Saturday, May 12, 2012

ممباسا شيدي باڇا همباشا - يوسف سنڌي


ممباسا شيدي باڇا همباشا...!
الطاف شيخ جو نئون سفرنامو
يوسف سنڌي
’ممباسا: شيدي باڇا همباشا“، الطاف شيخ جو نئون سفرنامو آهي. اهو سندس پهريون ڪتاب آهي، جيڪو ’سنڌي ادبي بورڊ‘ پاران ڇپرايو ويو آهي. جيڪا سنڌي ادبي بورڊ جي نئين وک آهي. نه ته هن کان اڳ سنڌي ادبي بورڊ طرفان، جديد ۽ ترقي پسند ادب ڇپجڻ تي ڄڻ ته اڻ سڌي پابندي وڌل هئي. الطاف شيخ جي مٿئين سفرنامي کانسواءِ ٻيا به ڪيترا ئي اهڙا ڪتاب ڇپرايا ويا آهن، جن کي ڏسي حيرت ٿي ٿئي ته ”ڇا واقعي به هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ ڇپرايا آهن؟“ انهن ڪتابن جو تذڪرو ٻي ڀيري ڪبو ۽ ان ڳالهه جو سڄو ڪريڊٽ سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم جميل الزمان ۽ بورڊ جي لائق سيڪريٽري الهڏتي وگهئي ڏانهن وڃي ٿو، جن بورڊ جي گاڏي کي پنهنجي اصل منزل ڏانهن روان دوان ڪيو آهي.


الطاف شيخ سنڌي ٻوليءَ جو اهو ليکڪ آهي، جنهن جي سنڌي ادب ۾ سڃاڻپ سفرناما نويس واري آهي. هن ڪتاب کان اڳ الطاف شيخ جا سنڌيءَ توڙي اردوءَ ۾ سٺ کان به وڌيڪ ڪتاب ڇپجي چڪا آهن جن ۾ اڪثريت سفرنامن جي آهي. الطاف شيخ جي سفرنامن لکڻ جو پنهنجو انداز آهي، جنهن جو ذڪر ڪندي پبلشر نوٽ ۾ الهڏتو وگهيو لکي ٿو، ”سفرناما لکڻ جو انداز هر ڪنهن جو پنهنجو آهي، پر الطاف شيخ جي سفرنامي پڙهڻ مان ائين پيو محسوس ٿيندو آهي ته پڙهندڙ پاڻ ان ملڪ جو سفر ڪري رهيو آهي، يعني پاڻ ان جاءِ تي موجود هجڻ جو احساس پيو ٿيندو آهي.“
الطاف شيخ جو هي سفرنامو آفريقا کنڊ جي هڪ ملڪ ”ڪينيا“ جي سفر تي ٻڌل آهي. الطاف شيخ جي ڪجهه ٻين سفرنامن ۾ به ڪجهه آفريقي ملڪن، اتان جي شهرن ۽ بندرگاهن وغيره جي حال احوال ۽ سير سپاٽي جو ذڪر ڪيل آهي پر هيءُ سندس واحد ڪتاب آهي جيڪو ”ڪينيا“ ملڪ جي سفر تي ٻڌل آهي. هونئن به سنڌيءَ ۾ جيڪي سفرناما ڇپيا آهن، انهن جي گهڻائي يورپ  ۽ آمريڪا وغيره جي ملڪن جي سفرنامن تي ٻڌل آهي. ڪجهه آفريقي ملڪن جا سفرناما به آيل آهن، جهڙوڪ: ڊاڪٽر سليمان شيخ جو لبيا جو سفرنامو؛ ’سون ورني ڌرتي‘، آفتاب ميمڻ جو مصر جو سفرنامو؛ ’نيل نديءَ ڪناري‘ ۽ ڊاڪٽر علي احمد جو؛ ’نائيجريا ۾ سورهن سال‘ هن وقت منهنجي ذهن ۾ هُري رهيا آهن.
الطاف شيخ هن سفرنامي ۾، ڪينيا جي سفر جي حالن احوالن سان گڏ اتان جي تاريخ، جاگرافيائي صورتحال، ثقافت، ڪينيا جي آزادي جي جدوجهد ۽ ان جي هيرو جومو ڪينياتا وغيره جو پڻ دلچسپ انداز ۾ ذڪر ڪيو آهي. ڪينيا کانسواءِ، سندس ٻين پاڙيسري ملڪن ۽ آفريقا جي ڪجهه ٻين ملڪن، اُتان جي سياست ۽ سياستدانن بابت پڻ معلومات ڏني اٿائين. ڪتاب ۾ ڪينيا جي هڪ پاڙيسري ملڪ يوگنڊا ۽ اتان جي هڪ آمر ’عيدي امين‘ بابت به نهايت دلچسپ ڳالهيون لکيون ويون آهن. عيدي امين، جيڪو ستر واري ڏهاڪي ۾ پنهنجي عجيب و غريب حرڪتن سبب شهرت جي بلندين تي هو ۽ اقتدار مان تڙجڻ کانپوءِ ڪجهه سال اڳ، سعودي عرب ۾ گمنامي جي حالت ۾ مري ويو. تنهن پنهنجي خوبصورت ملڪ کي ڪيئن ڀيليو ۽ اتان جي ماڻهن سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو، اُن جو ذڪر ڪندي الطاف شيخ لکي ٿو، ”عيدي امين جي صدر ٿيندي ئي ماڻهن سُک جو ساهه کڻڻ بدران، هن اهڙا ته وٺي ڪم ڪيا، جو سگهو ئي هر ڪو چوڻ لڳو ته ان کان ته اڳيون حاڪم چڱو هو. ملڪ ۾ بک ۽ بيروزگاري وڌي ويئي. هن مڪاني ماڻهن ۽ ڌارين جون ايتريون ته خونريزيون ڪيون، جو ماڻهو هن کي آفريقا جو هٽلر سڏڻ لڳا.“
نه رڳو يوگنڊا پر ٻين آفريقي ملڪن جي سياستدانن جو ذڪر ڪندي الطاف شيخ لکي ٿو، ”آفريقا جي ڪيترن ئي ملڪن جو ڪهڙو ويهي ذڪر ڪجي. سياستدانن ۽ حاڪمن، هڻي پنهنجي ملڪن جي ستياناس ڪري ڇڏي آهي. ماڻهن کي هڪ ويلو رُکي مانيءَ جو ناهي، هو ڦاٽل ڪپڙن ۾ پيا هلن. دوا وٺڻ لاءِ هنن وٽ خالي شيشي جا پئسا نه آهن، ۽ سندن سياستدانن کي لنڊن ۽ يورپ جي ملڪن جي فائيو اسٽار هوٽلن ۾ رهندو، هزارين روپين جي سلائيءَ وارا ٿري پيس سوٽ پائيندو ۽ ڪلبن ۽ بارن ۾ مهانگا شراب پيئندو ڏسي، شرم ايندو آهي.“
اهو ته ٿيو سفرنامي ۾ ٻين آفريقي ملڪن جو ذڪر، پر ڪينيا جي هڪ صدر جي ڪرپشن جي حوالي سان لکي ٿو، ”هڪ دفعي ڪينيا جي صدر موائي ڪباڪيءَ عوام جي اڳيان تقرير ڪندي چيو هو ته ”حڪومت ڪرڻ قدرت طرفان ليڊر کي موقعو ٿو ملي ته جيئن هو غريب عوام جي زندگيءَ بهتر بڻائين ۽ نه پنهنجي هٻڇ جو پورائو ڪن.“ ۽ پوءِ جلدي هر هڪ کي اها ڄاڻ ٿي وئي ته هنن ڪيڏا فراڊ ۽ ٺڳيون ڪري ملڪ جي خزاني جي ڀينگ ڪئي. موائي ڪباڪي، ملڪ جي صدر ٿيڻ کان اڳ پنهنجي تقرير ۾ اعلان ڪيو هو ته:
Corruption will now cease to be a way of life in Kenya.
(ڪينيا جي روزمره جي زندگيءَ ۾ جيڪا ڪرپشن آهي، ان کي آئون ٻنجو ڏيئي ڇڏيندس)
۽ پوءِ جڏهن صدر ٿيو ته فراڊ جي سڀ کان وڏي واردت ۽ اليڪشن ۾ ٺڳي ڪرڻ ۾ هو جهليو ويو.
الطاف شيخ جي هن سفرنامي ۾ آفريقا کنڊ جي ڪجهه ٻين ملڪن جهڙوڪ: زئمبيا، گئمبيا ۽ گني بابت به مختصر معلومات ڏني ويئي آهي. ائين هي ڪتاب آفريقا کنڊ بابت هڪ ننڍڙي پر جامع انسائيڪلو پيڊيا بڻجي ويئي آهي.
مٿين ڳالهين کانسواءِ، الطاف شيخ جي هن سفرنامي ۾ ٻين به ڪيترن ئي اهم ڳالهين جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جن ۾ آفريقا کنڊ ڏانهن ماضيءَ ۾ سفر ڪندڙ ڪجهه اهم سياحن ”ابن بطوطه‘ ۽ ”زينگ زي‘ جي سفرن بابت حال احوال ۽ ڪينيا ۽ يوگنڊا کي ترقي وٺرائيندڙ هندستانين، خاص ڪري آغا خانين ۽ بوهرين جي واپاري سرگرمين ۽ انهن جي انهن ملڪن لاءِ ڪيل خدمتن جو به ذڪر ڪيو ويو آهي ۽ خود آفريقا جا ماڻهو به انهن کي ساراهين ۽ سندن عزت ڪن ٿا. الطاف شيخ ان جا سبب بيان ڪندي لکي ٿو ته ”آغا خاني جهيڙي فساد وارا ماڻهو نه آهن ۽ نه ئي وري هو مڪاني ماڻهن جي ڪلچر ۽ زبان سان هٿ چراند ڪن ٿا. هو واپار ۽ تعليم ذريعي پاڻ به سکيا ستابا ٿين ٿا ۽ مڪاني ماڻهن جو به خيال رکن ٿا.“ انهن برادرين مقامي ماڻهن لاءِ ڪيترا ئي اسڪول، اسپتالون وغيره قائم ڪيون، جن جي ڪري مقامي ماڻهن جو وڏو ڀلو ٿيو.
ڪتاب جي هڪ سٺي ڳالهه اها به آهي ته ڪتاب ۾ آفريقا بابت، يوگنڊا جي آمر عيدي امين بابت ڪيترن ئي ڪتابن جو پڻ ذڪر ملي ٿو. جنهن مان اهو فائدو آهي ته جيڪو به پڙهندڙ انهن بابت وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ چاهي ته انهن ڪتابن ڏانهن رجوع ٿي سگهي ٿو. ائين پاڻ چئي سگهون ٿا ته الطاف شيخ جو هي نئون سفرنامو ”ممباسا شيدي باڇا همباشا“ پنهنجي نوعيت جو منفرد ۽ دلچسپ ڪتاب آهي.

No comments:

Post a Comment