Monday, January 11, 2016

انساني ضرورتون ۽ اکين جو ڍءُ - عبدالله مورائي

انساني ضرورتون ۽ اکين جو ڍءُ!
عبدالله مورائي
ٿورا يا گهڻا سڀني کي مليا هوندا، گهر ۾ يا وري اسڪول ۾، بجن جي ڳالهه پئي هلي سائين. بجو (ڀونڊو) اهڙي شيءِ آهي جنهن جو استعمال پاڻ وٽ سنڌ ۾ مختلف موقعن تي ڪيو ويندو آهي. ٻارن کي گهر يا اسڪول ۾ حرڪت ڪرڻ تي بجن جو آزادانه استعمال ڪيو ويندو آهي. ڪي هجائتا دوست به پاڻ ۾ هڪٻئي کي مشڪري ۾ ٻن آڱرين جا بجا ڏين، دوستي ۽ مشڪري ۾ هڪٻئي کي بجو ڏيڻ مان اهو صاف ظاهر هوندو آهي ته هي پاڻ ۾ ڪيترا ويجها دوست آهن. ڪٿي ڪٿي ته بجو وري جهيڙي جي شروعات ٿيو پوي. يورپ ۾ يونان جا ماڻهو پڻ هڪٻئي کي بجا ڏين، جنهن جي تصديق يونان جي دوست ڪرس (Chris ) ڪئي. باقي يونان کانسواءِ هتي ٻين اولهه جي ماڻهن کي ته شايد اها خبر نه هجي ته پاڻ وٽ سنڌ ۾ يا يونان ۾ بجي جو استعمال ڪيئن ٿو ٿئي پر هنن هتي بجي کي شهرن جي منصوبه بندي ۽ جوڙ جڪ لاءِ ڊزائن طور استعمال ڪيو آهي. هاڻي سائين پاڻ ٿورو سوچون ته اهو وري ڪيئن ۽ ڇو؟ سو سائين جڏهن بجو ڏبو آهي ته پنج ئي آڱريون هڪٻئي کان کلي ڌار ٿي پونديون آهن. هڪ آڱر ۽ وري ٿوري خالي جڳهه وري آڱر. هاڻي هتي شهرن جي منصوبه بندي ۽ جوڙ جڪ ۾ اهو بنيادي اصول آهي ته عمارتون ان بنيادي اصول تحت ٺاهيون وڃن. معنيٰ آڱر جي جڳهه تي عمارتون ۽ خالي جڳهه تي ڪو باغ باغيچو، جنهن کي هي گرين اسپيس (Green Space) ٿا چون.


هاڻي پاڻ ان گرين اسپيس مان سمجهي سگهون ٿا ته ان جو مقصد اهو آهي ته آسپاس جي ماحول کي بهتر کان بهتر ڪجي، ان کان وڌيڪ ته ماڻهن کي راغب ڪجي ته هو پنهنجي لاءِ ٿورو گهڻو ٽماٽو يا پٽاٽو پاڻ پيدا ڪن. هونءَ به هتي سئيڊن ۾ ماڻهو اهڙي قسم جا شغل ڪندا آهن ۽ پاڻ ئي پٽاٽا، ٽماٽا يا ڪا ٻي هلڪي ڦلڪي ڀاڄي پنهنجي استعمال لاءِ پوکين. چيو وڃي ٿو ته هتي سئيڊن جا ماڻهو سڄي کاڌي پيتي جو رڳو ڏهه فيصد پاڻ پيدا ڪن ٿا، باقي ٻيو مال ٻاهران ٿو اچي. دنيا جي موجوده حالتن کي نظر ۾ رکي هنن جي ڪوشش آهي ته ماڻهن کي راغب ڪجي ته جيئن اهو وڌائي ٽيهه فيصد ڪجي. ان جو سبب اهو آهي ته جيئن ڏکين حالتن ۾ پاڻ ايترو پيدا ڪري سگهون جو ڪنهن جي محتاجي نه ٿئي ۽ جيڪڏهن ڪو ملڪ پنهنجي ضرورتن جو ڏهه فيصد پاڻ پيدا ڪري سگهي ٿو ته پوءِ سمجهجي ته هو ڏکين حالتن ۾ پنهنجو گذارو ڪري ويندو.
ان جو ٻيو سبب اهو به ٻڌايو وڃي ٿو ته جيئن ته اڄڪلهه ننڍن شهرن يا ڳوٺن مان ماڻهو وڏن شهرن ڏانهن تيزي سان لڏ پلاڻ ڪن ٿا، انڪري ان شيءِ کي به نظر ۾ رکجي ته جيئن هو پاڻ به ڪجهه شيون پوکين ۽ پنهنجين ضرورتن جو پورائو ڪن. آءٌ سمجهان ٿو ته پاڻ کي به ان شيءِ جي ضرورت ان ڪري آهي جو پاڻ وٽ جيڪي به ڀاڄيون شهرن ۾ وڪري لاءِ اچن ٿيون، گهڻي قدر اهي گٽرن جي ڪني پاڻي تي پيدا ٿيل هجن ٿيون ۽ نتيجو پاڻ وٽ صاف ظاهر آهي ته ڪيئن نه بيماريون ڦهلجي ويون آهن. هاڻي هتي اولهه ۾ ڪميونٽي گارڊن (Community Garden) جو تصور به وڌي پيو، جنهن جو مقصد آهي ته پاڙي جا گهر پاڻ ۾ ملي هڪ ننڍو باغ هڻندا ۽ پنهنجين ضرورتن جون ڀاڄيون ڪنهن حد تائين پاڻ گڏجي پيدا ڪندا، پيداوار جي پيداوار ۽ شغل جو شغل.
لڏ پلاڻ (Migration) تان ياد آيو ته، زندگي ۾ لڏ پلاڻ ڪرڻ شايد ڪن ماڻهن لاءِ ڏکيو عمل هجي ۽ شايد آهي به، خاص ڪري پاڻ سنڌين لاءِ ته ائين به چيو ويو آهي ته اهي پنهنجي ڳوٺ کان ڏهه پندرنهن ڪلوميٽر پري ويندا آهن ته پاڻ کي پرديسي محسوس ڪندا آهن. پر سائين زمانو هاڻي بدلجي ويو آهي، سنڌي آهستي آهستي هر جاءِ تي پهتا آهن. چوندا آهن ته حرڪت ۾ برڪت آهي، ۽ اهو سچ به آهي. پاڻ جيڪڏهن ٿورو آسپاس نظر ڊوڙايون ۽ پرکيون ته جيڪي ماڻهو ٿورا گهٽ سرنديءَ وارا هئا، انهن جي اولاد کي سوير ئي ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي ۽ انهن شهرن جو رخ ڪيو، ڪن کي نوڪريون مليون، ڪن ڪي ڌندا ڌاڙي شروع ڪيا ۽ انهن جي وسيلي پويان ڳوٺ ۾ سندن گهروارن جي زندگي بهتر ٿيڻ لڳي. انسان جون جڏهن حالتون بهتر ٿيڻ لڳن ٿيون ته ماڻهو بهتر تعليم پرائي سگهي ٿو، صحت جي سهولتن تائين سندس پهچ ٿيو وڃي.
منهنجو خيال آهي ته لڏ پلاڻ جي ڪري جيڪي نوان نوان تجربا ٿين ٿا ۽ وڻ وڻ جي ڪاٺي سان ماڻهوءَ جو واسطو پوي ٿو ته انسان جي شعوري واڌ ويجهه پڻ ٿئي ٿي. ڪنهن حد تائين ماڻهو پراڻين ۽ مدي خارج روايتن کي للڪاري به سگهي ٿو. نه صرف ماڻهو جيڪي شهرن ڏانهن لڏين ٿا اهي ئي اتان ڪجهه سکن ٿا، ان جي برعڪس ننڍن شهرن يا ڳوٺن کان لڏي ويندڙ پڻ شهرن ۾ رهندڙن کي ڪجهه نه ڪجهه سيکارين ٿا. ان جو مثال ان مان ڏئي سگهجي ٿو ته شهرن ۾ جيڪا زراعت جنهن کي اربن ايگريڪلچر (Urban Agriculture) چيو وڃي ٿو، اها صرف ان ڪري ممڪن ٿي آهي جو اها ڳوٺن مان لڏيندڙ ماڻهن جي ڪري اتان جي ماڻهن سکي آهي. ٻيو مثال شهرن ۾ جيڪي پاڻ واڙا ڏسون ٿا اهي به ان شيءِ جو نتيجو آهن.
هتي سئيڊن ۾ ماڻهو هونءَ به ماحوليات (Environment) بابت ڪجهه وڌيڪ ئي حساس آهن. سئيڊن دنيا جو اهو پهريون ملڪ هوندو جتي ڪنهن به قسم جي تيل (پئٽرول يا ڊيزل) تي هلندڙ گاڏيون بند ٿي وينديون ۽ رڳو بجلي يا سج مان پيدا ڪيل انرجي (Solar Energy) تي گاڏيون هلنديون پر ان ۾ اڃا ڪجهه وقت لڳندو. هتي مئنيجمينٽ جي شاگردن کي هر ڪورس ۾ اها تعليم ڏني وڃي ٿي ته هو ڀلي ڪٿي به ۽ ڪهڙي به عهدي تي هجن پر ڪجهه بنيادي اصولن بابت آگاهه هجن، جنهن ۾ ٻه مک ڳالهيون، ماحوليات بابت خيال رکڻ ۽ معاشري جي ڀلائي اچي وڃن ٿيون. جيڪو ماحوليات بابت خيال رکي ٿو، ان کي گرين ليڊر(Green Leader) يا گرين انٽريپنيور (Green Entrepreneur) سڏيو وڃي ٿو ۽ جيڪو معاشري جي ڀلائي بابت ڪم ڪري ٿو، ان کي سوشل انٽريپنيور (Social Entrepreneur) چيو وڃي ٿو. اهڙن ماڻهن کي وري مڃتا پڻ ڏني وڃي ٿي.
هاڻي تازو ئي پيٽر آروائي (Peter Arvai) کي اسان واري تعليمي اداري رائل انسٽيٽيوٽ آف ٽئڪنالوجي اسٽاڪهولم ۾ سال 2015ع جو بهترين سوشل انٽريپرينيور (Social Entrepreneur) جو ايوارڊ ڏنو ويو. پيٽر آروائي اسان واري تعليمي اداري مان ئي پڙهيو هيو، تعليم پوري ڪري پنهنجي ملڪ هنگري (Hungary) واپس هليو ويو، جتي هن پنهنجو ڪم شروع ڪيو ۽ سندس ڪمپني پريزي (Prezi) ڏينهون ڏينهن ترقي ڪندي وئي ۽ هن وقت سندن بڊاپيسٽ (Budapest) واري مکيه آفيس ۾ 240 ماڻهو ڪم ٿا ۽ سندن آمريڪا واري آفيس ۾ 80 ماڻهو سندن ڪارونهوار هلائي رهيا آهن .

همراه ڪو ايندي ويندي نظر مان ڪڍندو هو ته بڊاپيسٽ شهر جي آسپاس ڪي ماڻهو آهن جن جا گهر پراڻا آهن، پر انهن ۾ طاقت ناهي جو هو گهرن جي مرمت ڪرائي سگهن. 2014ع ۾ همراه آفيس ۾ اعلان ڪيو ته هن سال ڪرسمس ۽ نئين سال جي پارٽي ۾ شراب، ڪباب ۽ تحفن تي خرچ ڪرڻ بدران ڪمپني انهن غريب ماڻهن جي گهرن جي مرمت پاڻ ڪرائيندي، جنهن تي ڪجهه ماڻهن ته اعتراض به ڪيو پر بهرحال آخر ۾ اهي به تيار ٿي ويا ۽ ڪمپني جي مالڪ جو ساٿ ڏنائون. سڀني گڏجي نه صرف انهن گهرن جي مرمت ڪئي پر آسپاس اسڪولن جي مرمت پڻ ڪيائون ۽ هڪ مثال قائم ڪيائون. مائڪروسافٽ (Microsoft) جو مالڪ بل گيٽس (Bill Gates) ۽ فيس بوڪ (Facebook) جو باني مارڪ زڪربيرگ (Mark Zuckerberg) پڻ پنهنجي ملڪيتن جو وڏو حصو فلاحي ڪمن تي لڳائي رهيا آهن، شل پاڻ کي وقت تي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ته انسان جي ضرورت تمام ٿوري آ، باقي رڳو اکين جو ڍءُ آ.

No comments:

Post a Comment