Tuesday, June 26, 2012

هوائي ۽ سامونڊي سفر ۾ فرق - الطاف شيخ


هوائي ۽ سامونڊي سفر ۾ فرق
الطاف شيخ
عرب امارات جو هوائي جهاز جيڪو چار سؤ کن مسافر دبئيءَ مان کڻي، پنهنجي منزل نيويارڪ ڏي وڃڻ جو سفر طئي ڪري رهيو هو. اهو هاڻ يورپ کنڊ جو آخري حصو لتاڙي، ائٽلانٽڪ سمنڊ مٿان اڏامڻ لڳو. جنهن جي خبر اسان کي پنهنجي سيٽ اڳيان رکيل ٽي وي جي اسڪرين تان به پيئي ته جهاز جي پائليٽ به اعلان ڪيو. ان سان گڏ ايئر هوسٽيس مختلف هنڌن تي بيهي، جهاز جي مسافرن کي هڪ دفعو وري اها معلومات ڏني ته هوائي جهاز ۾ هوا جو دٻاءُ گهٽجڻ تي، آڪسيجن جي سپلاءِ لاءِ، مٿي لڳل ٻوٿاڙو (Breathing mask) خودبخود ڪري پوندو، جنهن کي منهن سان لڳائي، ساهه کڻي سگهو ٿا. ان کان علاوھ جهاز جي سمنڊ ۾ ڪرڻ تي، سيٽن هيٺان رکيل لائيف جئڪيٽ پائي، پنهنجو بچاءُ ڪري سگهو ٿا. لائيف جئڪيٽ، سمنڊ ۾ ٻڏڻ کان بچائي ٿي ۽ ان ۾ ٻڌل سيٽي ۽ ٽارچ سان، پري کان ويندڙ ٻيڙي وارن يا جهاز جو پاڻ ڏي ڌيان ڇڪائي سگهو ٿا... وغيره وغيره.


مون جهاز جي دريءَ مان هيٺ ڏٺو.... ڪپهه جهڙا ڪڪر، هيٺ تري رهيا هئا. اهي نه هجن ها ته شايد سمنڊ ۽ ان تي ترندڙ جهاز ڏسي سگهان ها، جن جو هن ائٽلانٽڪ سمنڊ تي گهڻو ڪري هڪ ئي رخ هوندو آهي. اولهه ڏي آمريڪا کنڊ طرف يا اوڀر ڏي يعني آمريڪا کان يورپ يا آفريڪا کنڊ ڏي. ڪڪر نه هجن ها ته به جهاز ته نه، پر سمنڊ به نظر نه اچي ها. ڇو جو اسان جو جهاز، چاليهه هزار فوٽن جي بلنديءَ تي اڏامي رهيو هو، جتان هيٺ نظر پوڻ مشڪل ڳالهه آهي. زمين ۽ ان تي ٺهيل گهر گهاٽ، رستا لاريون يا سمنڊ ۽ ان تي ترندڙ جهاز ۽ ٻيڙيون فقط تڏهن ڏسي سگهجن ٿا، جڏهن جهاز لهڻ وارو يا چڙهڻ وارو ٿئي ٿو يا وري مٿانهينءَAltitude  تان هيٺ اڏام ڪري ٿو. هڪ دفعي، اسلام آباد کان ڪراچي هوائي جهاز وٺي ايندڙ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو جي پائليٽ سان، پراڻن ڏينهن جون ڳالهيون ڪندي، هو ايڏو ته جذباتي ٿي ويو، جو هن نه فقط پنهنجي جهاز جي اڏام ۾Deviation  آڻي، جهاز کي پيٽارو مٿان لنگهايو، پر ڪافي هيٺ تي پڻ هلايو، جتان اسان ڪاليج جون عمارتون، رستا ۽ ٻي جنگ عظيم جو ڊٺل رن وي ڏسي سگهياسين ٿي. ”هي آهي ته ڏوهه جهڙو ڪم“. هن چيو؛ ”پر اڄ پنهنجي ڪاليج کي ڏسندا هلون، جتي جي ميدانن تي پاڻ رانديون کيڏيون، گهوڙي سواري ڪئي، سزائون کاڌيون ۽ پي ٽي پريڊ ڪئي.“
پر لڳي ٿو ته ڪي ڪي هوائي جهاز، هيٺاهين Altitude تي به هلن ٿا يا شايد ائٽلانٽڪ يا پئسفڪ سمنڊ لتاڙڻ مهل، ٽريفڪ نه هجڻ جي صورت ۾ هيٺاهين اڏام اختيار ڪن ٿا. يا شايد اڄ کان اڌ صدي اڳ جي هوائي جهازن جي ايڏي بلند اڏام نه هئي. ڇو جو 1968ع کان 1972ع واري زماني ۾، جڏهن آئون پاڻيءَ وارن جهازن(Ships)  تي مئرين انجنيئر هوس ۽ جن جهازن کي هر وقت ائٽلانٽڪ سمنڊ لتاڙي آمريڪا اچڻو پيو ٿي يا آمريڪا کان واپس يورپ ۽ آفريڪا ڏي وڃڻو پيو ٿي، پنهنجي جهاز جي عرشي (deck) تي بيهبو هو ته مٿان اڏامندڙ KLM, PIA، برٽش ايئرويز ۽ ٻين هوائي ڪمپنين جا ڪمرشل هوائي جهاز، ائٽلانٽڪ سمنڊ ڪراس ڪندي نظر ايندا هئا. تڏهن ته اسان کين ڏسي ٿڌو شوڪارو ڀريندا هئاسين ته هوائي جهاز هلائڻ وارا ڪيڏو ته خوش نصيب آهن، جو ڪجهه ڪلاڪن بعد منزل تي به وڃي پهچندا ۽ سڀاڻي جڏهن ته اسين اڃا هي سمنڊ جهاڳي رهيا هونداسين ته هو موٽندي به نظر ايندا.
آمريڪا جو سفر به ته سفر آهي. انهن ڏينهن ۾، جڏهن اسان کي آمريڪا جهاز وٺي وڃڻو پوندو هو، تن ڏينهن ۾ سئيز ڪئنال به بند هو. ان ڪري ائٽلانٽڪ سمنڊ تائين پهچڻ لاءِ فقط ڳاڙهو سمنڊ ۽ ڀؤنچ سمنڊMediterranean  اڪرڻ بدران، سڄو بحر هند(Indian Ocean)  پار ڪرڻ لاءِ، آفريڪا کنڊ جو ڦيرو ڪري سندس هيٺ کاڏيءَ وٽ ڪيپ ٽائون بندرگاهه پهچڻو پيو ٿي. جيڪو Cape of Good Hope وارو سمنڊ سڏجي ٿو ۽ جتي اسان واري پاسي جو بحر هند، آمريڪا جي ڪنارن کي ڇهندڙ ائٽلانٽڪ سمنڊ سان ٽڪرائي ٿو. ڪراچيءَ کان ان منزل (ڪيپ ٽائون) تائين پهچڻ ۾ به 15 ڏينهن کن لڳي ويا ٿي. ان وچ ۾ جتي ڪجهه سٺا ڏينهن ملندا هئا، اتي ڪجهه ڏينهن موزمبيق چئنل وارا ۽ ڏينهن ٻه ڪيپ آف گڊ هوپ واري سمنڊ جا رلائي رکندا هئا ۽ پوءِ ڪيپ آف گڊ هوپ کان ائٽلانٽڪ شروع ٿيندو هو، جنهن جي ٻئي ڇيڙي تي آمريڪا کنڊ آهي. ائٽلانٽڪ سمنڊ لتاڙڻ ۾ هفتو کن لڳي ويندو هو، تنهن بعد ڏکڻ آمريڪا جي ملڪ برازيل تائين پهچبو هو. پوءِ ائٽلانٽڪ سمنڊ جي آخري حصي وٽان ڪنارو ڏئي گهانا، وينزوئلا، جئميڪا ۽ ڪيويا وغيره لتاڙي USA جي ڏاکڻن بندرگاهن هيوسٽن، نيو اورلينس، ميامي ۽ ٽئمپا پهچندا هئاسين. ائٽلانٽڪ وڏي سمنڊ جو هي سامونڊي حصو ڪئريبين سمنڊ سڏجي ٿو. جيئن اسان وٽ هندي وڏي سمنڊ جو اهو حصو، جيڪو ڪراچي کي ڇهي ٿو عربي سمنڊ سڏجي ٿو.
برازيل کان ڪئريبين سمنڊ لتاڙي، ميامي يا نيو اورلينس پهچڻ ۾ به ٻه اڍائي ڏينهن لڳيو ٿا وڃن. اهڙو ڏينهن ٻه اتان کان نيويارڪ پهچڻ ۾ به لڳيو وڃي. جنھنڪري پاڻيءَ وارو جهاز هلائي هلائي، آخري هفتو ٻه ته ساڻا ٿي پوندا ھئاسون. سمنڊ تي آچر ڏينهن به جهاز هلائڻو پوي ٿو ۽ چار ڪلاڪ رات جا ۽ چار ڪلاڪ ڏينهن جا هر هڪ کي جهاز هلائڻو پوي ٿو. يعني چار ڪلاڪ جهاز هلائي، ماني کائي سمهڻو پوي ٿو. ننڊ ڪري هٿ منهن ڌوئي وري جهاز جي ڪنٽرول روم ۾ يا انجڻ روم ۾ ڊيوٽي تي! ڪراچيءَ کان نيويارڪ ۽ واپس يا چين ۽ ملائيشيا کان نيويارڪ سفر ڪري ڪري اندازو ٿي ويو هو ۽ ڏينهن ڳڻڻ بدران آئون پنهنجي ٽٿ پيسٽ کي ڏسندو هوس. ڪراچيءَ کان نيويارڪ پهچڻ ۾ مُني ٽٿ پيسٽ ختم ٿيندي هئي. هانگ ڪانگ کان نيويارڪ سڄي ٽٿ پيسٽ. ڪڏهن ڪڏهن دل چوندي هئي ته ڪناري جي ڊيوٽيءَ وانگر سڄي رات ستو پيو هججي ۽ ڪڏهن ڪڏهن جڏهن سُکاڻي يا تيل وارو، جهاز هلائڻ لاءِ ”ڪواٽر“ چئي اٿاريندو هو (يعني ڊيوٽي شروع ٿيڻ ۾ هاڻ وڃي 15 منٽ بچيا آهن)، ته لڳندو هو ڄڻ هن ڪچيءَ ننڊ مان اچي اٿاريو هجي ۽ ٽي چار ڪلاڪ سمهڻ بدران لڳندو هو ڄڻ اڃا هاڻ مس اک لڳي هئي ته هن نڀاڳي اچي جاڳايو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته ننڊ جا خمار اهڙا چڙهيل هوندا هئا (خاص ڪري خراب سمنڊ ۽ طوفاني موسم ۾ اهو عام آهي) جو ٻئي جي ڌونڌاڙي اٿارڻ تي سمجهه ۾ نه ايندو هو ته ڪٿي آهيون ۽ هي ڪير آهي ۽ ڇو ٿو اٿاري ۽ پوءِ يڪدم هوش اچي ويندو هو ته مار پاڻيءَ جي جهاز تي آهيون ۽ مسافر نه پر جهاز هلائڻ وارا جهازي آهيون. جلدي هٿ منهن ڌوئي چارج سنڀالجي ۽ جيڪي گذريل چئن ڪلاڪن کان جهاز هلائي رهيا آهن، انهن کي آجو ڪجي. ڪنجهندي ڪُرڪندي هٿ منهن ڌوئڻ لاءِ واش بئسن اڳيان بيهي سوچيندو هوس ته خبر ناهي نيويارڪ ڪڏهن ايندو ۽ اڃا ڪيترو سفر رهي ٿو. ان وقت ڏينهن يا تاريخون ڳڻڻ جو ڪنهن کي هوش! بچيل ٽٿ پيسٽ ڏسي اندازو لڳائيندو هوس ته سفر جو ڪيترو حصو پورو ٿيو ۽ باقي چوٿو حصو ٽٿ پيسٽ بچڻ ۾ ڪيترا ڏينهن وڃي رهيا آهن. دل چوندي هئي ته ڪاش ائين ممڪن هجي، جو اڄ ئي ٽٿ پيسٽ کي نپوڙي چوٿي تائين پهچايان ۽ منهنجي ڪئبن جي پورٽ هول (دريءَ) مان نيويارڪ جون عمارتون نظر اچن. اهڙن موقعن ۽ مهلن تي آسمان مان ڪنهن هوائي جهاز جو آواز ايندو آهي ته پنهنجا ڪاليجي پائليٽ ساٿي ممتاز الحق، بلال حيدر، خالد ليا ۽ ٻيا ياد اچي ويندا هئا، جن اسان وانگر سامونڊي نوڪريءَ بدران هوائي جهاز جي نوڪري کنئي ۽ انهن مان ڪو PIA جو هوائي جهاز اڏائي نيويارڪ پيو ويندو هو ته ڄاڻ ته پهتو. ڪٿي هفتن جو سامونڊي سفر ۽ ڪٿي چند ڪلاڪن جو هوائي سفر!
بهرحال اها منهنجي سوچ تڏهن جي هئي، جڏهن اڃا مون کي نيويارڪ هوائي جهاز ۾ وڃڻ جو موقعو نه مليو هو. بعد ۾ هوائي جهاز ۾ سفر جا موقعا مليا، پر ڪراچي کان يورپ تائين يا وڌ ۾ وڌ جپان تائين. آمريڪا جا بندرگاهه ڇڏڻ بعد هاڻ ٽيٽيهه سالن بعد انهن ماڳن کي ڏسڻ لاءِ وڃي رهيو هوس، پر پاڻيءَ واري جهاز ۾ نه، هوائي جهاز ۾. سو به سُور ساڻُ کڻي نه، يعني جهاز هلائڻ جي ڊيوٽي جو بار مٿي ۾ کڻي نه، بلڪ هڪ پئسينجر جي صورت ۾ وڃي رهيو هوس. اسان جو دلپسند مزاح نگار حليم بروهي، شاديءَ لاءِ چوندو آهي ته شادي سٺي شيءِ آهي، پر هجي ڪنهن ٻئي جي، اسان فقط دعوتي هجون، ڀت کائڻ لاءِ. اسين جهازي به ائين چوندا آهيون؛ سامونڊي سفر تمام سٺي شيءِ آهي، بشرطيڪ جهاز ڪو ٻيو هلائي، اسين فقط مسافر هجون ۽ جنهن وقت وڻي ننڊون ڪريون، جنهن وقت وڻي جهاز جي عرشي تي پسار ڪريون ۽ سمنڊ جون لهرون ۽ ڪناري جا ماڻهو ڏسون. پر هاڻ ڪراچي کان نيويارڪ جي ارڙهن اڻويهه ڪلاڪن جي لڳاتار هوائي سفر ۾ اهو ئي محسوس ٿي رهيو آهي ته نه فقط هوائي جهاز هلائيندڙ، پر اسان مسافر به وڏي تڪليف ۾ آهيون ۽ ايترو وقت هڪ هنڌ ويهي ويهي، سانچي ۾ پيل شيءِ وانگر ان سانچي جي صورت اختيار ڪري ويا آهيون. ان کان ته مهيني جو سامونڊي سفر سٺو آهي، جنهن ۾ ڊگهو ٿي پلنگ تي سمهجي ٿو، عرشي تي واڪ ڪجي ٿي، والي بال ۽ باسڪيٽ بال کيڏجي ٿي، سئمنگ پول ۾ سئمنگ ۽ جهاز جي جمنازم هال ۾ باڊي بلڊنگ ۽ ورزش ڪري سگهجي ٿي ۽ جهاز (Ship) نه هلائيندڙ يعني مسافرن لاءِ ته اڃا به وڏي عياشي آهي. آئون اجايو هيترا سال هن سمنڊ (يعني اٽئلانٽڪ) ۽ پئسفڪ تي جهاز هلائڻ دوران پاڻ کي هوائي جهاز وارن سان ڀيٽي دُکي ٿيندو رهيس.
پائلٽ سڌي ليڪ ۾ جهاز ڇو نٿو هلائي؟
پاڻيءَ جي جهاز تي ختم ٿيندڙ ٽٿ پيسٽ کي ڏسي آٿت ملندي هئي، ته ڄاڻ ته منزل آئي ۽ هن هوائي جهاز ۾ سامهون ٽي وي جي اسڪرين تي وڌندڙ ليڪ ڏسي خوشي ٿي ٿئي، جيڪا دنيا جي نقشي تي نيويارڪ طرف وڌي رهي آهي ۽ جنهن جي منهن تي تير(Arrow)  بدران هوائي جهاز ٺهيل آهي. يعني اهو هوائي جهاز اسان جي جهاز کيRepresent  ٿو ڪري. يعني نقشي تي جنهن ملڪ يا سمنڊ جي حصي تي اها ليڪ پهتي آهي، اُتي اسان جو هي جهاز آهي. آئون هر وقت ان نقشي ڏي ڏسان ٿو. ماني کائي وري ڏسان ٿو. ڪجهه دير رسالا ڪتاب پڙهي وري ان کي ڏسان ٿو. آئون اهو ئي سمجهان ٿو ته جهاز ڪافي اڳتي هلي چڪو آهي ۽ بنا ڪنهن شڪ جي جهاز 600 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ کان به واڌو رفتار تي وڃي رهيو آهي، پر اوڻويهن انچن جي ٽي وي اسڪين تي لڳي ٿو ته اتي ئي بيٺو آهي. جونءِ برابر رفتار به نٿي چئي سگهجي. ڇو جو جونءِ ته ان جي مقابلي ۾ ڪافي تيز ٿي هلي. انسان ڪنهن به ڳالهه مان خوش نظر نٿو اچي. فرحتي ڪرسيءَ تي ويهڻ باوجود، دل ماندي آهي ته هن سانچي مان ڪڏهن نڪري ٻاهر چرپر ڪرڻ جو موقعو ملندو. ان جو وقت تڏهن ايندو، جڏهن ٽي ويءَ جي اسڪرين تي ٺهيل دنيا جي نقشي تي اولهه طرف وڌندڙ ليڪ، نيويارڪ تائين وڃي پهچندي ۽ اها ئي هڪ شيءِ آهي، جنهن کي ٽي وي جو ڪو ڊائريڪٽر، پروڊيوسر يا ڪئميرا مئن يڪدم اڳيان فاسٽ فارورڊ ڪري نٿو سگهي. ان ليڪ کي فقط هن جهاز جو پائليٽ، جهاز کي نيويارڪ تائين پهچائي، مقرر ٽٻڪي تائين پهچائي سگهي ٿو ۽ پائليٽ کي فقط اها اختياري آهي ته هو جهاز جي مالڪ ڪمپني جي ڀلي لاءِ جهاز کي Economical  رفتار تي هلائي، جنهن ۾ هوائي جهاز جو مهانگو تيل آڪٽين جيترو سڙي، ان جي مقابلي ۾ گهڻي کان گهڻي رفتار حاصل ڪري سگهي. ان کان علاوه پائليٽ لاءِ اهو به ضروري آهي ته هو جهاز کي منزل ڏي سڌو وٺي هلي... مون اها ڳالهه جڏهن ڀرواري پريشان مسافر سان ڪئي (جيڪو مون وانگر سيٽ جي سانچي ۾ کُپي ويهي ويهي ٿڪجي پيو هو) ته هن يڪدم چيو؛ ”پر هي نڀاڳو پائليٽ جهاز به ته سڌو نه پيو هلائي. ڪراچي کان دبئي آڻڻ وارو پائليٽ ته جهاز کي سڌو وٺي آيو، باقي هي دبئي کان هلندڙ ٻيو جهاز ته ڪڏهن ڪيڏانهن پيو وڃي ته ڪڏهن ڪيڏانهن. سڌو هلي ها ته لبيا، الجيريا، موراڪو مٿان ٿيندو، ائٽلانٽڪ ٽپي، هن وقت نيويارڪ به پهچي وڃي ها، پر هي مٿي يورپ ڏي جرمني، انگلينڊ وٽان ٿيندو، اتر طرف آئس لينڊ وٽان ڦرندو، هاڻ وري هيٺ ڏکڻ ڏي ڪئناڊا جي ويجهڙائي وٺندو، نيويارڪ ڏي پيو هلي. انگڙ ونگڙ ليڪ کي ڏسي هڪ ٻار به چوندو ته هي پائليٽ جهاز کي هيڏانهن هوڏانهن رلائيندو نيويارڪ ڏي پيو وڃي.“
آئون چپ ٿي ٿو وڃان ته کيس هڪ عام ماڻهو جي حساب سان هن بيحد Sensible سوال جو سولو سڌو جواب ڪهڙيءَ طرح ڏيان، جو جيئن هو جاگرافي ۽ نيويگيشن کان اڻواقف هوندي به مون جهازيءَ جي ڳالهه سمجهي سگهي.
هن مون کان وري پڇيو؛ ”ڇا پائليٽ غلط رستو وٺي منزل ڏي نه وڃي رهيو آهي؟“
”نه.“ مون وراڻيومانس.
”ڇو ڀلا؟ توهان پاڻيءَ جا جهاز به ائين هلائيندا آهيو؟“ هن کلندي مون کي چيو.
”جي ها ۽ اهو ئي صحيح ۽ سڌو رستو آهي، جنهن ذريعي جهاز گهٽ وقت ۾ گهٽ تيل ساڙي، منزل تي پهچي رهيو آهي.“ مون وراڻيومانس.
”پر هي جهاز ته سڌي ليڪ ۾ وڃڻ بدران ڦڏي ليڪ ۾ پيو وڃي. ڇا ان ۾ يقين نه اٿوَ ته،
A straight line is the shortest distance between two points?
”جي ها اٿم ۽ هي پائليٽ به سڌي ليڪ ۾ پيو وڃي. هو"Greater Circle"  فالو پيو ڪري ۽ ان مطابق جيڪڏهن نقشي تي سڌي ليڪ هجي ها ته پوءِ پاڻ چئون ها ته پائليٽ غلط راهه وٺيو پيو هلي. اهو ان ڪري آهي جو دنيا رومال وانگر فليٽ نه، پر بال وانگر Sphere آهي، بلڪ بال ته بلڪل گول آهي، هيءَ ڪجهه بيضي وانگر آهي.“
ڌرتيءَ تي ته پڪا ۽ ريل جا رستا اڳواٽ ٺهيل آهن، سو سواريون ان تان هلن ٿيون. سمنڊ ۽ هوا ۾ هرهڪ پنهنجو خيالي رستو ٺاهي، ان تان پنهنجي پاڻيءَ واري جهاز، ٻيڙيءَ يا هوائي جهاز کي وٺي هلي ٿو. جيڪڏهن سامونڊي ڪُنَ ۽ لهرون نارمل آهن، طوفان ٺريل آهن ته پوءِ پاڻي وارا جهاز ۽ هوائي جهاز آمريڪا وڃڻ لاءِ گريٽر سرڪل وارو ئي رستو اختيار ڪن ٿا. دنيا جي اتر اڌ گول ۾ اڏامندڙ جهاز اولهه ڏي ويندي، اتر ڏي لڙي هلن ٿا. ايتري قدر جو آرڪٽڪ ريجن ۾ کڻي نه پر ان جي ڪافي ويجهو  پهچن ٿا. جيئن هن وقت اسان جي هوائي جهاز رستو اختيار ڪيو آهي، جيڪو عمل پائليٽ جي هوشياري ۽ ڄاڻ جو ثبوت ڏئي ٿو.
هڪ عام ماڻهو جي معلومات لاءِ هتي فقط ايترو لکندس ته Great Circle اهو دائرو (چڪرو) آهي، جنهن جو Circumference ڌرتي جي گولي جي برابر آهي ۽ دنيا کي ٻن برابر حصن ۾ ورهائي ٿو. سامونڊي يا هوائي جهازن سان واسطو رکندڙ، نيويگيشن، جاگرافي، هائر مئٿس سان واسطو رکندڙ ۽ پنهنجي پڙهندڙن جي يادگيريءَ لاءِ هتي فقط اهو چوندس ته:
"The great circle on the spherical surface is the smallest curvature. And hence an arc (an orthodrome) is the shortest path between two points on the surface."
۽ اهو پڻ ته:
"The Great Circle serves as the analog of "straight lines" in spherical geometry (gnomonic projections)."

No comments:

Post a Comment