Wednesday, May 06, 2020

بسماني گار کان ايفس شھر تائين - سھيل صديقي


بسماني گار کان ايفس شھر تائين
ترڪي جو سفرنامو
سھيل صديقي
رات جو هڪ بجي اچي استبول ايئرپورٽ تان جهاز ۾ چڙهياسين. مون سان گڏ امجد علي پنهور هو. جيڪو بحرين هوائي اڏي تي مون سان گڏيو هو. پاڻ اصل ڄامشوري سان تعلق رکي ٿو پر گذريل ڏهاڪو سالن کان سعودي عرب جي رياض شهر ۾ پرنسيس نورا يونيورسٽيءَ ۾ ميٽرو سروس جي سار سنڀال جو انجينئر آهي ۽ Hitachi ڪمپني جو ملازم آهي. هن سان ۽ Hitachi ڪمپني سان منهنجي تمام پراڻي ڄاڻ سڄاڻ آهي. مان جڏهن ننڍو هوندو هيس ته اسان جي گهر ۾ هڪ بليڪ ائنڊ وائيٽ ٽيليويزن هوندي هئي. اها ٽيليويزن انهي ڪمپني جي هوندي هئي ۽ چئن پاون تي زمين مٿان بيهي اسان کي تفريح فراهم ڪندي هئي. هاڻي سال ۾ هڪ يا ٻه ڀيرا جڏهن به امجد سان ملاقات ٿيندي آهي ۽ انهي هٽاچي ڪمپني جو ذڪر ٿيندي ئي مون کي پنهنجي ننڍڙائپ سان جُڙيل ٽي وي جو خيال به ضرور ايندو آهي.