Sunday, August 30, 2015

ڪراچيءَ کان ڪيٽي بندر تائين - محمد سليمان وساڻ

ڪراچيءَ کان ڪيٽي بندر تائين
محمد سليمان وساڻ
ڪافي عرصي کان اها خواهش پئي رهي ته سنڌ جي ڊيلٽا جي ڇوڙ وارن علائقن، سامونڊي پٽي ۽ درياءَ ۽ سمنڊ جي سنگم جا نظارا ڏسجن. ٻيو ته فيسبوڪ تي شاهه لطيف جي پيغام واري روزاني سلسلي ۾ سُر سريراڳ ۽ سُر سامونڊي پيش ڪندي به سنڌ جي هن سُکيي ستابي ماڳن جي ڏسڻ جو ارادو ٿي پيو. هن دفعي جڏهن سنڌو پنهنجي موج ۾ آيو ۽ سنڌ جي ڪچي کي ٻوڙيندو پنهنجي آب تاب سان ڪاهيندو سمنڊ جي کاري پاڻي کي ڌڪيندي سمنڊ ۾ پهتو ته اسان به سنڌوءَ جي ديدار لاءِ نڪري پياسين.

لنڪن ميموريل، واشنگٽن ڊِي سِي- ياسر قاضي

لنڪن ميموريل، واشنگٽن ڊِي سِي
پئسفڪ جي پاڙي ۾ قسط 30
ياسر قاضي
گذريل هفتي جي سفر ڪٿا جي آخر تائين اسين ”فرينڊس آف پاڪستان، يُو ايس اي“ پاران اسان جي مان ۾ ڏنل مانجھاندي ۾ شرڪت ڪرڻ کان پوءِ امريڪا جي سورهين صدر ۽ ”امريڪا جي ابي“، ابراهام لنڪن جي ياد ۾ اڏايل يادگار گھمڻ لاءِ ”لنڪن ميموريل سرڪل“ (چؤڪ) تي پهتاسين. جتان ڪوسٽر تان لهي هن عمارت آڏو واقع وڏو عاليشان باغ لتاڙيندا ان يادگار جي ڏاڪڻين تائين پهتاسِين. هي يادگار هڪ اهڙي حسين جڳهه تي ٺاهيو ويو آهي، جنهن جي جاءِ وقُوعه جي سُونهن جو صحيح اندازو فقط ان جو فضائي نظارو ڪرڻ سان ئي ڪري سگھجي ٿو. هي اهو علائقو آهي، جنهن جي آسپاس متعدد امريڪي يادگار گڏ گڏ آهن. هن چؤڪ جي چئني پاسن کان مختلف روڊ، رستا گذرن ٿا. هن جي بلڪل سامهُون واشنگٽن ڊِي سِيءَ جي مشهُور ”پوٽوميڪ ندي“ وهي ٿي. جنهن جي پرينءَ ڀَر تي سڌو ۽ سپاٽ (پاڻ واري لاهور ۾ صُوبائي اسيمبليءَ جي عمارت آڏو ٺهيل، ”ٻئي اسلامي سربراهي ڪانفرنس جي يادگار“ وانگر) ”جارج واشنگٽن ميموريل“ ڳاٽ اُوچو ڪري بِيٺل آهي. هن ۾ ۽ لاهور واري يادگار ۾ فرق اهو آهي ته هي يادگار تلوار وانگر هيٺان ويڪرو ۽ مٿان سنهو آهي. لنڪن يادگار جي پاسي ۾ ويتنامي جنگ جي شهيدن جو يادگار پڻ موجُود آهي. جڏهن ته ٻئي پهلُوءَ ۾ ”اولاهون پوٽوميڪ پارڪ“، ”مارٽن لُوٿر ڪنگ جُونيئر ميموريل“ ۽ فرينڪلن ڊيلينو ريزيويلٽ ميموريل“ پڻ موجُود آهن ۽ واشنگٽن ڊِي سِيءَ جا مشهُور روڊ ”پينسلوينيا ايوينيُو“ ۽ ”ڪانسٽيٽيُوشن ايوينيُو“ پڻ هن يادگار کان ڪي گھڻيُون پري ڪونهن. هُونئن ته پُوري امريڪا ۾ ابراهام لنڪن جي ياد ۾ ۽ کيس خراج پيش ڪرڻ لاءِ لاتعداد يادگار موجُود آهن، جن ۾ اسڪُولن، ڪاليجن، يُونيورسٽيُن، روڊن، رستن، چؤڪن (سرڪلس) توڙي اسٽيڊيمس سميت متعدد وَٿون موجُود آهن. پاڻ اوهان هن ئي سفرنامي ۾ منهنجي ”هونولُولُو“ (هوائيءَ) ۾ قيام واري ڀاڱي ۾ پڙهيو هُوندو ته اسين جنهن هاسٽل ۾ رهيل هُئاسُون، اها پڻ ابراهام لنڪن جي نالي سان منسُوب آهي، جنهن جو نالو ”لنڪنس هال“ هو. اها حقيقت آهي ته امريڪا جي ڪل 44 صدرن منجھان (براڪ اوباما 44هون صدر آهي) جيڪا اهميت امريڪا جي بانيءَ، جارج واشنگٽن (ڄم: 22 فيبروري 1732ع ـ لاڏاڻو: 14 ڊسمبر 1799ع) ۽ وري 16هين صدر، ”ابراهام لنڪن“ (ڄم: 12 فيبروري 1809ع ـ قتل: 15 اپريل 1865ع) کي ڏني ويندي آهي، اها ٻئي ڪنهن صدر جي نصيب ۾ ناهي اچي سگِھي. جارج واشنگٽن کي ملندڙ اهميت فطري آهي، ڇاڪاڻ ته ڪنهن به ملڪ لاءِ ان جي بانيءَ جو درجو انتهائي اهميت وارو هُوندو آهي، جڏهن ته ابراهام لنڪن کي ملندڙ قدر ۽ احترام هن پاران جديد جمهُوريت جي طرز تي هڪ نئين امريڪا جو بنياد رکڻ واري سياسي خدمت جي ڪري آهي، جيڪڏهن ايئن چئجي ته ان ڳالهه ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونه ٿيندو ته دنيا کي جمهُوريت جي صحيح معنى ۾ وصف سمجھائيندڙ لنڪن ئي هو، جنهن ان نئين وصف جي بنياد تي جديد امريڪا جو بنياد وڌو. ان ڪري ئي شايد انهن ٻنهي اهم صدرن جا يادگار هڪ ٻئي جي آمهُون سامهُون ٺاهيا ويا آهن، ڄڻ امريڪا جو باني ۽ جديد امريڪا جو تخليقڪار انهن يادگارن جي صُورت ۾هڪ ٻئي سان آمهُون سامهُون ڳاٽ اُوچو ڪري ڳالهائي رهيا هُجن. هڪ ٽپاليءَ ۽ ڪلارڪ جي حيثيت سان پنهنجي عملي زندگيءَ جي شرُوعات ڪندڙ، غريب گھراڻي سان تعلق رکندڙ لنڪن پنهنجي مُسلسل محنت، اورچائيءَ ۽ جدوجهد سان امريڪا جي صدر جي عهدي تائين پهتو. هن پنهنجيءَ محنت سان قانُون جو امتحان پاس ڪيو ۽ وڪالت جي ڪرت اختيار ڪيائين. هُو ڪجهه عرصو امريڪي فوج ۾ پڻ رهيو ۽ ڪپتان جي حيثيت ۾ 3 مهينا خدمتُون انجام ڏيندي ”بليڪ هاڪ جنگ“ ۾ پڻ وڙهيو. سياست ۽ ملڪي صُورتحال ۾ دلچسپيءَ کيس اڪيچار مرحلن مان گذرڻ کانپوءِ امريڪي ڪانگريس جو رڪن بڻايو. 1834ع کان 1854ع تائين 10 سال ساندهه، لنڪن امريڪا جي سياسي جماعت ”وهنگ“ ۾ جڏهن ته ان کان پوءِ 1854ع کان 1865ع تائين 11 سال ريپبلڪن جماعت سان واڳيل رهيو. هُو 1860ع ۾ پهريون ۽ 1864ع ۾ ٻيو ڀيرو امريڪا جو صدر چُونڊيو ويو. پنهنجي ٻئي صدارتي مُدي دؤران هن 1863ع ۾ حبشين جي آزاديءَ جو اعلان ڪيو ۽ انسان کي انسان جو غلام هجڻ واريءَ سوچ کي غلط سمجھندي ۽ نِنديندي حبشين کي غلاميءَ مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ ڀرپُور ڪوشش ڪيائين. جمهُوريت لاءِ ”باءِ دي پِيپل...  آف دي پِيپل اينڊ فار دي پِيپل“ (جمهُوريت ـ ماڻهن جي، ماڻهن لاءِ ۽ ماڻهن پاران) جهڙي مضبُوط، مُنفرد ۽ حقيقي وصف ڏيندڙ، ابراهام لنڪن کي 15 اپريل 1865ع تي هڪ چريي (ذهني مريض) ان وقت گولي هڻي ماري وڌو، جڏهن لنڪن، ”فورڊ ٿيئٽر“ ۾ ويٺي ڊرامو پئي ڏٺو.

اسان گورک هل اسٽيشن گهمي آياسين - ثمينه ميمڻ

اسان گورک هل اسٽيشن گهمي آياسين
ثمينه ميمڻ
گورک هل اسٽيشن، دادوءَ کان 95 ڪلو ميٽر پري اولهه ۾ کيرٿر سلسلي جي سڀ کان وڏي 688. 5 فوٽ بلند ۽ بيحد خوبصورت چوٽي آهي. جنهن جي پکيڙ ڏهه ڪلوميٽر ۾ آهي. تازو سنڌ حڪومت هڪ سهڻو ريسٽ هائوس ۽ ريسٽورنٽ ۽ ان ۾ هڪ ٽڪ شاپ پڻ ٺهرايو آهي، جنهن جو افتتاح 15- پريل 2014ع تي ثقافت ۽ سياحت کاتي جي صوبائي وزير شرميلا فاروقي ڪيو هئو، جنهن کان پوءِ سياحن جي اچ وڃ وڌي وئي آهي.
گورک تي اونهاري ۾ به  گرمي پد 20 ڊگري کان مٿي نه هوندو آهي ۽ سياري ۾ ڪاٽو 20 تائين رهجي ويندو آهي.

Monday, August 24, 2015

اڪرم الياس جو يادگار ليڪچر- ياسر قاضي

اڪرم الياس جو يادگار ليڪچر
(پئسفڪ جي پاڙي ۾ قسط 28)
ياسر قاضي
چوٿين اپريل 2014ع جو ڏينهن خيرن سان گذريو. اوهان جيڪڏهن هن سفر ـ پچار جا پويان حصّا پڙهيا آهن، ته اوهان کي ياد هُوندو ته اسان 4 اپريل جي شام واشنگٽن ڊِي سِيءَ ۾ قائم پاڪستاني سفارتخاني جي پريس اتاشي، نديم هوتيانا جي گھر گُذارِي ۽ سندس مهمان نوازيءَ مان لُطف اندوز ٿياسِين. هوٽل تي اچڻ کان پوءِ ٻئي ڏينهن جي ڪپڙن لَٽن جِي تياري ڪري ٿڪ سبب جلدي سُمهي رهياسِين. هُونءَ به هن سفر ۾ مُون کي ياد ڪونهي ته آءٌ ڪا رات ڪافي دير تائين جاڳيو هُجان، ڇاڪاڻ ته ڪم ۽ مصروُفيتن جي گھڻائيءَ سبب ٿڪُ ئي ايڏو ٿيندو هو، جو جلدي نه سُمهڻ جو آپشن هُوندو ئي ڪونه هو. تياري ڪرڻ کان پوءِ سُمهڻ لڳس ته سُڀاڻي جي مصرُوفيتن جي حوالي سان ڏاڍو خوش هئس. جڏهن پهريون ڀيرو واشنگٽن جو شيڊيُول تفصيل سان پڙهيو هئم. تنهن ڏينهن کان سُڀاڻڪي ڏينهن جو انتظار هو، ڇاڪاڻ ته سُڀاڻڪو ڏينهن نج سرڪاري مصرُوفيتن ۽ سُوٽ ٽاءِ پائي اسٽيٽ سطح جي سيشنز وارو نه هو ۽ ڪييُوئل (غير رسمي) سرگرمين تي ٻَڌل هو ۽ ٻيو ته اسان کي واشنگٽن جي مُک جاين جو سير ڪرڻو هو. ڇاپي شيڊيُول ۾ اسان کي جينز جوگر واري سؤلي ڊريسنگ ڪرڻ جو تاڪيد ڪيل هو، جو اسان کي گُهمڻو گھڻو هو ۽ واشنگٽن ڊِي سِيءَ جي سُڃاڻپ بڻيل جايُن کي ڦولهڻو هو. رات خير جي گُذرِي...  ڇنڇر، 5 اپريل جو سجُّ اُڀريو، يقيناً سجَّ اُڀارڻ واري سجَّ اُڀارڻ کان اڳ اُنهن جي روزيءَ، رزق جو انتظام ڪيو هُوندو، جن وٽ نه ڏاند آهي ۽ نه ٻجُّ! امريڪا ۾ رهندي اها اونَ هر وقت رهندي هئي (۽ اها اونَ فطري به هئي) ته اُن وقت منهنجيءَ سنڌ ۾ صبح هُوندو، منجھند هُوندي، شام هُوندي يا رات!؟ ۽ خاص ڪري ڏينهن جي مصرُوفيتن جي دؤران اهو ڌيان هُوندو هو ته هن وقت منهنجا گھر ڀاتي سُتل هُوندا ۽ رات جو اهو خيال هر وقت ذهن ۾ هُوندو هو، ته هُتي هينئر روشن صبح هُوندو ۽ مُنهنجا سڀ پنهنجا ڏينهن جي ڪم ڪار ۾ رُڌل هُوندا.

ڊِي سي ڊيڪورم جو پهريون ڏينهن - ياسر قاضي

ڊِي سي ڊيڪورم جو پهريون ڏينهن
(پئسفڪ جي پاڙي ۾ قسط 24)
ياسر قاضي
گذريل هفتي واريءَ قسط ۾ اسين 3 اپريل 2014ع جي شام، واشنگٽن ۾ پهرينءَ شام جي طور تي گذارڻ کان پوءِ، انڊين ريسٽورنٽ تي رات جي ماني کائڻ کان پوءِ 24 ڪلاڪن جي ٿڪ ۾ چُور، پنهنجيءَ هوٽل (”ميرييَيٽ ريزيڊنس اِن“) تي اچي، سمهي رهياسين. جڏهن انڊين ريسٽورنٽ کان واپس اسين پنهنجي هوٽل تي اچي رهياهُئاسِين، ته پنهنجي هوٽل جي ڀرسان هڪ اهڙي چائينيز ريسٽورنٽ ڏٺي سِين، جنهن جي سائن بورڊ تي لفظ ”حلال“ لکيل هو. پڪ ڪرڻ لاءِ ان ريسٽورنٽ جي ٻاهران رکيل بروشر اسٽينڊ تان ان ريسٽورنٽ جا بروشر کڻي آياسين، جنهن ۾ نه صرف ان هوٽل ۾ دستياب کاڌن جي ڊِيلس جي تفصيلي انداز ۾ تصوِيري ڄاڻ ڏنل هئي، بلڪه ان ۾ اسان واري تسليءَ جي پڪ طور واضح انداز ۾ لفظ ”حلال“ لکيل هو، جنهن ڪري اها تسلي ٿي ته جنهن ڏينهن ڪا آفيشل ڊنر يا لنچ نه هُوندي، ان ڏينهن هن ريسٽورنٽ تان ان تسليءَ سان پيٽ پُوڄا ڪري سگھجي ٿي ته هتي حلال مرغ ملي سگھندو. اها وضاحت ضروري آهي ته امريڪا توڙي اولهه جي ٻين ملڪن ۾ (جتي مسلم آبادي گھٽ آهي) اُتي اُهي پکي ۽ جانور، جيڪي اسين حلال ڪري کائُون ٿا، اُهي دستياب ته آهن، پر انهن کي اصل شرعي نموني سان حلال ڪري نه ٿو ضبح ڪيو وڃي، جنهن ڪري اهڙن مُلڪن ۾ اهڙن جانورن توڙي پکين کائڻ تي دل نه چاهيندي آهي، جيڪي هُونءَ کڻي حلال هجن به، پر صحيح نموني سِير نه ڏنل هجڻ ڪري گھٽ ۾ گھٽ مُنهنجي ته دل کائڻ تي هرگز ڪانه چوندي آهي. هُونءَ کڻي آءٌ ان حد تائين مذهبي ناهيان، پر جنهن ڳالهه تي دل نه مڃي، ان جي حمايت ۾ سؤ دليل هجڻ جي باوجُود به اهو ڪم ڪو نه ڪبو.

واشنگٽن ۾ پهرين شام (پئسفڪ جي پاڙي ۾ قسط 23) ياسر قاضي

واشنگٽن ۾ پهرين شام
(پئسفڪ جي پاڙي ۾ قسط 23)
ياسر قاضي
گذريل هفتي هن ”سفر ـ پچار“ ۾ اسين امريڪا جي حسين رياست ”هوائيءَ“ جي شهر هونولُولُو کان امريڪي راڄڌانيءَ، واشنگٽن ڊي سِيءَ پهتا هُئاسِين. اها 3 اپريل 2014ع جي هڪ جھُڙالي منجھند هُئي ۽ ”واشنگٽن ڊِي سِي“ لهڻ کان اڳ جهاز مان مُون جڏهن هيٺ ٿي نهاريو ته اِشوءَ (اشفاق آذر) مُون کي پئي چيو: ”ڏس! ڏس! ڌيان سان ڏس...  ڪو وائيٽ هائُوس، ڪا ڪيپيٽول هل جِي بلڊنگ نظر اچي ٿي يا نه؟“ (ڇوته ڊالاس کان واشنگٽن وارِيءَ اُڏام ۾ آءٌ دريءَ کان ويٺل هُئس.) اسين ”ڊُولس انٽرنيشنل ايئرپورٽ“ تي لٿاسُون، جيڪا واشنگٽن ڊِي سِي شهر کان 26 ڪلوميٽر پري واقع آهي، جتان کان واشنگٽن تائين لڳ ڀڳ 40 منٽن جي ڊرائِيو آهي، بشرطيڪه ٽرئفڪ جو زور گھڻو نه هُجي. واشنگٽن ۾ 3 ايئرپورٽس (هوائي اڏا) آهن، جن منجهان پهريون ته هي ايئرپورٽ ٿيو، جنهن تي پاڻ لٿاسُون، يعني ”ڊُولس انٽرنيشنل ايئرپورٽ“، ٻيو ”رونلڊ ريگن نيشنل ايئرپورٽ“ آهي، جتي فقط امريڪا جي ٻين شهرن ڏانهن ويندڙ يا اُتان کان ايندڙ اُڏامون آپريٽ ڪن ٿيُون، هن ايئرپورٽ کي ”واشنگٽن نيشنل ايئرپورٽ“ به چئجي ٿو. جڏهن ته هتان جي ٽِين ايئرپورٽ ”بالٽيمور ـ واشنگٽن انٽرنيشنل ايئرپورٽ (BWI)“ آهي، جيڪا واشنگٽن ۾ ”بالٽيمور“ جي ڏکڻ ۾ واقع آهي.

هونولُولُو کان واشنگٽن فورٽ - ياسر قاضي

هونولُولُو کان واشنگٽن فورٽ ورٿ انٽرنيشنل ايئرپورٽ، ڊالاس ـ ٽيڪساس
(پئسفڪ جي پاڙي ۾ قسط ۲۲)
ياسر قاضي
جيڪڏهن اوهان، اسان سان هن سفر ۾ گذريل هفتي تائين ساڻ هئا، ته اوهان کي ياد هوندو ته اسين امريڪي رياست ”هوائيءَ“ جي شهر هونولُولُوءَ ۾ ۳ ڏينهن گذارڻ کان پوءِ امريڪي راڄڌانيءَ اُسهڻ لاءِ هونولُولُو انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي چيڪ اِن لاءِ تيار هُئاسُون. مائي اينان (مسز اين هارٽمين) اڳ ۾ ئي اسان جا ڪَن کڻائي ڇڏيا ته اسان مان هرهڪ ۲۵ امريڪي ڊالرن کان موڪلائي ڇڏي، ڇو ته اها رقم اسان کي جهاز ۾ کڄندڙ لگيج (ڳري سامان) جي ڀاڙي طور ادا ڪرڻي هُئِي. اسان سڀني چيڪ اِن ڪائُونٽر جي اڳيان ٺهيل قطار ۾ بيٺي ئي پنهنجن پنهنجن هٿن ۾ ۲۵ امريڪي ڊالر رکي ڇڏيا. اسان سڀني جو واري واري سان چيڪ اِن ٿيندو رهيو ۽ ”اميريڪن ايئرلائنز“ وارن پنهنجي قانُون مُوجب اسان مان هر هڪ کان ۲۰ ڪلوگرام لگيج (سامان) ڍوئڻ جا ۲۵، ۲۵ ڊالر ورتا، جن جي رسيد هنن بورڊنگ پاس سان گڏ اسان جي حوالي ڪئي. چيڪ اِن جي مرحلي دؤران ڀليءَ ڀت خبر پئي ته امريڪا ”نائين ـ اليون“ واري واقعي کان پوءِ ڪيتري ڊنل آهي، ايترو جو ڪوبه مُسافر (توڙي اهو خود امريڪي شهري هجي يا ڪنهن ٻئي مُلڪ سان تعلق رکندڙ) پر اُن کي امريڪا اندر ڊوميسٽڪ (اندرُونِ مُلڪ) سفر ڪرڻ لاءِ به ”امريڪي هوم لينڊ سيڪيورٽيءَ“ پاران ايتريءَ سخت چيڪنگ منجھان ٿو گذرڻو پئي، جو چئي کڻي بس ڪريو! مُون ان کان اڳ دنيا جي ڪنهن به ايئرپورٽ تي ايتري سخت اسڪرِيننگ ڪانهي ڏٺِي. هڪ ته اسان جيڪو لگيج (ڳرو سامان) بُڪ ڪرايو، ان لاءِ خاص طور هدايت ڪئي وئي ته اُن کي تالو نه لڳايو وڃي. اُن کان پوءِ جڏهن اسين پنهنجي هٿ ۾ کڄندڙ سامان (هينڊ ڪيرِيءَ) سان گڏ چڪاس جي مرحلي مان گذرياسِين، ته اسان مان جنهن جنهن وٽ ليپ ٽاپ هو، اُن اُن کي اهو ليپ ٽاپ ٿيلهي مان ڪڍي الڳ سان اسڪينر مان گذارڻ جي هدايت ڪئي وئِي. ”ميٽل“ (ڌاتُوءَ) واريُون سمُوريُون شيون (ڪِي چين، موبائل فونز ۽ پين وغيره) ته اسڪينر منجھان گذرڻ کان اڳ سڄي جڳ جهان ۾ کيسن مان ڪڍرايا ويندا آهن، پر هتي ته قصّو اڃا گھڻو هو. يعني کيسي ۾ جيڪو مال هو، اهو ڪڍرايو ويو (نه فقط ان سفر ۾ بلڪ امريڪا اندر جيڪي به سفر ڪياسُون، انهن سڀني ۾)، ايتري قدر جو ٽشُو پيپر به کيسي اندر نه ٿي ڇڏيو ويو. بُوٽ ٿي لهرايا ويا ۽ اهو سڄو سامان مُختلف باسڪيٽس ۾ وجھي اسڪينرز مان گُذاريو ٿي ويو. اهو سڄو سامان پنهنجي وجُود کان ڌار ڪرڻ، باسڪيٽ ۾ رکڻ، اسڪينر منجھان سامان جي گذرڻ، پنهنجي گذرڻ کان وٺي، وري اسڪينرز جي پرئين پاسي ان سامان جي واپس کيسن ۾ وجھڻ توڙي بُوٽن وغيره پائڻ جي عمل تائين، اهو سمُورو ڊرامو گھٽ ۾ گھٽ ۱۵ منٽن جو هو. نه فقط سامان توڙي جسم جي جھڙتيءَ جو اهو عالم هو، بلڪ اسان جي پاسپورٽن جي به ان ئي نمُوني چڪاس پئي ٿي، جو رڳو اُن جو جلد (بائينڊنگ) اُکيڙي نه ٿي ڏٺِي وئي، باقي اُن کي اُٿلائي پُٿلائي ايئن ٿي ڏٺو ويو جو هر پاسپورٽ ڌڻيءَ کي اهو ٿي گُمان ٿيو ته ڪٿي مُنهنجو پاسپورٽ نقلي ته ناهي. ان کان پوءِ پاسپورٽ کي به پاسپورٽ ريِڊر مشين تي رکي، ان جي مخصُوص بِيپ رستي ڪنفرميشن کان پوءِ ان جي جند ٿي ڇڏِي وئِي. اسڪينر جي پرينءَ ڀَر، باقاعدي ويهڻ لاءِ مخصُوص نشستُون (صوفا نُما سِيٽُون) رکيل آهن، جن تي ويهي مُسافر بُوٽ پائين. اسان جي گرُوپ مان ڪي سنگتي اڳيان، ڪي پويان انهن اسڪريننگ جي مرحلن مان پار ٿِيندا ويا. آءٌ، اشفاق آذر ۽ ڪوئيٽه وارو دوست، جيئند ڪاشف ساجدي، انهن مرحلن مان پار پئي، بنا دير جي پنهنجي مُتعلقه گيٽ (گيٽ نمبر ۱۷) ڳولهي وڃي، اُتي پهتاسِين ۽ ان گيٽ جي آسپاس واري انتظار واري لائُونج ۾ وڃي نشست نشين ٿياسِين. هيءَ اميريڪن ايئرلائنز جي پرواز نمبر ”اَي اَي ۱۰۲“ هُئي، جيڪا ”ڊالاس“ (ٽيڪساس) تائين هُئي، جتي اسان کي مُختصر ٽرانزٽ کان پوءِ ٻئي جهاز رستي، واشنگٽن ڊِي سِيءَ وڃڻو هو. ۹:۴۵ لڳي رات اُڏامڻ واري هن جهاز لاءِ اسين لڳ ڀڳ ۸:۳۰ لڳي تائين سڀ مرحلا اُڪرِي جهاز ۾ چڙهڻ واري ويٽنگ لائُونج ۾ اچي پهتاسِين. اڃا پرواز اُڏامڻ ۾ ڪلاڪ کان به گھڻو وقت باقي هو. وقت گذرندو رهيو...  پرواز اُڏامڻ ۾ ڪلاڪ باقي بچيو...  مُنو ڪلاڪ...  اڌ ڪلاڪ...  پر ان وقت تائين اسان نوٽ ڪيوسي ته اسان جي گرُوپ منجھان اسان ٽنهي کان سواءِ ٻيو ڪوبه ساٿي اُن ويٽنگ لائُونج ۾ ڪونه پهتو هو. جڏهن پرواز اُڏامڻ ۾ ۲۵ منٽ بچيا ته اسان جو انتظار پريشانيءَ ۾ بدلجِي ويو. اڳ ۾ ته جڏهن اِشُوءَ چيو پئي ته ”يار! سنگت نه پهتي آ!“ ته مُون کيس دلاسو پئي ڏنو ته: ”اتي ئي گھُمندِي ڦرندا هُوندِا! اچي ويندا... “ پر جڏهن صفا جهاز ۾ سڏ ٿيڻ واري وقت کي اچي ويجھا پهتاسُون ته اِشُوءَ جو ڪُجهه دير اڳ چيل اهو جُملو سچ ڀاسڻ لڳو ته ”اُستادَ! لڳي ٿو ڪُجهه گڙٻڙ آ!“ پوءِ ته مُون به تاعيد ۾ سندس جُملو ساڻس ئي ورجايو، ته: ”اُستاد! لڳي مُون کي به گڙٻڙ ئي ٿِي، ڇو ته اسان ٽنهي کانسواءِ ٻيو ڪوبه ويٽنگ لائُونج تائين ناهي پهتو، بلڪه ڪوئي پري پري تائين ظاهر ئي ڪونهي!“ جيئند ته لائُونج ۾ هڪ غيرامريڪي سُندريءَ سان ڪچهريءَ جو بهانو ڳولهي ساڻس حوالن ڪٽڻ ۾ مست مگن هو، پر مان ۽ اِشُو واري واري سان هڪٻئي جي سامان جو خيال ڪندي، اُن جاءِ (گيٽ نمبر ۱۷) کان ٿورو پري تائين وڃي واءُ سواءُ لهِي آياسِين ته اسان جا ٻيا ساٿي ڪٿي آهن، پر انهن جو ڪو پتو کُرو نظر ڪونه آيو. اسان سمُورن گرُوپ جي ساٿين منجھان سواءِ ذوالفقار مهتُوءَ (لاهور واري ساٿيءَ) جي، ڪنهن به امريڪي موبائيل سِم ڪانه ورتي هُئي، ڇاڪاڻ ته اُتي سِم نه رڳو الاهي مهانگي هُئي، بلڪه ان کي خريد ڪرڻ لاءِ کوڙ ساريُن فارملٽيُن مان به گذرڻو پئي پيو، تنهن ڪري اهو مُمڪن ئي ڪونه هو ته فون رستي انهن ساٿين منجھان ڪنهن سان رابطو ڪري سگھجي ته هُو ڪٿي آهن. جهاز اُڏامڻ ۾ ۲۰ منٽ وڃي بچيا ۽ جهاز جِي انائُونسمينٽ ٿِي وئي. لائُونج ۾ گيٽ نمبر ۱۷ جي ڀرسان ويٺل سمُورا مُسافر ”ڊالاس“ جي جهاز جي اُڏامڻ جي سانباهي وارو اطلاع ٻڌِي اُٿي کڙا ٿيا ۽ جهاز ۾ وڃڻ لڳا. اِشُوءَ اها پڪ هُوندي به ته مُون وٽ ان سوال جو جواب ڪونهي، مُون کان پريشانيءَ مان پُڇيو ته: ”ابا! هلڻو آ، ناهي هلڻو...  جهاز ۾ چڙهڻو آ؟ ناهي چڙهڻو؟ اسان جو ڪوبه همراهه اسان جي گائيڊ (اين هارٽمين) سميت ظاهر ئي ڪونهي!“ مُون کيس چيو: ”ادا! چيڪ اِن ٿي چُڪا آهيُون. اسان جي لگيج (سامان) به جهاز ۾ چڙهي چُڪو هُوندو. هلڻو ڪيئن ڪونهي! هي همراهه ايئرپورٽ جي ڪنهن به ڪُنڊ ۾ هُوندا، فلائيٽ انائُونسمينٽ سندن ڪنن تائين پهتي هُوندي ۽ اچي ويندا لُڏندا...  لَمندا... “

Sunday, August 23, 2015

يُو ايس اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ۾ - ياسر قاضي

يُو ايس اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ۾
(پئسفڪ جي پاڙي ۾ قسط 25)
ياسر قاضي
جيڪڏهن اوهان هن سفر ۾ منهنجا مُستقل همسفر رهندا آيا آهيو ته اوهان بخُوبي واقف هُوندؤ ته گذريل هفتي واري ذڪر جي آخر تائين اسين امريڪا جي راڄڌانيءَ، واشنگٽن ڊِي سِيءَ ۾ پنهنجي ميزبان اداري (اِيسٽ ويسٽ سينٽر) جي واشنگٽن واري دفتر ۾ مانجھاندي جي مانيءَ دؤران هڪ پُرمغز بحث مباحثي کان پوءِ يُو ايس اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ رواني ٿيڻ لاءِ ڪوسٽر ۾ اچي ويٺا هُئاسُون. امريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ۾ اسان جي ٻن ٽن اهم ذميوارن سان تمام اهم نوعيت واري ملاقات ۽ ڪچهري ٿيڻ واري هُئي. يُو ايس اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ (جيڪو اعلى نوعيت جي رياستي معاملن بابت امريڪا جو هڪ اهم ۽ حساس ادارو آهي) ۾ اسان جي ميزبان (سُونهِي)، ”مسز اينِي سمپڪنز“ هُئي، جيڪا امريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ”بيُورو آف سائُوٿ اينڊ سينٽرل ايشين افيئرس“ جي آفيس آف پريس اينڊ پبلڪ ڊپلوميسي جي ”پاڪستان ڊيسڪ آفيسر فار پبلڪ ڊپلوميسي“ آهي. يُو ايس اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ بابت اوهان کي ٻُڌائيندو هلان ته امريڪي ڪانگريس تي امريڪي پرڏيهي پاليسِيءَ جي تحت آئيني ذميداريُون عائد ٿين ٿيُون. امريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ، اهڙن امريڪي پرڏيهي معاملن کي هلائڻ وارو اهم ترين ادارو آهي، جيڪو 27 جُولاءِ 1789ع تي قائم ٿيو، جنهن جو هيڊ ڪُوارٽر هن عمارت ۾ آهي، جنهن عمارت جو نالو ”هيرِي ايس ٽرُومين بلڊنگ“ آهي. هن اداري ۾ 13 هزار ملازم پرڏيهِي (فارين) سروس ۾ ۽ 11 هزار ملازم سِول سروس ۾ ڪم ڪن ٿا، جڏهن ته 45 هزار پرڏيهي (فارين) سروس جا مقامي ملازم به هتي نوڪري ڪن ٿا. امريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ساليانِي بجيٽ، 57.533 ارب ڊالر آهي. هيءَ آفيس، امريڪي سيڪريٽري توڙي ڊپٽي سيڪريٽري اسٽيٽ جي سيڪريٽيريٽ (سرڪاري دفتر) به آهي. امريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي مُک سرگرمين ۾، خطي ۾ امن ۽ استحڪام قائم ڪري، ملڪ کان ٻاهر مارڪيٽ جو قيام عمل ۾ آڻي، ملڪ اندر مُلازمت جا موقعا پيدا ڪري، ترقي پذير ملڪن جي بر آمد (ايڪسپورٽ) جي مد ۾ سگھه وڌائڻ توڙي اُتي سيڙهپ وڌائي، انهن مُلڪن کي پاڻ ڀرو ڪرڻ ۾ مدد ڪري، عالمي مسئلن (مثال طور: دهشتگردِيءَ، وچڙجندڙ بيمارين، ماحولياتِي گدلاڻ، منشيات جي ٽرئفڪنگ، انسانيت سوز ڏوهن ۽ نيُوڪليئر سملنگ وغيره) کي مُنهن ڏيڻ لاءِ سڄيءَ دُنيا جي قومن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري، دراصل امريڪي شهرين جي حقن جي حفاظت ڪرڻ شامل آهي.
امريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي عمارت ۾ داخل ٿيڻ جا هڪ کان وڌيڪ رستا آهن، پر اسان کي ”سِي“ (C) اسٽرِيٽ واري رستي کان داخل ٿيڻو هو. جمعي، 4 اپريل 2014ع جو اهو سُهڻو جھُڙالو ڏينهن هو، جنهن هر طرف بهار جي آمد جو اعلان پئي ڪيو ۽ ”چيري بلاسم“ کي ڀليڪار پئي ڪيو. ان جھُڙ ۾ آئُوٽ ڊور تصوِيرُون به ڪمال پئي آيُون. اڳ ۾ به ٻُڌائي چُڪم ته اهو امريڪين لاءِ ته بهار هو، پر اسان لاءِ پاڪستاني سياري کان به الاهي وڌيڪ ٿڌ وارِي موسم هئي. اسان ”سِي“ اسٽرِيٽ واري امريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ واريءَ بلڊنگ (”هيرِي ايس ٽرُومين بلڊنگ“) گيٽ جي پارڪنگ ۾ ڪوسٽر تان لڳ ڀڳ 12:45 لڳي لٿاسِين. اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جِي ڪرِيم ڪلر جي عمارت ۾ مُک دروازي کان اسان جي داخل ٿيڻ کان اڳ، وڏن ويڪرن روڊن تي پارڪ ٿيل اُوچيُن (مهانگين) گاڏين پنهنجيءَ چمڪ دمڪ توڙي دٻدٻي سبب سڀني جو ڌيان پئي ڇڪايو. عمارت ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ، ههڙِيءَ جُهڙالي مند ۾ هن عمارت جي دلفريب منظر سان ڪنهن به بيهي فوٽو ڪڍرائڻ جو چانس وڃائڻ ڪونه چاهيو. توڙي جو مائي اينان (مسز اين هارٽمين) جُون رڙيُون هر ڪنهن پئي ٻُڌيُون، ته: ”دير پئي ٿئي...  جڏهن اندران ٻاهر نڪرُون ته پوءِ ڀل پيا فوٽُو ڪڍائجو!“ پر تنهن جي باوجُود به هر ڪنهن مختلف اينگلز کان بيهي مڙئي ڪُجهه فوٽو ڪڍرايا. مک عمارت ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ اسين سخت اسڪريننگ ڪندڙ اسڪينرز مان گذرندي، تفصيلي چيڪنگ کان پوءِ هڪ وڏي هال ۾ پهتاسِين، جيڪا امريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي استقباليه هُئي، جنهن جي رسيپشن (استقباليه) ڪائُونٽرز توڙي ان جي داخلي شيشي وارن دروازن تي امريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جو مشهُور ۽ مخصُوص لوگو (مونوگرام) ٺهيل هو. اسين سڀ قطار ۾ بيهي وارَي وارَي سان استقباليه ڪائُونٽر تي پنهنجا پنهنجا پاسپورٽ ڏيندا رهياسيِن، جتي اسان جي پاسپورٽس جي مُک صفحي جو اسڪينر رستي عڪس جھٽي، اسان جي سُڃاڻپ جي تصديق ڪري، اسان کي ”وزِيٽر“ (مهمان) وارا ڪارڊ اِشُو پئي ٿيا ۽ هُنن پنهنجي پر ۾ سيڪيورٽيءَ خاطر، ان ڳالهه جي تسلي پئي ڪئي ته اهي ئي ماڻهُو عمارت اندر داخل ٿي رهيا آهن، جن جي هن عمارت ۾ داخلا لاءِ اجازت ورتل آهي. هن قسم جي ادارن ۾ داخلا لاءِ اسان کي اڳواٽ پنهنجِي فوٽو آءِ ڊِيءَ طور پنهنجا پاسپورٽ ساڻ رکڻ لاءِ هدايت مليل هُوندي هُئِي، جنهن کان سواءِ سيڪيورٽِيءَ جُون رسمُون پُوريُون ڪونه ٿي سگھنديُون هيُون.
اسان مان جنهن جنهن جي اسڪريننگ ٿيندي ٿي وئِي، اُهو، هن هال جي رُڪاوٽ ڏنل سيڪيورٽي ايريا جي پرئين پار ڪراس ٿيندو ٿي ويو، جتي اسان جي استقبال لاءِ اسان جِي سُونهِيءَ، ”اينِي سمپڪنز“ اسان جو انتظار پئي ڪيو. اينِي، ڊگھي قد ۽ ڀريل بُت واري گھٽ مُرڪندڙ، 45 هارو سالن کن جي ڊپلوميٽ هُئي، جيڪا پنهنجي مخصُوص ڊپلوميٽڪ خول ۾ ٿي نظر آئي ۽ ٻين امريڪين جي ڀيٽ ۾ گھٽ ملنسار ۽ گھٽ کلمُک آهي. اسان مان جيسين سڀني جي سيڪيورٽي ڪليئرنس ڪانه ٿي، تيسين، مائيءَ اسان سڀني سان گڏ انتظار پئي ڪيو. جڏهن سمُورن جِي سيڪيورٽي ڪليئرنس ٿي وئي، ته پوءِ مائي اينِي اڳيان هلي اسان جِي سُونهِي بڻي، مائي اينان ان جي پويان هلڻ لڳي اسان جو باقي گرُوپ هنن جي نقشي قدم تي هلندي، هن اهم اداري جي عمارت جا ڪاريڊور ۽ گھٽيُون لتارڻ لڳو. يعني اڳيان ايني...  پويان اينان...  جن جي پويان اسين سڀ...  اسان کي هن عمارت جي ”ايڇ ايس ٽِي رُوم نمبر 1860“ تائين پهچڻو هو، جتي اسان جُون مختلف ڊپلوميٽس سان گڏجاڻيُون رکيل هيُون. اسان تيز رفتاريءَ سان عمارت جا مختلف ڪارريڊور لتاڙيندا رهياسِين. هڪ انتهائي تيز ۽ مصرُوف زندگيءَ جو ڪاروهنوار هن عمارت اندر نظر آيو. لڳ ڀڳ هر شخص ”فارمل لباس“ (سُوٽ) ۾ نظر آيو...  ڪو ڪنهن ڪمري مان ٿي نڪتو...  ته ڪو ڪنهن آفيس ۾ پئي داخل ٿيو...  گھٽين ۾ بُوٽن جِي ”ٺڪ...  ٺڪ... “ جا آوازَ...  زندگيءَ جو تحرُڪ...  سرگرميءَ جي رفتار ايڏي تيز جو ڪراچيءَ واري زندگي (جنهن کي اسين پاڪستان جي تيز رفتار ترين، بلڪه ”مشيني زندگي“ چوندا آهيون) هن جي آڏو انتهائي سُست رفتار محسُوس ٿي. اسين پنهنجي گُھربل ڪمري ۾ رسيپشن کان لڳ ڀڳ 10 منٽن ۾ پهتاسِين. ان ميِٽنگ رُوم کان اڳ هڪ ننڍڙو ”پئسيج“ (ڪمري جو ٽڪرو) هو، جنهن جي هڪ پاسي ڀت ۾ ننڍا ننڍا لاڪرز لڳل هُئا، جن ۾ اسان کي پنهنجا موبائيل فونز، ڪئميرائُون ۽ رڪارڊرس وغيره رکڻ لاءِ چيو ويو، ته جيئن اسان هتي جن جن ڊپلوميٽس سان ملي رهيا آهيُون، انهن جي گفتگُو رڪارڊ نه ڪري سگھُون ۽ نه ئي سندن فوٽو ڪڍي سگھُون. ان سان گڏوگڏ هن سفر دؤران هر گڏجاڻِيءَ (مِيٽنگ) ۾ جنهن جنهن سان مِلجي پيو، ان ان کان هر ڳالهه ٻولهه کان اڳ اهو پڇڻ به ضرُوري پيو هُجي ته ”اها ڳالهه ٻولهه آن دِي رڪارڊ آهي يا آف دِي رڪارڊ!!“ هُونءَ ته گھڻين گڏجاڻين لاءِ اهڙي نشاندهي اسان جي ڇپيل پروگرام (سٽاءَ) ۾ ئي ٿيل هُئي، پر جن جن مِيٽنگس بابت اهڙي نشاندهي نه هئي ٿيل، ته انهن بابت اسان هر مييٽنگ کان اڳ ۾ اُن شخصيت کان پڇيوسي ٿي، اهو ان لاءِ ته ڇا اسان هن سفر کان پوءِ وارين ڇپجندڙ/ نشر ٿيندڙ رپورٽس ۾ ان گفتگُوءَ جو ذڪر ڪري سگھُون ٿا يا نه! جيڪڏهن ڪنهن پاران ڪنهن به گفتگُوءَ کي ”آف دِي رڪارڊ“ رکڻ لاءِ چيو ٿي ويو، ته اسِين يقيناً اهڙِيءَ ڳالهه ٻولهه کي آف دِي رڪارڊ رکڻ لاءِ اخلاقي طور پابند آهيُون.
اسان اُن پئسيج ۾ لڳل لاڪرز ۾ پنهنجو رڪارڊنگ توڙي فوٽوگرافيءَ جو سامان رکي، اندر مِيٽنگ هال ۾ اچي ويٺاسُون. اسان جي پهرين گڏجاڻي، ٺيڪ هڪ لڳي، جڳ مشهُور ۽ انتهائي تجربيڪار امريڪي صحافِيءَ ۽ يُو ايس اسٽيٽس ڊپارٽمينٽ جي پبلڪ افيئرس لاءِ اسسٽنٽ سيڪريٽري آف اسٽيٽس، ”مسٽر ڊُوگلس فرينٽز“ سان ٿيڻ وارِي هُئِي، جيڪو هينئر ته کڻي هڪ اسٽيٽس مين آهي، پر بنيادي طور هُو اسان جو ”پَٽي ڀائي“ (صحافي) آهي. سيپٽمبر 2013ع ۾ امريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري ڪرڻ کان اڳ ڊُوگلس، 35 سال اخباري رپورٽر توڙي ايڊيٽر طور پنهنجي زندگيءَ جو گھڻو تڻو حصّو خدمتُون انجام ڏيندو رهيو. يعني سندس صحافتي خدمتُون فيلڊ توڙي ڊيسڪ ٻنهي حوالن سان ڳڻڻ جوڳيُون رهيُون آهن. امريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ۾ هن اسسٽنٽ سيڪريٽري آف اسٽيٽس طور پنهنجيُون خدمتُون انجام ڏيڻ کان اڳ، ان وقت جي سينيٽر (۽ اڄوڪي امريڪي سيڪريٽري اسٽيٽ)، ”جان ايف ڪيرِيءَ“ جي ڊپٽي اسٽاف ڊائريڪٽر ۽ ”سينيٽ فارين رليشنز ڪميٽيءَ“ جي انويسٽيگيٽر طور به ڪم ڪيو. ”ڊُوگلس فرينٽز“ اخباري رپورٽر طور 40 مُلڪن ۾ ڪم ڪيو ۽ پهرين خليجي جنگ کان افغان جنگ تائين هر جنگي تحريڪ ۽ ڦڏي کي ڪَور ڪندي اُن جِي رپورٽنگ ڪئي. ڊُوگلس، امريڪا جي مشهُور (۽ مجمُوعي طور، جڳ مشهُور اخبار)، ”دِي واشنگٽن پوسٽ“ جي ”نيشنل سيڪيورٽي ايڊيٽر“ (قومي سلامتيءَ جي ايڊيٽر)، ”لاس اينجلس ٽائيمز“ جي مينيجنگ ايڊيٽر ۽ ”دِي نيُويارڪ ٽائيمز“ جي ”انويسٽيگيشن ايڊيٽر“ طور پڻ ڪم ڪيو. هُن ”دِي نيُويارڪ ٽائيمز“ جي استنبول (تُرڪِيءَ) لاءِ بيُوروچيف جي حيثيت ۾ به ڪم ڪيو ۽ اُتي رهندي هُن ”نائِين ـ اليون“ کان پوءِ تُرڪيءَ ۾ پيدا ٿيندڙ صُورتحال (”نائين ـ اليون“ جي اثرن) جي ڪامياب ڪوريج تي انتهائي اهم ”پُلٽزر ايوارڊ“ جي حاصلات ۾ ڀاڱي ڀائيواري به ٿيو. ”ڊُوگلس فرينٽز“ 10 جي لڳ ڀڳ نان فڪشن ڪتابن جو مصنف پڻ آهي. هُن ”ڊِي پا يُونيورسٽِي، گرين ڪيسل انڊيانا، امريڪا“ مان بِي اي ۽ ”ڪولمبيا يُونيورسٽي، نيُويارڪ“ مان ايم ايس ڪئِي.
اڄ ”ڊُوگلس فرينٽز“ کي ”پاڪستان ۽ افغانستان ۾ امريڪي پرڏيهي پاليسيءَ“ بابت اسان سان ڪچهري ڪرڻي هُئِي. اسين سڀ نشست نشين ٿي چُڪا هُئاسِين، ته ڊُوگلس آيو ۽ بنا ڪنهن اسٽيٽس مين واري رعب ۽ دٻدٻي جي اسان سڀني کي مُرڪي ڀليڪار ڪيائين ۽ اچڻ سان اهو اظهاريائين ته: ”مان به ڄائُو ڄمائُو صحافي آهيان ۽ اوهان سڀني صحافين کي پاڻ سان گڏ ڏسِي ۽ پنهنجو پاڻ کي اوهان جي وچ ۾ پَسِي خوشي محسُوس ڪري رهيو آهيان.“ اسان جي اها خواهش هُئي ته ڊُوگلس جهڙي هيڏي تجربيڪار صحافيءَ سان ڪنهن اهڙي غيرسرڪاري موضُوع تي ڳالهه ٻولهه ٿئي ها، جنهن ۾ هُو اسان سان پنهنجا صحافتي تجربا ونڊي ها ته مزو اچي وڃي ها، پر ظلم اهو هو ته ڊُوگلس اسان سان ڪنهن صحافيءَ نه پر هڪ اسٽيٽس مين جي حيثيت سان ملي رهيو هو، تنهن ڪري کيس امريڪي پاليسيءَ تي ئي ڳالهائڻو هو. امريڪا جي پاڪستان ۽ افغانستان بابت پاليسي ڇا آهي، اها ته ٻچي ٻچي کي خبر آهي، پر هتي ڊُوگلس کي ان ئي پاليسيءَ جو امريڪي نقطهء نظر ئي پيش ڪرڻو هو، سو هُن ڪيو. مُون ڊُوگلس جي ڳالهه ٻولهه ۾ لفظن جي اوٽ مان جھاتيُون پائيندڙ صحافيءَ کي پئي ڳولهيو، جنهن جي رپورٽرس جيڪيٽ جي مٿان ”ڊپلوميٽڪ فُل سُوٽ“ پاتل ڪامورو مُنهنجي من کي آئڙيو ڪونه پئي! بهرحال، وقت جي ڪميءَ سبب اسان جي سوالن جوابن کي مُؤخر ڪيو ويو، پر اسان ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ڊُوگلس جي گفتگُوءَ مان وچان وَجُهه ڪڍي، پنهنجا خيال هن تائين پهچايا ۽ کيس ٻُڌايوسُون ته پاڪستان ۽ افغانستان بابت امريڪي پاليسيءَ ۾ ڪٿي ڪٿي تبديليءَ ۽ ڪٿي ڪٿي وري سوچڻ جِي ضرُورت آهي، جيتوڻيڪ ”اينِي سمپڪنز“ توڙي اين هارٽمين اسان کي سوال نه ڪرڻ جا اشارا پئي ڪيا، پر اسان ته ڳالهه ٻولهه ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ پنهنجا رايا پئي ڏنا ۽ پنهنجا خيال پئي ونڊيا. ايئن ڪرڻ هُونءَ ته بظاهر محفل جي آداب جي خلاف ورزي هو (هجي ها) پر اسان کي پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ شامل ٿيڻ جو اهڙو بُل، پاڻ ڊُوگلس پئي ڏنو، ته اسان ان موقعي جو فائدو پئي ورتو. مثال طور: جتي ڊُوگلس ڪابه ڳالهه پُوري ڪري اسان کان ٿي پڇيو ته ”ويل! واٽ ڊُويُو ٿنڪ... ؟“ ته پوءِ اسِين کيس ڇونه ٻُڌايُون ته اسان ڇا ٿا ٿنڪ ڪريُون!
بهرحال! ڊُوگلس سان اسان جو اهو 35، 40 منٽن جي لڳ ڀڳ جو سيشن ڀرپُور رهيو. ويندي ويندي مُون کيس چيو ته: ”منهنجي خواهش هئي ته اوهان سان هڪ تفصيلي جرنلسٽڪ سيشن ڪجي ها، ته جيئن اسان مان ۽ اوهان جي تجربن مان ڪُجهه پِرايُون ها!“ مُرڪي ايترو چيائين: ”هوپ ٽُو سِي يُو اگين!“ (اميد آهي ته ٻيهر مُلاقات ٿيندِي)
”ڊُوگلس فرينٽز“ لڳ ڀڳ 1:45 لڳي هال مان ويو ۽ ان کان 5، 10 منٽن کان پوءِ اسان جو ان ئي هال ۾ ٻيو سيشن ”ايمبريسيڊر، اَي ايلزبيٿ جانز (مسز)“ سان ٿيڻ وارو هو، جنهن جي اچڻ ۾ اڃا ڪجهه منٽ هُئا. تيسِين اينِيءَ اسان کي چانهه وغيره کڻڻ جي صلاح ڪئي. اُن مِيٽنگ هال جي هڪ ڀت سان هڪ ٽيبل تي پيئڻ جي سادي پاڻيءَ سان گڏ چانهه توڙي ڪافيءَ جو سامان رکيل هو (جِيئن هونولُولُو ۾ اِيسٽ ويسٽ سينٽر ۾ رکيل هُوندو هو)، ته جيئن جنهن کي به جنهن به وقت چانهه يا ڪافِيءَ جي طلب ٿئي، ته هُو پاڻ چانهه يا ڪافي ٺاهي وري اچي جاءِ تي ويهي نوش ڪري. واشنگٽن ۾ اهڙو انتظام ٿيل هُجڻ تمام وڏي ڳالهه هُئي، ڇاڪاڻ ته هتي مهمانن جي تواضح ڪرڻ جو رواج بنهه ناهي. يعني اوهان واشنگٽن، نيُويارڪ، شڪاگو سميت اڪيچار امريڪي رياستن ۾ ويندا ته اُتي اوهان جي پاڪستان وانگر کائڻ پيئڻ جي حوالي سان ڪابه تواضح ڪانه ڪئِي ويندي. ايئن چوان ته وڌاءُ ڪونه ٿيندو ته هتي کارائڻ پيئارڻ مهمان نوازِيءَ جو معيار آهي ئي ڪونه! اوهان جي اهو ٿا پُڇڻ چاهيو ته هتي مهمان نوازِيءَ جو معيار ڇا آهي؟ ته شايد ان جو صحيح جواب هُوندو: ”مهمان کي پُورِيءَ طرح اٽينڊ ڪرڻ، کيس ٽائيم ڏيڻ ۽ سندس ڪم ڪرڻ!“اسان کي واشنگٽن ۽ نيُويارڪ جي اهڙن روّين بابت به ايئن ئي آگاهه ڪيو ويو هو، جيئن ”اميريڪن ايئرلائينز“ جي عدم مهمان نوازِيءَ بابت اڳواٽ ئي انتباهه ڏنو ويو هو. اهڙيءَ خبرداريءَ باوجُود امريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ۾ اسان جي تواضح جو اهتمام اسان لاءِ حيرت انگيز هو. اسان مان جن جن کي چانهه جِي طلب هُئي، اُنهن انهن پنهنجي چانهه ٺاهي پنهنجيءَ پنهنجيءَ نشست تي اچي سِپ ڪرڻ شرُوع ڪئي ۽ ايندڙ مهمان لاءِ سوال لکڻ شرُوع ڪيا. صحافِيءَ جو ڪم آهي سُوال ڪرڻ...  سو اُهو ته پنهنجي عادت کان مُڙندو ڪونه! توڙي جو کيس منع ڪيو وڃي ته فلاڻي کان سُوال ناهي ڪرڻو، پر پوءِ به هُو سوال ڪرڻ جي حوالي سان پنهنجِي تيارِي پُورِي رکندو. اسان کي به مائِي اينِي سمپڪنز جھليو ته ايمبيسڊر کان سوال نه ڪجو! پر اسان پنهنجِي تيارِي پُورِي رکي.
مُون به اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي چاڪليٽي رنگ جي پلاسٽڪ جي ڊسپوزيبل (استعمال کان پوءِ ضايع ڪرڻ واري) مگ ۾ چانهه ٺاهي پنهنجي سِيٽ تي اچي ويهِي اُها سِپ ڪرڻ شرُوع ڪئِي ۽ چانهه سِپ ڪندي، مائِي اَي ايلزبيٿ جانز جي اچڻ کان اڳ سندس مختصر تعارف تي نظر وِڌم.
ايمبيسڊر اَي ايلزبيٿ جانز (جيڪا ”بيٿ جونز“ جي نالي سان مشهُور آهي)، امريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ۾ افغانستان ۽ پاڪستان لاءِ ”ڊپٽي اسپيشل ريپريزنٽيٽِو“ (نائب نمائندهء خاص) آهي. 1948ع ۾ ڄايل، بيٿ جونز 1970ع ۾ ”سواٿمور ڪاليج“، پينسلوينيا، فلاڊيلفيا مان تاريخ ۾ بِي اي جِي ڊگري ماڻي، 1986ع ۾ ”بوسٽن يُونيورسٽيءَ“ مان بين الاقوامي تعلقات / اسٽريٽيجڪ اسٽيڊيز ۾ ايم اي جي ڊگري ورتِي. بيٿ، انگريزِيءَ سان گڏ جرمن ۽ رُوسِي زبانُون به عُمدگيءَ سان ڳالهائي سگھي ٿِي. هُوءَ امريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ۾ افغانستان ۽ پاڪستان لاءِ ”ڊپٽي اسپيشل ريپريزنٽيٽِو“ (نائب نمائندهء خاص) طور جنوري 2014ع کان پنهنجيُون خدمتُون انجام ڏئي رهي آهي. ان کان اڳ هُوءَ 2012ع کان اوڀر ۽ ڀرپاسي (نِيئر اِيسٽ) جي قائم مقام نائب سيڪريٽري آف اسٽيٽ طور ڪم ڪري چُڪي آهي. جڏهن ته هُوءَ پنهنجي موجُوده عهدي (پاڪستان ۽ افغانستان لاءِ ڊپٽي اسپيشل ريپريزنٽيٽِو ـ نائب نمائندهء خاص) طور اڳ ۾ به ڪم ڪري چُڪي آهي. بيٿ، پنهنجي حياتيءَ جا 35 قيمتي ورهيه فارين سروس ۾ گذاريا ۽ فارين سروس ڪيريئر جي سڀني کان وڏي عهدي، ”سفير“ (ايمبيسيڊر) تائين پهتِي. هن 2011ع ۾ امريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ کي پنهنجيُون صلاحيتُون آڇڻ کان اڳ واشنگٽن ۾ قائم هڪ ڪنسلٽنگ فرم ۾ پڻ 6 مهينن تائين ڪم ڪيو. ايمبيسڊر ايلزبيٿ جانز، يورپ ۽ يوريشيا لاءِ 2001ع کان 2005ع تائين، چئن سالن لاءِ نائب سيڪريٽري آف دِي اسٽيٽ طور، 1995 کان 1998ع تائين، لڳ ڀڳ 3 سال قازڪستان ۾ امريڪي سفير طور ۽ 2000ع کان 2001ع تائين، هڪ سال ”ڪيسپيَن اينرجي ڊپلوميسيءَ“ جي خاص صلاحڪار (اسپيشل ايڊوائيزر) طور پنهنجيُون ذميواريُون انجام ڏنيُون. سندس ٻين اهم ذميوارين ۾ اوڀر ۽ ڀرپاسي (نِيئر اِيسٽ) جي ”پرنسپل ڊپٽي اسسٽنٽ سيڪريٽري“، بون ۽ اسلام آباد (پاڪستان) ۾ يُو ايس سفارتخانن اندر ڪم ڪندڙ مَشن ۾ ڊپٽِي چيف، اڳُوڻي سيڪريٽري آف اسٽيٽ، ”وارن ڪرسٽوفر“ جي ايگزيڪٽِو اسسٽنٽ طور ادا ڪيل ذميواريُون ذڪر جوڳيُون آهن. ايمبيسڊر بيٿ جانز، ڪابُل، قاهره، عُمان، بغداد ۽ برلن ۾ پڻ پنهنجيُون سفارتي ذميواريُون نڀايُون آهن.
مُون اڃا ايلزبيٿ جانز جي ان تعارف کي ڏسي، سندس اڻ کٽ سفارتي خدمتن تي سوچيو ئي پئي ته پاڪستان جي عُمر کان هڪ سال ننڍِي بيٿ جانز، مِيٽنگ هال ۾ داخل ٿي ۽ اسان جي مِيٽنگ ٽيبل جي وچ وارِيءَ نشست تي اچي ويٺِي. بيٿ به اسان سان اُن ساڳئي ئي موضُوع (پاڪستان ۽ افغانستان جي حوالي سان امريڪي پرڏيهِي پاليسيءَ) تي پنهنجا وِيچار ونڊيا. ايمبيسيڊر بيٿ اسان کي تمام گھٽ وقت ڏنو. سندس گفتگُو مجمُوعي طور تي 20  کان 25 منٽن جي اندر هُئي. وٽس ٽائيم جِي اڻاٺ سبب توڙي اسان جي صحافتي ڏرَ سبب هُن پاران (هُن جِي موجُودگيءَ ۾ اينِيءَ پاران) اسان کي ڪوبه سوال ڪرڻ جي اجازت نه ڏنِي وئِي. مُون اِشُوءَ کي ٺُونٺ هڻندي چيو ته ڊُوگلس، صحافي هو، تنهن ڪري سُوالن جا جواب ڏيڻ کان ڪونه ٿي ڊنو، ڇاڪاڻ ته هُن سڄِي عمر سياستدانن ۽ ڊپلوميٽس کان سوال ڪندي گذارِي هُوندِي، جڏهن ته هيءَ مائِي سڄِي عُمر فارين سروس ۾ رهي آ، تنهن ڪري ڊڄندِي هُوندي ته اسين کريل پاڪستاني صحافي کانئس سوال ڪري پنهنجِي ڄڀ سان کيس ڪا نائي نه ڪري وجھُون. بيٿ پنهنجيُون نوٽس ورتل ڳالهيُون ٻُڌائي هلِي وئِي ۽ اسين به مِيٽنگ هال مان اُٿِي، پنهنجا ڪن ڇنڊي، ڀر واري پئسيج مان پنهنجيُون موبائيل فونز ۽ ڪئميرائُون وغيره کڻي مائِي اينِيءَ جي سرواڻيءَ ۾ ورِي ساڳيا ڪاريڊور لتاڙيِندا لڳ ڀڳ 2:30 لڳي امريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي مُک داخلي دروازي (جتان ٿوري دير اڳ اسين داخل ٿيا هُئاسُون) وٽ پهچي، ڀت ۾ لڳل گهڻ مُلڪي رنگ برنگن جھنڊن سان گرُوپ فوٽو ڪڍرائي، داخلي دروازي جي ڀر ۾ ئي واقع خارجي دورازي کان ٻاهر نڪري، اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي تاريخي بلڊنگ سان پنهنجيُون تصويرُون ڪڍرائڻ لڳاسين. هتان کان اسان کي امريڪي عوام جي سهڪار سان دُنيا ڀر جي، ترقيءَ طرف اُسرندڙ مُلڪن جي امداد لاءِ قائم ڪيل اداري ”يُو ايس ايڊ“ جي صدر دفتر روانو ٿيڻو آهي. ڪوسٽر ۾ اسان کي سوار ڪرڻ لاءِ اسان جِي مُستقل گائِيڊ (سفر جِي سُونهِيءَ) مائِي اينان (مسز اين هارٽمين) جُون ساڳيُون رڙيُون آهن ۽ اسان جي ساڳئي دير...

ايندڙ هفتي اڳتي جو سفر ڪنداسُون.

”يُو ايس ايڊ“ جو هيڊڪوارٽر ۽ اسٽار بَڪس ڪافي - ياسر قاضي

”يُو ايس ايڊ“ جو هيڊڪوارٽر ۽ اسٽار بَڪس ڪافي
(پئسفڪ جي پاڙي ۾ قسط 26)
ياسر قاضي
گذريل هفتي اسين واشنگٽن ڊي سِيءَ ۾، ”امريڪي اسٽيٽس ڊپارٽمينٽ“ ۾ مختصر قيام دؤران سينيئر امريڪي صحافِيءَ ۽ يُو ايس اسٽيٽس ڊپارٽمينٽ جي پبلڪ افيئرس لاءِ اسسٽنٽ سيڪريٽري آف اسٽيٽس، ”مسٽر ڊُوگلس فرينٽز“ ۽ امريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ۾ افغانستان ۽ پاڪستان لاءِ ”ڊپٽي اسپيشل ريپريزنٽيٽِو“ (نائب نمائندهء خاص)، ”ايمبيسڊر اَي ايلزبيٿ جانز“ سان مختصر سيشنس کان پوءِ ”يُو ايس ايڊ“ جي هيڊ ڪوارٽر اُسهڻ لاءِ اچي ڪوسٽر ۾ ويٺا هُئاسين. اسان کي ٽنپهرن جي 3:00 لڳي واشنگٽن جي ”رونالڊ ريگن بلڊنگ“ ۾ واقع ”يُونائيٽيڊ اسٽيٽس ايجنسي فار انٽرنيشنل ڊويلپمينٽ“ (يُو ايس ايڊ) جي هيڊڪوارٽر پهچڻو هو. مُون گذريل قسط ۾ ٻڌايو هو ته اسين اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي عمارت منجھان 2:30 لڳي تائين نڪري آيا هُئاسِين ۽ منجھند جي 3:00 لڳڻ ۾ اڃا ڪجھه منٽ هئا ته اسان رونالڊ ريگن بلڊنگ جي استقباليه (رسيپشن) تي پهچي سيڪيُورٽي فارملٽيُون پُوريون ڪندي، پنهنجا پاسپورٽ ڏئي، پنهنجو اندراج ڪرائي، اُن عمارت ۾ ”يُوايس ايڊ“ جي سُونهن سان ”يُو ايس ايڊ“ جي هيڊ ڪوارٽر اندر پنهنجي گھربل مِيٽنگ رُوم تائين پهچڻ لاءِ روانا ٿياسِين ۽ هن گھڻ منزله عمارت جي مطلُوبه فلور تي پهچي، سنهين گھٽين مان گُذرندي اُن مِيٽنگ روُم تائين پهتاسي، جتي اسان کي ”يُو ايس ايڊ“ جي ذميوارن سان ملڻو هو. ”يُو ايس ايڊ“ جو قيام 3 نومبر 1961ع تي تڏهوڪي امريڪي صدر، جان ايف. ڪينيڊيءَ جي هڪ صدارتي آرڊر سان عمل ۾ آيو. هاڻوڪي امريڪي صدر، براڪ اوباما جي ”اسٽيٽ آف دِي يُونين“ سڏجندڙ تقرير (جنهن ۾ هن چيو هو ته: ”اچو! ته پنهنجن اتحادي مُلڪن منجھان ايندڙ 20 سالن اندر غربت جو خاتمو آڻيُون!“) کان پوءِ ”يُو ايس ايڊ“، ”بي انتها غربت جي خاتمي ۽ لچڪدار جمهُوري معاشرن جي قيام ۾ مدد فراهم ڪرڻ واسطي امريڪا جي سلامتيءَ ۽ پاڻ ڀرائيءَ کي يقيني بڻائڻ“ جي اصُول ۽ عزم کي پنهنجن مُولن متاعن ۾ شامل ڪيو آهي. ”يُو ايس ايڊ“ جو خاص ڪم، غربت ۽ قدرتي آفتن جي خاتمي، ماحوليات، سماج ـ معاشي سُڌاري (سوشيو اڪانامڪ ڊويلپمينٽ) ۽ ٻه طرفه مُعاملن ۾ ٽيڪنيڪل توڙي مالي مدد فراهم ڪرڻ آهي. سال 2012ع جي انگن اکرن مُوجب ”يُو ايس ايڊ“ جي صدر دفتر (هيڊڪوارٽر) اندر 3 هزار 909 امريڪي مُلازم ڪم ڪندڙ هُئا، پر اسان کي هتي پاڪستاني مُلازمن جو تعداد ۾ اطمعنان جوڳو نظر آيو. اسان جي سُونهَن (اسڪارٽ) طور جيڪي ٻه چار ڄڻا اسان کي وٺڻ رسيپشن تي آيا، انهن ۾ هڪ پشاور جي پشتو ڳالهائيندڙ، خاموش طبع، ماٺيڻي، پر مُرڪڻِي پاڪستاني نؤجوان ڇوڪري، حناء به شامل هئي. پاڪستان جي هڪ پٺتي پيل صوبي سان تعلق رکندڙ هڪ روشن ذهن ڇوڪرِيءَ کي ”يُو ايس ايڊ“ جهڙي اهم اداري ۾ ڪم ڪندو ڏسي ڏاڍِي خوشي ٿي. هُوءَ به اسان پاڪستاني صحافين جي پاڪستان کان آيل وفد جو ٻُڌي خوشيءَ وچان اسان سان ملڻ آئِي هُئي. اسان جي گرُوپ جا پٺاڻ دوست (اڪرام الله، خالد خيشگي، اسد الله حمزو ۽ رياض برڪي) ته ساڻس پشتو ۾ ”پخپل بخپل... “ ڪرڻ ۾ شرُوع ٿي ويا. استقباليه کان اسان جي مِيٽنگ هال تائين پهچڻ تائين رستي ۾ اسان جي ان پشاوري ناريءَ، حناء سان ڪچهري جاري رهي. اسين ميٽنگ رُوم ۾ پهتاسِين، جتي ”يُو ايس ايڊ“ جي پاڪستان آفيس جي اڳواڻ، ”اِيرن ڪراسڪ“ کي اسان کي ”يُو ايس ايڊ“ پاران پاڪستان ۾ هلندڙ پراجيڪٽس جي باري ۾ برِيفنگ ڏيڻي هئي، جيڪو ڪنهن سبب جي ڪري اسان سان ملي ڪونه سگھيو. ٻڌايو ويو ته هُو ڪنهن اهم سرڪاري مصرُوفيت سبب اسان جي اچڻ کان اڳ ئي هيڊڪوارٽر کان ٻاهر وڃي چڪو آهي. ڄاڻ ناهي ته اسان کي بريف ڪرڻ لاءِ ”اِيرن ڪراسڪ“ ڪيتري تياري ڪئي هُئي، پر مجمُوعي طور تي مُون کي اسان جي هتي اچڻ جو ڪو خاص فائدو نظر ڪونه آيو، ڇاڪاڻ ته ڪراسڪ جي هلي وڃڻ جي ڪري اسان کي ”يُو ايس ايڊ“ جي جن ٻن ڄڻن ”يُو ايس ايڊ“ جي پاڪستان ۾ هلندڙ پراجيڪٽس جي حوالي سان اڌِي گابري معلُومات ڏني، انهن جي نه ڪا خاص تياري هُئي ۽ نه ئي وري انهن کي ان ڏس ۾ ڪا ڄاڻ ئي هُئي. مُون کي اهو لکڻ لاءِ سوچڻو ڪونه ٿو پوي ته اسين اهو هڪ ڪلاڪ ضايع ڪرڻ لاءِ ”يُو ايس ايڊ“ جي هيڊڪوارٽر آياسي. ”يُو ايس ايڊ“ جا ٻه اعلى عملدار اسان جي وفد سان ملڻ ۽ اسان کي برِيف ڪرڻ آيا. انهن جي موجُودگيءَ ۾ حناء ۽ پاڪستان آفيس جي هڪ ٻي ترجمان امريڪي سندري پڻ اسان واريءَ گڏجاڻيءَ ۾ شامل رهيُون. اسان کي ”يُو ايس ايڊ“ جي انهن اهم ذميوارن ”يُو ايس ايڊ“ جي پاڪستان اندر ڪيل ڪم ۽ هلندڙ ڪمن ڪارن (پراجيڪٽس) جي حوالي سان سرسري ڄاڻ ڏني، جيتري شايد پاڪستاني اخبارن ۾ ”يوُ ايس ايڊ“ پاران ڇپيل خاص ايڊيشنز ۾ به ڏنل هُوندي آهي. جڏهن اها ڳالهه ٻولهه (هنن پاران ڏنل مختصر برِيفنگ) پُوري ٿي ۽ اسان جي پاران سُوالن جوابن جو سلسلو شرُوع ٿيو ته همراهه ڏئي وٺي بيهي رهيا. ايئن ٿي لڳو ته ڄڻ اسان پرائمريءَ جي شاگرد کان صرف ۽ نحو يا فلسفي ۽ منطق جا سوال ڪيا هُجن. هر سوال جي جواب ۾ اهو ٿي ٻڌڻ لاءِ مليو ته: ”اهي تفصيلات اوهان اسان جي ويب سائيٽ تي ڏسِي سگھو ٿا!“ اسان سڀني کي سندن حالت ڏسي زبردست مزو پئي آيو ۽ اسان ويتر کانئن ڏکيا سوال ڪرڻ لڳاسِين ۽ هڪ ٻئي کي ٺُونٺيُون هڻي، سندن جوابن منجھان لُطف اندوز ٿيندا رهياسِين.

نديم هوتيانا جي گھر اسان جي دعوت - ياسر قاضي

نديم هوتيانا جي گھر اسان جي دعوت
(پئسفڪ جي پاڙي ۾ قسط 27)
ياسر قاضي
جيڪي دوست هن ”سفر ـ ڪهاڻيءَ“ جا مُستقل پاٺڪ رهيا آهن، اُنهن کي ته خبر هُوندي ته اسين گذريل هفتي هن سفر ۾ ڪٿي پهتا هُئاسِين، پر جيڪي دوست هن ”سفر ـ ڪٿا“ کي پهريون دفعو پڙهي رهيا آهن، يا وقفي وقفي سان هن جو مطالعو ڪندا رهن ٿا، انهن جي سُڌ لاءِ عرض ڪندو هلان ته گذريل دفعي، جتي موُن هن سفر جي سار کي صفحي پُوري ٿيڻ جي ڪري ڇڏيو هو، اُهو مقام جُمعي، 4 اپريل 2014ع جي ٽنپهرن جو هو، جڏهن اسين اُن ڏينهن، واشنگٽن ڊِي سِيءَ ۾ اِيسٽ ويسٽ سينٽر، امريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ۽ يُو ايس ايڊ جو هيڊ ڪوارٽر گھُمي اچڻ کان پوءِ ”ڊيوپونٽ سرڪل“ ويجهو، پنهنجي هوٽل جي آسپاس، اچي اسٽاربڪس ڪافي (شاپ) تي ”ڪيپيچينو“ جُون چُسڪيُون هنيُون هيون ۽ پوءِ اچي ڪلاڪ کن لاءِ هوٽل تي ڏينهن جي پهرين اڌ جو ٿڪ پَٽڻ ۽ جهٽ ليٽڻ جو موقعو هٿن مان ڪونه وڃايوهوسُون. اسان کي شام ساڍي 6 لڳي ڌاري، واشنگٽن ڊي سِيءَ ۾ قائم پاڪستاني سفارتخاني جي پريس اتاشي (اٽيچي)، نديم هوتيانا صاحب جي گھر، رات جي ماني کائڻ لاءِ هوٽل مان روانو ٿيڻو هو. هوتيانا صاحب جو تعلق پنجاب سان آهي ۽ ڳچ عرصي کان فارين سروس ۾ آهي ۽ گذريل ڪجھه عرصي کان پاڪستاني سفارتخاني، واشنگٽن ڊِي سِيءَ ۾ ان عهدي تي پنهنجيُون ذميواريوُن خوش اسلُوبيءَ سان انجام ڏئي رهيو آهي. امريڪا ۾ ايندڙ پاڪستاني صحافين جي وفد کي ڀليڪار ڪرڻ ۽ سندن خيال رکڻ سندس ئي ذميوارين ۾ شامل آهي. اسان جي واشنگٽن ڊِي سِيءَ ۾ قيام جي دؤران اسان جي ايندڙ ڏينهن ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي دؤري ۽ پاڪستاني سفير سان مُلاقات جا سمُورا انتظام به هوتيانا صاحب جي ئي بلي هُئا. اڄ سڄو ڏينهن ڊپلوميٽس سان لاڳيتيُن مُلاقاتن ۽ سيشنز سبب ڊپلوميٽڪ ڊريس ۾ گذارڻ پُڄاڻان ڊنر لاءِ عام رواجي (ڪييُوئل) لباس پائڻ جي اجازت هُئي، بلڪه ڇاپي شيڊيُول ۾ ”بزنس ڪييُوئل“ (لباس) پهرڻ جي هدايت ڪيل هُئي، سو مُون به جِينز ۽ موسم آهر ”هُڊِي“ پائڻ ۾ ئي عافيت سمجھي. سنگت جي صلاح سان مفلر به ڪنڌ کي ويڙهيو، ڇاڪاڻ ته هلندي هلندي واشنگٽن جو گرمي پد جڏهن اوچتو ڪِريو ٿي، ته سِيءَ وچان مٿي ۽ ڪنن کي ڍڪڻ ضرُوري ٿي ٿِي پيو.

Saturday, August 22, 2015

فرينڊس آف پاڪستان سان مانجھاندو ۽ اسان جو خشڪ گائيڊ - ياسر قاضي

فرينڊس آف پاڪستان سان مانجھاندو ۽ اسان جو خشڪ گائيڊ
(پئسفڪ جي پاڙي ۾ قسط 29)
ياسر قاضي

گذريل هفتي واريءَ قسط ۾ اسان واشنگٽن ڊِي سِيءَ ۾ اڪرم الياس نالي هڪ ذهين ۽ زِيرڪ شخصيت سان ملياسُون ۽ سندس تقرير جي موچارَي فن منجھان نه فقط محظُوظ ٿياسُون، بلڪه پرايوسُون پڻ! اڪرم الياس جي ان ليڪچر کان پوءِ اسان کانئس موڪلائي ”پينسلوينيا ايوينيُو” تي واقع سندس اداري ”ڪيپيٽل ڪميُونيڪيشن گرُوپ“ (سِي سِي جِي) مان ڪوسٽر تي رواني ٿيڻ لاءِ اُن عمارت مان ٻاهر نڪتاسُون. ڪوسٽر اچڻ ۾ ڪي ڏهه پندرنهن منٽ لڳايا. مائي اينان (مسز اين هارٽمين) جيسين ڪوسٽر جي ڊرائيور سان رابطي ۾ اچڻ ۽ کيس اُن جاءِ جو پتو سمجھائڻ ۾ رُڌل هُئي، تيسين اسان نه فقط اُن عمارت جي ٻاهران بيهي اُس (تڙڪي) جو مزو پئي ورتو، بلڪه اُن عمارت سان فوٽو پڻ ڪڍراياسي. اُن وقت اسان مان لڳ ڀڳ هر ڪنهن جي زبان تي اڪرم الياس جي ساراهه هئي. ڪوسٽر آئِي ۽ اسان ڪوسٽر ۾ سوار ٿي ”فرينڊس آف پاڪستان (يُو ايس اَي)“ نالي تنظيم پاران پنهنجي مان ۾ ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت لاءِ اٺين اسٽريٽ (ايٽٿ اسٽريٽ)، واشنگٽن ڊِي سي 20003 روانا ٿياسين. رستي ۾ مائي اينان (مسز اين هارٽمين) اسان کي واشنگٽن ڊِي سِيءَ ۾ چيري ڦولارجڻ (چيري بلاسم) وارِيءَ مُند بابت ۽ رستي ۾ ايندڙ ”جيفرسن ميموريل“ ۽ ٻين ماڳن بابت پڻ ٻُڌايو. اها ڇنڇر 5 اپريل جي ڪچڙي منجھند جي ويل هُئي ۽ هُوبهُو پاڪستاني سياري واري محسُوسات هئي. اُس به ايئن ئي وڻندڙ هُئي، جيئن پاڪستان ۾ سياري دؤران وڻندڙ هُوندي آهي. اسان واشنگٽن جا سُهڻا نظارا ڪندا ۽ مائي اينان جُون ڳالهيُون ٻُڌندا اچي، ايٽٿ اسٽريٽ، واشنگٽن ڊِي سي 20003 جي عمارت نمبر 419 يعني ”ڪيپيٽول هِل تندُور اينڊ گِرل“ نالي هڪ پاڪستاني ريسٽورنٽ پهتاسُون، جتي اسان جي مان ۾ ”فرينڊس آف پاڪستان (يُو ايس اَي)“ جي ميمبرن پاران آجياڻي ۽ منجهند جي مانيءَ جو اهتمام ڪيو ويو هو. هُونئن ته مائي اينان جو به ”فرينڊس آف پاڪستان (يُو ايس اَي)“ ۾ چڱو چوکو ڪردار آهي، پاڻ مائي صاحبه پاڪستان ۾ ڳچ عرصو رهِي به آهي ۽ مُلتان ۾ ڪي سال پاڙهيو به اٿائين. اين هارٽمين پاڪستاني ماڻهن جي مزاج کان ان حد تائين واقف آهي، جو اسان جي نقل ۽ حرڪت (باڊي لئنگئيج) ڏسي اسان جُون نيّتُون ماپي وٺندي هُئي. خير! اين هارٽمين بذاتِ خُود هڪ پُوري ڪتاب جو موضُوع آهي (۽ اهو آءٌ انتهائي مُثبت انداز ۾ پيو چوان / لکان.) سو اسان جو ”فرينڊس آف پاڪستان (يُو ايس اَي)“ جي جن ساٿين آڌر ڀاءُ ڪيو، انهن ۾ ان تنظيم جو صدر ”ملارڊ مورٽ“ (اڌيڙ عمر جو شخص)، سيڪريٽري ”مسز باربرا ٽيفي جينز“ (جنهن جي عمر 60 کان مٿي هُوندي) ۽ خزانچڻ ”مادام سَندرا هُوٽس“ (اها پڻ ”سينيئر سٽيزن“ آهي) شامل آهن. گڏوگڏ هن لاجواب پاڪستاني ريسٽورنٽ جو جوان عمر مالڪ، عامر احسن (جيڪو پڻ ڏاڍو ملنسار، خوش اخلاق ۽ کلمُک انسان آهي) اهو به جهڙوڪر ميزبانن جي سٿ ۾ شامل هو ۽ اسان جي جٿي کي گرمجوشيءَ سان ڀليڪار ڪرڻ ۾ اهو پڻ اڳيان اڳيان هو. هُونئن ته واشنگٽن ڊِي سِيءَ توڙي نيُويارڪ ۾ انڊين ۽ پاڪستاني ريسٽورنٽس جي ڪمي ڪانهي، پر هن ريسٽورنٽ ”ڪيپيٽول هِل تندُور“ جو کاڌو لذت ۾ ڪجھه سَرس هو، گھٽ ۾ گھٽ انهن انڊين ۽ پاڪستاني ريسٽورنٽس کان، جن ۾ اسان جو وڃڻ ٿيو. اسين منجھند 12 لڳي ڌاري ”ڪيپيٽول هِل تندُور“ پهتاسُون ۽ منجھند جي ڏيڍ لڳي تائين اسان جي ”فرينڊس آف پاڪستان، امريڪا“ وارن سان ڪچهري به هلي ۽ گڏ گڏ مانجھاندو پڻ هلندو رهيو. ”فرينڊس آف پاڪستان (يُو ايس اَي)“ هڏڏوکي رضاڪارن جو هڪ اهڙو گرُوپ (جٿو) آهي، جيڪو امريڪا مان پاڪستان وڃي پنهنجيُون خدمتُون انجام ڏيندڙ امن وفد جي رضاڪارن پنهنجي امريڪا واپسيءَ تي قائم ڪيو هو، هن جٿي جي پاڪستان وڃي مختلف شعبن ۾ پنهنجيُون خدمتُون انجام ڏيڻ جو مقصد، پاڪستاني عوام سان دوستاڻن لاڳاپن جو قائم ڪرڻ ۽ عوام جي فرد تا فرد پراجيڪٽس جي مدد سان پاڪستاني ۽ امريڪي عوام جي وچ ۾ سوچن جي هڪجهڙائي پيدا ڪرڻ ۽ انهن کي هٿي وٺرائڻ هو. هن مڪمّل طور رضاڪار گرُوپ (فرينڊس آف پاڪستان، يُو ايس اَي) جي ميمبرن، 2005ع کان وٺي هيل تائين پاڪستان ۾ قدرتي آفت سٽيلن جي مدد ۽ نياڻين جي تعليم لاءِ 40 هزار امريڪي ڊالرن کان وڌيڪ جي رقم گڏ ڪري، پاڪستاني مُستحق عوام کي تحفي طور ڏني آهي. مائي اينان (مسز اين هارٽمين) جو تعلق به ان گرُوپ سان ان نسبت سان آهي، جو هُوءَ پاڪستان ۾ اهي رضاڪاراڻيُون خدتُون انجام ڏئي چڪي آهي، جيئن مٿي ذڪر ڪري آيم ته هُن مُلتان ۾ نياڻين کي پاڙهڻ جو ڪم به ڪيو آهي. ”فرينڊس آف پاڪستان (يُو ايس اَي)“ جي فردن سان ڪچهريءَ دؤران گڏيل دلچسپيءَ جو موضُوعن تي اسان جي سير حاصل ڳالهه ٻولهه ٿي. اسان مان لڳ ڀڳ سڀني ڌار ڌار ”فرينڊس آف پاڪستان (يُو ايس اَي)“ جي ٽنهي ساٿين، ملارٽ، بارباره ۽ هُوٽس سان ڪچهري ڪئي. هنن اسان کان پاڪستان جي جاگرافيائي حُسناڪين، ثقافتي تنوّع، موجُوده تعليمي صُورتحال (مختلف صُوبن جي ڌار ڌار تعليمي صُورتحال)، سياسي ڀڃ ڊاهه، سماجي حوالي سان پاڪستان جي مُروّج توڙي بدلجندڙ قدرن جو احوال پڇيو. گڏوگڏ ويجھڙي ماضيءَ ۾ پاڪستان جن جن قدرتي آفتن کي مُنهن ڏنو آهي، خاص طور تي ٻوڏن ۽ برساتن جي صُورتحال، پاڪستان ۾ قدرتي آفتن کي مُنهن ڏيڻ جي حوالي سان انتظامن ۽ ان ۾ ميڊيا جي ڪردار جي حوالي سان سوال ڪيا ۽ اسان کان اسان جي شعبي ۾ خدمتُون انجام ڏيڻ جي ڏکيائين ۽ سهُولتن جي حوالي سان دريافت ڪيو. ساڳئي نموني سان اسان کانئن سندن پاڪستان ۾ رضاڪاراڻيُون خدمتُون انجام ڏيڻ جي تجربن، پاڪستان جي انهن جي نظر ۾ سُٺائين، اوڻائين، ترقيءَ جي موقعن ۽ اهڙن قدمن جي باري ۾ ديافت ڪيوسي، جن سان پاڪستان دنيا جي ترقي يافته مُلڪن جي ڊوڙ ۾ شامل ٿي سگھي ٿو. پاڪستان جي تعليمي نظام کي جيئن هُنن ڏٺو، ان نقطهء نظر کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي سي ۽ مُون ساڻن ڪيل گفتگُوءَ ۾ ان ڳالهه جو ڌيان سان مُشاهدو پئي ڪيو ته ڪٿي هنن جو روّيو پاڪستان ڏانهن رحم کائڻ جهڙو ته ناهي، ڇاڪاڻ ته ڪنهن جو ڪنهن قوم طرف (خاص طور تي اسان جهڙيءَ ڪنهن قوم جي طرف، جيڪا فقط پنهنجي افعالن ۽ اڳواڻيءَ / ليڊرشپ جي اڻاٺ سبب پوئتي پيل هجي) ڪهلَ کائڻ وارو روّيو، اُن سان ظلم ڪرڻ جي مُترادف هُوندو آهي، پر مُون ٽنهي ساٿين سان گفتگُوءَ جي دؤران هنن جي پاڪستان طرف روّيي کي ڏاڍو مُثبت ڄاتو ۽ کين پاڪستاني ماڻهن ۾ موجُود اُن ولولي جو شناس ڄاتو، جنهن کي بهتر رهنمائيءَ سان معاشري جي سُڌار لاءِ وڏي آسانيءَ سان استعمال ڪري سگھجي ٿو. ”فرينڊس آف پاڪستان (يُو ايس اَي)“ جي هنن ٽنهي ساٿين سان رهلو ڪري ڏاڍو مزو آيو ۽ هڪ ٻئي سان خيال ونڊيندي اندر کي سوجھرو مليو.

Wednesday, August 12, 2015

ڪينجهر تي گذاريل يادگار رات- منير نارائي

ڪينجهر تي گذاريل يادگار رات
منير نارائي
چنڊ ان رات اک ٻوٽ پئي ڪئي ۽ ڪينجهر جي کينچلين هوائن خمار پئي چاڙهيا. اها چانڊوڪي رات ڪيڏي نه مخمور هئي؛ يارن جي ساٿ جو خمار، چنڊ جو خمار ۽ کينچلين هوائن جي خمار سان گڏ، مڌ جو خمار. سچ پچ ته ڄڻ جيئري ئي جنت ۾ هجون. وري جو دوستن پاران ڪوٺايل راڳين، پنهنجا سُر وکيريا ته هوش حواس ئي اڏامي ويا. مڌر گيتن جو رس ڪنن ۾ اوتجڻ لڳو ۽ اسان ڄڻ ڪنهن خوابن جي نگريءَ ۾ پهچي ويا هجون. ائين ته هيو چوڏهين جو سڄو چنڊ، جڏهن ڪارن ڪڪرن جي اوٽ ۾ لڪي پئي ويو ته ائين پئي لڳو ڄڻ ڪا نئين نويلي ڪنوار پنهنجي محبوب کان شرمائي رئي جي ڪنڊ سان منهن لڪائي ڇڏيندي هجي. وري جڏهن ڪارن ڪڪرن جي اوٽ مان چنڊ جڏهن منهن پئي ڪڍيو ته ڪينجهر ڪنوار پئي لڳي، جيڪا چنڊ جي نور ۾ وهنجندي جرڪي رهي هئي. ائين پئي لڳو ڄڻ نور جا ڪرڻا ڪينجهر ۾ لهي آيا هجن، جن کي ڏسڻ سان روح تازو ٿي رهيو هو ۽ ڪينجهر جو پر نور نظارو اسان جي روحن کي ڌوئي اڇو اجرو ڪري رهيو هو. اسان ان ۾ پاڻ کي بلڪل هلڪو ڦلڪو محسوس ڪري رهيا رهيا هئاسين. وري چنڊ جي سامهون بيٺل ان وڻ جي ڇا ڳالهه ڪجي، جنهن سڄي رات چنڊ جي سامهون ويهڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. اهو ننڍڙو وڻ، جنهن مان چنڊ سڄي رات جهاتيون پئي پاتيون، ان بلڪل الف ليليٰ وارو تلسمي ماحول جوڙي رکيو هو. ڪاش اسان کي پر هجن ها ته سڄي رات ڪينجهر جي مٿان اڏامون ها.

اشتهارن ذريعي غريب بيروزگارن کي ڦُرڻ - الطاف شيخ

اشتهارن ذريعي غريب بيروزگارن کي ڦُرڻ
الطاف شيخ
اسانجي ڳوٺ جو ڊاڪٽر فرحان جيڪو ملائيشيا ۾ نوڪري جا سال سال جا ٻه ڪانٽرئڪٽ پورا ڪري ڳوٺ آيو آهي ۽ هاڻ مهيني ٻن کان هيڏانهن هوڏانهن نه فقط سنڌ ۾ پر دبئي، سعودي عرب، مالديپ ۽ ٻين ملڪن ۾ نوڪريءَ جي ڳولا لاءِ هٿ پير هڻي تنهن جو اوچتو فون آيو ۽ خوشخبري ٻڌايائين ته هن کي يورپ جي ملڪ ڊئنمارڪ ۾ نوڪري ملڻ جو آسرو ٿيو آهي.

Monday, August 03, 2015

مرچنٽ نيوي ۾ اچڻ جي صلاح نه ڏيندس - الطاف شيخ

مرچنٽ نيوي ۾ اچڻ جي صلاح نه ڏيندس....
الطاف شيخ
مختلف اخبارن ۾ مختلف تعليمي ادارن جا ڪورسن بابت ڪوڙا سچا اشتهار ايندا رهن ٿا ته ٽن يا ڇهن مهينن جو اليڪٽرڪ جو يا ريڊيو مڪينڪ جو ڪورس ڪري توهان پنهنجي توڙي ڌارئين ملڪن ۾ هيتري وڏي پگهار واري نوڪري حاصل ڪري سگهو ٿا. اهڙيءَ طرح هڪ GP3 ڪورس جو به اشتهار ايندو آهي ته ”ڇهن مهينن جو هي ڪورس ڪرڻ سان توهانکي جهاز تي هيڏي ڳري پگهار جي نوڪري ملي سگهي ٿي ۽ توهان جي محنت ڪندئو ته هڪ ڏينهن جهاز جا ڪئپٽن به ٿي ويندئو، جنهن جو مهيني جو پگهار چار کان ست لک رپين تائين آهي. ڪو به مئٽرڪ پاس هن ڪورس جي چاليهه هزار رپيا في ڏئي ڪري سگهي ٿو.“