Saturday, April 16, 2016

”سِٽي آف بنارس“ جهاز جو حادثو - الطاف شيخ

”سِٽي آف بنارس“ جهاز جو حادثو
الطاف شيخ
هوائي جهازن جا گهڻو ڪري نالا نه ٿين پر پاڻي وارن جهازن.... يعني بحري جهازن تي نالا رکيا وڃن ٿا. پوءِ ڪي جهاز ٻڏيو وڃن، ويهه پنجويهه سال کن سمنڊ تي هلي هلي پوڙها ٿيو وڃن ان بعدانهن کي وڍي ڪٽي، منجھائن نڪتل لوهه، ڪاٺ ۽ ٻين شين کي شهر جي ردي مارڪيٽ ۾ اسڪريپ طور وڪيو وڃي ٿو.... اهڙا جهاز ڪڏهن ٺهيا ڪڏهن پنهنجو وجود وڃائي ويٺا، ڪجهه ڏينهن يا وڌ ۾ وڌ ڪجهه هفتن بعد هر هڪ جي دل تان ميسارجيو وڃن. پر گتاريخ ۾ ڪي ڪي اهڙا جهاز آهن جيڪي ڪن اهم ۽ منفرد قسمن جي حادثن ڪري يا خاص قسم جو سامان کڻڻ ڪري يا ڪنهن اهم دور ۾ ڪو اهم ڪارنامو سرانجام ڏيڻ ڪري هميشه هميشه ماڻهن جي دلين تي جُڙيا رهن ٿا. مثال طور اسان جي ملڪ جا پوڙها هميشه سفينه حجاج جهاز جي ڳالهه ڪندا آهن جيڪو جهاز ڪيترائي سالَ پاڪستان جا ماڻهو تمام گهٽ ڀاڙي (فقط 115 رپيا) تي ڪراچي کان جدي ۽ جدي کان واپس ڪراچي آڻيندو رهيو. حاجي پاڻ سان رڌ پچاءَ جو سامان، اٽو، چانور ۽ ٿانوَ ٿپا پڻ پاڻ سان کڻي ويندا هئا جو انهن ڏينهن ۾ حج لاءِ ٽي مهينا لڳندا هئا. هفتو وڃڻ ۾ هفتو اچڻ ۾ ۽ اڍائي مهينا اتي رهڻ لاءِ ملندا هئا. هاڻ هوائي جهاز ۾ وڃڻ وارا مهينو کن مس ٿا رهن. سفينه جاج بعد سفينه عرب، سفينه مراد ۽ شمس نالي پئسينجر جهاز به هليا پر اهي ننڍا هئا ۽ اند وران فيول (ٻارڻ جو تيل) ۽ ٻيا خرچَ ايترو ته وڌي ويا جو حڪومت جي سبسڊي جي باوجود جهاز هلي نه سگهيا ۽ هاڻ اسانجي ملڪ جا حاجي فقط باءِ ايئر وڃن ٿا.

بنارس تي لکيل انيڪ ڪِتابَ - الطاف شيخ

بنارس تي لکيل انيڪ ڪِتابَ..
الطاف شيخ
هن کان اڳ بنارس بابت ڪِتابن، ڪهاڻين ۽ بالي ووڊ جي هندي فلمن ۽ گانن جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين. ”بنارس“ نالي واري هڪ گانن سان ڀرپور 2009ع جي مليالم زبان جي پڻ فلم آهي. تامل، تيلگو ۽ ڪنهڙ وانگر مليالم پڻ ڏکڻ هندستان جي عام ٻولي آهي. انگريز راڄ ۾ جڏهن انڊيا ۽ عدن کان وٺي سري لنڪا ۽ برما تائين ۽ ملايا (ملائيشيا) کان هانگ ڪانگ تائين برطانيه جي حڪومت هئي ته ان وقت نوڪرين، پورهئي يا واپار لاءِ جيڪي ننڍي کنڊ جا ماڻهو ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ آيا انهن ۾ گهڻائي ڏکڻ هندستان جي ماڻهن جي هئي. ان ڪري اڄ به انهن ملڪن ۾ اڙدو يا هندي کان وڌيڪَ تامل ۽ ٻئي نمبر تي مليالم هلي ٿي. سنگاپور جي ته انگريزي، ملئي ۽ چيني زبان سان گڏ چوٿين تامل زبان به قومي زبان قرار ڏنل آهي. ملائيشيا جي قومي زبان ملئي آهي پر پڙهائي لاءِ انگريزي استعمال ٿئي ٿي ۽  اتي به سنگاپور وانگر هر شاگرد کي مئٽرڪ تائين آپشنل سبجيڪٽ ۾ تامل ۽ چيني مان هڪ کڻڻو پوي ٿو. شروع کان گهٽ ۾ گهٽ جڏهن کان منهنجو انهن ملڪن ڏي 1968ع کان وڃڻ شروع ٿيو آهي. سنگاپور ۽ ملائيشيا جي هڪ ٻن سئنيما هالن ۾ ننڍي کنڊ جون فلمون ڏيکاريون وڃن ٿيون. هندي، پنجابي يا بنگالي ڪڏهن ڪڏهن چڙهن ٿيون نه ته فقط تامل يا مليالم هلن. گذريل سڄو مهينو ملائيشيا ۾ هوس پر رڳو مٿين ٻولين جون يعني سائوٿ انڊين فلمون هلنديون رهيون.

Friday, April 08, 2016

لاڙ جي لعل سمن سرڪار جي مزار تي حاضري - محمد سليمان وساڻ

لاڙ جي لعل سمن سرڪار جي مزار تي حاضري
محمد سليمان وساڻ
ننڍي هوندي کان ريڊيي تي مائيءَ ڀاڳيءَ جو ڳايل ڪلام سمن سائين مان ته گولي غلام تنهنجي در جي ٻڌندا پيا اچون. ڪلام جي پسمنظر کان اڻ واقف. سمن سرڪار جي روزي ڏسڻ جي طلب رهي. پر ان طرف ڪڏهن وڃڻ ئي نه ٿيو. پنگريي ويجهو سمن سرڪار جو روزو ايئن لڳندو آهي ته ڄڻ اهو سنڌ جي سرحد تي واقع هجي. اهو علائقو ڪُنڊائتو آهي ۽ گهڻو ڪري اسان اتر سنڌ وارن جي اچ وڃ کان گهڻو ڏور آهي. ملڪاڻيءَ کانپوءَ واريءَ جون ڀٽون شروع ٿي وڃن. پر جڏهن کان ملڪاڻي جي ڊاڪٽر عبدالحفيظ لغاريءَ سان دوستي ٿي تڏهن کان ان پاسي ٻه دفعا وڃڻ ٿيو آهي. حفيظ ڪيميسٽري ۾ پي ايڇ ڊي آهي ۽ ڪراچيءَ جي پي سي ايس آءِ آر ليبارٽري ۾ سائنٽيفڪ آفيسر آهي. پهريون ڏينهن جڏهن پنهنجي نوڪري تي آيو ته ڪراچيءَ ۾ رهائش لاءِ پريشان هيو ۽ اتفاق سان سچل ڳوٺ اسانجي غريباڻي تڏي تي پنهنجي استاد ڊاڪٽر شهاب ميمڻ جي واسطي سان آيو ۽ پوءِ جيسين رهائش جو مسئلو حل ٿئيس اسان وٽ ئي رهي پيو. اهو ڏينهن ۽ اڄوڪو ڏينهن حفيظ سان دل لڳي ٿي وئي. هن سان ڀائرن جهڙي دوستي آهي. پاڻ به مکڻ ماڻهو آهي. گذريل دفعي سندس ڀاءُ جي شادي هئي ته اسان ان ۾ شريڪ ٿيڻ ملڪاڻي ويا هئاسين. رات به رهيا هياسين، ڇو ته سندس والد جا به اسان سان سٺا واسطا ٿي ويا آهن ۽ ڪراچي ته ڇا هو اسان جي ڳوٺ به ايندو ويندو آهي. هن دفعي به مارچ مهيني ۾ حفيظ جي ٻن ڀائرن جي ملڪاڻيءَ ۾ شادي تقريب رٿيل هئي ۽ ان ۾ وڃڻو به ضرور هيو. فيصلو اهو ٿيو ته ڇنڇر ڏينهن 26 مارچ تي صبح جو نڪربو، رات ملڪاڻي ۾ رهبو ۽ ٻئي ڏينهن ناشتو ڪري نڪاح ۾ شريڪ ٿي ٽنڊي محمد خان وڃبو ۽ اتان حيدر آباد.

Monday, April 04, 2016

گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽر جو دؤرو - ياسر قاضي

گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽر جو دؤرو
ياسر قاضي
هن سفرنامي جي گذريل حصّي ۾ اسين دنيا جي اقتصادي گاديءَ واري هنڌ، نيُويارڪ ۾ گڏيل قومن جي پاڪستاني مشن جي دؤري ۽ گڏيل قومن ۾ پاڪستاني نمائندي (تڏهوڪي سفِير) مسعُود خان سان ڪچهري ڪرڻ کان پوءِ کان گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر طرف اُسهڻ لڳا هُئاسِين. ”گڏيل قومن“ (اقوامِ مُتحده) جي حوالي سان دنيا جي هر پڙهيل ڳڙهيل ٻار ٻچي کي به خبر آهي، بلڪ اسان مان لڳ ڀڳ هر ڪو گڏيل قومن جي ڪردار ۽ افاديت کان به ڀليءَ ڀَت واقف آهي. دنيا ۾ جتي به جنگ لڳي ٿي يا بدامنيءَ جي باهه ڀڙڪي ٿي، ته هر ڪنهن جُون نظروُن هن اداري طرف کڄن ٿيُون. ٿيڻ ته ايئن گھرجي ها ته هن اداري جي وجُود ۾ اچڻ کان پوءِ دنيا ۾ ڪٿي به بدامني نه رهي ها، پر ايئن سوچڻ وارو شايد احمقن جي جنت ۾ رهي ٿو، ڇاڪاڻ ته ”خلفشار“ هن جهان جي قديمي بلڪه اصلوڪي روايت آهي ۽ انسان اندر مُحبت جيان ويڙهه جو جذبو (جبلت) به اوتري ئي قديم آهي، جيترو پاڻ انسان! ان ڪري گڏيل قومن جهڙا ڏهه ادارا به قائم ٿي وڃن، پر دنيا مُڪمّل طور تي امن جو آماجگاهه بڻجي نه ٿي سگھي. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته ضرُوري ناهي ته گڏيل قومن جي هر جاءِ تي ”رِٽ“ به قائم هُجي. نه ئي وري ان حوالي سان ڪا سزا مُقرر ٿيل آهي ته جيڪڏهن ڪو مُلڪ، ڪا قوم، ماڻهن جو جٿو يا ڪو گروهه يا برادري گڏيل قومن جي قراردادن ۽ فيصلن تي عمل نه ڪندو ته انهن کي فلاڻي سزا ملندي. ان جو سادو مثال اسان جي پاڙي ۾ ”ڪشمير“ جي صُورت ۾ موجُود آهي، جيڪو اسان جي سمجهڻ لاءِ کوڙ آهي، ته ان ڏس ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائُونسل ۾ ڪيترا ڀيرا منظور ٿيل قراردادن جي باوجُود اهو مسئلو اتان جي رهندڙن جي مرضيءَ ۽ منشا مُوجب حل ڪونه ٿو ڪيو وڃي ۽ نه ئي وري ان جي حل ٿيڻ جو ڪو آسرو آهي.