Sunday, June 17, 2012

آمريڪا جو دلپسند صدر ڪينيڊي - الطاف شيخ

آمريڪا جو دلپسند صدر ڪينيڊي
الطاف شيخ
ٻه چار لفظ آمريڪا جي صدر ڪينيڊي بابت لکڻ ضروري سمجهان ٿو، جيڪو اسان جي جوانيءَ جي ڏينهن ۾ (جڏهن اسان انٽر ڪري، پروفيشنل تعليمي اداري ۾ جهاز رانيءَ جو علم سکڻ لاءِ گهڙيا هئاسين) اسان شاگردن جو مشهور ۽ دلپسند ماڻهو هو. آئون صدر نٿو چوان، اهو پنهنجي ملڪ جي ماڻهن لاءِ هو.
اڄڪلهه يعني گذريل ويهن ٽيهن سالن کان ڏسان پيو ته آمريڪا جو هر صدر عتاب ۾ آهي يعني سڄي دنيا جون گاريون کائيندو رهي ٿو. دنيا جي هر ملڪ جو ماڻهو وس پڄيس ته رهڻ به آمريڪا USA ۾ ٿو چاهي. ساڳي وقت گاريون به آمريڪا جي عوام ۽ حڪومت کي ڏئي ٿو. پر سٺ جي شروع وارن سالن ۾ جڏهن ڪينيڊي آمريڪا جو پنجٽيهون صدر چونڊجي آيو هو ته هو پنهنجي دلچسپ شخصيت ۽ خوبصورت شڪل ڪري، نوجوان طبقي ۾ ائين پاپولر هو جيئن ڏهاڪو کن سالن بعد ذوالفقار علي ڀٽي صاحب کي پسند ڪيو ويو هو. اسان جي نيول اڪيڊميءَ ۾ اسان ڪئڊٽن ٿي سگهي ٿو ته ڪينيڊيءَ کي ان ڪري به پسند ڪيو ٿي ته هو سٺو نيول آفيسر هو. هن جي ان بهادري ۽ همٿ کان هر ڪو واقف هوندو ته 1943ع ۾ (جڏهن اڃا ٻي جنگ عظيم هلي رهي هئي) ۽ هي هڪ ننڍڙي ٻيڙيءَ نما جهاز تي ڪمانڊنگ آفيسر هو ته هڪ وڏي جپاني destroyer جهاز هن جي مٿان جلهه ڪري، سندس ٻيڙي کي ٻوڙي ڇڏيو. ڪينيڊي جيتوڻيڪ تمام گهڻو زخمي ٿي پيو، پر تنهن هوندي به ان سرد، اونداهيءَ ۽ طوفاني رات ۾ بچي ويلن کي مشڪل مان ڪڍي، ڪناري تي سلامتيءَ سان آندو.


آمريڪا جو هي صدر ڪينيڊي (سڄو نالو جان فزگرالڊ ڪينيڊي) رائيٽر به هو. هن کي سندس هڪ ڪتاب profiles in Courage تي پلٽزر پرائيز به مليو. هي ڪتاب 1956ع ۾ پهريون دفعو ڇپيو ۽ اسان جي مئرين اڪيڊمي چٽگانگ جي لئبرريءَ ۾ ان جو ٻيو يا ٽيون ڇاپو موجود هو، جنهن کي ڪيترن ئي ڪئڊٽن شوق سان پڙهيو. ان کان اڳ، هارورڊ ڪاليج مان 1940ع ۾ گرئجوئيشن ڪرڻ وقت، جيڪا هن Why England Slept ٿيسز لکي، سا به بيحد دلچسپ آهي ۽ اهو ڪتاب پنهنجي وقت جوBest Seller پڻ رهيو.
ڪينيڊي، آمريڪا جو ننڍي ۾ ننڍي عمر وارو صدر هو. هن لاءِ دنيا جي ماڻهن کي پيار يا همدردي شايد ان ڪري به آهي جو هن جيتوڻيڪ چڱا ڪم پئي ڪيا پر هن کي صدارت دوران قتل ڪيو ويو. سندس اصل قاتلن جو اڄ ڏينهن تائين پتو نه پئجي سگهيو آهي. مرحوم ڀُٽي وانگر سندس تقريرن جا به ڪي ڪي جملا نوجوان ٽهيءَ ۾ ڏاڍا مشهور هوندا هئا. سندس inaugural تقرير جو هي جملو مون کي اڄ به ياد آهي جيڪو ان وقت اسان ٻڌي واهه واهه ڪئي هئي ۽ رکي رکي ورجائيندا رهندا هئاسين.
“Ask not what your country can do for you, ask what you can do for your country.”
ڪينيڊيءَ جا وڏا، آئرلينڊ کان آمريڪا آيا هئا. پاڻ 1917ع ۾ مئساچوسيٽ رياست جي شهر بروڪلائين ۾ ڄائو. سندس اٺ ڀائر ڀينرون هئا. انٽرنيشنل رليشن ۾ ڊگري حاصل ڪرڻ بعد، نيويءَ ۾ ڀرتي ٿيو. ٻي وڏي لڙائي ختم ٿيڻ تي، بوسٽن واري علائقي مان ڊيموڪريٽ ڪانگريس مئن چونڊيو. 1953ع ۾ سينيٽ ۾ داخل ٿيو. ان ئي سال، جئڪلين سان شادي ڪيائين. 1961ع واري اليڪشن ۾ ريپبلڪ جي نمائندي رچرڊ نڪسن جي مقابلي ۾ اليڪشن کٽي، ملڪ جو پنجٽيهون صدر ٿيو.
ڪينيڊي جي ڏينهن ۾ روس به زور تي هو. اڄ وانگر، آمريڪا دنيا جو اڪيلو سپر پاور نه هو. ڪن ڪن ڳالهين ۾ ته لڳندو هو ته روس آمريڪا کان گهڻو طاقتور ۽ خوفناڪ آهي. ڪينيڊي جي ڏينهن ۾ روس پنهنجي حامي ملڪ ڪيوبا ۾ نيوڪليئر ميزائيل فٽ ڪرڻ ٿي چاهيا. ڪيوبا ٻيٽ، آمريڪا (خاص ڪري ان جي فلوريڊا رياست) کان سڏ پنڌ تي آهي. سڄي دنيا تجسس ۾ اچي وئي ته هاڻ اجهو ٿو آمريڪا جو ٻيڙو ٻُڏي ۽ آمريڪا جو ننڍيءَ عمر جو صدر ڪينيڊي، جنهن کي صدر ٿئي اڃا سال به نه ٿيو آهي، اجهو ٿو هيٺانھين وٺي. ڇو جو ٻيءَ صورت ۾، دنيا نيوڪليئر جنگ جو شڪار ٿي ويندي. پر ڪينيڊي، وڏي دليريءَ سان روس کي اهڙو ته دڙڪو ڏنو، جو هو چوويهه ڪلاڪن اندر ڪيوبا مان پنهنجا ميزائيل پٽرائي، جتان آيو هو اوڏانهن روانو ٿي ويو. ان وقت ئي ڪيترن ڏاهن اها ڳالهه ڪئي ته روس رڳو ٻاهريون ڀڀڪيون ڏئي رهيو آهي باقي اندران کوکلو آهي ۽ هڪ نه هڪ ڏينهن اچي پٽ پوندو. بهرحال، جيڪو محسوس پئي ڪيو ته ڪينيڊي جي دڙڪي تي روس، آمريڪا جي ڳچيءَ ۾ هٿ وجهي چوندو ته تنهنجي اهڙي يا تهڙي... سو نه ٿيو. هڪ دفعو وري ڪينيڊيءَ جي واهه واهه ٿي وئي ۽ سندس نوڪري پڪي ٿي وئي ۽ هو پنهنجي Goal ڏي وڌڻ لڳو، جيڪو هو:
“A world of law and free choice, banishing the world of war and coercion.”
بهرحال روس، کُليءَ طرح، وري آمريڪا جو نالو نه ورتو. يونائيٽيڊ نئشن جي اسيمبلي ميٽنگن ۾ خروشچيف پنهنجو جوتو لاهي ٽيبل تي ٺوڪيندو رهيو. ڪيوبا جو فڊل ڪاسٽرو پڻ گجگوڙ ڪندو رهيو پر بقول اسان جي پيٽارو جي ساٿي ڪموڊور زين العابدين شاهه جي (جيڪو آمريڪا ۾ ڪافي وقت رهيو آهي ۽ ڪيوبا جي ڪميونسٽ حڪومت کان واقف هو) ڪيوبا جا اهي فقط هوائي دڙڪا هئا. بهرحال روس جي آمريڪا کي ڌڪ پٽيو ته اهو ويٽنام جنگ ۾، جنهن جو بدلو آمريڪا وارن افغانستان مان روسين کي ڀڄائي لٿ پٿ ڪيو.
ڪينيڊيءَ جا قاتل ڪير هئا؟
22 نومبر 1963ع تي ڪينيڊي، پنهنجي زال سان گڏ تقريري دوري تي ٽيڪساز رياست جي شهر دلاس مان، کليل موٽر ڪيڊ ۾ لنگهي رهيو هو، ته کيس گولي لڳي ۽ پنهنجي زال جئڪلين جنهن کي پيار مان جئڪي سڏيندو هو، ان جي ٻانهن ۾ وڃي ڪريو.
آمريڪا جي هن صدر ڪينيڊيءَ، جتي جيئري ڪيتريون ئي حيران ڪندڙ ڳالهيون ڪري ڏيکاريون، ويندي ناسا طرفان خلا ۾ راڪيٽ ڇڏڻ جو پروگرام به ڪينيڊيءَ شروع ڪرايو. اتي سندس وفات بعد به سندس ڪيترين ڳالهين، سندس ملڪ جي ماڻهن سان گڏ، دنيا کي به حيران ڪري ڇڏيو. سڀ کان وڏي ڳالهه ته دنيا جي ههڙي اهم ماڻهوءَ جي قتل جي، اڄ ڏينهن تائين خبر پئجي نه سگهي آهي ته ان قتل جي پٺيان ڪهڙا سبب هئا ۽ اصل قاتل اهو ئي هو، جنهن کي پوليس اڳيان ڪيو يا ڪو ٻيو.
22 نومبر 1963ع تي، جمعي ڏينهن، ساڍي ٻارهين بجي، ڪينيڊيءَ جي کليل موٽر ڪار تي گولين جو وسڪارو ٿيو. شام جو ستين بجي اوسوالڊ (Lee Harvey Oswald) نالي هڪ همراهه کي ڊلاس شهر جي هڪ پوليس واري کي مارڻ جي ڏوهه ۾ جهليو ويو ۽ پوءِ ان ئي شخص تي رات جو ساڍي يارهين بجي اهو الزام مڙهيو ويو ته هن صدر ڪينيڊيءَ جو به قتل ڪيو آهي. يعني ساڍن چئن ڪلاڪن بعد اوسوالڊ تي صدر جي خون جي به چارج لڳائي وئي. اوسوالڊ پوليس جي ئي ڪسٽڊي ۾ هو، يعني لاڪپ وغيره ۾ ته ٻن ڏينهن بعد جئڪ ربي نالي هڪ ٻئي همراهه اوسوالڊ کي گولي هڻي ماري ڇڏيو. ڪينيڊيءَ جي مرڻ بعد لنڊن جانسن، جيڪو پهريون وائيس پريزيڊنٽ هو، ملڪ جو صدر ٿي ويو، جنهن اوسوالڊ جي قتل کان پورا پنج ڏينهن پوءِ ڪميٽي ٺاهي ته قتل جي جاچ ڪئي وڃي. ان ڪميٽيءَ (Warren Commission) اها رپورٽ ڏني، ته اوسوالڊ ايلي سر قاتل هو. بهرحال نقادن تن ڏينهن ۾ ئي ان قتل بابت ڪيتريون ئي ٿيوريون ٻڌايون ته ڪينيڊيءَ جو قاتل هڪ عام ماڻهو Oswald نه هو. اوسوالڊ پاڻ به پوليس لاڪپ ۾ اهو چوندو رهيو ته هن ڪينيڊيءَ تي گوليون ناهن هلايون ۽ کيس ٻئي جي بدران استعمال ڪيو ويو آهي ۽ اهو فوٽو جنهن ۾ هو بندوق سان ڏيکاريل آهي، سو سندس نه، پر ڪنهن ٻئي جو آهي ۽ اهو ثابت ڪرڻ لاءِ تيار آهي ته سندس چهرو بندوق جهلي بيهڻ واري همراهه جي منهن تي چنبڙائي پوءِ ٻيو فوٽو ڪڍيو ويو آهي.
اوسوالڊ جي پنهنجي قتل بعد، سندس ڏوهه يا معصوميت ڪورٽ ۾ ثابت ٿي نه سگهي. ڪيترا ئي ڏوهن جي دنيا جا ڄاڻو، اهو ئي سمجهن ٿا بلڪ پڪ اٿن ته اصل قاتلن کي بچائڻ لاءِ اوسوالڊ کي اڳيان ڪيو ويو هو.
ڪينيڊي جي قاتل جي ڳولا بابت ڪيتريون ئي ڪهاڻيون، ناول، فلمون ۽ افسانا ڇپجي چڪا آهن جن ۾ گهڻي ڀاڱي جن تي شڪ جو اظهار ڪيو ويو آهي، انهن مان ڪجهه هي آهن؛ آمريڪا جي CIA، مافيا، روس جي KGB، ڪيوبا جو فڊل ڪاسٽرو، وائيس پريزيڊنٽ لنڊن جانسن ۽ آمريڪي فوجي جرنيل وغيره.
ڪينيڊيءَ جي لاش کي هميشه لاءِ آرلنگٽن قومي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. آمريڪا جا ماڻهو ڪينيڊي، ابراهم لنڪن، جارج واشنگٽن ۽ فرئنڪلن روز ويلٽ کي آمريڪا جا بهترين صدر مڃين ٿا. ڪينيڊيءَ جي ياد ۾، نيويارڪ جي Ideewild هوائي اڏي جو نالو بدلائي جان ايف ڪينيڊي رکيو ويو. سندس ياد ۾ جيڪا ٽپال جي ٽڪلي شايع ڪئي وئي، ان جي اڌ تي سندس تصوير آهي ۽ ٻئي اڌ تي ڏيو ٻري رهيو آهي، جنهن جي مٿان لکيل آهي:
“And the glow from that fire can truly light the world.”
ان کان علاوه ڪينيڊي جي ياد ۾ ٻيون شيون، جيڪي آمريڪا ۾ نظر اچن ٿيون، هن ريت آهن:
·        آمريڪا (USA) نيوي جي هڪ وڏي ايئر ڪرافٽ ڪئريئر جو نالو USS John F. Kennedy آهي.
·        آمريڪا جي صدارتي لئبرري جو نالو ڪينيڊي لئبرري آهي.
·        ڪئليفورنيا جي تعليم بالغان جي يونيورسٽي جو نالو ڪينيڊي يونيورسٽي آهي.
·        ڪيپ ڪيناورل Cape Canaveral جو نالو ڪيپ ڪينيڊي رکيو ويو پر اڄڪلهه وري ساڳئي نالي سان سڏجي ٿي.
·        سڄي آمريڪا ۾ سوين اسڪول ڪينيڊي جي شان ۾ سندس نالي پويان آهي.
·        آمريڪا جي اڌ ڊالر واري سڪي تي ڪينيڊي جي شڪل آهي. وغيره وغيره.
جئڪي اسان جي فئوريٽ هئي ۽ اوناسز اسان جو باس هو.
صدر ڪينيڊي سان وابسته حيرت ۾ وجهندڙ ۽ ڇرڪائيندڙ ڳالهين ۾ اها به آهي ته صدر ڪينيڊي جي نوجوان ۽ خوبصورت زال جئڪلين پنهنجي مڙس جي قتل بعد نه فقط شادي ڪئي پر هن پاڻ کان تمام گهڻي پوڙهي (28 سال وڏي) ڌارئين ملڪ (يونان) جي واپاري (جهازن جي سوداگر) سان ڪئي. جئڪلين جيڪا پنهنجي مڙس ڪينيڊي جي مرڻ تي، منهن تي ڪارو نقاب چاڙهي غمگين ٿي پئي هلندي هئي. تنهن جي هن اوچتي شاديءَ تي دنيا جي ماڻهن کي وڏي حيرت لڳي ۽ دلچسپ ۽ چٽپٽو مواد لکڻ لاءِ نه فقط شام جي اخبارن کي مهينن لاءِ مواد ملي ويو پر ٽائيم ۽ نيوز ويڪ جهڙن رسالن به پنهنجا ٽائيٽل ڪور وقف ڪري ڇڏيا. منهنجي خيال ۾ اڄ جي ٽهيءَ، شهزادي ڊائنا بابت ايترو گهڻو ۽ ايتري شوق سان ۽ ايتري وڏي عرصي تائين نه پڙهيو هوندو، جيترو اسان ان وقت 1961ع کان ڪينيڊي جي ايڪشن، قتل، جئڪي جي شادي ۽ سندس ان پوڙهي مڙس جي مرڻ ۽ ان بعد ڇڏيل ملڪيت ۾ اونساز جي پهرين ڪنهن زال جي ڌيءَ ۽ جئڪلين جي جهڳڙن ۽ آخر ۾ جئڪلين جي مرڻ تائين، پڙهيو هوندو ۽ ڪينيڊي. ان جي فئملي، جئڪلين ۽ جهازن جي يوناني سوداگر اوناسز تي جيترا ڪتاب ۽ ڪهاڻيون ڇپيون هونديون، اوتريون ورلي ڪنهن ٻئي بابت اڄ جي دور ۾ شايع ٿيون هونديون. اسان جي ڏينهن ۾ انٽرنيٽ يا ٽي وي به ته اڃا ايڏو پاپولر نه ٿي هئي ۽ اسان bay watch يا ”ساس بهي ڪڀي بهو ٿي“ جهڙا پروگرام ڏسي، دل وندرائڻ بدران ڪينيڊي، جئڪلين اوناسز جهڙن جون ذاتي ڳالهيون ۽ اسڪينڊل پڙهي خوش ٿيندا هئاسين.
جئڪلين جا وڏا، فرينچ هئا. سندس پڙڏاڏو يا تڙڏاڏو مائيڪل بوويئر 1815 ۾ فرانس ڇڏي اچي فلڊلفيا ۾ Settle ٿيو هو. جئڪلين پاڻ به انگريزيءَ کان علاوه فرينچ ۽ هسپانوي زبانن ۾ ڀڙ هئي. هوءَ 23 سالن جي هئي ۽ واشنگٽن ٽائيمز اخبار ۾ فوٽوگرافر طور ڪم ڪري رهي هئي ته هن جي 1952ع ۾ ڪينيڊيءَ سان ملاقات هڪ ڊنر پارٽي ۾ ٿي. ان وقت ڪينيڊي 35 سالن جو هو. سال کن جي دوستي بعد 1953ع ۾ سندن شادي ٿي. پورن ڏهن سالن بعد ڪينيڊي جو قتل ٿيو، جئڪلن ان وقت 34 سالن جي هئي. پنجن سالن بعد هن مسٽر اوناسز سان شادي رچائڻ جو اعلان ڪيو. ظاهري طرح ته هيءَ شادي 1968ع ۾ وڏي ڌوم ڌام سان ٿي پر پوءِ ٿورن ئي سالن ۾ هنن جا ملڪيت ۽ ٻين ڳالهين تان جهيڙن جا قصا اخبارن ۾ ايندا رهيا. جئڪلين بدران اوناسز جڏهن پئرس ۾ ڪنهن خوبصورت ماڊل يا ائڪٽريس سان ڊنر کائيندي ڏٺو ويو ۽ جئڪلين کي نيويارڪ ۾ پنهنجين جيڏين سرتين سان گهمندو ڏٺو ويو ته ڪيترن کي ئي تشويش ٿي. اخباري نمائندن جي گهڻي پڇ پڇ تي، هڪ دفعي، اوناسز جيڪو بيان عام لاءِ جاري ڪيو. ان ڪيتري حد تائين افواهن ۾ ماٺار آندي. پڪ سان نٿو چئي سگهجي پر سندس اهي ڊائلاگ اڃا تائين منهنجي ڪاپيءَ تي درج ٿيل آهن، جن مان لڳندو هو ته يوناني پوڙهو، واهه جي فلاسافي ٿو ٺوڪي ۽ ادب جي پالوٽ ٿو ڪري. چي:
Jackie is a little bird that needs its freedom as well as its security and she gets them both from me.”
هن وڌيڪ چيو؛
She can do exactly as she pleases –visit international fashion shows and travel and go out with friends to the theatre or any  place, I, of course, will do exactly as I please. I never question her and she never questions me.”
انهن ڏينهن ۾ اسان کي وڻندي جئڪي (جئڪلين) هئي پر اسان جو صاحب ۽ پريو مڙس اوناسز هو، جو اسان جي ڪيترن ڪلاس ميٽن هن جي يوناني جهازن تي نوڪري ڪئي ٿي ۽ هن پنهنجي ڪم وارن جو وڏو خيال رکيو ٿي.
اوناسز ۽ جئڪيءَ جي وچ ۾ ويا ويڇا وڌندا. هنن هڪ ٻئي کان کلئي عام طلاق نه ورتي. باقي آخر تائين پاڻ ۾ ٺهيا ڪو نه. ايتري قدر جو اوناسز ڏٺو ته سندس مرڻ بعد، يونان جي قانون مطابق، سندس ملڪيت جو چوٿون حصو جئڪلين کي ملندو، سو پنهنجي ملڪ جي پارليامينٽ جي ميمبرن کي ڏاڍو چيائين ته هو ڪو قانون پاس ڪرائين، جنهن ۾ بيواهه عورتن جو حصو رد ڪيو وڃي. 1975ع ۾ جڏهن اوناسز پئرس ۾ وفات ڪئي، ته هن سان گڏ سندس يوناني ڌيءَ ڪرسٽينا هئي. جئڪي نيويارڪ ۾ رهيل هئي. اوناسز جي ڇڏيل ملڪيت جي سلسلي ۾ ڪيس هليو ۽ ٺاهه مطابق جئڪيءَ کي ويهه ملين ڊالر مليا. جيتوڻيڪ هن جي حصي ۾ 125 ملين ڊالرن کان به مٿي آيو ٿي.
جئڪيءَ زندگيءَ جا آخري ڏينهن، آمريڪا ۾ ئي گذاريا ۽ 19 مئي 1994ع تي وفات ڪيائين. کيس سندس پهرئين مڙس جي ڀر ۾ دفن ڪيو ويو.
اوناسز جو سڄو نالو ارسٽاٽلز ساڪرئٽس اوناسز هو. پاڻ 15 جنوري 1900ع تي سلطنت عثمانيه جي شهر Smyrna ۾ ڄائو. (جيڪو هينئر ترڪيءَ جو شهر ازمير آهي) پهرين جنگ عظيم بعد، ترڪن يونانين کي ڀڄائي ڪڍيو ۽ اوناسز وارا به پنهنجو سڀ ڪجهه ڇڏي، يونان هليا ويا. جتان پوءِ اوناسز ارجنٽائين (ڏکڻ آمريڪا) 1920ع ۾ اچي، پنهنجي وڏن جو تماڪ جو ڌنڌو سنڀاليو. 1925ع ڌاري، هن کي يونان ۽ ارجنٽائين جو پاسپورٽ مليو. 1950ع ۾ هن پهريون پاڻيءَ جو جهاز خريد ڪيو، جنهن تان اٿندي ئي کيس ايڏو فائدو ٿيو جو هو هڪ ٻئي پويان ڪيترا ئي جهاز خريد ڪندو رهيو. ان کان علاوه دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ سندس هوٽلون هلڻ لڳيون. يونان جي مشهور هوائي جهازن جي ڪمپني Olympic Airlines جو مالڪ به اوناسز هو ۽ هاڻ سندس پهرين زال جي 56 سالن جي ڌيءَ ڪرسٽينا آهي.


No comments:

Post a Comment