Thursday, May 31, 2012

آمريڪا ۾ رهڻ لاءِ DOS ۽ DONT’s - الطاف شيخ


آمريڪا ۾ رهڻ لاءِ DOS ۽ DONT’s
الطاف شيخ
نيو جرسيءَ منجھان نيويارڪ ڏي وڃڻ کان ٻه ڏينهن اڳ، ملائيشيا مان منهنجي هڪ شاگرد ۽ هاڻ دوست، ڪئپٽن نور عذري (Nur Azri) جو فون آيو. مون کيس گذريل مهيني فون ڪيو هو پر پاڻ پينانگ کان آسٽريليا روانو ٿي چڪو هو. سندس زال فاطمه فون کنيو هو. تنهن ٻڌايو هو ته سندس مڙس (ڪئپٽن عذري) جيڪو هڪ جهاز ران ڪمپنيءَ جي آفيس ۾ ڪم ٿو ڪري، سندس ڪمپني جي ڪنهن جهاز جي ڪئپٽن جي بيمار ٿيڻ ڪري هو پاڻ ايمرجنسي جي حالت ۾ جهاز کي آسٽريليا وٺي ويو آهي جو جهاز کي بنا ڪنهن دير جي، وقت اندر اتي پهچي گلف جي ڪنهن بندرگاهه لاءِ رڍون ڍوئڻيون هيون.

Thursday, May 17, 2012

آمريڪا ۾ اسان پاڪستانين جي زندگي - الطاف شيخ


آمريڪا ۾ اسان پاڪستانين جي زندگي
الطاف شيخ
هتي آمريڪا ۾ گس پنڌ ڪو پاڪستاني ملندو اٿم ته ان کان اهو به سوال ڪندو آهيان ته ”آمريڪا ڪيئن ٿو لڳانو؟“ يا آمريڪا جي زندگي ڪيئن آهي. هتي ڊيلا ويئر رياست جي هڪيسن شهر جي نسيم حسن جي روزمره جي زندگي جو احوال لکان ٿو جنهن مان پڙهندڙن کي آمريڪا ۾ رهندڙن جي روزمره جي روٽين ۽ ٻين ڳالهين بابت idea ٿي سگهندي.

Saturday, May 12, 2012

ممباسا شيدي باڇا همباشا - يوسف سنڌي


ممباسا شيدي باڇا همباشا...!
الطاف شيخ جو نئون سفرنامو
يوسف سنڌي
’ممباسا: شيدي باڇا همباشا“، الطاف شيخ جو نئون سفرنامو آهي. اهو سندس پهريون ڪتاب آهي، جيڪو ’سنڌي ادبي بورڊ‘ پاران ڇپرايو ويو آهي. جيڪا سنڌي ادبي بورڊ جي نئين وک آهي. نه ته هن کان اڳ سنڌي ادبي بورڊ طرفان، جديد ۽ ترقي پسند ادب ڇپجڻ تي ڄڻ ته اڻ سڌي پابندي وڌل هئي. الطاف شيخ جي مٿئين سفرنامي کانسواءِ ٻيا به ڪيترا ئي اهڙا ڪتاب ڇپرايا ويا آهن، جن کي ڏسي حيرت ٿي ٿئي ته ”ڇا واقعي به هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ ڇپرايا آهن؟“ انهن ڪتابن جو تذڪرو ٻي ڀيري ڪبو ۽ ان ڳالهه جو سڄو ڪريڊٽ سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم جميل الزمان ۽ بورڊ جي لائق سيڪريٽري الهڏتي وگهئي ڏانهن وڃي ٿو، جن بورڊ جي گاڏي کي پنهنجي اصل منزل ڏانهن روان دوان ڪيو آهي.