Thursday, June 11, 2020

انقره کان انطاليا ۽ پموڪلي تائين


انقره کان انطاليا ۽ پموڪلي تائين
ڊاڪٽر صلاح الدين پنھور


آگسٽ ۲۰۱۹ جي عيدالاضحيٰ کان ھڪ ڏينهن پھريان مان شاھنواز راھمون، فرجاد، عامر ميمڻ، محمد علي ۽ ارشد ملڪ ترڪيءَ جي ڳچ تاريخي ۽ خوبصورت شھر گھمڻ لاءِ پروگرام ٺاھيو. ۱۱ آگسٽ تي صبح جو سوير ناشتو ڪري انقره کان انطاليا ڏانهن روانا ٿياسين. ھي اسان جي گڏيل پھرين ٽرپ ھئي. انھي کان پھريائين ارشد ۽ مان ترڪيءَ جا ڪافي شھر گھمي چڪا ھئاسين پر سنگت سان گھمڻ جو پنھنجو ئي مزو آ. عامر ۽ شاھنواز گاڏي جي ڊرائيونگ ڪئي. ترڪيءَ ۾ جولاءِ ۽ آگسٽ جا مھينا ڪجھ گرم ھوندا آھن، خاص ڪري انطاليا ۾ گرمي ٿيندي آهي. ٻين شھرن جي ڀيٽ ۾ ۽ انهن ئي مھينن ۾ اڪثر اتان جا مقامي ماڻهو ۽ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جا ماڻهو ھتي ايندا آھن. ڏٺو وڃي ته ترڪي سياحت لاءِ بھترين ملڪ آھي ۽ سياحت ۾ ھي ملڪ وڏي قد ڪاٺ واري حيثيت رکي ٿو. صرف انطاليا ۾ ھر سال لڳ ڀڳ ڏھ ملين سياح ايندا آھن. انقره ۽ انطاليا ۾ ۴۸۰ ڪلوميٽرن جو مفاصلو آھي ۽ انهيءَ سفر جي وچ ۾ ڪيترا ئي ننڍا شھر آھن. طويل سفر جي ڪري ڪجھ دوستن فرمائش ڪئي ته چانھ پيئجي، اسان به چانھ جو سامان گڏ کنيو ھو پوءِ ھڪ ننڍي ڳوٺ وٽ گاڏي کي سائيڊ تي بيھاري وڻ جي ھيٺان ڪجھ دير لاءِ ويٺاسين ۽ چانھ به پيتي. کير جي لاءِ فرجاد، عامر ۽ محمد علي کي موڪليوسين ته ڳوٺ مان کير وٺي اچن. باقي شاھنواز، ارشد ۽ مون ڪاٺيون گڏ ڪيون. فرجاد ٻڌايو ته ڳوٺ ۾ دڪان بند ھجڻ ڪري کير ڳوٺ جي ڪنهن گهر مان مليو ۽ قيمت وٺڻ کان انڪار ڪري چيائون ته توھان مسافر آھيو. ترڪش ٻوليءَ ۾ مسافر کي مسافر چوندا آھن. فرجاد کي ترڪش ٻوليءَ تي ڪافي عبور آھي. بهرحال چانھ پي ڪري پنهنجي منزل ڏانھن روانا ٿياسين. ڪجھ دير جي سفر کان پوءِ اسپارتا شھر پھتاسين، جيڪو انقره کان ۱۳۵ ڪلوميٽر پري آھي. اسپارتا شھر جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته ھي شھر ترڪن کان پھريان باذنتائين شھنشايت جي سلطنت ۾ ھو. ھن شھر کي گلن جو شھر سڏيو ويندو آھي. ڪجھ گھڙيون شھر جا خوبصورت نظارا ڏٺا ۽ تصويرون ڪڍرايون. ھن شھر جي روڊ رستن جي ٻنھي پاسن کان ساوا جھنگل ۽ خوبصورت منظر ھئا.