Friday, June 01, 2012

يار! اها ”لا“ نه هجي ها..- الطاف شيخ


يار! اها ”لا“ نه هجي ها....
الطاف شيخ
منهنجا ڳوٺائي توڙي ٻاهريان ڪڏهن ڪڏهن اهو بحث ڪندا آهن ته؛ هالا جو مطلب ڇا آهي. منهنجي معلومات موجب هالا ۾ جيڪي پهريان ماڻهو اچي رهيا انهن جو ”هالا“ قبيلي سان واسطو هو. هي اهي آهن جيڪي اڄ ڪلهه ارباب سڏائين ٿا. هي هالا قبيلي جا ماڻهو جن لاءِ چيو وڃي ٿو ته وچ ايشيا کان لڏي ايران ۽ افغانستان کان ٿيندا هتي پهتا، انهن جا ڪجهه ماڻهو دنيا جي ٻين ملڪن ڏي پڻ شفٽ ٿيا ۽ پنهنجي ساڳي سڃاڻپ قائم رکيائون. بقولUBL  بئنڪ جي اڳوڻي صدر منور ارباب جي ته هنن جي ذات جا ڪجهه ”هالا“ ڪوريا ڏي به نقل مڪاني ڪري ويا. ان ۾ ته ڪو شڪ ناهي ته ڪوريا ۾ خاص ڪري ڏکڻ ڪوريا ۾ هالا نالي ڪيتريون ئي جهازن ۽ ڪارخانن جون ڪمپنيون آهن.
 
اسان جو دوست سابق فيڊرل سيڪريٽري فضل قريشي چوندو آهي ته؛ هالا جي سياستدان تي ڪڏهن به اعتبار نه ڪجي. هو ”ها“ ڪري ”لا“ چوندي ويرم ئي نٿا ڪن. هالا تعليم، هٿ جي هنرن ۽ خاص ڪري ادب ۽ شعر و شاعريءَ کان به مشهور آهي. تڏهن ته اسان جي هڪ ڳوٺائي شاعر دوست حميد شهيد جي والد صاحب مرحوم محمد عمر، تخلص ”اختر“ هالائي جو هالا بابت هڪ شعر آهي ته:
شاعري، موسيقي ۽ علم و ادب کي گڏ ڪري،
هڪڙي مرڪز تي وٺي آيس ته هالا ٿي پيو.
بهرحال اهو عجيب اتفاق آهي جو هالا جي ٻن اچارن مان هڪ سنڌيءَ ۾ ۽ هڪ عربي ۾ پڻ آهي، جن جون معنائون هڪ ٻئي جي الٽ ڪري هر هڪ کي چرچي جو موقعو مليو وڃي. هالا جي هڪ ٻئي پياري شاعر ”محبوب سروري“ جو ان بابت مزاحيه شعر آهي ته:
هالا جو وڻي شهر مون کي يار ٿو ڏاڍو،
پر ”ها“ جي پٺيان يار اها ”لا“ نه هجي ها.
ان ڏينهن واشنگٽن کان پنهنجي گهر نيوجرسي پهتس ته ڪولوراڊو رياست کان پنهنجي ننڍپڻ جي پيٽارو جي دوست ڊاڪٽر رامچند اوڏ جو فون آيو.
”توهان کي پنهنجي ڳوٺ هالا جي معنيٰ جي خبر آهي؟“ هن مون کان پڇيو.
”مون کي نه پنهنجي ڳوٺ هالا جي ۽ نه تنهنجي ڳوٺ ڪنڊيارو جي معنيٰ جي خبر آهي، پر آهي ته خير؟“ مون چيومانس.
”ان ڪري ٿو پڇان جو مون هن وقت هالا جي معنيٰ پڙهي آهي ته عربيءَ ۾ ڀليڪار (Welcome) آهي.“ رامچند ٻڌايو؛ ”هتي ڪولو راڊو رياست ۾ منهنجي ڀرواري شهرAspen  ۾ هڪ عرب شهزادي بندر بن سلطان بن عبدالعزيز جو 95 ايڪڙ زمين تي محل نما گهر وڪامي رهيو آهي، ان جو نالوThe Hala Ranch  آهي. اڄ جي اخبار ۾ ان بابت خبر آئي آهي ۽ اهو پڻ لکيل آهي، هن محل جو نالو ”هالا“ آهي، جنهن جي عربي ۾ معنيٰ آهي ”خوش آمديد.“
بهرحال هالا لفظ، عربي جو هجي يا سنڌي يا پارسي جو ۽ سندس معنيٰ کڻي ڇا به هجي، پر هالا جي نالي سان آمريڪا ۾ گهر هجڻ جو ٻڌي مون کي به ان خبر پڙهڻ ۾ دلچسپي پيدا ٿي.
سعودي شهزادي طرفان ڪولوروڊو رياست ۾ ٺهرايل هن گهر جي، جيڪو هو هن وقت چوڏهن ڪروڙ ڊالرن (ساڍن اٺ ارب روپين) ۾ وڪڻي رهيو آهي، وڏي تعريف لکيل آهي ته ان جي چوڌاري جبلن ۽ ماٿرين جو خوبصورت قدرتي نظارو آهي. مالڪ ۽ سندس فئملي لاءِ 15 بيڊروم ۽ 26 باٿ روم آهن. ان کان علاوه نوڪرن چاڪرن، بورچين، ڊرائيورن جي رهائش لاءِ ڌار ڌار ڪمرا آهن. هڪ هڪ ڪمري ۾ اوچي ڪاٺ(Mahogany)  جو ڪم ٿيل آهي. گهر جي ڀاتين لاءِ هڪ حصي ۾ باربر جو دڪان، بيوٽي پارلر، ٽينس ڪورٽ، مڇين جو تلاءُ، سڄو ڍڪيل سئمنگ پول، گاڏين لاءِ پنهنجو پيٽرول پمپ ۽ مڪينڪ جو دڪان آهي. سڄي گهر کي حفاظت ۾ رکڻ لاءِ سيڪيورٽي جو اعليٰ اليڪٽرانڪ سسٽم رکيل آهي. انهن شين کان علاوه هن گهر ۾ گهوڙن جو اصطبل ۽ جاگنگ ٽريڪ به آهي. هن گهر لاءِ چيو وڃي ٿو ته؛ اڄ ڪلهه سڄي آمريڪا ۾ مهانگي ۾ مهانگوSingle-Family گهر ويڪُو آهي.
هي گهر"Hala Ranch"  سعودي شهزادي، بندر بن سلطان وڏي خرچ ۽ شوق سان آمريڪا ۾، رهائش دوران ٺهرايو. 1971ع ۾، شهزادو بندر بن سلطان سعودي هوائي فوج جو فائيٽر پائلٽ هو. ان بعد دهران ۾ اسڪاڊرن ڪمانڊر ٿي رهيو. سندس والد شهزادو سلطان بن عبدالعزيز جيڪو سعودي عرب جي دفاع جو وزير هو، چار شاديون ڪيون، جن مان هڪ يمني عورت جيڪا شادي کان اڳ سندس گهر ۾ نوڪرياڻي هئي، شهزادو بندر ان جو پٽ آهي. شهزادي بندر بن سلطان آمريڪا ۾ ايئرفورس جي وڌيڪ ٽريننگ دوران ڪيترا ئي آمريڪي آفيسر دوست ٺاهيا ۽ آخرڪار هن کي آمريڪا ۾ سعودي عرب جو سفير مقرر ڪيو ويو. مون سان گڏ سئيڊن ۾ سعودي عرب جو هڪ نيول آفيسر رهندو هو، اهو سعودي عرب جي هن شهزادي لاءِ چوندو آهي ته؛ بابا ان يمني نوڪرياڻي جي پٽ، وڏو مال ميڙيو آهي. هونءَ به هن لاءِ مشهور آهي ته هن ويهه سال کن، جيڪي واشنگٽن ۾ سعودي عرب جو سفير ٿي گذاريو، ان ۾ ڪروڙها، اربها ڊالر ميڙيا. هن آمريڪي فوجي ڪارخانن ۾ تيار ٿيل مال جي وڪري ۾ ڪڏهن به ڪوتاهي نه ڪئي ۽ پنهنجي ملڪ کي خرچ ڪرائي فائدا حاصل ڪندو رهيو.
شهزادو بندر بن سلطان (۽ سندس زال شهزادي حائفه جيڪا ڪنگ فيصل جي ڌيءَ آهي) پنهنجي سفارتي نوڪري دوران ورلي ڪو واشنگٽن ۾ رهيا، جتي پوٽومئڪ ندي جي ڪناري تي چين برج روڊ وٽ پڻ وڏو بنگلو آهي، جنهن ۾ 26 ڪمرا اسٽاف (نوڪر چاڪر، ڊرائيور بورچي وغيره) جي رهائش لاءِ آهن ته 15 ڪمرا سندن ۽ سندن مهمانن لاءِ آهن. انهن گهرن کان علاوه هن شهزادي جي ملڪيت ۾ لنڊن جي ڀروارو سڄو ڳوٺ ۽ ان ۾ ٺهيل محل، موراڪو ۾ هڪ محل، رياض ۾ هڪ محل ۽ جدي ۾ سمنڊ جي ڪناري تي هڪ محل ۽ ٻيا به ڪيترا ئي گهر ۽ ٻيون جائدادون آهن. پنهنجي ملڪ جي، شهنشاهي خاندان جي ڳجهين ڳالهينSecret missions  کان علاوه هو وڏي بش، ڪلنٽن، ننڍي بش ۽ رونالڊ ريگن جا راز وارا ڪم به سرانجام ڏيندو رهيو آهي. آمريڪا ۾ سفير ٿي اچڻ کان اڳ، هو سعيدي ڪابينا جو ميمبر هو، پر هيڏانهن اچڻ کان اڳ ان پوسٽ تان استعيفيٰ ڏيڻ بدران، اڄ تائين اها قائم رکي اٿس. واشنگٽن يا ڪولوروڊو ۾ هجڻ دوران، جڏهن به سعودي عرب ۾ وزيرن جي ميٽنگ ٿيندي هئي ته پاڻ پنهنجي ذاتي هوائي جهاز ۾ هتان نڪرندو هو ۽ سترهن ڪلاڪن ۾ رياض پهچي ويندو هو.
شهزادي بندر بن سلطان جي جاءِ تي سندس سالو شهزادو ترڪي بن فيصل آمريڪا جو سفير ٿي اچي رهيو آهي، جيڪو هن کان اڳ ٽي سال لنڊن ۾ سفير هو ۽ 24 سالن لاءِ سعودي عرب جي جاسوس کاتي(Intelligence)  جو باس ٿي رهيو. هنن سالي ۽ ڀيڻوئي لاءِ مشهور آهي ته شهزادو بندر بن سلطان سعودي عرب جو جيمس بانڊ آهي ته شهزادو ترڪي بن فيصل سعودي عرب جوGeorge Smiley  آهي. شھزادي ترڪيءَ، فرانس ۾ جاسوسيءَ جي ٽريننگ ورتي ۽ ان بعد آمريڪا جي جاسوسي کاتي سي آءِ اي سان گڏ ڪيترا ئي اهم ڪم سرانجام ڏنا. 27 ڊسمبر 1979ع تي جڏهن روس جي ڳاڙهي فوج افغانستان ۾ ڌوڪي آئي ته ان کي آخرڪار ڪڍڻ ۾ آمريڪا جي سي آءِ اي سان گڏ هن (شهزادي ترڪي بن فيصل) اهو پارٽ ادا ڪيو. هن افغانستان ۾ وڙهندڙ مجاهدن لاءِ آمريڪا سان گڏ، پنهنجي خزاني مان به ڪافي دولت خرچ ڪئي، پر هن جو سڀ کان وڏو ڪارنامو ۽ تحفو اسامه بن لادن هو، جيڪو هڪ امير يمني ٺيڪيدار جي 56 ٻارن مان هڪ هو. اسامه بن لادن پنهنجي ملڪيت کان علاوه ڪيترن ئي امير سعودين کان لکين ڊالر چندا هٿ ڪري افغان مجاهدن جي مدد ڪئي ۽ روسين سان جنگ جوٽڻ لاءِ همٿ افزائي ڪئي. جنهن وقت فيبروري 1989ع ۾ روسي، خوار خراب ٿي افغانستان ڇڏي، پنهنجي پکن ڏي وڃي رهيا هئا ته اسامه بن لادن جو مانُ مرتبو هڪ قومي هيري برابر پهچي چڪو هو.
2 آگسٽ 1990 تي، جڏهن صدام حسين عراق ۽ ڪويت تي فتحيابي حاصل ڪئي ته اسامه بن لادن، شهزادي ترڪي بن فيصل سان، سندس آفيس ۾ ملڻ لاءِ آيو. اسامه ويهڻ سان شهزادي ترڪيءَ کي چيو:
”مون ٻڌو آهي ته سعودي شاهي خاندان، عراقين کي ڪويت مان ڀڄائڻ لاءِ آمريڪن فوج کي دعوت ڏئي رهيا آهن. اهو توهان اجايو ڪم ٿا ڪريو. اسامه جا ”افغان عرب“ ويڙهاڪ اهو ڪم خير خوبيءَ سان سرانجام ڏئي سگهن ٿا.“
اسامه جي اها ڳالهه ٻڌي، شهزادي ترڪيءَ وڏو ٽهڪ ڏنو. هن ان کي هڪ چرچو سمجهيو. ان کان پوءِ هر ڳالهه جيڪو پلٽو کاڌو، اهو شهزادي ترڪيءَ جي چواڻي تاريخ جو هڪ مهانگو چرچو ثابت ٿيو. اسامه بن لادن وڌيڪ ڳالهائڻ يا ٻڌڻ بدران، ڪاوڙ مان اٿي کڙو ٿيو ۽ پٺيان آفيس جو دروازو زور سان بند ڪري، ٻاهر نڪري آيو. اتان ئي تاريخ جو اهو موڙ شروع ٿئي ٿو.
اسامه اهو اندازو لڳائي ورتو ته سعوديه وارا، آمريڪن کي پنهنجي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ ۽ تيل جي سهوليتن کان قبضي جو موقعو ڏئي رهيا آهن ۽ صدام کي آمريڪن ئي ٽيڪرون ڏئي، ڪويت تي حملو ڪرايو ۽ هاڻ صدام هنن جي ڪوڙڪين ۾ ڦاسي پيو آهي ۽ آمريڪن لاءِ سعودي عرب ۾ داخل ٿيڻ جو بهانو پيدا ٿي ويو آهي. ان وقت کان اسامه، سعودي شهنشاهي خاندان ۽ آمريڪا جي خلاف ٿي بيٺو ۽ دنيا جو Most Wanted دهشتگرد ٿي پيو. شهزادي ترڪي بن فيصل، جيڪو سعودي عرب جي جاسوسي کاتي جو پاءُ صديءَ کان چيف هو، تنهن نائن اليون واري حملي کان فقط چند ڏينهن اڳ، پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏني. اها ڳالهه دنيا جي اهڙي وڏيMystery  سمجهي پئي وڃي، جنهن جي حقيقت جي اڃا ڄاڻ پئجي نه سگهي آهي. ٿي سگهي ٿو اهو اتفاق(Coincidence)  هجي. ڪيترا ئي عرب، اهو ئي شڪ ڪن ٿا ته؛ ٿي سگهي ٿو، شهزادي ترڪي بن فيصل کي کڙڪ پئجي وئي هجي ته ايندڙ ڏينهن ۾ ڪجهه ٿيڻ وارو آهي ۽ هن ان جي الزام کان بچڻ لاءِ اڳواٽ استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. ڪجهه وقت آرام جي زندگي گذارڻ بعد، هو پنهنجي ڀيڻويئي شهزادي بندر بن سلطان جي جاءِ تي، آمريڪا ۾ سفير ٿي آيو آهي ۽ شهزادو بندر، سعودي عرب جي نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جو سيڪريٽري جنرل ٿيو آهي، جيڪا سعودي حڪومت ۾ تمام مٿانهين پوسٽ آهي ۽ ان پوسٽ جي ڪري هن کي گهڻو وقت سعودي عرب ۾ ئي گذارڻو پوندو. ان ڪري هو امريڪا وارو محلHala- Ranch  وڪڻي رهيو آهي.
شهزادو بندر (عربي ۾: صاحب السمو، الملڪي الامير بندر بن سلطان بن عبدالعزيز آل سعود) 2 مارچ 1949ع تي طائف شهر ۾ ڄائو. سندس والد شهزادو سلطان، سعودي عرب جو ڊپٽي پرائيم منسٽر هو. شهزادي بندر جا بش فئملي سان تعلقاتن جو احوال ڪرئگ اُنگر جي ڪتاب ”هائوس آف بش، هائوس آف سعود“ ۾ تفصيل سان ڏنل آهن. هڪ ٻيو ڪتابPlan of Attack  جيڪو باب وڊورڊ لکيو آهي، ان ۾ عراق جنگ ۽ تيل جي قيمتن گهٽائڻ بعد ڪيترا ئي Allegations شهزادي بندر سلطان تي لڳايا ويا آهن. شهزادي بندر بن سلطان کي سندس زال حائفه بنت فيصل مان، چار پٽ ۽ چار ڌيئرون آهن.

No comments:

Post a Comment