Monday, March 28, 2016

بنارس شهر جي ملير لانڍي ڏي... الطاف شيخ

بنارس شهر جي ملير لانڍي ڏي...
الطاف شيخ
اڄ منهنجو گهمڻ جو ڪو اڳواٽ پروگرام نه هو سو بنارس شهر جي ريلوي اسٽيشن ڀرسان آٽو ۾ چڙهي شهر کان ٿورو ٻاهر ائين نڪري پيس جيئن ڪو ڪراچي جي شاهراهه فيصل يا ايئر پورٽ کان ملير ۽ لانڍي ڏي نڪري پوي. ڪراچي ۾ اها هوا خوري ستر واري ڏهي تائين ڪئيسين پر هينئر ته ڪو مجبوري ۾ به ٻاهر نڪرڻ کان گريز ڪري ٿو. ڪراچي ۾ رهندڙ هر وقت نفسياتي خوف ۾ رَهي ٿو ته ڪٿي ڪو بم نه ڦاٽي، ڪٿي ڪا وائڙي گولي راهه ڀلجي لڳي وڃي. ملير ۽ ماريپور وڃي اتي جي زيتونن جا باغَ ۽ سمنڊَ جا ڪنارا گهمڻ، سئنيما هالن ۾ فلمون ۽ ٿيٽرن ۾ ڊراما ۽ پتلي شو ڏسڻ اسان وٽ ڄڻ خواب بنجي ويو آهي. ٻيو ته ٺهيو ماڻهو مسجدن ۽ امام بارگاهن ۾ عبادت لاءِ ويندي پاڻ کي غير محفوظ سمجھن ٿا، عبدالله شاهه غازي جي مزار يا منگهو پير ويندي ڊڄن ٿا. لطيفو ئي سهي... خير عافيت پڇڻ تي انڊيا جي وزير اعظم چيو ته ڪڏهن خوشي آهي ڪڏهن غم. جواب ۾ نواز شريف چيس.... ”۽ هِتي ڪڏهن گولي آهي ته ڪڏهن بم!“.