Thursday, May 31, 2012

آمريڪا ۾ رهڻ لاءِ DOS ۽ DONT’s - الطاف شيخ


آمريڪا ۾ رهڻ لاءِ DOS ۽ DONT’s
الطاف شيخ
نيو جرسيءَ منجھان نيويارڪ ڏي وڃڻ کان ٻه ڏينهن اڳ، ملائيشيا مان منهنجي هڪ شاگرد ۽ هاڻ دوست، ڪئپٽن نور عذري (Nur Azri) جو فون آيو. مون کيس گذريل مهيني فون ڪيو هو پر پاڻ پينانگ کان آسٽريليا روانو ٿي چڪو هو. سندس زال فاطمه فون کنيو هو. تنهن ٻڌايو هو ته سندس مڙس (ڪئپٽن عذري) جيڪو هڪ جهاز ران ڪمپنيءَ جي آفيس ۾ ڪم ٿو ڪري، سندس ڪمپني جي ڪنهن جهاز جي ڪئپٽن جي بيمار ٿيڻ ڪري هو پاڻ ايمرجنسي جي حالت ۾ جهاز کي آسٽريليا وٺي ويو آهي جو جهاز کي بنا ڪنهن دير جي، وقت اندر اتي پهچي گلف جي ڪنهن بندرگاهه لاءِ رڍون ڍوئڻيون هيون.
 
مختلف مشينن ۽ بناوٽ (Arcitectural Design) کان علاوه هر جهاز جي سامان کڻڻ جي خيال کان مختلف ٽيڪنالاجي ۽ مسئلا ٿين ٿا. پيسينجر جهازن جا پنهنجا مسئلا آهن ته ڪنٽينر کڻندڙ جهازن جا پنهنجا. اهڙيءَ طرح تيل کڻندڙ (Oil Tanker)، ڪيميڪل کڻندڙ، گئس LPG کڻندڙ، موٽر ڪارون کڻندڙ يا جانور کڻندڙ (Cattle Ships) جا پنهنجا پنهنجا مسئلا آهن. جهاز هلائيندڙن جا گهٽ يا وڌ پگهار به ان حساب سان ٿين. جنهن ۾ جان جو گهڻو خطرو، ان جهاز هلائڻ جو گهڻو پگهار. ڪئپٽن عذري شروع وارن سالن ۾ چوپائي مال جا جهاز (Cattle Ships) هلائي چڪو آهي، سو ههڙي ايمرجنسي ۾، جڏهن هنن کي ٻيو ڪو ڪئپٽن نه ملي سگهيو ته آفيس جو ڪم پنهنجي اسسٽنٽ حوالي ڪري، پاڻ جهاز کي ڪاهي ويو. مون سندس ٻارن، جيڪي هتي نيوجرسي جي رٽگرز يونيورسٽي ۾ پڙهن ٿا، انهن جي خبر چار سندس زال کي ٻڌائي. سندن ڌيءَ کي سيمسٽر ختم ٿيڻ کانپوءِ جاب ڪرڻ جو ارادو هو، باقي پُٽ جا امتحان ختم ٿيڻ تي مهينو کن ڳوٺ پينانگ، ملائيشيا وڃڻو هو ۽ هاڻ مهيني کن بعد جڏهن ڪئپٽن عذري جي واپس پهچڻ جو مون کي اطلاع مليو ته مون کيس پنهنجي پروگرام بابت اِي ميل ڪيو، جنهن جي جواب ۾ هن مون کي فون ڪيو.
”تنهنجي گاڏيءَ ۾ جي جاءِ ٿئي ته منهنجي پٽ کي به نيويارڪ کڻي وڃ. هن جي ان ڏينهن تي JFK ايئرپورٽ تان ملائيشيا لاءِ اڏام آهي.“
”تون بلڪل بي فڪر رهه، کيس ۽ سندس ٻن بئگن کي اسان پاڻ سان نه رڳو نيويارڪ پر ايئرپورٽ تائين کڻي وينداسين.“ مون وراڻيومانس.
نيوجرسي ۾ جتي آئون رهان ٿو، اتان رٽگرز يونيورسٽي ائين آهي جيئن مٽيارين کان سنڌ يونيورسٽي ۽ نيويارڪ ائين آهي جيئن ڪراچي. سو نيويارڪ وڃڻ لاءِ گهران نڪري، ڪئپٽن عذري جي پٽ کي کڻڻ لاءِ رٽگرز يونيورسٽي پهتس. آئون مقرر وقت کان اڌ ڪلاڪ اڳ پهچي ويو هوس. عذريءَ جو پٽ اڃا پئڪنگ ۾ مشغول هو. هو ڪمرو خالي ڪري وڃي رهيو هو. ضروري سامان جون هن ٻه بئگون ٺاهيون هيون ۽ باقي هلڪو ڦلڪو سامان، ڪجهه ڪپڙا، ڪتاب وغيره ۽ ٻيو اهڙو سامان جنهن جي هاڻ هن کي ضرورت نه هئي، ان جي هڙ ٺاهي ٻاهر اڇلڻ ٿي چاهي. ڪتاب ۽ ڪاپين جي بنڊل ۾ مٿان ئي مٿان ڪجهه پنا Staple ٿيل هئا. وقت پاس ڪرڻ لاءِ آئون اهي کڻي انهن جا صفحا اٿلائڻ لڳس. هي ملئي زبان جا ڏهه کن ٽائيپ ٿيل صفحا هئا. ملئي زبان اسان جي سنڌي رسم الخط وانگر به ٿئي، يعني عربي اسٽائيل، ته انگريزي نموني ABCD واري لکائي ۾ به ٿئي. گذريل اڌ صديءَ کان ملئي زبان انگريزي نموني سان لکي وڃي ٿي، جنهن کي رومن سڏجي ٿو. عربي لکڻي واري ملئي، جنهن کي جَوي سڏجي ٿو، اها هاڻ ورلي ڪا استعمال ٿئي ٿي. ملائيشيا مان هڪ اڌ اخبار جويءَ ۾ نڪري ٿي يا وري مذهبي ڪتاب خاص ڪري حديثن جا جويءَ ۾ هوندا آهن، جن کي فقط وڏي عمر جا، جيڪي جويءَ کان واقف آهن، پڙهي سگهن ٿا. باقي نوجوان طبقو جيڪي اسڪول ۾ توڙي ڪمپيوٽر تي فقط رومن لکڻي استعمال ڪن ٿا، انهن لاءِ جوي پڙهڻ ڏکيو ڪم آهي. بهرحال اسان پاڪستان جا جيڪي سنڌي يا اڙدو کان واقف آهيون ۽ ملئي زبان ڳالهائي سگهون ٿا، اهي ملئي جون ٻئي لکڻيون پڙهي سگهون ٿا.
هنن ٽائيپ ٿيل پنن تي رومن ملئي ۾ آمريڪا ۾ رهڻ بابت هدايتون هيون ته هڪ ڌارئين ملڪ جي ماڻهوءَ کي آمريڪا ۾ ڪهڙين ڳالهين تي ڌيان ڌرڻ کپي. خاص ڪري هڪ شاگرد يا شاگردياڻيءَ کي ڪلاس روم ۾ ٻين غير مسلمان آمريڪن سان ڪيئن هلڻ کپي، يا هاسٽل جي ڪمري ۾ رهڻ دوران ڪهڙين ڳالهين جو خيال ڪرڻ کپي. جيئن ٻئي کي ناگوار نه لڳي. ڇو جو ڪيتريون ڳالهيون آهن جيڪي پنهنجي ملڪ ۾ کڻي عام هجن پر ٻئي ملڪ ۾ خراب سمجهيون وڃن ٿيون. جيئن ٿائلينڊ ۾ پير يا بوٽ جو ترو ٻئي ڏي ڪري نه ويهجي، جيڪا ڳالهه اسان وٽ عام آهي ۽ هر ڪو ٽنگ ٽنگ تي رکي ويهي ٿو ۽ ڪو به ان ڳالهه جي پرواهه نه ٿو ڪري ته ڪنهن جي بوٽ جو ترو هن ڏي آهي. ٿائلينڊ ۾ نوٽ ڪري پوي ته ان کي فضيلت سان هٿ سان کڻجي. ان کي نه پير سان ريڙهجي ۽ نه ان مٿان پير ڏجي جو ٿائلينڊ جي نوٽن تي ان ملڪ جي بادشاهه جو فوٽو ٺهيل آهي ۽ ٿائلينڊ ۾ بادشاهه سلامت جي فوٽوءَ جي بي عزتي يا بي حرمتي ڪرڻ به گهٽ ۾ گهٽ ڇهه مهينا جيل آهي. اها ڳالهه ان ڪري ياد اچي وئي جو گذريل هفتي هڪ آسٽريليا جي ٽوئرسٽ کي بئنڪاڪ ۾ هڪ هفتو جيل اچي ويو جو ڏهن ڀاتن جي نوٽ کي مروڙي ان سان پنهنجو ڪن کوٽي رهيو هو.
آئون انهن ٽائيپ ٿيل پنن تي آمريڪا ۾ ايندڙ ڌارين شاگردن جي رهنمائي لاءِ هڪ قسم جا "Dos & Donts" پڙهڻ لڳس. ڪي ڪي ڳالهيون پڙهي آئون مرڪي به رهيو هوس. ”انڪل! ڪيناپا“ (انڪل ڇو؟) ڪئپٽن عذري جو پٽ، مون کي مرڪندو ڏسي شڪي ٿيڻ لڳو.
”تيداڪ آپا.... آپا،“ (ڪا ڳالهه ناهي) مون وراڻيومانس، ”بلڪ سٺي ڳالهه آهي. هر ماڻهوءَ کي ٻئي ملڪ جي رسم رواج جي خبر هجڻ کپي، تنهنجي هنن پنن ۾ تمام سٺيون ڳالهيون لکيل آهن.“
ملئي ماڻهو توڙي ملائيشيا جي حڪومت، انهن ڳالهين ۾ ڏاڍي حساس آهي ته سندن ماڻهن جي معمولي غلطين ڪري، ملڪ جي بدنامي نه ٿئي. ملائيشيا ۾ هوس ته هر سال حج تي ويندڙ حاجين کي هفتو کن ڪنهن نه ڪنهن مسجد يا اسڪول جي ميدان تي ٽريننگ ڏني ويندي هئي ته احرام ڪيئن ٻڌجي، طواف ڪيئن ڪجي، منا ۾ ڪيئن رهجي ۽ شيطان کي پٿريون هڻڻ لاءِ ڪيئن ٽولي ۾ نڪرجي ۽ تڪڙ ڪرڻ يا ٻين کي ڌڪا ۽ ٿيلها ڏئي هلڻ بدران تحمل ۽ صبر کان ڪم وٺجي، وغيره وغيره. اهو ئي سبب آهي جو حج دوران نه فقط سعودي عرب جا ماڻهو ملئي ماڻهن جي عزت ڪن ٿا، پر اسان جا ماڻهو به تعريف ڪندا آهن ته ملئي، انڊونيشي ۽ برونائي جا ماڻهو ڏاڍا فضيلت وارا آهن. اسان پاڪستانين، ترڪن، ايرانين ۽ سوڊانين وانگر نه تڪڙ ڪن ٿا ۽ نه وري ٻين کي ٿيلها ڏين ٿا.
بهرحال هتي هنن پنن مان ڪجهه ڳالهيون پنهنجن پڙهندڙن لاءِ قلم بند ڪريان ٿو. انهن ۾ ڪي ته معمولي ڳالهيون آهن، ڪي کل جوڳيون پر انهن مان به ملئي ماڻهن جي احساسن جو قدر ٿئي ٿو ته هنن کي پنهنجي قوم ۽ ملڪ جو خيال آهي ۽ هو هر وقت ان ڪوشش ۾ لڳا رهن ٿا ته هنن کان ڌارئين ملڪ ۾ ڪا اهڙي غلطي نه ٿي وڃي، جيڪا کل يا بي عزتي جو سبب بڻجي يا سندن ڪنهن بيوقوفيءَ جي ڪري ٻين جي دل آزاري ٿئي.
هتي اهي نصيحت ڀريا نقطا يا رهنمائي طور ڏنل ڳالهيون لکڻ دوران ڪٿي ڪٿي پنهنجي ڪا Comment ڏني اٿم ته اها ڏنگين ۾ لکي اٿم.

”ڌارين ملڪن کان آمريڪا ۾ ايندڙ شاگردن لاءِ، ڪرڻ ۽ نه ڪرڻ جوڳيون ڳالهيون.“
* ماڻهن اڳيان نڪ جي کوٽ کوٽان نه ڪجي.
* ڪنهن سان به ان جي ٿولهه جي ڳالهه نه ڪجي ته You are very fat (بقول نيويارڪ جي ڊاڪٽر نذير ميمڻ جي ٿولهه ڪيترين ئي بيمارين جي پاڙ آهي ۽ اوچن کاڌن ۽ گهٽ ورزش ڪري وڃن آمريڪن ٿلها ٿيندا ۽ هنن کي احساس به آهي ته هنن جو وزن وڌي رهيو آهي، پر ڪيترا ئي مجبور آهن جو هو پنهنجي کاڌي ۾ چٽي جي شين (ڪيڪ، پيسٽرين چاڪليٽن) يا شربتن تي ڪنٽرول نٿا ڪري سگهن ۽ نه وري کين پنڌ ڪرڻ لاءِ وقت ملي ٿو).
* ڪنهن کان به اهو نه پڇجي ته تو هيءَ شيءِ گهڻي جي ورتي آهي يا تون ڪيترو ٿو ڪمائين.
* ٻئي جي گهر ۾ مهمان طور وڃجي ته نه ٽي وي جو چئنل بدلائجي ۽ نه ايئرڪنڊيشنر جو ڪنٽرول. جيڪڏهن توهان کي سيءُ ٿو پوي ته سئيٽر پائي ڇڏيو.
* ٻئي جو فون استعمال ڪرڻ وقت، پنج ڇهه منٽن کان مٿي نه ڳالهائجي. ڀلي کڻي ڪنهن ٻئي جو فون توهان لاءِ آيو هجي ته به گهڻو وقت نه لڳائجي، ڇو جو ٿي سگهي ٿو گهر جي مالڪ جو ڪو اهم فون اچڻ وارو هجي.
* ٻئي جي دعوت ۾ پاڻ سان گڏ ڪو به دوست يا مائٽ نه وٺي وڃجي، يا ان لاءِ ميزبان کان اڳواٽ موڪل وٺجي.
* باٿ روم ۾ ويهه پنجويهه منٽن کان مٿي نه لڳائجي.... ٿي سگهي ٿو ڪو ٻيو به انتظار ۾ هجي.
* عام پبلڪ ۾ ڇڪ، اوڳرائي يا اٻاسي ڏيڻ کان گريز ڪجي. اوڳرائي يا ڇڪ اچي وڃي ته "Excuse me" چئجي. کنگهڻ يا ڇڪ ڏيڻ مهل، پنهنجي منهن تي هٿ يا رومال ڏجي.
* ڪنهن به دعوت يا فنڪشن ۾ وقت تي پهچجي.... وڌ ۾ وڌ پنج منٽ اڳ يا پنج منٽ دير سان ان کان وڌيڪ نه اڳ پهچجي ۽ نه پوءِ.
* ڪٿي حاضر ٿيڻ لاءِ ها ڪجي ته ضرور پهچجي. ائين نه ته دعوت ملڻ وقت ها ڪري پاڻ کي سٺو ثابت ڪجي ۽ پوءِ اچجي ئي نه.
* ڪنهن سبب ڪري جيڪڏهن دعوت ۾ شريڪ ٿي نٿو سگهجي ته ميزبان کي اڳواٽ اطلاع ڪجي.
* ڊيوڊ ورنٽ، عطر يا ٻي ڪا خوشبوءِ هڻڻ توهان کي پسند هجي يا نه پر ٻين خاطر ضرور هڻي وڃجي. ڏندن کي برش ڪجي يا ڪنهن ”مائوٿ واش“ سان گرڙيون ڪري پوءِ محفل ۾ وڃجي. آمريڪن جسم مان نڪرندڙ بوءِ بابت، تمام گهڻو حساس آهن.
* گاڏي هلائڻ دوران، جيتريقدر ٿي سگهي هارن جو استعمال نه ڪريو. اهو فقط ايمرجنسي جي حالت ۾ وڄائي ٻئي کي خبردار ڪريو. (ڪجهه ڏينهن اڳ آئون پنهنجي ڀاڻيجي ضمير وسطڙو سان گڏ ڀرواري شهر ايڊيسن جي شاپنگ مال ۾ پهتس. ضمير ”اولڊ نيوي“ نالي اسٽور اڳيان ڪار پارڪ ڪئي ۽ هاڻ اسان لهڻ وارا هئاسين ته هڪ پوڙهو آمريڪن، پنهنجي ڪار، پارڪنگ لاٽ مان اهڙي ته غلط طريقي سانReverse  ڪري ڪڍڻ لڳو جو هو سڌو اسان طرف ڌوڪيندو آيو ۽ اسان جي ڪار کي مون واري پاسي اهڙو ته ٽڪر هڻي ها جو ڪار سان گڏ منهنجو به پاسو نڪري وڃي ها. ضمير وٺي هارن مٿان هارن ڏنس. پوڙهو پهرين ته ڳالهه سمجهي نه، ساڳي رفتار سان ڌوڪيندو آيو، پر پوءِ گهڻا هارن ڏيڻ تي کڻي بريڪ هنيائين ۽ اسان جي ڪار تر تان بچي وئي. ڀرواري فٽ پاٿ تي هڪ ٻي آمريڪن عورت جيڪا شاپنگ بئگ هٿ ۾ کڻي ان وقت 'Old Navy' شاپ مان ٻاهر نڪتي هئي ۽ هي سمورو لقاءُ ڏسي رهي هئي سا اسان جي گاڏين طرف وڌي. اسان سمجهيو اسان کي اچي چوندي ته توهان کي حادثي کان خدا بچايو آهي يا پوڙهي کي سمجهائيندي ته گاڏي سولي طرح هلائي ۽ ٻين جي جانين جو خيال ڪر، پر هوءَ مون واري پاسي کان ڦري ضمير وٽ اچي هن کي ڪاوڙ مان چيائين:
”ڏسين نٿو ته هو وڏي عمر جو پوڙهو گاڏي پيو هلائي ۽ تون هارن وڄائي هن کي ڪنفيوز پيو ڪرين.“
پوڙهيءَ جي همدردي بدران Unexpected دڙڪي جي ڪري، ضمير اهڙو ته منجهي ويو جو سمجهه ۾ نه آيس ته ڪهڙو جواب ڏجي ۽ پوءِ جڏهن هَئو مَئو ٽري ويو يعني پوڙهو به هليو ويو ۽ عورت به پنهنجي گاڏيءَ ۾ رواني ٿي وئي ته ضمير ٽهڪ ڏيندي چيو؛ ماما ڏسو ٿا. ڏوهاريءَ بدران دڙڪا فرياديءَ کي پيا ملن)
* ڪار هلائڻ مهل پنهنجيون بتيون فلئش ڪري ٻئي کي جلد هلڻ يا رستو ڏيڻ لاءِ مجبور نه ڪريو.
* پنهنجي ڪار جي بتين کي High Beam تي رکڻ کان پرهيز ڪريو، پر جيڪڏهن توهان بهتر ڏيک لاءِ بتين کي High Beam تي رکو ٿا ته پوءِ جيئن ئي توهان کي سامهون کان ايندڙ گاڏي نظر اچي ته بتين کي Low Beam تي ڪري ڇڏيو.
* رات جو نائين کانپوءِ ۽ صبح جو اٺين کان اڳ، پنهنجي ٽي وي يا ريڊيو جو آواز هرگز مٿانهون نه ڪريو.
* ڪنهن وٽ مهمان ٿي رهو ٿا ته ان جو ڪمرو يا ڊارميٽري روم، ڇڏڻ وقت بهتر نه ته گهٽ ۾ گهٽ اهڙي حالت ۾ ڇڏيندا ڪريو جهڙي داخل ٿيڻ وقت هئي.
* پنهنجي اسڪول ٽيچر کي ”ٽيچر“ چئي سڏڻ بدران، هن جو نالو کڻي سڏ ڪجي. جيئن ته پروفيسر رچرڊ، مسٽر سمٽ يا مسز جونس وغيره.
* هلندي وقت، رستي تي يا پنهنجي ڪمري جي دريءَ مان، ڪنهن به قسم جو گندو ڪچرو نه اڇليو. اهو ڏوهه جو ڪم آهي. هر قسم جو ڪچرو، ٿيلهيءَ ۾ بند ڪري، ٽوڪريءَ ۾ اڇلائجي. (اڄ ڪلهه آمريڪا ۾ عام پبلڪ يا گهرن ۾ رهندڙن لاءِ ٽن قسمن جون ٽوڪريون نظر اچن ٿيون. هڪ ۾ پنا، رسالا، اخبارون وجهڻ لاءِ، ٻيءَ ۾ شيشي جو سامان اڇلڻ لاءِ ۽ ٽي باقي سامان لاءِ)
* جڏهن به ڪاليج، يونيورسٽي يا هاسٽل جي ٽئاليٽ مان نڪرو ته ڪموڊ کي فلئش ڪرڻ نه وساريو.
* استعمال شده ٽئاليٽ پيپر، ڪچري جي دٻي ۾ اڇلڻ بدران ڪموڊ ۾ وجهڻ کپي.
* آمريڪا ۾ عورتون، مهيني وارن ڏينهن ۾ نئپڪن استعمال ڪن ٿيون يا Tampons. استعمال شده نئپڪن ڪموڊ ۾ هرگز نه اڇليو جو ان سان ڪموڊ چوڪ ٿي سگهي ٿو. ان بدران ان کي ٽشو پيپر سان ڍڪي ڪچري جي دٻي ۾ اڇليو. آمريڪا ۾ رهندڙ عورتون ٽئمپان جو وڌيڪ استعمال ڪن ٿيون، جنهن کي ڪموڊ ۾ اڇلائي سگهجي ٿو ۽ ان سان ٽئاليٽ سسٽم خراب نٿو ٿئي. ان ۾ جي ڪڏهن نئلان يا پلاسٽڪ جي ڪا شيءِ لڳل آهي ته اها ڪچري جي دٻي ۾ اڇلائجي.
* مهيني وارن ڏينهن ۾ ڪا شاگردياڻي بهتر محسوس نٿي ڪري ۽ هوءَ ڪا دعوت يا ڪلاس اٽينڊ نٿي ڪرڻ چاهي ته هن جو ايترو چوڻ ڪافي آهي ته
"Sorry, I was feeling well". اڳلو پاڻهي سمجهي ويندو.
* آمريڪا ۾ دوا درمل جو خرچ تمام وڏو آهي. ان ڪري هر شاگرد کي کپي ته يا هو هيلٿ انشورنس خريد ڪري. ڪيترين يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾، ڌارين ملڪن کان آيل اسٽوڊنٽس کي ”اسٽوڊنٽ هيلٿ سينٽر“ معرفت، سستي اگهه تي انشورنس مهيا ڪئي وڃي ٿي. ان جو فائدو هر شاگرد کي وٺڻ کپي.
* آمريڪا ۾ جيڪڏهن توهان ڪار هلائڻ چاهيو ٿا ته ان لاءِ پڻ انشورنس خريد ڪريو. ياد رکو ته آمريڪا ۾ ڪڏهن به انشورنس بنا ڪار نه هلائجي. روڊ جي حادثن ۾ ڪڏهن ڪڏهن لکها ڊالر ڀري ڏيڻا پون ٿا، جيڪي انشورنس جي حالت ۾ انشورنس ڪمپني ڀري ٿي (جيڪڏهن توهان پنج سال پراڻي يا ان کان گهٽ پراڻي ڪار هلايو ٿا ته ان لاءِ ڪار جو انشورنس ۽ Liability انشورنس حاصل ڪرڻ ضروري آهي.)

No comments:

Post a Comment