Thursday, June 11, 2020

انقره کان انطاليا ۽ پموڪلي تائين


انقره کان انطاليا ۽ پموڪلي تائين
ڊاڪٽر صلاح الدين پنھور


آگسٽ ۲۰۱۹ جي عيدالاضحيٰ کان ھڪ ڏينهن پھريان مان شاھنواز راھمون، فرجاد، عامر ميمڻ، محمد علي ۽ ارشد ملڪ ترڪيءَ جي ڳچ تاريخي ۽ خوبصورت شھر گھمڻ لاءِ پروگرام ٺاھيو. ۱۱ آگسٽ تي صبح جو سوير ناشتو ڪري انقره کان انطاليا ڏانهن روانا ٿياسين. ھي اسان جي گڏيل پھرين ٽرپ ھئي. انھي کان پھريائين ارشد ۽ مان ترڪيءَ جا ڪافي شھر گھمي چڪا ھئاسين پر سنگت سان گھمڻ جو پنھنجو ئي مزو آ. عامر ۽ شاھنواز گاڏي جي ڊرائيونگ ڪئي. ترڪيءَ ۾ جولاءِ ۽ آگسٽ جا مھينا ڪجھ گرم ھوندا آھن، خاص ڪري انطاليا ۾ گرمي ٿيندي آهي. ٻين شھرن جي ڀيٽ ۾ ۽ انهن ئي مھينن ۾ اڪثر اتان جا مقامي ماڻهو ۽ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جا ماڻهو ھتي ايندا آھن. ڏٺو وڃي ته ترڪي سياحت لاءِ بھترين ملڪ آھي ۽ سياحت ۾ ھي ملڪ وڏي قد ڪاٺ واري حيثيت رکي ٿو. صرف انطاليا ۾ ھر سال لڳ ڀڳ ڏھ ملين سياح ايندا آھن. انقره ۽ انطاليا ۾ ۴۸۰ ڪلوميٽرن جو مفاصلو آھي ۽ انهيءَ سفر جي وچ ۾ ڪيترا ئي ننڍا شھر آھن. طويل سفر جي ڪري ڪجھ دوستن فرمائش ڪئي ته چانھ پيئجي، اسان به چانھ جو سامان گڏ کنيو ھو پوءِ ھڪ ننڍي ڳوٺ وٽ گاڏي کي سائيڊ تي بيھاري وڻ جي ھيٺان ڪجھ دير لاءِ ويٺاسين ۽ چانھ به پيتي. کير جي لاءِ فرجاد، عامر ۽ محمد علي کي موڪليوسين ته ڳوٺ مان کير وٺي اچن. باقي شاھنواز، ارشد ۽ مون ڪاٺيون گڏ ڪيون. فرجاد ٻڌايو ته ڳوٺ ۾ دڪان بند ھجڻ ڪري کير ڳوٺ جي ڪنهن گهر مان مليو ۽ قيمت وٺڻ کان انڪار ڪري چيائون ته توھان مسافر آھيو. ترڪش ٻوليءَ ۾ مسافر کي مسافر چوندا آھن. فرجاد کي ترڪش ٻوليءَ تي ڪافي عبور آھي. بهرحال چانھ پي ڪري پنهنجي منزل ڏانھن روانا ٿياسين. ڪجھ دير جي سفر کان پوءِ اسپارتا شھر پھتاسين، جيڪو انقره کان ۱۳۵ ڪلوميٽر پري آھي. اسپارتا شھر جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته ھي شھر ترڪن کان پھريان باذنتائين شھنشايت جي سلطنت ۾ ھو. ھن شھر کي گلن جو شھر سڏيو ويندو آھي. ڪجھ گھڙيون شھر جا خوبصورت نظارا ڏٺا ۽ تصويرون ڪڍرايون. ھن شھر جي روڊ رستن جي ٻنھي پاسن کان ساوا جھنگل ۽ خوبصورت منظر ھئا.



طويل سفر ھجڻ ڪري مغرب جي وقت انطاليا شھر پھتاسين. انھيءَ کان پھريان عامر رھائش جو بندوبست ڪري ڇڏيو ھو. پنهنجي دوست وٽ گهر پھچي ڪري سامان رکي ٿورو آرام ڪيوسين. انطاليا ترڪيءَ جو گرم شھر سڏيو ويندو آھي ۽ گرمين جي ڏينهن ۾ ھتي وڌ ۾ وڌ ۳۸ کان ۴۰ سينٽي گريڊ ٽيمپريچر ھوندو آھي. پاڪستان جي گرميءَ جي سامهون اھا گرمي ڪجهه به ڪونهي، پر اتان جي ماڻهن لاءِ اھا وڏي گرمي آھي ۽ انھيءَ ڪري انطاليا بيچز جي حوالي سان مشهور آهي ۽ اڪثر ھن شھر ۾ توهان کي فارينر نظر ايندا. ھن شھر جو بنياد قديم يونان زماني جي بادشاهه اطالوس رکيو، بعد ۾ اطاليا ۽ سلطنت عثمانيه جي ٽائيم ۾ اداليا ۽ ھاڻي انطاليا جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. ھن شھر کي ۱۳ عيسوي ۾ سيلجوڪ ترڪن فتح ڪيو ھو.
گھڻي سفر جي ڪري ٿڪجي پيا ھئاسين. ٻئي ڏينهن تي عيد نماز به ادا ڪرڻي ھئي. عيد نماز جي ڪري رات جو صرف ۲ ڪلاڪ ننڊ ڪري صبح سوير تيار ٿي مسجد وياسين. ننڊ گھٽ ڪرڻ جي ڪري ڪجھ دوستن جا چھرا مرجھايل ھئا. عيد نماز پڙھي گھر موٽي آياسين. اھا منهنجي زندگيءَ جي پھرين عيد ھئي جيڪا ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ ادا ڪيم، باقي ٻيا سڀ دوست ھتي وڏي عرصي کان ترڪيءَ ۾ پيا رھن. عيد جو کاڌو به تيار ڪرڻو ھو، پوءِ ڪنهن برياني تيار ڪئي ته ڪنهن وري ڪڙھائي. مان وري لذيذ کير ٺاھيو، جيڪو سڀني دوستن کي وڻيو، شاھنواز سٺي برياني ٺاھي ته وري ارشد ڪڙھائي ٺاھي پاڻ مڃرايو. سڀني فرمائش ڪئي ته چانھ پيئبي ته محمد علي جي ھٿن جي پيئبي پوءِ محمد علي خوشيءَ سان چانھ تيار ڪئي. سڀ کان پھريان علانيا بيچ گھمڻ وياسين، جيترو سوچي ويا هئاسين، اوترو مزو نه آيو. ڇو جو گرمي ھجڻ سان گڏوگڏ انهيءَ بيچ تي ماڻهن جي رش به صفا گھٽ ھئي. مون ڏٺو ته ڪجھ ماڻهو پاڻ سان گڏ ڪتاب کڻي آيا هئا ۽ سڪون سان پڙهي ۽ تفريح جو مزو به وٺن پيا. ٿوري دير لاءِ سوچيم ته اسان وٽ به ڪراچيءَ ۾ سمنڊ آھي، پر اھو صفائيءَ جي لحاظ کان بلڪل گندو ۽ ڪا خاص سھولت ڪانهي ۽ ٻيو ته خود پاڻ وارن ماڻھن ۾ به سليقو ڪونهي جو گندگي کڻي ڪنهن ڊسٽ بن ۾ اڇلائين. ھڪ رپوٽ مطابق ڪراچيءَ جو سمنڊ اٽڪل ۱۳۵ ڪلوميٽرن تائين انتھائي گندو بڻجي چڪو آهي ۽ اھا گندگي مختلف ذريعن سان سمنڊ ۾ اڇلائي وڃي ٿي، جھڙوڪ فيڪٽرين، ميونسپل جو ڪچرو وغيره.
اسان انطاليا جي ٻين به مشهور بيچز تي وياسين، جھڙوڪ لارا، ڪيمر، اعلانيا ۽ چرالي جھڙن مشهور ۽ خوبصورت بيچز تي تفريح ڪرڻ سان گڏوگڏ اتي والي بال به کيڏي. لارا بيچ انطاليا جو مشهور ۽ وڏي ۾ وڏو بيچ آھي، اتي روزانو ھزارين سياح ايندا آهن. مقامي ماڻهن جي ڀيٽ ۾ اتي سڀ کان وڌيڪ توھان کي فارينرز نظر ايندا. انطاليا جي بيچز خاص ڪري لارا بيچ تي سڄي دنيا مان خوبصورت ڇوڪريون اچي گڏ ٿين ٿيون. ائين کڻي سمجھو ته ڄڻ اتي حسن جو ميلو لڳل ھوندو آھي. انھيءَ بيچ تي ڊريسنگ ڪرڻ جي حوالي سان ڪا به روڪ ٽوڪ ڪانهي ۽ توهان جھڙي به ڊريسنگ ڪري بيچ جي موسم ۽ ماحول مان لطف اندوز ٿي سگھو ٿا. اتي اڪثر توهان کي ننڍا ۽ نوجوان ماڻهو نظر ايندا، جيڪي سڄو ڏينهن صاف پاڻيءَ ۾ وھنجڻ ۽ جوڙين جي صورت ۾ گهمندي نظر اچن ٿا، جنهن سان بيچ جي رونقن ۾ اضافو ٿئي ٿو. لارا بيچ کي آمريڪا جي شھر لاس ويگس سان مشابهت ڪئي ويندي آھي ۽ لاس ويگس جي لاءِ مشهور چوڻي آهي ته ھي گناهن جو شھر آهي. لارا بيچ وٽ توھان کي ڪلب، ريسٽورنت ۽ واٽر اسپورٽس جھڙيون بھترين سھولتون ملنديون. ٻڌائيندو ھلجي ته مان ۲۰۱۸ ۾ آمريڪا جي اسٽيٽ ڪيليفورنيا جا بيچز به گھميا هئا، جھڙوڪ سنٽا مونيڪا ۽ ڪيريلو جھڙا مشهور بيچز پر انطاليا جا بيچز انھن جي مقابلي ۾ تمام خوبصورت ۽ صاف سٿرا آهن. مختلف جڳھيون گھمندي تصويرون ڪڍرايون پوءِ واپس گھر موٽي آياسين. وري ٻئي ڏينهن جي ٺھيل پروگرام تحت رولاڪيون ڪرڻ نڪتاسين. گاڏيءَ ۾ صوفي ڪلامن سان دل وندرائيندي ڌوڌن واٽر فال پھتاسين. انطاليا ۾ ڪيترا ئي قدرتي واٽر فال آهن. گاڏيءَ کي پارڪنگ ۾ بيھاري ڪري واٽر فال طرف وياسين. اسان تقريبن اڌ ڪلاڪ پنڌ ڪرڻ کان پوءِ واٽر فال وٽ پھتاسين ۽ اتي سوين ماڻهن جو ھجوم ڏسي ڪري حيرت ٿي. انتھائي عاليشان لباس اوڍيل ڇوڪريون قدرتي نظارن مان لطف اندوز ٿي پوز ھڻي تصويرون ڪڍرائي رھيون ھيون. اسان به واٽر چشمو گھمي ڪجهه تصويرون ڪڍرائي پرج شھر ڏانهن وياسين. ھي قديم شھر ۱۹ ڪلوميٽرن جي مفاصلي سان انطاليا جي اوڀر طرف کان واقع آهي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته ھي شھر تاريخ جي ڪيترين ئي شاندار تھذيبن جي گاديءَ جو ھنڌ رهي چڪو آهي. خاص ڪري پمفائيلا جي دؤر ۾ ھي دنيا جو شاندار شھر ھو، جيڪو قديم يونان کان به گهڻو پھريان آباد ھو. چيو وڃي ٿو ته اڃا تائين ھن شھر جي ماڻهن جي ٻولي ڪير به سمجهي نه سگھيو آهي. ھي شھر قديم يونان کان کسجي ڪري سڪندر اعظم جي قبضي ۾ رھيو ۽ آخر ۾ ھي شھر روم جي سلطنت ۾ رھيو. پرج شھر ۾ اسان کي قديم زمانن جا آثار ڏسڻ لاءِ مليا. ھن شھر ۾ ھڪ وڏو اسٽيڊيم ۽ ٿيٽر به آهي. اھو قديم ٿيٽر ٽن حصن ۾ ورھايل آھي پھرين حصي ۾ ماڻهن جي لاءِ ويھڻ جي جاءِ ۽ ٻئي حصي ۾ ھڪ وڏو شاندار اسٽيج جيڪو انهيَ دور جي اھم شخصيتن جي ويھڻ لاءِ هو ۽ ٽئين حصي جي گرائوند ته گول سرڪل آهي، جتي ويڙھ جا مقابل ٿيندا ھئا. ڪڏھن گليڊيئٽرس جا پاڻ ۾ مقابلا ٿيندا ھئا ته ڪڏھن وري جانورن ۽ گليڊيئٽرس کي پاڻ ۾ ويڙھايو ويندو هو.
قديم يونان ۽ روم جي تھذيبن جا آثار ڏسندي اھو پئي احساس ٿيو ڄڻ اسان به انهيءَ تھذيبن جا باشندا ھجون. سڄي ڏينهن جي رولاڪين کان پوءِ جيئن ئي گهر پھتاسين ته ڪنهن ڪھڙي ڪنڊ ورتي ته وري ڪو ڪھڙي ڪنڊ ۾ ليٽي پيو ۽ اسان کي به ائين پئي محسوس ٿيو ڄڻ انھيءَ ٿيٽر ۾ اسان به ڪنهن گليڊيئٽر سان مقابلو ڪيو ھجي. بهرحال پيٽ پوڄا به ڪرڻي ھئي سو تڪڙ تڪڙ ۾ برياني ٺاهي ۽ کائي ڪري ”دي لينڊ آف ليجنڊ“ به وڃڻو ھو، اتي مختلف پروگرام اٽينڊ ڪرڻا ھئا، جيڪي سال ۾ ھڪ دفعو ۽ ھڪ ڏينهن لاءِ ٿيندا آهن. اسان به ڏاڍا اتاولا ھئاسين انهن پروگرامن کي ڏسڻ لاءِ. نيٺ انتظار جون گهڙيون ختم ٿيون ۽ پروگرام شروع ٿي ويا. اتي ھڪ ڪرتب ڏيکاريو ويو جنهن ۾ ھڪ ماڻهو ۵۰۰ فٽ جي بُلنديءَ تان رسيءَ تي ھلي رھيو ھو. اھو ڪرتب اسان سڀني پنهنجي زندگيءَ ۾ پھريون دفعو ڏٺو، هونئن ته ھر ڪو ئي سوشل ميڊيا تان ڏسي ٿو پر لائيو ڏسڻ جو مزو ئي پنهنجو ھوندو آهي ۽ ٻيا به ڪافي پروگرام ھئا، جھڙوڪ؛ جادو، ڊانس ۽ سلطنت عثمانيه جي ٽائم جو ملٽري بينڊ، جنهن کي ميھتار بينڊ سڏيو ويندو آهي. جيڪو جنگ جي شروع ۾ وڄايو ويندو هو ۽ انهيءَ جي شروعات ۱۲۹۹ع ۾ سلطنت عثمانيه جي سلطان عثمان غازيءَ جي سلطنت جي ٽائم کان شروع ٿيو. اھو ميھتار بينڊ ايترو ته مشهور آهي جو دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ وڄي چڪو آهي. نيويارڪ کان لنڊن ۽ اسلام آباد کان يورپ جي شھرن ۾ ترڪيءَ جي جوانن انهيءَ بينڊ کي وڄائي ڪري ڏسندڙن کي داد ڏيڻ لاءِ مجبور ڪيو. دي لينڊ آف ليجنڊ ۾ ڏاڍو لطف آيو، جتي ڪافي دير به ٿي چڪي ھئي. شاھنواز مون کان پڇيو ته استاد ڇا پروگرام آهي، ڪيڏانهن ھلڻو آهي؟ شاھنواز مون کي ادب ۾ استاد چوندو آهي. چيومانس؛ اچو ته انطاليا جي ميڊيٽرينين سمنڊ تي ٿا ھلون، پوءِ اتي هلي دل جا حال احوال ٿا اوريون. اھا چانڊوڪيءَ جي رات ھئي، سمنڊ به پنهنجي مستيءَ ۾ ھو ۽ وري اسان جي دل به پياسي ھئي، سمنڊ جي ڇولين ۾ سمائجڻ لاءِ. رات جي ٻئي پھر دير سان گهر پھتاسين ۽ معمول مطابق ھر ڪو پنهنجي پنهنجي آرام واري جڳھ تي سمھڻ لاءِ ويو. انھي رات اسان جي ننڊ پکيءَ وانگر اڏامي وئي هئي. اسان سڀني مان فرجاد کي ننڊ جلدي اچي ويندي هئي ۽ کونگهرا به زور سان ھڻندو ھو. اڪثر شاھنواز، فرجاد سان ننڊ ۾ مسخريون ڪندو ھو ۽ وري ٻئي ڏينهن انھيءَ کي چيڙائيندو ھو.
پموڪلي ترڪيءَ جي اولھ طرف ۾ واقع آھي. صبح سوير گاڏيءَ ۾ سامان رکي ڪري گوگل ميپ تان رستو ڏسي پموڪلي ڏانهن روانا ٿياسين. پوءِ رستي ۾ ھڪ ريسٽورنٽ تي صبح جو ناشتو ڪيوسين ۽ ناشتي ۾ ترڪش چانھ، پنير، ڪشر، ڪيامڪ، پٽاٽن جو اڦراٽو ۽ سمت سان ناشتو ڪري ڊينزيل شھر جي ويجھو ترڪي جي وڏي ۽ مشھور نيشنل پارڪ وٽ پھتاسين. اڪثر محمد علي گوگل ميپ تان لوڪيشن سرچ ڪري اسان جو ڪافي ٽائيم بچايو ۽ اسان کي انھيءَ نيشنل پارڪ جي لاءِ ٻڌايو. مان اڪثر ترڪش ڊرامن ۾ اتان جا ساوا جھنگل ڏسندو ھوس ۽ دل ئي دل ۾ سوچيندو هوس ڪاش مان به ڪڏھن انهيءَ نيشنل پارڪ ۾ ساون جھنگلن ۾ تازي ھوا، خوبصورت وڻن ۽ پکن جي ٻولين مان لطف اندوز ٿيان. محمد علي تاريخ جي باري ۾ سٺي ڄاڻ رکي ٿو، اڪثر اسان جا عامر ۽ شاھنواز واري اپارٽمينٽ تي تاريخ جي پسمنظر ۾ بحث مباحثا ٿيندا ھئا ۽ چانھ پياريندو ھو. ارشد، فرجاد ۽ شاھنواز ڪارو چشمو پائي ٻانهن لوڏي سلو موشن ۾ وڊيوز رڪاڊ پيا ڪن ۽ وري عامر، محمد علي ۽ مان وڻن سان ٽيڪ ڏئي اسٽائيل ھڻي تصويرون ڪڍرايون. ٻه ٽي ڪلاڪن کان پوءِ پموڪلي ڏانهن روانا ٿياسين. انطاليا کان پموڪلي جو مفاصلو اٽڪل ۲۴۶ ڪلوميٽر آهي. پموڪلي جا تاريخي ماڳ، ڊينزيل شھر ۾ آھن ۽ ھي شھر انتھائي خوبصورت ۽ بھترين منصوبا بنديءَ سان جوڙيل آھي. خير سان پموڪلي وٽ پھچي وياسين. ٿوري گرمي به ھئي، اسان جي ملڪ جھڙي نه ھئي. اسان وٽ ته اھڙي گرمي ھوندي آھي جو توبهه. سڀ کان پھريان پيٽ پچار ڪئي. منجھند جي ماني کاڌي. پوءِ ٿڌو پاڻي کڻي، ٽڪيٽ گھر مان عجائب گھر جون ٽڪيٽون وٺي، پموڪلي ڏانهن پنڌ وياسين.
پموڪلي جي معنى آھي ڪاٽن جو قلعو. ھي قلعو جبل جي اوچائيءَ تي آھي ۽ انھيءَ قلعي جو پٿر ڪاربونائٽ منرلس ۽ ڪيلشيم جي گهڻي مقدار ڪري اڇو کير جهڙو نظر ايندو ۽ ڏسندڙ سمجھندو ته ڄڻ اتي برف ڄميل آھي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته ھي شھر قديم زماني ۾ ھيراپولس يعني ”پاڪ شھر“ جي نالي سان سڏيو ويندو ھو. بعد ۾ ڪيترين ئي صدين کانپوءِ قديم رومن سلطنت بي سي ۱۹۰ ۾ ڳوليو ھو. اتي ھڪ وڏو ٿيٽر به آهي، جيڪو انطاليا ۾ پرج شھر جھڙو ئي آهي. پر ھي پرج شھر جي ٿيٽر کان تمام گهڻي بھتر حالت ۾ آهي. اسان کي اتي ڪاٽن جي قلعه سان گڏوگڏ قديم روم زماني جو اينتيڪو پول به ڏسڻ لاءِ مليو، جيڪو روم جي مشهور جنرل مارڪ انٽوني پنهنجي محبوبا کي گفٽ ۾ ڏنو ھو، جيڪا مصر جي آخري بادشاھ قسيريان جي شھزادي ھئي. تاريخ لکي ٿي ته قسيريان آخري فرعون جي نسل مان ھو. اينتيڪو پول ۷ ۰۰ع ۾ شديد زلزلي جي ڪري تباھ ٿي چڪو ھو. انهيءَ پول ۾ ڪيترائي ڪالمس نصب ڪرايا ويا ھئا، جيڪي احرام مصر وانگر ھئا. ھاڻي اتي ڪيترا ئي سياح وھنجندا آھن ۽ ذريعن مطابق ڪيترن ئي سياحن کي چمڙي ۽ دم وغيره جھڙين بيمارن کان شفا به ملي چڪي آھي. ٿيٽر جي اوچائيءَ تي چڙھي ڪجھ تصويرون ڪڍرايون. عامر پڇو؛ صلاح الدين ڪجھ روشني وجھو قديم ٿيٽر جي باري ۾ ته ڪھڙي مقصد لاءِ ايڏو وڏو ٿيٽر ٺھرايو ويو ھو. مان به اڳ ۾ ئي قديم يونان ۽ روم جي ٺھيل تاريخي جڳھين جي باري ۾ پڙهيو ھو، جنهن جي باري ۾ ھن سفرنامي جي شروع ۾ ئي ٻڌائي چڪو آھيان.
اسان جي پنجين ڏينهن جو سفر خير سان اختتام تي پھتو. پوءِ پموڪلي کان انقره ڏانهن واپسي ڪئي. زندگي خوبصورت ھجڻ سان گڏوگڏ مختصر به آهي. تنهن ڪري جيتري خدا توفيق ڏئي، ڪوشش ڪجي ته قدرت جي خوبصورتيءَ کي جانچجي. انهي لاءِ ڌڻيءَ جو به فرمان آهي ته؛ زمين جو سير ڪريو ۽ عبرت آميز جڳھـين کي ڏسو ته اھي توھان کان پھريان ڪھڙي حالت ۾ ھئا. سلام آهي ترڪيءَ جي حڪومت کي ۽ اتان جي عوام کي جنهن تاريخي ورثي ۽ ثقافت جي نفاست سان حفاظت ڪئي آهي. ڪجهه مھينن کانپوءِ پھريائين ارشد ملڪ جي واپسي ٿي پاڪستان، پوءِ شاھنواز به ايروناٽيڪل انجنيئرنگ ۾ ڊگري وٺي واپس ڏيھ موٽي آيو. بعد ۾ منهنجو به ھڪ سال جو ريسرچ پروجيڪٽ ختم ٿي ويو. سو آئون به واپس پاڪستان آيس. باقي فرجاد اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ۾ ڊگري وٺي اتي ئي ترڪيءَ ۾ نوڪري پيو ڪري. عامر ۽ محمد علي به ايروناٽيڪل انجنيئرنگ ۾ ڊگري پوري ڪري اتي ئي ترڪيءَ ۾ اسٽيٽ جو ڪم پيا ڪن ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ شاگردن کي اسڪالرشپ وٺرائي ڏيڻ جو فريضو به ادا پيا ڪن.

No comments:

Post a Comment