Sunday, June 04, 2023

ساڻيہ ڏانھن سفر - خير محمد ڪولاچي

ساڻيہ ڏانھن سفر

خير محمد ڪولاچي



مون پنهنجي هڪ ڪتاب جنهنجو نالو ساروڻيون ساڻيه جون هو تنهن ۾ سنڌ ۾ ڏھ مهينا ترسڻ جون يادگيريون قلم بند ڪيون هيون. ان ڪتاب جي مواد کي گهڻن سارهيو هو پر اتي هڪ همراه اهو به سوال اٿاريو هو ته توهان جو هاڻي ديس ته ڪئناڊا آهي توهان سنڌ جي سلهاڙيل يادگيرين کي ڪيئن ٿا ساڻيه جون ساروڻيون چئو. مون کيس لکيو هو ته اسان گهڻو وقت جنهن ڌرتي تي گهاريو آهي، اسان جينهن ڌرتي تي جنم ورتو آهي، جتي رانديون رونديون ڪيون آهن، جتي جي ماروئڙن جي ڏک سک جو حصو رهيا آهيون سو ئي اسان جو حقيقي ديس آهي.

Tuesday, January 31, 2023

موکيءَ مٽ، متارن موت - مھر فقير

موکيءَ مٽ، متارن موت

مھر فقير



ڪافي ڏينهن کان وٺي سنڌ جي ڏاهي ۽ ادبي ڪتاب ”لهرون گيت ڳائن ٿيون جي مصنف ڇور جي شاعر لجپت راءِ مظلوم جي اصرار تي تاريخ ۰۷.۰۴.۲۰۲۲ع خميس جي ڏينهن موڪل هئڻ سبب، ڪراچيءَ جي علائقي موکيءَ جي ڳوٺ ۽ ڪونڪر ڳوٺ ۽ بنديجا اسٽاپ جي ويجهو ناراٿر جبل جو پروگرام جوڙي، رمضان شريف جي ڀلاري مهيني ۾ سوير ڀرو موٽر بائيڪ تي چڪرا ڳوٺ (لجپت راءِ به ڪافي عرصي کان وٺي چڪرا ڳوٺ منجھ رهائش پذير آهي) کان ڪورنگي، شاه فيصل ڪالوني کان ايئر پورٽ وارو رستو ڏئي سپر هاءِ وي کان ناردرن باءِ پاس وارو رستو اختيار ڪري، افغان بستي ڪراس ڪري وڃي موکيءَ جي مزار تي پهتاسون.

موکي چوکي نه ٿئي، اصل اوڇي ذات،

ڏيئي وه وٽيون وات، موکي متارا ماريا. (شاهه)

Friday, January 27, 2023

سرائيڪين جي ديس ۾ - شريف ٿھيم

سرائيڪين جي ديس ۾

شريف ٿھيم



گذريل هفتي سرائيڪين جي ديس وڃڻ ٿيو. خيال اهي ئي هئا ته هي به اسان وانگيان پيپلز پارٽي طرفان مضبوط ڪيل وڏيرڪي نظام ۾ جڪڙيل هوندا. شھر ۽ ڳوٺ به ڏتڙيل هوندا. پر ائين نظر ڪو نه آيو. جڏهن مان سکر کان موٽر وي تي رحيم يار خان کان راجن پور روانو ٿيس ته مٺڻ ڪوٽ وٽ سنڌو درياءَ کي پار ڪيم. جتي چناب، راوي ۽ ستلج سنڌو درياءَ ۾ ڇوڙ ڪن ٿيون. راجن پور کان ڊيري غازي خان تائين جن ڳوٺن ۽ شھرن کي ڪراس ڪرڻو پيو، ان ۾ ڄام پور، ڪوٽ ڇٽا ۽ ٻيا به ڪيترائي ننڍا وڏا شھر هئا. هنن شھرن ۾ مون هڪڙي خاصيت ڏٺي ته فوٽ پاٿن يا روڊن تي قبضا ڪو نه هئا. شھر ڪافي ويڪرا نظر آيا.

Saturday, November 19, 2022

ٿڌي جھان جون ڪي ڳالھيون - خير محمد ڪولاچي

ٿڌي جھان جون ڪي ڳالھيون

خير محمد ڪولاچي



گذريل جمع جي ڏينھن، ڪئناڊا لڳ آمريڪا جي نيويارڪ رياست جي شھر بفلو ۽ ان جي پسگرادائي ۾ سخت برفباري ٿي، جيڪا اٽڪل ٽي (۳) فٽ اونچي ھئي. ھن برفباريءَ شھر ۽ علائقي جي زندگيءَ کي مفلوج ڪري ڇڏيو. ھيءُ علائقو ٿڌو آھي، جنھن ڪري ھتي برفباري ٿيڻ عام آھي. پر ھن سال، وقت کان اڳ، اھا به اوچتي ڳري برفباري، تنھن ماڻھن کي پريشان ڪري ڇڏيو. نيويارڪ رياست جي ميئر ڪيتي ھوچل، ھن شھر ۽ علائقي ۾ ھنگامي حالتن جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي.

Friday, November 18, 2022

آمريڪا جي شھر ھوسٽن جو سفرنامو - خير محمد ڪولاچي

آمريڪا جي شھر ھوسٽن جو سفرنامو

خير محمد ڪولاچي



موجودھ دور ۾ مالي خوشحالي، ڪجھ فارغ وقت ملڻ سان گڏ سفري سھوليتن جي بھتر ٿيڻ سبب، سياحت ۾ وڏو واڌارو آيو آھي. اھا ڪن ملڪن جي معيشت لاءِ وڏي ھٿي به ثابت ٿي آھي. جنھن کي سياحت جو شوق ٿيو سو به ڄڻ ان نشي جو موالي بڻجي ويندو آھي. ماضيءَ ۾ جڏھن سفر ڏکيو ۽ خطرن سان ڀريل ھوندو ھو ته به سياح ڄاڻ جي تلاش ۾ ڏکيائيون سھندا، وڌندا رھندا ھئا. سندن سفر جون ڪٿائون عام ماڻھوءَ لاءِ ڄاڻ جو وسيلو رھيون آھن. تيرھين صديءَ ۾ اٽليءَ جو سياح مارڪو پولو ڊگھو سفر ڪندي چين جي وسيع گوبي صحرا کي پار ڪي چين جي گادي جي ھنڌ تائين پھتو. ھن کي ان وقت جي حڪمران قبلائي خان، وڏو مان ڏئي پاڻ وٽ ترسائي عھدو ڏنو. ائين مراڪش جو ابن بطوطه پڻ چوڏھين صدي ۾ مراڪش کان ھلي، ڪيئي ملڪن کان ٿيندو چين تائين ويو. ان دور ۾ سفر ڏکيو ھجڻ ڪري، گھڻا ماڻھو ڊگھي سفر جي ھمٿ گھٽ ئي ڪندا ھئا، پرھاڻي اھي ڏکيايون نه رھيون آھن. ان ڪري گھربل منزل تي سولائيءَ سان پھچي وڃجي ٿو. اڄڪلھ جا سياح، ماضيءَ جي سياحت جي بنسبت، آڱر وڍائي شھيدن جي لسٽ ۾ نالو لکرائين ٿا.

Thursday, November 10, 2022

کيرٿر جون ور وڪڙ ڳليون - حبيب ساجد

کيرٿر جون ور وڪڙ ڳليون

حبيب ساجد



الاھي دفعا غلط ٽرين ۾ چڙھي،

مان صحيح جاءِ تي پھتو آھيان.

(پائلو ڪوئيلھو)

اھي سال ۲۰۱۰ع جي سرءَ مندَ جا وچولا ڏينھن ھيا، ملڪ جي مٿين علائقن جو ٻوڏ وارو پاڻي جڏھن غيراخلاقي طور تي جوڙيل سمورن ڊيمن جي گنجائش کان چڙھي ويو ته نڪَ جي پڪائيءَ سان اھو سنڌ ڏانھن ڇڏيو ويوھو، نتيجي ۾ اتر سنڌ جي لڳ ڀڳ سڀني علائقن کي اھو پاڻي ٻوڙيندو گذري رھيو ھو ۽ مون انھيءَ ٻوڏ جي پاڻيءَ جو وھڪرو پنھنجي اکين سان روھڙيءَ جي ستين جي آستان واري ٽڪريءَ تان پنھنجي دوست مشتاق صاحب سان ڏٺو ۽ خوفزده ٿي ويو ھيس، لئنسڊائون ۽ ايوب ٻنھي پلين ھيٺيان پاڻي ڪوئي ۳۰ يا ۳۵ ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان وھي رھيو ھو ۽ سرپٽ ڇوليون وچ درياھه ۾ کڙي ٿيل ساڌو ٻيلي جي ديوارن سان زور سان ٽڪرائجي اُٿلَ کائي وري واپس ٿي رھيون ھيون. خوشحال خان خٽڪ ايڪسپريس ٽرين جيڪا ھونئن پشاور کان وايه ڪنديان، ڊيره اسماعيل خان،جيڪب آباد، شڪارپور ،لاڙڪاڻو،دادو،ڪوٽڙي ۽ ڪراچي ھلندي ھئي، ٻوڏ جي ڪري ان جو روٽ تبديل ڪري ڪنديان، ملتان، روھڙي، سکر ۽ پوءِ حبيب ڪوٽ کان وري پنھنجي ساڳي روٽ سان ھلائڻ لڳا ھئا ۽ منھنجي ڊيوٽي روھڙيءَ کان ڪوٽڙيءَ تائين ٽرين انچارج گارڊ طور لڳي ھئي روھڙيءَ کان جھنڊي ڏيکاري گاڏي صبح جو اٺين وڳي ھلي ۽ نائين وڳي حبيب ڪوٽ اسٽيشن تي اڌ ڪلاڪ لاءِ بيٺا سين ڇوته حبيب ڪوٽ ۾ انجڻ جو منھن ڦيرايو ويندو آھي. انگريزن جي دور جي ٺھيل ٽرن ـ ٽيبل کوھه اسٽيشن جي اولھه طرف شڪارپور واري لائين جي ڀڪَ ۾ ٺاھي وئي آھي. ان کوھه نما ڦرڻيءَکي لوھي بيرنگس ۽ فريمن سان جوڙيو ويو آھي، انجڻ جيئن اچي بيھندي آھي ته ھڪ ڄڻو لوھه جي ھٿيي جي معمولي زور سان ۳۰۰ ٽنن جي انجڻ کي جھرڪيءَ جيان ڦيرائي ان جو منھن تبديل ڪري ان کي لاڙڪاڻي طرف ڪندو آھي ۽ ان ۾ مشڪل سان پنج منٽ لڳندا آھي، اھا انجڻ وري ٽرين جي مھڙَ ۾ اچي لڳندي آھي اھو مھڙ اڳ ۾ روھڙيءَ کان پُڇڙ ھيو. سکر کان ۳۳ ڪلوميٽر اولهھ طرف روھڙي ـ ڪوئٽه سيڪشن تي ھيءَ حبيب ڪوٽ اسٽيشن تعميراتي سونھن ۾ اسان جي سکر ڊويزن جي ھڪ اھم اسٽيشن ڪري ليکي ويندي آھي، اسٽيشن جي تعمير ۱۹۴۶ع ۾ ڪئي وئي ھئي يعني ملڪ ٺھڻ کان ھڪ سال اڳ۾، مون ھن اسٽيشن تي ھڪ سال ٽڪيٽ بابوءَ طور ۲۰۰۰ع ۾ ڊيوٽي ڪئي ھئي، اھو منھنجي سروس ڪيريئر جو ھڪ يادگار دور ھيو، ان اسٽيشن تي ۳ ٽرينيون اپ ۽ ڊائون بيھنديون ھيون ۽ ھتان سبزي ڪوئٽه ويندي ھئي، مون کي ياد آھي چاچو بگو مھر روز اسٽيشن تي سبزيءَ جا ٻه ٽي گڏھه گاڏا ڀرائي ڪوئٽه اماڻيندو ھو، اسٽيشن جي آڏو ئي ٻه ڇپرا ھوٽل ھوندا ھئا، جن مان ھڪڙو بروھيءَ جو ھوٽل سڏبو ھو ۽ ٻيو وري مھر جو ھوٽل . ٻنھي تي ڪمال جي چانھه ملندي ھئي، ملاوٽ کي اڃان ھتي ھڪ معاشرتي ڏوھه تصور ڪيو ويندو ھو، ان ڪري خالص کير جي چانھه پيئڻ کان پوءِ اوڳرايون اينديون ھيون ڄڻ چانھه نه پر کيرَ جو ڪوپ پيتو ھجي. ان ئي اسٽيشن جي سانت ۽ سڪون واري ماحول جي ڪري مون ھتي پورو ھڪ ڪتاب ترجمو ڪيو ھو، پئبلو نيرودا ۽ امارو جا نظمَ مون ان اسٽيشن جي سانت ۾ ترجمو ڪيا ھئا.

Saturday, November 05, 2022

سمون ڪنھن سار وانگي ھو - خير محمد ڪولاچي

سمون ڪنھن سار وانگي ھو

خير محمد ڪولاچي



ڪيئي سالن کان البرٽا صوبي ۾ رھندڙ دوستن جو زور ھو ته مان ۽ ٻيا دوست ساڻن ملڻ، رھاڻيون ڪرڻ سان گڏ، ان علائقي جي ڪن من موھيندڙ نظارن کي ڏسڻ وڃون. مخلتف دوستن سان ھر ڀيري اونھاري جي مند ۾ وڃڻ جو واعدو ڪندو ھوس. پر ٻن ڳالھين جي ڪري اھو واعدو وفا ڪو نه ٿي سگھندو ھو. ھڪ ڪئناڊا جو مختصر اونھارو جيڪو ايئن گذري ويندو ھو جو خبر ئي نه پوندي ھئي. ٻيو پنھنجي طرفان نڪرڻ جي سستي. پر دوستن جي تنھن قرب کي شاباش، جنھن ھيٺ ھو لاڳيتو اچڻ لاءِ زور ڀريندا رھيا، جنھن سان نيٺ منھنجي سستي کي مات اچي ويئي. تازو اسان جو دل گھريو دوست نواز پنھور صاحب ٽورنٽو آيل ھو، تنھن سان ملاقات ۾ ھن جلد اچڻ جو واعدو ورتو، جنھن تي مان به اوڏانھن وڃڻ لاءِ تيار ٿي ويس. جيتوڻيڪ اونھاري جا پڇاڙڪا ڏينھن ھئا ۽ امڪان ھو ته البرٽا صوبو، جيڪو ٽورنٽو جي نسبت وڌيڪ ٿڌو آھي، اتي موسم جي جلد ٿڌي ٿي وڃڻ تي گھمڻ ڦرڻ ۾ شايد ڏکيائي ٿئي. پر اصل سانگو، دوستن سان رھاڻيون ڪرڻ ھو. تنھن خواھش ھيٺ، موسم جي ٿڌي ٿي وڃڻ جي خدشي کي نظر انداز ڪري، چوياريءَ جي ڪن دوستن سان وڃڻ جو پروگرام ترتيب ڏنم. ان پروگرام جي خبر ٻڌڻ تي منھنجي ننڍي پٽ جميل چيو ته؛ بابا ھاڻ ته اونھاري جي مند، پڄاڻي کي پھتي آھي. البرٽا ۾ ٿڌ جي شروعات ٿي چڪي ھوندي. ان ڪري توھان کي گھمڻ ڦرڻ وارو مزو گھٽ ٿيندو. اھڙو پروگرام اڳ ٺاھيو ھا ته بھتر ٿئي ھا. مون کيس وراڻيو ته؛ ”اسان جي وڃڻ جو اصل سانگو، سنگت سان رھاڻ ڪرڻ آھي. سو ته پورو ٿيندو. باقي گھمڻ يا سير تفريح، جيتري به ٿي، اھو واڌو فائدو ٿيندو. ايئن اسان چئن دوستن، جن ۾ مبشر ملڪ، عبدالجبار لاشاري ۽ ڊاڪٽر شاھد قريشي شامل ھئا تن وڃڻ لاءِ ٽڪيٽون بڪ ڪرائي ڇڏيون.