪيو ويندو آهي. ڪي هجائتا دوست به پاڻ ۾ هڪٻئي کي مشڪري ۾ ٻن آڱرين جا بجا ڏين، دوستي ۽ مشڪري ۾ هڪٻئي کي بجو ڏيڻ مان اهو صاف ظاهر هوندو آهي ته هي پاڻ ۾ ڪيترا ويجها دوست آهن. ڪٿي ڪٿي ته بجو وري جهيڙي جي شروعات ٿيو پوي. يورپ ۾ يونان جا ماڻهو پڻ هڪٻئي کي بجا ڏين، جنهن جي تصديق يونان جي دوست ڪرس (Chris ) ڪئي. باقي يونان کانسواءِ هتي ٻين اولهه جي ماڻهن کي ته شايد اها خبر نه هجي ته پاڻ وٽ سنڌ ۾ يا يونان ۾ بجي جو استعمال ڪيئن ٿو ٿئي پر هنن هتي بجي کي شهرن جي منصوبه بندي ۽ جوڙ جڪ لاءِ ڊزائن طور استعمال ڪيو آهي. هاڻي سائين پاڻ ٿورو سوچون ته اهو وري ڪيئن ۽ ڇو؟ سو سائين جڏهن بجو ڏبو آهي ته پنج ئي آڱريون هڪٻئي کان کلي ڌار ٿي پونديون آهن. هڪ آڱر ۽ وري ٿوري خالي جڳهه وري آڱر. هاڻي هتي شهرن جي منصوبه بندي ۽ جوڙ جڪ ۾ اهو بنيادي اصول آهي ته عمارتون ان بنيادي اصول تحت ٺاهيون وڃن. معنيٰ آڱر جي جڳهه تي عمارتون ۽ خالي جڳهه تي ڪو باغ باغيچو، جنهن کي هي گرين اسپيس (Green Space) ٿا چون.

بنارس هندو يونيورسٽي جو مندر - الطاف شيخ

بنارس هندو يونيورسٽي جو مندر
الطاف شيخ
انڊيا جي ڇا بلڪه ايشيا جي وڏي BHU (بنارس هندو يونيورسٽي) گنگا ندي جي ڪناري جي ڀرسان اڌ گول جي شڪل ۾ آهي جنهن جي وچ ۾ وشواناٿ مندر پري کان نمايان ۽ سمجھيو ته هِتي جو Land Mark آهي. عمارتسازي ۽ خوبصورت گل گلڪارين ۽ رنگن ڪري هي هر هڪ لاءِ ڪشش جو سبب آهي ۽ مڪاني توڙي اسان جهڙا ڌارين ملڪن جا ٽوئرسٽ هن مندر جا فوٽو ڪڍڻ کان رهي نٿا سگهن.
هن وشواناٿ مندر جي اتر ۾ Environment سائنس ۽ باٽني جو ڊپارٽمينٽ آهي. مندر جي اولهه ۾ گرتو، رام ڪرشنا، ڊاڪٽر سي وي رامان ۽ موروي هاسٽلون آهن. اوڀر ۾ ائگريڪلچر ڊپارٽمينٽ ۽ انڊيا جي مشهور لئبرري سياجي رائو گائڪواد مرڪزي لئبرري آهي جنهن کي ۽ مندر کي ڏسڻ لاءِ ڊاڪٽر رانجن ڪمار سنگهه سان گڏ نڪتس ۽ اسان پهرين مندر جي ڏاکڻي ڪنڊ وٽ اي. جي ڪيفيٽريا ۾ اچي چانهه پيتي.

نيُويارڪ ۾ پهرين رات - قاضي ياسر

نيُويارڪ ۾ پهرين رات
پئسفڪ جي پاڙي ۾ قسط: 46
قاضي ياسر
پوئين آچر تي ڇپيل هن سفرنامي جي 46هين ڀاڱي ۾ اسين امريڪا جي سفر ۾ واشنگٽن ڊِي سِيءَ کان ”ايم ٽريڪ“ (اميريڪن ٽريڪ) ريل رستي آسمان سان ڳالهائيندڙ عمارتن جي شهر ۽ دنيا جي اقتصادي گادي چورائيندڙ شهر، نيُويارڪ پهچي، ”پين اسٽيشن“ (پينسلوينيا ريلوي اسٽيشن) تي لهي، ”مينهٽن“ واري علائقي ۾ واقع ”هوٽل روزويلٽ“ پهتا هئاسِين ۽ اڱاري 8 اپريل 2014ع جو انتهائي مصرُوف ۽ ٿڪائيندڙ ڏينهن گذارڻ ۽ ريل جي سفر کان پوءِ ”روزويلٽ“ جهڙي کٽارا هوٽل ۾ پهچڻ کان پوءِ همّت جواب ڏئي بيٺي هئي، جو ننڊ کان سواءِ ٻيو ڪو ڪم ڪجي، پر پاڻ واري يار اشفاق پاران ڪمري جي انٽرڪام وڳِي. پنهنجي مخصُوص انداز ۾ چيائين: ”ابا! ڪو ٻاهر نڪرئُون...  جهان ڏسئُون ته هوٽل جي آسپاس ڇا هي... ! ڪهڙي شئي ڪٿي ٿي ملي ۽ ڪهڙي ڪٿي نه ٿي ملي، ڇوته ٻه چار ڏينهن هتي جالڻا آهن.“ آءٌ سندس ان ڪال کان اڳ ۾ انهن ئي لٽن ۾، جن ۾ واشنگٽن ۾ سڄو ڏينهن گذاريو هوم ۽ جن ۾ واشنگٽن کان هيستائين جو سفر ڪيوهوم، ليٽي پيو هئم، جو ڪپڙن مٽائڻ جي همت ئي ڪانه هئي. اِشُوءَ جي ڪال کان پوءِ کانئس 5 منٽن جي مُهلت گھريم ته جيئن چينج ڪري سگھان. مُنهن کي پاڻيءَ جو ڇنڊو هڻي، ڪپڙا مٽائي، ڪييُوئل جينز ۽ ٽِي شرٽ پائي، هيٺ مين لابيءَ ۾ آيم ته اشفاق اڳ ۾ ئي موجُود هو. اڄوڪي شام هر ڪو پنهنجي پنهنجي مُنهن سان هو ۽ رات جي ماني کائڻ لاءِ به هرڪو آزاد هو ته جنهن کي جتي وڻي کائي. تنهن ڪري اسين ٻئي روزويلٽ (هوٽل) مان نڪري ٻاهر جي جهان جو واءُ سواءُ وٺڻ لڳاسِين. هِيءَ هوٽل (روزويلٽ) اڳوڻي امريڪي صدر، ”فرينڪلن ڊِي روزويلٽ“ (ڄم: 30 جنوري 1882ع ـ لاڏاڻو: 12 اپريل 1945ع) جي نالي پٺيان قائم آهي، جيڪو 1933ع کان وٺي 1945ع تائين امريڪا جو صدر رهيو. کيس عرفِ عام ۾ ”ايف ڊِي آر“ (FDR) جي نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي. ”مينهٽن“ نيُويارڪ جو ڀريو تريو علائقو آهي. هُونئن ته سڄو نيُويارڪ ئي اقتصادي رونق سان ڀريل آهي، تنهن جي باوجُود به ان جا ڪجهه علائقا وڌيڪ جاڳندڙ آهن. نيوُيارڪ لاءِ به ڪراچيءَ وانگر اهو مشهُور آهي ته هن شهر جُون راتيُون جاڳن ٿيُون. هن کي هتان جا ماڻهُو، ”دِي سٽي، ديٽ نيور سلِيپس“ (ڪڏهن به نه سُمهندڙ شهر) ڪوٺين ٿا. هُونئن به هن شهر ۽ ڪراچيءَ ۾ گھڻيُون هڪجهڙايُون آهن. جي ڪراچي شهر جي وچ مان نيُويارڪ جي ”هُڊسن“ نديءَ وانگر وهندڙ ڪو درياءُ هُجي ها، ته پڪ سان ڪراچي هُوبهُو نيُويارڪ جهڙو ئي هجي ها، ڇو ته نيُويارڪ جيان ان درياءَ تي ٻه ٽي سهڻيُون پُليُون ته ڪراچيءَ ۾ به هُجن ها.

قديم سنڌ جا آثار - منصور نثار

قديم سنڌ جا آثار
منصور نثار
سنڌ هڪ اهڙي به هئي جيڪا تاريخ جي سيني تي آزاد وطن طور ڪائنات جي وجود تي قائم هئي، اُن سنڌ جا هن وقت صرف آثار ئي پسي سگهجن ٿا، جتي ديبل، نيرون، اروڙ، برهمڻ آباد وسندا هئا. اسين جڏهن آزاد ۽ موجود سنڌ تي نظر وجهون ٿا ته فرق صرف هڪڙو ئي نظر اچي ٿو، باقي حملا، تباهڪاريون، اجڙندڙ وسنديون، درسگاهن کي تالا، روزگار تي ڌاڙا، وسيلن جي ڦرلٽ جو ساڳيو سلسلو جاري و ساري آهي. اهڙي صورتحال جي ذميوارن کان سڀ بخوبي واقف آهن تنهن ڪري ان تي نظر وجهڻ کان اڳ قديم سنڌ جي آثارن بابت مختصر تاريخي جائزو ڪجهه هن ريت آهي؛
ڪجهه ڏينهن اڳ (گذريل سال جي آخري ٽئين هفتي) برهمڻن جي ڀونءِ ۾ وڃڻ ٿيو. جتي ماضيءَ ۾ راجا ڏاهر جو ڀاءُ ڏهرسين حڪمران هو ۽ کيس اها حڪومت راجا ڏهر ڏئي، پاڻ مڪران طرف روانو ٿي ويو هو.