Sunday, August 23, 2015

يُو ايس اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ۾ - ياسر قاضي

يُو ايس اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ۾
(پئسفڪ جي پاڙي ۾ قسط 25)
ياسر قاضي
جيڪڏهن اوهان هن سفر ۾ منهنجا مُستقل همسفر رهندا آيا آهيو ته اوهان بخُوبي واقف هُوندؤ ته گذريل هفتي واري ذڪر جي آخر تائين اسين امريڪا جي راڄڌانيءَ، واشنگٽن ڊِي سِيءَ ۾ پنهنجي ميزبان اداري (اِيسٽ ويسٽ سينٽر) جي واشنگٽن واري دفتر ۾ مانجھاندي جي مانيءَ دؤران هڪ پُرمغز بحث مباحثي کان پوءِ يُو ايس اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ رواني ٿيڻ لاءِ ڪوسٽر ۾ اچي ويٺا هُئاسُون. امريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ۾ اسان جي ٻن ٽن اهم ذميوارن سان تمام اهم نوعيت واري ملاقات ۽ ڪچهري ٿيڻ واري هُئي. يُو ايس اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ (جيڪو اعلى نوعيت جي رياستي معاملن بابت امريڪا جو هڪ اهم ۽ حساس ادارو آهي) ۾ اسان جي ميزبان (سُونهِي)، ”مسز اينِي سمپڪنز“ هُئي، جيڪا امريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ”بيُورو آف سائُوٿ اينڊ سينٽرل ايشين افيئرس“ جي آفيس آف پريس اينڊ پبلڪ ڊپلوميسي جي ”پاڪستان ڊيسڪ آفيسر فار پبلڪ ڊپلوميسي“ آهي. يُو ايس اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ بابت اوهان کي ٻُڌائيندو هلان ته امريڪي ڪانگريس تي امريڪي پرڏيهي پاليسِيءَ جي تحت آئيني ذميداريُون عائد ٿين ٿيُون. امريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ، اهڙن امريڪي پرڏيهي معاملن کي هلائڻ وارو اهم ترين ادارو آهي، جيڪو 27 جُولاءِ 1789ع تي قائم ٿيو، جنهن جو هيڊ ڪُوارٽر هن عمارت ۾ آهي، جنهن عمارت جو نالو ”هيرِي ايس ٽرُومين بلڊنگ“ آهي. هن اداري ۾ 13 هزار ملازم پرڏيهِي (فارين) سروس ۾ ۽ 11 هزار ملازم سِول سروس ۾ ڪم ڪن ٿا، جڏهن ته 45 هزار پرڏيهي (فارين) سروس جا مقامي ملازم به هتي نوڪري ڪن ٿا. امريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ساليانِي بجيٽ، 57.533 ارب ڊالر آهي. هيءَ آفيس، امريڪي سيڪريٽري توڙي ڊپٽي سيڪريٽري اسٽيٽ جي سيڪريٽيريٽ (سرڪاري دفتر) به آهي. امريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي مُک سرگرمين ۾، خطي ۾ امن ۽ استحڪام قائم ڪري، ملڪ کان ٻاهر مارڪيٽ جو قيام عمل ۾ آڻي، ملڪ اندر مُلازمت جا موقعا پيدا ڪري، ترقي پذير ملڪن جي بر آمد (ايڪسپورٽ) جي مد ۾ سگھه وڌائڻ توڙي اُتي سيڙهپ وڌائي، انهن مُلڪن کي پاڻ ڀرو ڪرڻ ۾ مدد ڪري، عالمي مسئلن (مثال طور: دهشتگردِيءَ، وچڙجندڙ بيمارين، ماحولياتِي گدلاڻ، منشيات جي ٽرئفڪنگ، انسانيت سوز ڏوهن ۽ نيُوڪليئر سملنگ وغيره) کي مُنهن ڏيڻ لاءِ سڄيءَ دُنيا جي قومن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري، دراصل امريڪي شهرين جي حقن جي حفاظت ڪرڻ شامل آهي.
امريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي عمارت ۾ داخل ٿيڻ جا هڪ کان وڌيڪ رستا آهن، پر اسان کي ”سِي“ (C) اسٽرِيٽ واري رستي کان داخل ٿيڻو هو. جمعي، 4 اپريل 2014ع جو اهو سُهڻو جھُڙالو ڏينهن هو، جنهن هر طرف بهار جي آمد جو اعلان پئي ڪيو ۽ ”چيري بلاسم“ کي ڀليڪار پئي ڪيو. ان جھُڙ ۾ آئُوٽ ڊور تصوِيرُون به ڪمال پئي آيُون. اڳ ۾ به ٻُڌائي چُڪم ته اهو امريڪين لاءِ ته بهار هو، پر اسان لاءِ پاڪستاني سياري کان به الاهي وڌيڪ ٿڌ وارِي موسم هئي. اسان ”سِي“ اسٽرِيٽ واري امريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ واريءَ بلڊنگ (”هيرِي ايس ٽرُومين بلڊنگ“) گيٽ جي پارڪنگ ۾ ڪوسٽر تان لڳ ڀڳ 12:45 لڳي لٿاسِين. اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جِي ڪرِيم ڪلر جي عمارت ۾ مُک دروازي کان اسان جي داخل ٿيڻ کان اڳ، وڏن ويڪرن روڊن تي پارڪ ٿيل اُوچيُن (مهانگين) گاڏين پنهنجيءَ چمڪ دمڪ توڙي دٻدٻي سبب سڀني جو ڌيان پئي ڇڪايو. عمارت ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ، ههڙِيءَ جُهڙالي مند ۾ هن عمارت جي دلفريب منظر سان ڪنهن به بيهي فوٽو ڪڍرائڻ جو چانس وڃائڻ ڪونه چاهيو. توڙي جو مائي اينان (مسز اين هارٽمين) جُون رڙيُون هر ڪنهن پئي ٻُڌيُون، ته: ”دير پئي ٿئي...  جڏهن اندران ٻاهر نڪرُون ته پوءِ ڀل پيا فوٽُو ڪڍائجو!“ پر تنهن جي باوجُود به هر ڪنهن مختلف اينگلز کان بيهي مڙئي ڪُجهه فوٽو ڪڍرايا. مک عمارت ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ اسين سخت اسڪريننگ ڪندڙ اسڪينرز مان گذرندي، تفصيلي چيڪنگ کان پوءِ هڪ وڏي هال ۾ پهتاسِين، جيڪا امريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي استقباليه هُئي، جنهن جي رسيپشن (استقباليه) ڪائُونٽرز توڙي ان جي داخلي شيشي وارن دروازن تي امريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جو مشهُور ۽ مخصُوص لوگو (مونوگرام) ٺهيل هو. اسين سڀ قطار ۾ بيهي وارَي وارَي سان استقباليه ڪائُونٽر تي پنهنجا پنهنجا پاسپورٽ ڏيندا رهياسيِن، جتي اسان جي پاسپورٽس جي مُک صفحي جو اسڪينر رستي عڪس جھٽي، اسان جي سُڃاڻپ جي تصديق ڪري، اسان کي ”وزِيٽر“ (مهمان) وارا ڪارڊ اِشُو پئي ٿيا ۽ هُنن پنهنجي پر ۾ سيڪيورٽيءَ خاطر، ان ڳالهه جي تسلي پئي ڪئي ته اهي ئي ماڻهُو عمارت اندر داخل ٿي رهيا آهن، جن جي هن عمارت ۾ داخلا لاءِ اجازت ورتل آهي. هن قسم جي ادارن ۾ داخلا لاءِ اسان کي اڳواٽ پنهنجِي فوٽو آءِ ڊِيءَ طور پنهنجا پاسپورٽ ساڻ رکڻ لاءِ هدايت مليل هُوندي هُئِي، جنهن کان سواءِ سيڪيورٽِيءَ جُون رسمُون پُوريُون ڪونه ٿي سگھنديُون هيُون.
اسان مان جنهن جنهن جي اسڪريننگ ٿيندي ٿي وئِي، اُهو، هن هال جي رُڪاوٽ ڏنل سيڪيورٽي ايريا جي پرئين پار ڪراس ٿيندو ٿي ويو، جتي اسان جي استقبال لاءِ اسان جِي سُونهِيءَ، ”اينِي سمپڪنز“ اسان جو انتظار پئي ڪيو. اينِي، ڊگھي قد ۽ ڀريل بُت واري گھٽ مُرڪندڙ، 45 هارو سالن کن جي ڊپلوميٽ هُئي، جيڪا پنهنجي مخصُوص ڊپلوميٽڪ خول ۾ ٿي نظر آئي ۽ ٻين امريڪين جي ڀيٽ ۾ گھٽ ملنسار ۽ گھٽ کلمُک آهي. اسان مان جيسين سڀني جي سيڪيورٽي ڪليئرنس ڪانه ٿي، تيسين، مائيءَ اسان سڀني سان گڏ انتظار پئي ڪيو. جڏهن سمُورن جِي سيڪيورٽي ڪليئرنس ٿي وئي، ته پوءِ مائي اينِي اڳيان هلي اسان جِي سُونهِي بڻي، مائي اينان ان جي پويان هلڻ لڳي اسان جو باقي گرُوپ هنن جي نقشي قدم تي هلندي، هن اهم اداري جي عمارت جا ڪاريڊور ۽ گھٽيُون لتارڻ لڳو. يعني اڳيان ايني...  پويان اينان...  جن جي پويان اسين سڀ...  اسان کي هن عمارت جي ”ايڇ ايس ٽِي رُوم نمبر 1860“ تائين پهچڻو هو، جتي اسان جُون مختلف ڊپلوميٽس سان گڏجاڻيُون رکيل هيُون. اسان تيز رفتاريءَ سان عمارت جا مختلف ڪارريڊور لتاڙيندا رهياسِين. هڪ انتهائي تيز ۽ مصرُوف زندگيءَ جو ڪاروهنوار هن عمارت اندر نظر آيو. لڳ ڀڳ هر شخص ”فارمل لباس“ (سُوٽ) ۾ نظر آيو...  ڪو ڪنهن ڪمري مان ٿي نڪتو...  ته ڪو ڪنهن آفيس ۾ پئي داخل ٿيو...  گھٽين ۾ بُوٽن جِي ”ٺڪ...  ٺڪ... “ جا آوازَ...  زندگيءَ جو تحرُڪ...  سرگرميءَ جي رفتار ايڏي تيز جو ڪراچيءَ واري زندگي (جنهن کي اسين پاڪستان جي تيز رفتار ترين، بلڪه ”مشيني زندگي“ چوندا آهيون) هن جي آڏو انتهائي سُست رفتار محسُوس ٿي. اسين پنهنجي گُھربل ڪمري ۾ رسيپشن کان لڳ ڀڳ 10 منٽن ۾ پهتاسِين. ان ميِٽنگ رُوم کان اڳ هڪ ننڍڙو ”پئسيج“ (ڪمري جو ٽڪرو) هو، جنهن جي هڪ پاسي ڀت ۾ ننڍا ننڍا لاڪرز لڳل هُئا، جن ۾ اسان کي پنهنجا موبائيل فونز، ڪئميرائُون ۽ رڪارڊرس وغيره رکڻ لاءِ چيو ويو، ته جيئن اسان هتي جن جن ڊپلوميٽس سان ملي رهيا آهيُون، انهن جي گفتگُو رڪارڊ نه ڪري سگھُون ۽ نه ئي سندن فوٽو ڪڍي سگھُون. ان سان گڏوگڏ هن سفر دؤران هر گڏجاڻِيءَ (مِيٽنگ) ۾ جنهن جنهن سان مِلجي پيو، ان ان کان هر ڳالهه ٻولهه کان اڳ اهو پڇڻ به ضرُوري پيو هُجي ته ”اها ڳالهه ٻولهه آن دِي رڪارڊ آهي يا آف دِي رڪارڊ!!“ هُونءَ ته گھڻين گڏجاڻين لاءِ اهڙي نشاندهي اسان جي ڇپيل پروگرام (سٽاءَ) ۾ ئي ٿيل هُئي، پر جن جن مِيٽنگس بابت اهڙي نشاندهي نه هئي ٿيل، ته انهن بابت اسان هر مييٽنگ کان اڳ ۾ اُن شخصيت کان پڇيوسي ٿي، اهو ان لاءِ ته ڇا اسان هن سفر کان پوءِ وارين ڇپجندڙ/ نشر ٿيندڙ رپورٽس ۾ ان گفتگُوءَ جو ذڪر ڪري سگھُون ٿا يا نه! جيڪڏهن ڪنهن پاران ڪنهن به گفتگُوءَ کي ”آف دِي رڪارڊ“ رکڻ لاءِ چيو ٿي ويو، ته اسِين يقيناً اهڙِيءَ ڳالهه ٻولهه کي آف دِي رڪارڊ رکڻ لاءِ اخلاقي طور پابند آهيُون.
اسان اُن پئسيج ۾ لڳل لاڪرز ۾ پنهنجو رڪارڊنگ توڙي فوٽوگرافيءَ جو سامان رکي، اندر مِيٽنگ هال ۾ اچي ويٺاسُون. اسان جي پهرين گڏجاڻي، ٺيڪ هڪ لڳي، جڳ مشهُور ۽ انتهائي تجربيڪار امريڪي صحافِيءَ ۽ يُو ايس اسٽيٽس ڊپارٽمينٽ جي پبلڪ افيئرس لاءِ اسسٽنٽ سيڪريٽري آف اسٽيٽس، ”مسٽر ڊُوگلس فرينٽز“ سان ٿيڻ وارِي هُئِي، جيڪو هينئر ته کڻي هڪ اسٽيٽس مين آهي، پر بنيادي طور هُو اسان جو ”پَٽي ڀائي“ (صحافي) آهي. سيپٽمبر 2013ع ۾ امريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري ڪرڻ کان اڳ ڊُوگلس، 35 سال اخباري رپورٽر توڙي ايڊيٽر طور پنهنجي زندگيءَ جو گھڻو تڻو حصّو خدمتُون انجام ڏيندو رهيو. يعني سندس صحافتي خدمتُون فيلڊ توڙي ڊيسڪ ٻنهي حوالن سان ڳڻڻ جوڳيُون رهيُون آهن. امريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ۾ هن اسسٽنٽ سيڪريٽري آف اسٽيٽس طور پنهنجيُون خدمتُون انجام ڏيڻ کان اڳ، ان وقت جي سينيٽر (۽ اڄوڪي امريڪي سيڪريٽري اسٽيٽ)، ”جان ايف ڪيرِيءَ“ جي ڊپٽي اسٽاف ڊائريڪٽر ۽ ”سينيٽ فارين رليشنز ڪميٽيءَ“ جي انويسٽيگيٽر طور به ڪم ڪيو. ”ڊُوگلس فرينٽز“ اخباري رپورٽر طور 40 مُلڪن ۾ ڪم ڪيو ۽ پهرين خليجي جنگ کان افغان جنگ تائين هر جنگي تحريڪ ۽ ڦڏي کي ڪَور ڪندي اُن جِي رپورٽنگ ڪئي. ڊُوگلس، امريڪا جي مشهُور (۽ مجمُوعي طور، جڳ مشهُور اخبار)، ”دِي واشنگٽن پوسٽ“ جي ”نيشنل سيڪيورٽي ايڊيٽر“ (قومي سلامتيءَ جي ايڊيٽر)، ”لاس اينجلس ٽائيمز“ جي مينيجنگ ايڊيٽر ۽ ”دِي نيُويارڪ ٽائيمز“ جي ”انويسٽيگيشن ايڊيٽر“ طور پڻ ڪم ڪيو. هُن ”دِي نيُويارڪ ٽائيمز“ جي استنبول (تُرڪِيءَ) لاءِ بيُوروچيف جي حيثيت ۾ به ڪم ڪيو ۽ اُتي رهندي هُن ”نائِين ـ اليون“ کان پوءِ تُرڪيءَ ۾ پيدا ٿيندڙ صُورتحال (”نائين ـ اليون“ جي اثرن) جي ڪامياب ڪوريج تي انتهائي اهم ”پُلٽزر ايوارڊ“ جي حاصلات ۾ ڀاڱي ڀائيواري به ٿيو. ”ڊُوگلس فرينٽز“ 10 جي لڳ ڀڳ نان فڪشن ڪتابن جو مصنف پڻ آهي. هُن ”ڊِي پا يُونيورسٽِي، گرين ڪيسل انڊيانا، امريڪا“ مان بِي اي ۽ ”ڪولمبيا يُونيورسٽي، نيُويارڪ“ مان ايم ايس ڪئِي.
اڄ ”ڊُوگلس فرينٽز“ کي ”پاڪستان ۽ افغانستان ۾ امريڪي پرڏيهي پاليسيءَ“ بابت اسان سان ڪچهري ڪرڻي هُئِي. اسين سڀ نشست نشين ٿي چُڪا هُئاسِين، ته ڊُوگلس آيو ۽ بنا ڪنهن اسٽيٽس مين واري رعب ۽ دٻدٻي جي اسان سڀني کي مُرڪي ڀليڪار ڪيائين ۽ اچڻ سان اهو اظهاريائين ته: ”مان به ڄائُو ڄمائُو صحافي آهيان ۽ اوهان سڀني صحافين کي پاڻ سان گڏ ڏسِي ۽ پنهنجو پاڻ کي اوهان جي وچ ۾ پَسِي خوشي محسُوس ڪري رهيو آهيان.“ اسان جي اها خواهش هُئي ته ڊُوگلس جهڙي هيڏي تجربيڪار صحافيءَ سان ڪنهن اهڙي غيرسرڪاري موضُوع تي ڳالهه ٻولهه ٿئي ها، جنهن ۾ هُو اسان سان پنهنجا صحافتي تجربا ونڊي ها ته مزو اچي وڃي ها، پر ظلم اهو هو ته ڊُوگلس اسان سان ڪنهن صحافيءَ نه پر هڪ اسٽيٽس مين جي حيثيت سان ملي رهيو هو، تنهن ڪري کيس امريڪي پاليسيءَ تي ئي ڳالهائڻو هو. امريڪا جي پاڪستان ۽ افغانستان بابت پاليسي ڇا آهي، اها ته ٻچي ٻچي کي خبر آهي، پر هتي ڊُوگلس کي ان ئي پاليسيءَ جو امريڪي نقطهء نظر ئي پيش ڪرڻو هو، سو هُن ڪيو. مُون ڊُوگلس جي ڳالهه ٻولهه ۾ لفظن جي اوٽ مان جھاتيُون پائيندڙ صحافيءَ کي پئي ڳولهيو، جنهن جي رپورٽرس جيڪيٽ جي مٿان ”ڊپلوميٽڪ فُل سُوٽ“ پاتل ڪامورو مُنهنجي من کي آئڙيو ڪونه پئي! بهرحال، وقت جي ڪميءَ سبب اسان جي سوالن جوابن کي مُؤخر ڪيو ويو، پر اسان ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ڊُوگلس جي گفتگُوءَ مان وچان وَجُهه ڪڍي، پنهنجا خيال هن تائين پهچايا ۽ کيس ٻُڌايوسُون ته پاڪستان ۽ افغانستان بابت امريڪي پاليسيءَ ۾ ڪٿي ڪٿي تبديليءَ ۽ ڪٿي ڪٿي وري سوچڻ جِي ضرُورت آهي، جيتوڻيڪ ”اينِي سمپڪنز“ توڙي اين هارٽمين اسان کي سوال نه ڪرڻ جا اشارا پئي ڪيا، پر اسان ته ڳالهه ٻولهه ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ پنهنجا رايا پئي ڏنا ۽ پنهنجا خيال پئي ونڊيا. ايئن ڪرڻ هُونءَ ته بظاهر محفل جي آداب جي خلاف ورزي هو (هجي ها) پر اسان کي پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ شامل ٿيڻ جو اهڙو بُل، پاڻ ڊُوگلس پئي ڏنو، ته اسان ان موقعي جو فائدو پئي ورتو. مثال طور: جتي ڊُوگلس ڪابه ڳالهه پُوري ڪري اسان کان ٿي پڇيو ته ”ويل! واٽ ڊُويُو ٿنڪ... ؟“ ته پوءِ اسِين کيس ڇونه ٻُڌايُون ته اسان ڇا ٿا ٿنڪ ڪريُون!
بهرحال! ڊُوگلس سان اسان جو اهو 35، 40 منٽن جي لڳ ڀڳ جو سيشن ڀرپُور رهيو. ويندي ويندي مُون کيس چيو ته: ”منهنجي خواهش هئي ته اوهان سان هڪ تفصيلي جرنلسٽڪ سيشن ڪجي ها، ته جيئن اسان مان ۽ اوهان جي تجربن مان ڪُجهه پِرايُون ها!“ مُرڪي ايترو چيائين: ”هوپ ٽُو سِي يُو اگين!“ (اميد آهي ته ٻيهر مُلاقات ٿيندِي)
”ڊُوگلس فرينٽز“ لڳ ڀڳ 1:45 لڳي هال مان ويو ۽ ان کان 5، 10 منٽن کان پوءِ اسان جو ان ئي هال ۾ ٻيو سيشن ”ايمبريسيڊر، اَي ايلزبيٿ جانز (مسز)“ سان ٿيڻ وارو هو، جنهن جي اچڻ ۾ اڃا ڪجهه منٽ هُئا. تيسِين اينِيءَ اسان کي چانهه وغيره کڻڻ جي صلاح ڪئي. اُن مِيٽنگ هال جي هڪ ڀت سان هڪ ٽيبل تي پيئڻ جي سادي پاڻيءَ سان گڏ چانهه توڙي ڪافيءَ جو سامان رکيل هو (جِيئن هونولُولُو ۾ اِيسٽ ويسٽ سينٽر ۾ رکيل هُوندو هو)، ته جيئن جنهن کي به جنهن به وقت چانهه يا ڪافِيءَ جي طلب ٿئي، ته هُو پاڻ چانهه يا ڪافي ٺاهي وري اچي جاءِ تي ويهي نوش ڪري. واشنگٽن ۾ اهڙو انتظام ٿيل هُجڻ تمام وڏي ڳالهه هُئي، ڇاڪاڻ ته هتي مهمانن جي تواضح ڪرڻ جو رواج بنهه ناهي. يعني اوهان واشنگٽن، نيُويارڪ، شڪاگو سميت اڪيچار امريڪي رياستن ۾ ويندا ته اُتي اوهان جي پاڪستان وانگر کائڻ پيئڻ جي حوالي سان ڪابه تواضح ڪانه ڪئِي ويندي. ايئن چوان ته وڌاءُ ڪونه ٿيندو ته هتي کارائڻ پيئارڻ مهمان نوازِيءَ جو معيار آهي ئي ڪونه! اوهان جي اهو ٿا پُڇڻ چاهيو ته هتي مهمان نوازِيءَ جو معيار ڇا آهي؟ ته شايد ان جو صحيح جواب هُوندو: ”مهمان کي پُورِيءَ طرح اٽينڊ ڪرڻ، کيس ٽائيم ڏيڻ ۽ سندس ڪم ڪرڻ!“اسان کي واشنگٽن ۽ نيُويارڪ جي اهڙن روّين بابت به ايئن ئي آگاهه ڪيو ويو هو، جيئن ”اميريڪن ايئرلائينز“ جي عدم مهمان نوازِيءَ بابت اڳواٽ ئي انتباهه ڏنو ويو هو. اهڙيءَ خبرداريءَ باوجُود امريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ۾ اسان جي تواضح جو اهتمام اسان لاءِ حيرت انگيز هو. اسان مان جن جن کي چانهه جِي طلب هُئي، اُنهن انهن پنهنجي چانهه ٺاهي پنهنجيءَ پنهنجيءَ نشست تي اچي سِپ ڪرڻ شرُوع ڪئي ۽ ايندڙ مهمان لاءِ سوال لکڻ شرُوع ڪيا. صحافِيءَ جو ڪم آهي سُوال ڪرڻ...  سو اُهو ته پنهنجي عادت کان مُڙندو ڪونه! توڙي جو کيس منع ڪيو وڃي ته فلاڻي کان سُوال ناهي ڪرڻو، پر پوءِ به هُو سوال ڪرڻ جي حوالي سان پنهنجِي تيارِي پُورِي رکندو. اسان کي به مائِي اينِي سمپڪنز جھليو ته ايمبيسڊر کان سوال نه ڪجو! پر اسان پنهنجِي تيارِي پُورِي رکي.
مُون به اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي چاڪليٽي رنگ جي پلاسٽڪ جي ڊسپوزيبل (استعمال کان پوءِ ضايع ڪرڻ واري) مگ ۾ چانهه ٺاهي پنهنجي سِيٽ تي اچي ويهِي اُها سِپ ڪرڻ شرُوع ڪئِي ۽ چانهه سِپ ڪندي، مائِي اَي ايلزبيٿ جانز جي اچڻ کان اڳ سندس مختصر تعارف تي نظر وِڌم.
ايمبيسڊر اَي ايلزبيٿ جانز (جيڪا ”بيٿ جونز“ جي نالي سان مشهُور آهي)، امريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ۾ افغانستان ۽ پاڪستان لاءِ ”ڊپٽي اسپيشل ريپريزنٽيٽِو“ (نائب نمائندهء خاص) آهي. 1948ع ۾ ڄايل، بيٿ جونز 1970ع ۾ ”سواٿمور ڪاليج“، پينسلوينيا، فلاڊيلفيا مان تاريخ ۾ بِي اي جِي ڊگري ماڻي، 1986ع ۾ ”بوسٽن يُونيورسٽيءَ“ مان بين الاقوامي تعلقات / اسٽريٽيجڪ اسٽيڊيز ۾ ايم اي جي ڊگري ورتِي. بيٿ، انگريزِيءَ سان گڏ جرمن ۽ رُوسِي زبانُون به عُمدگيءَ سان ڳالهائي سگھي ٿِي. هُوءَ امريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ۾ افغانستان ۽ پاڪستان لاءِ ”ڊپٽي اسپيشل ريپريزنٽيٽِو“ (نائب نمائندهء خاص) طور جنوري 2014ع کان پنهنجيُون خدمتُون انجام ڏئي رهي آهي. ان کان اڳ هُوءَ 2012ع کان اوڀر ۽ ڀرپاسي (نِيئر اِيسٽ) جي قائم مقام نائب سيڪريٽري آف اسٽيٽ طور ڪم ڪري چُڪي آهي. جڏهن ته هُوءَ پنهنجي موجُوده عهدي (پاڪستان ۽ افغانستان لاءِ ڊپٽي اسپيشل ريپريزنٽيٽِو ـ نائب نمائندهء خاص) طور اڳ ۾ به ڪم ڪري چُڪي آهي. بيٿ، پنهنجي حياتيءَ جا 35 قيمتي ورهيه فارين سروس ۾ گذاريا ۽ فارين سروس ڪيريئر جي سڀني کان وڏي عهدي، ”سفير“ (ايمبيسيڊر) تائين پهتِي. هن 2011ع ۾ امريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ کي پنهنجيُون صلاحيتُون آڇڻ کان اڳ واشنگٽن ۾ قائم هڪ ڪنسلٽنگ فرم ۾ پڻ 6 مهينن تائين ڪم ڪيو. ايمبيسڊر ايلزبيٿ جانز، يورپ ۽ يوريشيا لاءِ 2001ع کان 2005ع تائين، چئن سالن لاءِ نائب سيڪريٽري آف دِي اسٽيٽ طور، 1995 کان 1998ع تائين، لڳ ڀڳ 3 سال قازڪستان ۾ امريڪي سفير طور ۽ 2000ع کان 2001ع تائين، هڪ سال ”ڪيسپيَن اينرجي ڊپلوميسيءَ“ جي خاص صلاحڪار (اسپيشل ايڊوائيزر) طور پنهنجيُون ذميواريُون انجام ڏنيُون. سندس ٻين اهم ذميوارين ۾ اوڀر ۽ ڀرپاسي (نِيئر اِيسٽ) جي ”پرنسپل ڊپٽي اسسٽنٽ سيڪريٽري“، بون ۽ اسلام آباد (پاڪستان) ۾ يُو ايس سفارتخانن اندر ڪم ڪندڙ مَشن ۾ ڊپٽِي چيف، اڳُوڻي سيڪريٽري آف اسٽيٽ، ”وارن ڪرسٽوفر“ جي ايگزيڪٽِو اسسٽنٽ طور ادا ڪيل ذميواريُون ذڪر جوڳيُون آهن. ايمبيسڊر بيٿ جانز، ڪابُل، قاهره، عُمان، بغداد ۽ برلن ۾ پڻ پنهنجيُون سفارتي ذميواريُون نڀايُون آهن.
مُون اڃا ايلزبيٿ جانز جي ان تعارف کي ڏسي، سندس اڻ کٽ سفارتي خدمتن تي سوچيو ئي پئي ته پاڪستان جي عُمر کان هڪ سال ننڍِي بيٿ جانز، مِيٽنگ هال ۾ داخل ٿي ۽ اسان جي مِيٽنگ ٽيبل جي وچ وارِيءَ نشست تي اچي ويٺِي. بيٿ به اسان سان اُن ساڳئي ئي موضُوع (پاڪستان ۽ افغانستان جي حوالي سان امريڪي پرڏيهِي پاليسيءَ) تي پنهنجا وِيچار ونڊيا. ايمبيسيڊر بيٿ اسان کي تمام گھٽ وقت ڏنو. سندس گفتگُو مجمُوعي طور تي 20  کان 25 منٽن جي اندر هُئي. وٽس ٽائيم جِي اڻاٺ سبب توڙي اسان جي صحافتي ڏرَ سبب هُن پاران (هُن جِي موجُودگيءَ ۾ اينِيءَ پاران) اسان کي ڪوبه سوال ڪرڻ جي اجازت نه ڏنِي وئِي. مُون اِشُوءَ کي ٺُونٺ هڻندي چيو ته ڊُوگلس، صحافي هو، تنهن ڪري سُوالن جا جواب ڏيڻ کان ڪونه ٿي ڊنو، ڇاڪاڻ ته هُن سڄِي عمر سياستدانن ۽ ڊپلوميٽس کان سوال ڪندي گذارِي هُوندِي، جڏهن ته هيءَ مائِي سڄِي عُمر فارين سروس ۾ رهي آ، تنهن ڪري ڊڄندِي هُوندي ته اسين کريل پاڪستاني صحافي کانئس سوال ڪري پنهنجِي ڄڀ سان کيس ڪا نائي نه ڪري وجھُون. بيٿ پنهنجيُون نوٽس ورتل ڳالهيُون ٻُڌائي هلِي وئِي ۽ اسين به مِيٽنگ هال مان اُٿِي، پنهنجا ڪن ڇنڊي، ڀر واري پئسيج مان پنهنجيُون موبائيل فونز ۽ ڪئميرائُون وغيره کڻي مائِي اينِيءَ جي سرواڻيءَ ۾ ورِي ساڳيا ڪاريڊور لتاڙيِندا لڳ ڀڳ 2:30 لڳي امريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي مُک داخلي دروازي (جتان ٿوري دير اڳ اسين داخل ٿيا هُئاسُون) وٽ پهچي، ڀت ۾ لڳل گهڻ مُلڪي رنگ برنگن جھنڊن سان گرُوپ فوٽو ڪڍرائي، داخلي دروازي جي ڀر ۾ ئي واقع خارجي دورازي کان ٻاهر نڪري، اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي تاريخي بلڊنگ سان پنهنجيُون تصويرُون ڪڍرائڻ لڳاسين. هتان کان اسان کي امريڪي عوام جي سهڪار سان دُنيا ڀر جي، ترقيءَ طرف اُسرندڙ مُلڪن جي امداد لاءِ قائم ڪيل اداري ”يُو ايس ايڊ“ جي صدر دفتر روانو ٿيڻو آهي. ڪوسٽر ۾ اسان کي سوار ڪرڻ لاءِ اسان جِي مُستقل گائِيڊ (سفر جِي سُونهِيءَ) مائِي اينان (مسز اين هارٽمين) جُون ساڳيُون رڙيُون آهن ۽ اسان جي ساڳئي دير...

ايندڙ هفتي اڳتي جو سفر ڪنداسُون.

No comments:

Post a Comment