Friday, November 18, 2022

آمريڪا جي شھر ھوسٽن جو سفرنامو - خير محمد ڪولاچي

آمريڪا جي شھر ھوسٽن جو سفرنامو

خير محمد ڪولاچي



موجودھ دور ۾ مالي خوشحالي، ڪجھ فارغ وقت ملڻ سان گڏ سفري سھوليتن جي بھتر ٿيڻ سبب، سياحت ۾ وڏو واڌارو آيو آھي. اھا ڪن ملڪن جي معيشت لاءِ وڏي ھٿي به ثابت ٿي آھي. جنھن کي سياحت جو شوق ٿيو سو به ڄڻ ان نشي جو موالي بڻجي ويندو آھي. ماضيءَ ۾ جڏھن سفر ڏکيو ۽ خطرن سان ڀريل ھوندو ھو ته به سياح ڄاڻ جي تلاش ۾ ڏکيائيون سھندا، وڌندا رھندا ھئا. سندن سفر جون ڪٿائون عام ماڻھوءَ لاءِ ڄاڻ جو وسيلو رھيون آھن. تيرھين صديءَ ۾ اٽليءَ جو سياح مارڪو پولو ڊگھو سفر ڪندي چين جي وسيع گوبي صحرا کي پار ڪي چين جي گادي جي ھنڌ تائين پھتو. ھن کي ان وقت جي حڪمران قبلائي خان، وڏو مان ڏئي پاڻ وٽ ترسائي عھدو ڏنو. ائين مراڪش جو ابن بطوطه پڻ چوڏھين صدي ۾ مراڪش کان ھلي، ڪيئي ملڪن کان ٿيندو چين تائين ويو. ان دور ۾ سفر ڏکيو ھجڻ ڪري، گھڻا ماڻھو ڊگھي سفر جي ھمٿ گھٽ ئي ڪندا ھئا، پرھاڻي اھي ڏکيايون نه رھيون آھن. ان ڪري گھربل منزل تي سولائيءَ سان پھچي وڃجي ٿو. اڄڪلھ جا سياح، ماضيءَ جي سياحت جي بنسبت، آڱر وڍائي شھيدن جي لسٽ ۾ نالو لکرائين ٿا.


چوندا آھن ته علم ڪتابن کان وڌيڪ سفر ۾ آھي. سفر ۾ انسان مختلف علائقن ۾ رھندڙ قومن جي رھڻي ڪھڻي جو ذاتي مشاھدو ڪري ٿو. مقامي علم ۽ لوڪ ڏاھپ مان فيض پرائي ٿو. دنيا ڪٿي ڪيئن ٿي جيئي اھا ڄاڻ سفر ڪري انھن سان ملڻ انھن جي زندگي ۽ معمول جو مشاھدو ڪرڻ سان ملي ٿي. يورپ مان جڏھن فر جا واپاري ڪئناڊا پھتا ته ھتي سياري ۾ ٿڌ کان بچڻ جي طور طريقا کين مقامي ريڊ انڊين سيکاريا ھئا. اتر قطبن ۾ جتي ٿڌ ناقابل برداشت آھي، جتي ماڻھو جيئڻ جو تصور نه ٿو ڪري سگھي، پر اتان جا مقامي باشندا اسڪيموز اتي پنھنجي معمول جي زندگي گذارين ٿا. ائين گرم علائقن جا ماڻھو پڻ، اتي جيئڻ جا ڍنگ سکڻ سان گڏ اھا خورڪ واپرائين ٿا، جيڪا موسم جي لحاظ کان موزون آھي. ايئن رھڻي ڪھڻي جنھن ۾ خوراڪ سان گڏ ڪپڙو لٽو شامل آھي سو موسم جي ضرورتن موجب پھرين ٿا.

مان ذاتي طور تي نوڪري دوران يورپ جا ڪي ملڪ ۽ مشرق ۾ جاپان گھمي آيو ھوس ان ڪري ٻاھر جي دنيا کي وڌيڪ گھرائي سان ڏسڻ جي تمنا وڌي ھئي. اھا خواھش ھاڻي رٽائر زندگي دوران پوري ڪرڻ جي ڪوشش رھندي. تازو چند دوستن سان گڏجي ھر سال ڪي ملڪ گھمڻ جوپروگرام رٿيوسين. اسان طي ڪيو ته پھريان ڪئناڊا ۽ آمريڪا جي ڪن علائقن کي ڏسجي پوءِ سائوٿ آمريڪا ۽ يورپ ۽ مشرق جي ملڪن ۾ وڃجي. ان پلان کي عملي جامو پائيندي ڪئنادا جي البرٽا صوبي جو چڪر ٿيو جنھن جو حال احوال تازو پنھنجي سفر نامي ۾ ڏنو ھيم سو توھان جي نظر مان گذريو ھوندو. تنھن کان پوءِ امريڪا جي ٻڻ علائقن کي گھمي ڏٺوسين. ھي احوال منھنجي ھوسٽن شھر جي سفر ۽ اتي گذاريل چند ڏينھن جو آھي.

آمريڪا جيڪو اسان جو پاڙيسري ملڪ آھي سو ڪيئي حوالن سان منفرد ۽ بالادست مقام رکي ٿو. ماضي ۾ ريڊ انڊين جو ھي ملڪ، ھاڻ نون مالڪن جي حڪمراني ۾ دنيا جو سپر پاور آھي. ان ۾ رھڻ، اتي ڪو ڌنڌو ڌاڙي ڪرڻ، ٻارن کي تعليم ڏيڻ يا اتي سير ڪرڻ، گھڻن جي تمنا آھي. اھڙن ماڻھن جي به جيڪي ان جي سامراجي ڪردار جا سخت مخالف آھن. دنيا جي پھريون نمبر اڪانامي رکندڙ ملڪ جي ۵ سيڪڙو آبادي دنيا جي ٽيھ سيڪڙو وسيلن مان حقيقي فائدو وٺي ٿي. ھي دنيا جو سڀ کان وڏو تيل پئدا ڪندڙ ملڪ آھي ۽ وسيلن سان مالا مال آھي. . ان ڪري حڪومت جي آسودي ھئڻ سان گڏ ان جو سڌو ۽ اڻ سڌو ثمر، ملڪ جي عوام کي ملندو رھي ٿو. پر مٿس ۳۱ ٽريلن ڊالر جو قرض به آھي، جنھن ڪري ھي ملڪ دنيا ۾ سڀ کان وڏو قرضي ملڪ آھي. پر پوءِ به ڏنڊي جي زور تي ھٿيار وڪڻي ۽ ٻين ذريعن مان پئسا ڪمائي، ڏاڍائي ۾ اڳ کان اڳرو رھي ٿو.

آمريڪا جيڪو اڄ گھڻن حوالن سان ماڻھن جي پسند جو ملڪ بڻيل آھي تنھن جي گليمر ۾ ماضي جا ڪي دردناڪ داستان دٻجي ويا آھن. مغربي تاريخدان ۽ ليکڪ دنيا کي ان جي ڪاميابين، اسرڻ ۽ اڳتي وڌڻ جي ڳالھين ٻڌائڻ سان ان کي دنيا جي ھن تھذيب ۽ دور جو مھندار ٿا سمجھن. دنيا جي گھڻن ملڪن جا ماڻھو جيڪي مغربي تعليمي نظام سان سلھاڙيل آھن، سي اھڙا ڪتاب پڙھي نئين تھذيب ۽ ترقي جي شروعات ئي مغربي ملڪن کان ڪيل ٿا سمجھن. اھو آمريڪين جي جارح حڪمت عملي جو حصو آھي جنھن ۾ ليکڪ به پنھنجو ڪردار ادا ڪري پنھنجي محاذ تي ڪم ڪري پنھنجو حصو وجھي ٿو.

چيف سياٽل جي ڪيل تاريخي تقرير به رڪارڊ تي ھجڻ جي باوجود گھڻن جي سامھون اچي نه سگھي آھي. ھن ريڊ انڊين اڳواڻ اھا تقرير سن ۱۸۵۴ع ۾ واشنگٽن جي گورنر کي ان وقت مخاطب ٿيندي ڪئي ھئي، جڏھن گورنر ھنن اصلي باشندن کي زمين وڪرو ڪرڻ جو چيو ھو. ھيءَ تقرير سياٽل جي ھڪ اخبار ۾ سن ۱۸۸۷ع ۾ ڇپي ھئي. ان تقرير جا ڪي جملا ھيٺ ڏجن ٿا.

اھو آسمان جيڪو اسان جي بزرگن جي درد تي ھمدردي جا لڙڪ لاڙيندو ھو سو ھاڻ شايد اھو نه رھي. گورن جي ھڪ فرزند اسان کي دوستي جو پيغام موڪليو آھي جنھن جي اسان موٽ به ڏيون پر ھن وٽان اسان کي سچي دوستي جي ڪا اميد ڪونھي. ڇاڪاڻ ته ھن جا ماڻھو اسان جي ڌرتي تي گاھ وانگر پکڙجي ويا آھن، جڏھن ته اسان جي حيثيت ڪٿي ڪٿي بيٺل وڻن واري آھي. ھو اسان کان زمينون وٺي اسان تي اھا مھرباني ٿا ڪن ته اسان پنھنجي محدود علائقي ۾ آزاد گذاريون.

پنھنجي تعداد گھٽجڻ تي افسوس ضرور آھي پر مان ان تباھي تي ڪو ماتم ڪو نه ڪندس. جڏھن اسان جي ديس ۾ ھڪ به ريڊ اندين نه رھندو ته اسان ھڪ ڏند ڪٿا بڻجي وينداسين. مان ڏسان ٿو ته نوجوان پنھنجي بقا لاءِ جان جي بازي لڳائڻ لاءِ تيار آھن پر بزرگ عداوت وارو رويو رکڻ نه ٿا چاھين. اسان جا مئل به ھن جھان جو حصو آھن. موت ڪا شيءِ ڪونھي، فقط جھان بدلڻ جو نالو آھي.

اسان جي وڏڙن جي خاڪ ۽ جتي اھا خاڪ آھي اھا ڌرتي اسان لاءِ مقدس آھي. جڏھن ته گورا پنھنجي وڏڙن جي قبرن سان لاتعلق ٿي وڃن ٿا. تنھن ڪري ھنن جا مئل وڏڙا به کين پيار ڪو نه ٿا ڪن. ان جي ڀيٽ ۾ اسان جا مئل بزرگ، پنھنجي خوبصورت دنيا کي ڪو نه وساريندا آھن. اھي ديس جي وادين، ڀڻ ڀڻ ڪندڙ ندين، عاليشان جبلن، وادين، ڍنڍن ۽ سامونڊي ڪنارن کي ڪڏھن ڪو نه ٿا وسارين. . گورن جو دين پٿر جي سليٽ تي لوھائن آڱرن سان لکيل آھي. جڏھن ته اسان جو دين، اسان جي وڏڙن جا رواج ۽ رسمون آھن، بزرگن جا خواب، قبيلي جي اڳواڻ جي ڏاھپ آھي، جيڪا اسان جي ماڻھن جي دلين تي نقش آھي.

مان گورن تي زور ٿو ڏيان ته اھي ڌرتي کي پوري قوت، دماغ ۽ دل سان پيار ڪن ۽ ان جو خيال رکن.

آمريڪا وڃڻ جو پروگرام رٿيل ڪو نه ھو پر پوئين ڀيري جڏھن اسان ايڊمنٽن شھر ۾ ھئاسين ته اتي جي ساٿين ٻڌايو ته آمريڪا جي رياست ٽيڪساس جي شھر ھوسٽن ۾ سانا جي چونڊ مھم جي حوالي سان ھڪ ميڙاڪو رکيل آھي، جنھن ۾ اميدوارن کي اتان جي ماڻھن سان متعارف ڪرايو ويندو. ھنن ٻڌايو ته ھتان به اسان ڪي دوست ان ميڙاڪي ۾ شرڪت لاءِ وينداسين. اسان جي دوستن به ارادو ڏيکاريو ته اسان به ڇو نه ان موقعي تي ھلون، جتي گھڻن دوستن سان ملاقات جو موقعو ملندو. ان سان گڏ اھو شھر به گھمون ۽ اتان جو جھان به ڏسي اچون. ڳالھ سڀني کي وڻي. تنھن ڪري اسان به کين اتي اچڻ جو واعدو ڪيو.

واپس اچي پنھنجي دوست اصغر پٺاڻ سان رابطو ڪيوسين. جنھن ان موقعي تي ٿيندڙ پروگرامن جا تفصيل ٻڌايا. ھن چيو ته ان موقعي تي ٻه ڏينھن لاڳيتو ٻه پروگرام ترتيب ڏنل آھن. ھڪ اميدوارن جو تعارف ۽ ٻئي ڏينھن ھوسٽن ڪميونٽي طرفان سنڌ جي ٻوڏ ستايلن لاءِ فنڊ ريزنگ جو پروگرام آھي. اصغر پٺاڻ جتي اسان سڀني جو دوست آھي اتي ھو اسان جي ساٿي مبشر ملڪ جي شھر روھڙي سان تعلق رکي ٿو. ھو شاگردي جي زماني کان ساڳين اسڪولن ۾ پڙھي، ساڳئي پاڙي ۾ رھڻ ڪري، ھڪ ٻئي جا سٺا دوست آھن. ملڪ صاحب اڪثر ڪري ھوسٽن شھر، اصغر وٺ ويندو رھندو آھي.

اصغر کي جڏھن ملڪ صاحب اسان سڀني جي اچڻ جي پروگرام بابت ٻڌايو ته ھن چيو ته توھان سڀ منھنجا مھمان ھوندا. مان توھان کي ايئرپورٽ تان وٺي اچڻ لاءِ اتي موجود ھوندس. رڳو پنھنجي ٽڪيٽ جي ڪاپي موڪلي ڇڏيو. جنھن تي اسان کيس ٽڪيٽ جي ڪاپي موڪلي ڇڏي. اصغر بابت جيئن مٿي لکيو اٿم ته سندس تعلق روھڙي شھر سان آھي. ويھارو کن سالن کان آمريڪا جي شھر ھوسٽن ۾ مقيم آھي. اتي سندس ڪاروبار آھن. جنھن ڪري اتي ڪميونٽي ۾ متعارف ھئڻ سان گڏ ھڪ مقام رکي ٿو. ملنسار ۽ يار باش طبيعت جو مالڪ آھي. جتي ھو ڪاروبار، گھر ٻارن کي وقت ڏئي ٿو اتي ھو دوستن لاءِ به ڪافي وقت ڪڍندو آھي.

اسان سفر جي چئن ساٿين جن ۾ مان مبشر ملڪ، ڊاڪٽر شاھد قريشي ۽ عبدالجبار لاشاري شامل ھئاسين آمريڪا ھلڻ جو پروگرام طئي ڪري ٽڪيٽون وٺڻ لاءِ مبشر ملڪ کي ذميواري ڏنيسين. ٽورنٽو مان جيڪڏھن ھوسٽن شھر جي لاءِ ٽڪيٽ وٺجي ٿي ته اھا بين الاقوامي ٽڪيٽ جي ذمري ۾ اچي ٿي. تنھن ڪري مھانگي آھي. ان ڪري آمريڪا جي ڪنھن شھر ڏانھن سفر لاءِ ڪڏھن آمريڪا جو ايئرپورٽ بفلو کي استعمال ڪندا آھيون، جيڪو ٽورنٽو کان اٽڪل ٻن ڪلاڪن جي ڊرائيو تي آھي. اھا اڏام آمريڪا اندر ڊوميسٽڪ ٿي وڃي ٿي. ان ڪري گھڻي سستي پوي ٿي.

مبشر ملڪ جيڪا ٽڪيٽ ورتي، سا اٽڪل ۳۵۰۰ ڪلوميٽرن جي سفر لاءِ بيحد سستي ھئي. اھا ٽڪيٽ، واپسيءَ جي ٽڪيٽ سان گڏ، اسان کي ٽي سؤ چاليھ ڪئنيڊين ڊالرن ۾ ملي. ٽڪيٽ جي خريد ٿيڻ تي، ان ڏينھن روانگيءَ جي تياري ڪري ڇڏيسين. اڏام صبح سوير ستين بجي ھئي. ان ڪري اسان ڪار رستي، رات جو اڍائي وڳي گھر مان نڪتاسين. ايتري صبح سوير روڊ خالي ھو. تنھنڪري گاڏي ڊوڙائيندا اچي ناگرا فال وٽان آمريڪي سرحد تي ٺھيل چيڪ پوسٽ تي پھتاسين.

اسان سڀني وٽ ڪئنيڊين پاسپورٽ ھئا. ان ڪري ويزا يا ڪو ٻيو سفري ڊاڪيومينٽ گھربل ڪو نه ھو. اڪثر ڪري چيڪ پوسٽ تي بيٺل آفيسر ڪئنيڊين کان ڪيڏانھن ٿا وڃو، ڇو ٿا وڃو، ڪڏھن موٽندا جھڙا ٻه ٽي رسمي سوال ڪري، وڃڻ ڏيندو آھي. انھن سوالن جا جواب، گھڻو ڪري گاڏيءَ ۾ ويٺي ڏنا ويندا آھن. جي ڪنھن آفيسر کي وڌيڪ سوالن ڪرڻ يا ڇنڊ ڇاڻ جي ضرورت محسوس ٿي ته ھو انھن سفر ڪندڙن کي ويجھي ھال ۾ موڪليندا آھن. اسان جي گاڏي چيڪ پوسٽ تي پھتي ته رات جي ان وقت فقط اسان جي گاڏي ھئي. پٺيان ڪا گاڏي ڪا نه ھئي. اسان سسٽم موجب، پنھنجا پاسپورٽ چيڪ پوسٽ تي موجود آفيسر جي حوالي ڪيا، جن ذريعي ھن اسان جي سڃاڻپ جي تصديق ڪئي. . ھن روايتي طور تي اسان کان مٿي بيان ڪيل معمول جا سوال ڪيا. ھڪ واڌو سوال اھو ھو ته توھان ھڪ ٻئي کي ڪيئن سڃاڻو. اسان کيس وراڻيو ته اسان جو تعلق، ھڪ ئي ديس سنڌ سان آھي. اسان ھڪ ئي سنڌي ٻولي ڳالھائيندا آھيون. اسان جي ھڪ قوم آھي. اسان ھڪ ٻئي جا پراڻا دوست آھيون.

اتي مون کي ياد آيو ته اھڙو ئي سوال ڪنھن ٻاھرين ملڪ ۾ ھڪ اجنبيءَ، سيد سردارعلي شاھ (موجودھ وزير تعليم ۽ ڪلچر) کان پڇيو ھو ته؛ تون ڪير آھين ۽ ڪٿان جو آھين. جنھن کي عنوان بڻائي سردار شاھ شعر ٺاھيو آھي ته

ڪالھ پڇو ڪنھن رستي ويندي،

آخر ڪھڙو ديس آ تنھنجو،

مون ته چيو؛ مان سنڌي آھيان،

سنڌڙي جندڙي ديس آ منھنجو،

ھونئن ته آدم زادو آھيان،

جيڪو پايان ويس آ منھنجو.

جيتوڻيڪ ھن اسان جا پاسپورٽ اسڪين ڪري، اسان جي آمريڪا اچڻ وڃڻ جو رڪارڊ چيڪ ڪيو، جنھن موجب اسان اڳ ڪيئي ڀيرا وڃي چڪا آھيون. اھڙي صورت ۾ عام طور تي وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏيندا آھن پر ھن اندازي جي ابتڙ اسان کي اميگريشن ھال طرف وڃڻ لاءِ چيو. طريقي موجب، ھن اسان جا پاسپورٽ به اوڏانھن موڪلي ڇڏيا ھئا. اسان ھال ۾ پھتاسين ته اتي اسان کان سواءِ ڪو ئي ڪو نه ھو. اسٽاف به واندو ويٺو ھو. پر ھنن اسان کي ڏھ منٽ ويھاري، پوءِ دري وٽ سڏيو. ساڳيا ئي سوال ڪيا. وري اسان کي ويھڻ لاءِ چيائون. ڏھن منٽن کانپوءِ سڏي، اسان کي پاسپورٽ ڏئي، وڃڻ جي اجازت ڏنائون. اھڙي ڪارروائيءَ تي دوستن جا مختلف رمارڪس ھئا. ھڪڙن جو خيال ھو ته ھو پنھنجي نوڪري پڪي ٿا ڪن، جي ھو گھڻن ماڻھن کي روڪي پڇا ڳاڇا نه ڪن ته پوءِ ھيترن ماڻھن جي ضرورت ڪيئن رھندي. ايئن ھو ڪارروائي وجھي، پنھنجي نوڪري پڪي ڪن ٿا. مغربي ملڪن ۾ به سرڪاري ڪامورا، وڌيڪ ڪم ھجڻ جي ڪارروائي وجھي، پنھنجي نوڪري پڪي ڪندا آھن. ڪن جو خيال ھو ته ھي اھڙي ڪارروائيءَ سان چيڪ پوسٽ تي پڇا ڳاڇا ھئڻ واري تاثر کي، ماڻھن تائين پھچائڻ چاھيندا آھن. خير! جيڪو به ٿيندو رھيو، اسان سڪون سان پنھنجي ڪچھري ۾ لڳا رھياسين. ان ڪري جو اسان کي پڪ ھئي ته ھو اسان کي ضرور وڃڻ ڏيندا. پاسپورٽ ملڻ تي اسان آمريڪا جي بفلو ايئرپورٽ طرف روانا ٿي وياسين.

بفلو ايئرپورٽ سرحد کان اٽڪل اڌ ڪلاڪ جي ڊرائيو تي آھي. بفلو شھر ناگرا فال وٽ آمريڪا جي حد ۾ آھي. ھي شھر نيويارڪ رياست جو ٻيو نمبر وڏو شھر آھي. ھن شھر جو ايئرپورٽ ٻن حوالن سان مصروف رھي ٿو. ھڪ ته بفلو شھر ۽ ان جي پسگردائي وارا ماڻھو ان کي استعمال ڪن ٿا، ٻيو ته سرحد جي ويجھو ھجڻ ڪري ڪي ڪئناڊا جا ماڻھو ھتان ھوائي سفر شروع ڪن ٿا. اسان ڊرائيو ڪندا، جلد اچي ايئرپورٽ جي حدن ۾ داخل ٿياسين. ھتي ھر ڪنھن جي مصروف ھئڻ ڪري، چند ڏينھن لاءِ سفر تي ويندڙ ماڻھو گاڏي ايئرپورٽ تي پارڪ ڪري ھليا ويندا آھن. واپسي تي وري پنھنجي گاڏي ذريعي واپس ايندا آھن. چند ڏينھن جي مناسب پارڪنگ فيس ڀرڻ ڪو مسئلو ڪونھي. اسان به ائين ڪيو. ايئرپورٽ ويجھو وسيع ميدان ۾ اھڙي پارڪنگ جا ڪيئي لاٽ ٺھيل آھن. اسان ايئرپورٽ پارڪنگ جي آخري حصي ۾ وڃي گاڏي بيھاري، جيڪو ھنڌ وٿيرڪو ھئڻ ڪري اتي گاڏي بيھارڻ جي پارڪنگ فيس به گھٽ ھئي. اتان جي معمول موجب گاڏي پارڪ ڪري ايئرپورٽ لاءِ ھلندڙ شٽل ۾ سوار ٿياسين. شٽل جي ڊرائيور اسان کي ان اسٽاپ جو ڪارڊ ڏنو ته جيئن واپسي تي ان ھنڌ کي ڳولڻ ۾ سولائي ٿئي. اتي معلوم ٿيو ته ان لاٽ ۾ پارڪنگ جي فيس ۱۱ ڊالر في ڏينھن آھي جيڪا نھايت مناسب لڳي. اسان چند منٽن ۾ اچي ايئرپورٽ بلڊنگ وٽ پھتاسين.

اسان جون بورڊنگ پاسون اڳ ئي نڪتل ھيون ان ڪري سڌو سيڪيورٽي چيڪ طرف وياسين. سامان ته ھليو ويو پر جڏھن مان لنگھيس ته سامھون بيٺل آفيسر چيو ته اڃا ڪجھ تو وٽ آھي جنھن ڪري تون ڪليئر نه پيو ٿين. مون کيسن ۾ ھٿ ھنيو ته ھڪ ڊالر جو سڪو پيل مليو جيڪو ڪڍي ٻاھر رکي پوءِ گيٽ مان لنگھيس ته آفيسر چيو ته ٺيڪ آھي ھاڻي تون وڃ. اڄ جي دور جون ھي مشينون ڪيتريون جديد آھن جو ڪنھن معمولي شيءِ جي به نشاندھي ڪيو ڇڏين.

جڏھن سڀئي ساٿي ڪلئير ٿي اڳتي آيا ۽ مقرر گيٽ وٽ پھتاسين ته محسوس ٿيو ته جھاز ۾ سوار ٿيڻ لاءِ اڃا ڪلاڪ آھي ان ڪري صلاح ڪري ھڪ ڪافي ھائوس تي وياسين جتي ڪافي سان گڏ ڪجھ کائڻ پيئڻ جون شيون ورتيون سين. اھي کڻي وڃي ھڪ ٽيبل تي ويھي پنھنجي ڪچھري ۾ لڳي وياسين. وقت تي اچي جھاز ۾ سوار ٿياسين. اسان جو سيٽون گڏ ھيون ان ڪري سفر ۾ به حال احوال ڪندي وقت پئي گذاريوسين. ھنن مقامي ۽ سستين اڌامن ۾ جتي کائڻ پيئڻ لاءِ ڪجھ ڪو نه ڏين فقط پاڻي يا جوس جو گلاس حاضر ڪن اتي اھو به نوٽ ڪيم ته ھوائي ميزبانن تي ڪنھن يونيفارم جي پابندي ڪو نه ھئي. مرد پنھنجي روايتي ڊريس ۾ پئي خدمت ڪئي ته عورت فضائي ميزبانن کي به ڪا يونيفارم پاتل ڪو نه ھئي رڳو ايئرلائين جو بيج لڳل ھين. جتي فضائي ميزبان پنھنجو ڪم پوري ڌيان سان ڪري رھيا ھئا اتي مسافر به پڙھيل ۽ سمجھدار ھجڻ ڪري پرسڪون ويٺا ھئا. اسان جي ملڪي ايئرلائين ۾ ان حوالي سان جھان نرالو آھي. پي آءِ اي جي ھڪ ميزبان ڇوڪري کان جڏھن پڇيم ته اسلام آباد ويندڙ ۽ ملڪ جي اندورني حصن ۾ ايئرپورٽن ڏانھن ويندڙ اڏامن ۾ مسافرن جو رويو ڪيئين ھوندو آھي. ھن وراڻيو ھو ته اسلام آباد واري اڏام اسان لاءِ مٿي جو سور ھوندي آھي. سفر ڪندڙ ڪامورا ۽ سياستدان ٿوري ٿوري ڳالھ تي رعب ڪري نوڪري مان ڪرائڻ جا داٻا ڏيندا آھن جڏھن ته ننڊن شھرن ڏانھن ويندڙ ماڻھو گھڻو ڪري چپ ويھي وقت گذاريندا آھن. اسان وٽ پڙھيل ماڻھو ته مھذب رويو رکي پر ھتي تعليم رھندو ماڻھن کي مغرور بڻائي ڇڏيو آھي جيڪي پنھنجي طاقت جو ظاھر ڪرڻ تي فخر محسوس ڪندا آھن.

ياد اٿم ته اسان جا ڪي دوست ھوائي سفر کان لھرائي اسلام آباد ريل گاڏي ۾ سفر ڪندا ھئا. اھڙي طرح ٽورنٽو ويجھو ھڪ ننڍي شھر ۾ مقيم اسان جو دوست ھاءِ وي تي گاڏي ھلائڻ ۾ خوف محسوس ڪندي ننڊن روڊن تان گاڏي ھلائيندو ڪيئي ڪلاڪ جو وڌيڪ سفر ڪري پھچندو ھو. اسان جي شھر جو ھڪ رٽائرڊ فوجي سپاھي چوندو ھو ته اسان کي ٽريننگ ڏيندڙ فوجي چوندو ھو ته ڊرائيوري ڪرڻ بھادرن جو ڪم آھي. اسان ننڍي ھوندي ان جون اھڙيون ڳالھيون ٻڌي کلندا ھئاسين پر ھاڻ اھڙا مثال ڏسون ٿا جن ۾ ڊرائيوري ۾ بھادري واري عنصرجو ڪجھ دخل لڳي ٿو. خوف به وڏي بلا آھي جيڪو ماڻھو کي ڪمزور ڪري فيصالا سازي تي اثر انداز ٿئي ٿو. زندگي ۾ حوصلي سان جيئڻ ۽ پڇتاءُ جي زندگي کان بچڻ لاءِ انسان کي خوف تي قابو پائڻ گھرجي.

جھاز جي اڏام جاري رھي ۽ مقرر وقت تي اچي ھوسٽن جي ھوائي اڏي تي لٿو، جتي اصغر پٺاڻ اسان کي ڀليڪار چئي، ساڻ وٺي وڃڻ لاءِ موجود ھو. ھوائي اڏو، ڪافي وڏو ھو. جنھنڪري ڪھڙي ٽرمينل تي آھيون ۽ ڪھڙي پاسي کان نڪرون؛ تنھن جو اصغر کان پڇي، ھوائي اڏي جي ان حصي طرف وڃڻ لاءِ ايئرپورٽ جي اندر ھلندڙ ريل گاڏي، جيڪا ايئرپورٽ جي حدن ۾ مسافرن کي پنڌ کان بچائڻ لاءِ ھلندي آھي، تنھن ۾ سوار ٿي ان گيٽ وٽ پھتاسين. گيٽ کان ٻاھر نڪتاسين ته اصغر اسان کي ڏسي گاڏي ھلائي، اسان جي ويجھو اچي ويو. گاڏيءَ مان لھي، سڀني سان قرب سان مليو. سامان گاڏي ۾ رکي پاڻ به سوار ٿياسين ته گاڏي ھاءِ وي تي اچي ھوا سان ڳالھيون ڪرڻ لڳي ۽ اسان پاڻ ۾ ڳالھيون ڪرڻ ۽ ھڪ ٻئي کان حال احوال وٺڻ ۾ لڳي وياسين.

ڪئناڊا جو وڏو حصو، سياري ۾ ٿڌو رھندو آھي. ان جي برعڪس آمريڪا وڏو ملڪ ھئڻ ڪري، ان جي ڪن حصن ۾ موسم گرم رھي ٿو. اھڙن علائقن ۾ ٽيڪساس رياست جو ھوسٽن وارو شھر ۽ علائقو به اچي وڃي ٿو. ھوسٽن شھر جي موسم ڪراچي جھڙي آھي. اتي ٿڌ، تمام گھٽ ٿي ٿئي. ھوسٽن وارا، اسان ٽورنٽو وارن کي چوندا آھن ته يار توھان ته ڊيپ فريزر ۾ ٿا رھو. ڪئناڊا جي ٽن ٿڌن صوبن جا ماڻھو، خاص ڪري زميندار طبقو، جن جي سياري ۾ زمين تي ڪو ڪم ڪار ڪونھي، سي ڪافي وقت کان سياري جا ڏينھن، آمريڪا جي گرم شھرن ۾ وڃي رھن ٿا. ھنن اتي گھر به وٺي ڇڏيا آھن. مقامي ماڻھو، انھن کي موسمي پکي چوندا آھن. ڪئناڊا ۾ سيٽ ٿي، ھاڻ رٽائر ٿيندڙ اسان دوستن به اھڙو ئي پروگرام ٺاھيو آھي. پر اسان جي سياري ۾ سائبيريا جي پکين وانگر ھجرت، سنڌ طرف ھوندي.

اسان ڪئناڊا مان آيا ھئاسين، جتي ٿڌي موسم شروع ٿي چڪي ھئي. ھتي ھوسٽن ايئرپورٽ بلڊنگ کان ٻاھر نڪتاسين ته موسم گرم ۽ خوشگوار ھئي، جنھن سبب اسان کي فرحت پئي محسوس ٿي. اصغر پٺاڻ اچي ھڪ بنگلي تي گاڏي جھلي. جنھن تي پٺاڻ ھائوس جو بورڊ لڳل ھو. ان جي اندر داخل ٿياسين ته بنگلو سٺي فرنيچر سان آراسته ٿيل ھو. اصغر ٻڌايو ته؛ ھي بنگلو مون دوستن سان ھفتيوار موڪلن دوران ڪچھري ڪرڻ ۽ ٻاھران آيل مھمانن کي ترسائڻ لاءِ خالي رکيو آھي. ھتي ھر ھفتي دوستن جي ڪچھري مچندي آھي. ھن اسان کي چيو ته؛ توھان ھن بنگلي ۾ رھندئو ۽ توھان جي ضرورت جي ھر شيءِ ھتي موجود آھي. بنگلي جي پٺئين پاسي وڏو اڱڻ به جتي ٻاھر ويھي ڪچھري لاءِ ٽيبل ۽ ڪرسيون به رکيل ھيون.

ٻئي ڏينھن صبح جو اسان کي ھوسٽن شھر ۾ رھندڙ دوست، سانا جي اڳوڻي صدر ۽ ھوسٽن ڪميونٽي جي سرگرم ڪردار جميل دائودي سان سندس ڀاءُ آفتاب دائودي جي وفات تي عذرخواھي ڪرڻي ھئي. طئي ايئن ٿيو ھو ته رات تائين ڊاڪٽر مقبول ھاليپوٽو به پھچندو ته سڀ گڏجي صبح جي پھر جميل دائودي جي گھر وينداسين. ھوسٽن شھر ۾ پھچڻ ۽ صبح جو وٽس اچڻ جو جڏھن جميل دائودي کي اطلاع ڏنم ته ھن وارڻيو ته سائين مان ته اڄ رات ڪنھن ضروري ڪم سانگي شڪاگو شھر پيو وڃان ۽ آچر جي شام رات تائين واپس موٽندس. ھن وڌيڪ چيو ته؛ توھان قسمت سان آيا آھيو. پنھنجي اچڻ جو اطلاع جيڪڏھن ھفتو کن اڳ ڏيو ھا ته مان پنھنجو پروگرام ئي نه ٺاھيان ھا. مون کيس چيو ته؛ اسان جو جھان ائين ئي ھلندو آھي. سنڌ جي ماضي واري جھان وانگر. جڏھن مواصلاتي نظام نه ھئڻ ڪري ماڻھو اوچتو اچي دروازي تي پھچي سڏ ڪندا ھئا. تنھن لاءِ ھڪ چوڻي به مشھور ٿي ته؛ ”جاڙا خان ڪتي کي جھلجانءِ! اسان پھچي ويا آھيون.“

ان تي ھن چيو ته؛ پوءِ مان ھاڻي ئي توھان سان ملڻ، توھان جي جاءِ تي اچان ٿو ۽ اتي ئي دعا به گھري ٿا وٺون. ٿوري دير ۾ جميل اچي پھتو. بھترين ماڻھو ۽ دل گھريو دوست آھي. اھڙو شخص آھي جنھن سان ملي دل خوش ٿي ويندي آھي. ساڻس ڀاءُ جي وفات تي عذرخواھي ڪري پوءِ خبرون چارون ڪيوسين. ڪافي دير تائين ويٺو رھيو. بار بار چوندو رھيو ته؛ توھان جي ڪنھن خدمت جو موقعو نه مليو. کيس چيوسين ته ھاڻي رستو ڏٺوسين ۽ ايندا رھنداسين. رات جو اسان کي ڪنھن تقريب ۾ وڃڻو ھو، تنھن ڪري اسان ھڪ ٻئي کان موڪلايوسين.

اسان تيار ٿي نڪتاسين. اڄ شام ٻه سانگَ ھئا. ھڪ مبشر ملڪ ۽ اصغر پٺاڻ جي مشترڪ دوست شبير بروھيءَ جي عيادت ڪرڻ ھو. ان کان پوءِ ھتان جي ھڪ مقامي چونڊ مھم جي حوالي سان، سائين محمود ڏاھري جي گھر تي رکيل تقريب ۾ شريڪ ٿيڻو ھو. ملڪ صاحب ٻڌايو ته شبير بروھي ھڪ متحرڪ شخص ۽ يار باش طبيعت جو ماڻھو رھيو آھي. مان جڏھن به ھوسٽن آيس ته ھن جي مھمان نوازي ۽ قرب جي ڪچھري مان ھميشه لطف اندوز ٿيس. ھي اھڙن ماڻھن مان آھي جيڪي شاھ سائين جي شعر وانگر

ايندي چوني آءُ، ويندي چوني ويھ،

ڇڏي سارو ڏيھ، اڱڻ وڃجي انھن جي.

ڪامياب ڪاروباري ھئڻ سان گڏ، سوشل ھئڻ ڪري، دوستن جو حلقو ۽ ان حلقي ۾ مقبول شخص رھيو آھي. پر زندگي جي ھڪ وڏي آزمائش، کيس بستر ڀيڙو ڪري ڇڏيو آھي. سال کن اڳ، مٿس فالج جو سخت حملو ٿيو ھيو. جنھن ھن جي وجود ۽ صحت کي لوڏي ڇڏيو. ڪافي وقت صحت خراب رھيس، ھاڻي ڪجھ بھتر ٿي رھيو آھي. ھو ھاڻ ماڻھن سان ڳالھائي ٻولھائي سگھي ٿو. اصغر پٺاڻ جي اھا وڏائي ۽ پرخلوص دوستي جو ھو ان عرصي دوران وٽس باقائدگي سان ويندو رھيو ۽ سندس خاندان جي رابطي ۾ رھي انھن جي پرگھور ڪرڻ واري ذميواري ادا ڪندو رھيو. اھا آھي انسانيت ۽ وقت تي ڪم اچڻ وارو دوست. اھڙن ئي دوستن جي ھجڻ ڪري ماڻھو آسودو ليکيو ويندو آھي. اسان جي ساڻس پھرين ملاقات ھئي. پوءِ به اسان جو تفصيلي تعارف ڪرڻ ۽ اسان سان ڪي گھڙيون گذارڻ جي سندس تمنا، واضح پئي نظر آھي. ھن پوءِ مبشر ملڪ ۽ اصغر پٺاڻ سان گذريل وقت جي حوالي سان ڪي ڳالھيون ٻولھيون ڪيون. ڪجھ دير ان وٽ رھي پوءِ سندس صحت لاءِ دعاگو ٿي، اڳتي سندس چڱڀلائيءَ جي اميد تي ساڻس وقت گذارڻ جي خواھش ۽ واعدو ڪري کانئس موڪلايوسين.

صحت ڪيڏي نه وڏي شيءِ آھي. ان ڪري ئي چوندا آھن ته؛ ”تندرستي، ھزار نعمت آھي.“ جوانيءَ ۾ ان جو قدر ڪو نه ٿا ڪريون پر وقت گذرڻ کان پوءِ يا بيماريءَ واري ڪيفيت ۾ ان جي اھميت جو حقيقي قدر پوي ٿو. انسان جو سڀ کان وڌيڪ پيار، پنھنجي حياتي سان ٿئي ٿو. پر ماڻھن کي ڪي اھڙيون حالتون درپيش اچن ٿيون جو ھو ان پياري شيءِ مان به بيزار ٿي، پنھنجو انت آڻي ٿو ڇڏي. ان لاءِ علم بدن ۽ علم صحت جي اھميت آھي جو اھي انساني حياتي سان لاڳاپيل آھن. بيماري، انسان لاءِ ھڪ خوف آھي. اھا زندگي لاءِ ھڪ خطرو آھي. جنھن جي اچڻ تي انسان، ويڄن جا در کڙڪائي ٿو. صحت جي بحالي لاءِ جتن ڪري ٿو. ستيون ڦڪيون کائڻ سان گڏ، کاڌي جي پرھيز ڪري، نفس کي قابوءَ ۾ رکي ٿو. ھاڻي ته ڄاڻ وڌڻ جي ڪري، انسان پنھنجي صحت بھتر رکي، بيمارين کان بچڻ لاءِ ڪڏھن ورزش ڪري، ڪٿي کاڌي کائڻ مھل ھٿ روڪي ٿو ته ڪٿي صحت جي لاءِ بھتر يا سادن کاڌن کي واپرائي ٿو. ڪٿي وري انسان پنھنجي زندگيءَ جي موج مستين ۾ گم رھي ٿو. ڪڏھن وري ھو لاپرواھ ٿي، زندگيءَ جي معمول کان خوراڪ جي چونڊ تائين، صحت کي ڌيان ۾ رکڻ بجاءِ وات جي لذت جي اثر ۾ رھي ٿو. تازو ڪنھن فيس بوڪ تي ھڪ پوسٽ رکي، جيڪا معاشري جي عام زندگي ۽ ماڻھن جي رحجان جي نشاندھي ڪري ٿي. ڪنھن لکيو ته؛

ماڻھو ميوو ڇڏي پڪوڙا، سموسا کائيندو آھي، پوءِ بيمار ٿي اسپتال ڀيڙو ٿيندو آھي. اسپتال جي بستري تي ھو مائٽن جا آندل صوف، مالٽا ۽ انگور کائيندو آھي ۽ وري سندس مائٽ پاڻ ۾ اسپتال جي ٻاھران ويھي سموسا ۽ پڪوڙا کائيندي ڪچھري ڪندا آھن. زندگي جو اھو ئي چڪر آھي.

ھاڻ اسان اصغر پٺاڻ سان گڏجي، محمود ڏاھري جي گھر پھتاسين، جيڪو پري ڪو نه ھو. محمود ڏاھري، ھوسٽن شھر جو متحرڪ ڪردار آھي. جيڪو ھتان جي سنڌين سان گڏ سياسي جھان ۾ پڻ حصو وٺڻ ڪري، ان ۾ ڪردار ادا ڪري ٿو. گھڻا سنڌي دوست، ھن شھر ۾ اچڻ تي ھن جي مھمان نوازيءَ مان لطف اندوز ٿيندا رھندا آھن. اسان ان گھر ۾ پھتاسين ته تقريب اڳ ئي جاري ھئي. جنھن ۾ ھڪ گورو ڪائونٽي جي جج جو اميدوار، چونڊ مھم جي سلسلي ۾، پنھنجي خيالن جو اظھار ڪري رھيو ھو. ھو معاشري جي ڪن مسئلن تي روشني وجھندي، انھن جي حل بابت پنھنجو موقف پيش ڪري رھيو ھو. اسان به ان ھلندڙ تقريب ۾ وڃي ويھي رھياسين. اميدوار جي تقرير کان پوءِ ان جي ڪن حمايتين ڳالھايو. ان کان پوءِ حاضرين طرفان ڪي تجويزون، ڪي سوال پڇيا ٿي ويا. جنھن جا اميدوار، جواب پئي ڏنا. اڳ ئي ڪافي دير ٿي چڪي ھئي ۽ ٽيبل تي لڳل ماني ٿڌي ٿي رھي ھئي، تنھن کي محسوس ڪندي، ميزبان تقريب کي پڄاڻي تي پھچائڻ جو اعلان ڪري، مھمانن کي کاڌي لاءِ سڏيو. اتي سڀ ويٺل، ھڪٻئي سان ملڻ ۾ لڳي ويا. اتي گھڻا ته مقامي ھئا. اسان مھمان ھئاسين. تنھنڪري دوستن سان گڏ ڪي نوان ھمراھ به اچي دعا سلام ڪرڻ لڳا.

تقريب ۾ ادي نصرت لاشاري به موجود ھئي، سا مون کي ڏسي مون ڏانھن ھلي آئي ۽ اچي دعا سلام ڪري خير خيريت پڇيائين. پڇڻ تي ٻڌايائين ته ھاڻ مان ھتي مستقل طور رھان ٿي. ھن پوءِ پنھنجي مڙس کي سڏي، ان سان ملائي، ان سان منھنجو تعارف ڪرائي منھنجي بابت ٻڌايو. ادي نصرت سنڌ جي نامياري ليکڪ، اديب ۽ صحافي فقير محمد لاشاري جي ڌيءُ آھي. فقير محمد جو تعلق اسان جي تر جي ھڪ ننڍي شھر گاجي کھاوڙ سان ھو. ھن جا لکيل اخباري ادارا ۽ ليک حڪومتي حلقن ۾ ھلچل مچائي ڇڏيندا ھئا. عوام دوستي، انساني حقن لاءِ آواز ۽ حڪومتي پاليسين تي کلي تنقيد ڪندو ھو. کيس ان ڳالھ تان ھٽائڻ لاءِ ڪيئي ڪوششون ٿيون پر ھو مرڻ گھڙي تائين پنھنجي ان ڪم تي اٽل رھيو.

اھو به مشھور ٿيو ھو، پوءِ اھا حقيقت ھئي يا نه. ڄام صادق علي جڏھن سنڌ جو وڏو وزير ھو ته ڪنھن ھنڌ ملڻ تي کيس چيائين ته فقير محمد ڏسڻ ۾ ڪيڏو نه سھڻو جوان آھين. ڪجھ ھلڪو ھٿ رک. جيڪڏھن نه ته ڪنھن ڏينھن سامھون ڪا گاڏي اچي تو تي چڙھي ويندي. تون جھان مان ھليو ويندين. مان تنھنجي تڏي تي اچي تنھنجي ٻارن کي نوڪريون ڏيندس ۽ انھن جي مدد ڪندس. پوءِ سڀ منھنجي واھ واھ ڪندا.

اھو به دور ھو ۽ اھي به ماڻھو ھئا، جيڪي موت جي ڌمڪين تي به پنھنجي موقف تان ڪو نه ھٽندا ھئا.

ادي نصرت کان سندس ڀاءُ سارنگ بابت پڇيم ته ڇا ھو ھتي اچي سيٽ ٿيڻ ۾ ڪا دلچسپي نه ٿو رکي. تنھن تي وراڻيائين ته ھن جي ھيڏانھن اچي سيٽ ٿيڻ ۾ اڃا ته دلچسپي نظر نه ٿي اچي. مون کيس چيو ته جيڪو جنھن جھان ۾ رھي ٿو، تنھن جي معمول ۾ رنگجي ھو ان ۾ سڪون محسوس ڪري ٿو. ڪٿي اڃا ھن ٻاھرين دنيا جا فائدا نه ڏٺا آھن يا اھا سندس ترجيح ڪو نه آھي. کيس ٻڌايم ته منھنجا ٻه ڀاڻج ڪئناڊا ۾ اميگريشن ملڻ کان پوءِ ڪجھ وقت رھي واپس ويا ته وريا ئي ڪو نه. ھنن کي پنھنجي ديس جي جھان ۾ وڌيڪ مزو اچي ٿو. چوندا آھن ته؛ ڪٿي چور سڃا، ڪٿي ڍور سڃا. جيڪي مغربي ملڪن ۾ رھن ٿا، تن مان ڪي اتي خوش ته ڪي پوئتي جي جھان کي ساريندا رھن ٿا. ڪي ته ڪئناڊا ۾ سالن کان رھندي ڪئناڊا جا شھري ھوندي، پاسپورٽ استعمال ڪرڻ جي باوجود گفتگو ۾ چوندا ته ھي ڪئناڊا وارا، يا ڪئنادا ۾ ھي ٺيڪ ڪونھي. اھو سڀڪجھ ان انداز ۾ چوندا ڄڻ ھو ڪو ڪئينيڊين ئي ڪونھن. اھڙي رويي مان ظاھر آھي ھتي رھندي به ھو ذھني طور تي پنھنجي اباڻي وطن ۾ موجود آھن. جيڪي مغربي ملڪن ڏانھن اچڻ چاھين ٿا سي وري اچڻ جا رستا پيا ڳولين. ھر ڪنھن جي پنھنجي پسند ۽ پنھنجو جھان آھي.

سائين ڊاڪٽر سليمان شيخ صاحب ٻه ڀيرا ٽورنٽو آيو ھو، تنھن سان ڊگھيون ڪچھريون ٿيون ھيون. سندس ٻن پٽن مان ھڪ آمريڪا ۽ ٻيو ڪئناڊا ۾ سيٽ آھي. ڪچھري ڪندي کيس ھڪ مرحلي تي چيم ته سائين ھاڻي توھان به ھتي اچي رھو. ان تي سنجيدھ ٿيندي وراڻيائين ته سر مارئي ۾ شاھ سائين جو شعر آھي ته

الست بربڪم، جڏھن ڪن پيوم،

قالو بليٰ قلب سين، تڏھن تت چيوم،

تنھن وير ڪيوم، وچن ويڙھيچن سين.

ھن مون کي مخاطب ٿيندي چيو ته؛ ”ڪولاچي صاحب! سنڌ سان جند آھي! اتي ئي دائمي رھڻ جو وچن ٿيل آھي. انڪري سنڌ کي ڪو نه ڇڏبو.“ انھن آخري جملن ادا ڪرڻ مھل مان ھن جي ڪيفيت کي سمجھي رھيو ھوس. مون کي چيل اھي جملا سندس اندر جو آواز محسوس ٿيا.

ماڻھن سان ملندي طلعت ٽالپر جي گھر واري نڪولتا ٽالپرجيڪا گوري نسل مان آھي سا وڌي اچي ملي. اصل ۾ سانا ڪنوينشن، جيڪا ٽورنٽو شھر ۾ سن ۲۰۰۶ع ۾ ٿي ھئي تنھن وقت مرڪزي عھديدارن ۾ طلعت ٽالپر به شامل ھو. ھو ان باڊي ۾ خزانچي ھو. ان ڪنويشن جو مقامي ميزبان مان ھوس. ان جي ڪم ڪار ۾ طلعت ٽالپر جي گھر واري نڪولتا، ڪافي وقت ڏئي اسان جو ھٿ ونڊايو ھو. پوءِ ڪنھن ڪنوينشن ۾ ڪو ھڪ اڌ ڀيرو ايندي ويندي ڪو دعا سلام ٿي. ان ڪري کانئس پڇيم ته مون کي سڃاڻي ٿي. وراڻيائين ته ھا پاڻ گڏجي ٽورنٽو ڪنوينشن جو ڪم ڪيو ھيوسين. ان سان گڏ ٻئي ملاقات جي مختصر دعا سلام به ياد ھئس. جڏھن ان جو ذڪر ڪري طلعت کي سندس گھر واري جي حافظي جي تعريف ڪيم ته ھن ٻڌايو ته ھن جي يادگيري ڏاڍي پڪي آھي. ڪٿان ھلندي اسان جاين يا لوڪيشن تي سرسري نظر وجھندا آھيون سالن کانپوءِ وري اتان لنگھڻ تي تبديليون ڏسي ٻڌائيندي آھي ته ھت ھي پراڻي جاءِ ڪونھي ۽ ھن نئين عمارت جو واڌارو ٿيو آھي. سندس ٻي خوبي ته ھو سنڌين جي گڏجاڻين ۾ مڙس سان گڏ باقائدگي سان ايندي آھي. ڪي مغربي عورتون، ٻولي يا ڪلچر جي مختلف ھجڻ تي، اھڙي ميل جول کان لنوائينديون آھن. پر ھوءَ، اھڙن ميڙاڪن ۾ اڳڀري ھوندي آھي. سندس اھڙي شخصيت، مزاج سبب، ڪميونٽي ۾ مقبول آھي ۽ سندس واکاڻ ڪئي ويندي آھي.

اختر علي خواجه سان غائباڻو تعارف ھو. فيس بوڪ تي رابطو به رھندو ھو. پر روبرو ملاقات ڪو نه ٿي ھئي تنھن کي خبر ھئي ته اسان به اصغر پٺاڻ سان گڏ اچون پيا. تقريب ۾ ملاقات کان پوءِ ھن کي اسان سان گڏ اچڻو ھو ۽ طئي ٿيل پروگرام موجب کيس رات سنگت سان رٿيل ڪچھريءَ ۾ شريڪ ٿيڻو ھو. اختر علي خواجه اتي اصغر پٺاڻ واري دوستن جي چوياري جو مکيه ڪردار آھي. مانائتي شخصيت، گفتار ۽ روين ۾ انتھائي مھذب، دوستن جو خيال رکڻ سان گڏ، انھن جي سرگرمين ۾ وڌي چڙھي حصو وٺڻ سان گڏ سنگت کي ساٿ ۽ وقت ڏيڻ جي خوبين سان ڀريل آھي. اھڙو ماڻھو جنھن سان ملي دل خوش ٿي وڃي.

 تقريب ۾ ٻيا به ڪيئي دوست اچي ملندا رھيا. جن ۾ اسان جو پيارو دوست عيسيٰ ڀرڳڙي شامل آھي، سو به اچي قرب سان مليو. حال احوال ورتائين. ٻڌايائين ته پاڻ ٻنھي پروگرامن ۾ گڏ ھونداسين پر ھڪ ڏينھن پنھنجي ۽ پنھنجي تنظيم شاھ لطيف ڪلچرل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪساس طرفان توھان مھمانن جي مان ۾ ھڪ دعوت به رکنداسين. ان کان پوءِ اعجاز عالماڻي اچي مليو، جيڪو پڻ ھتان جي ڪميونٽي جو متحرڪ ڪردار آھي ۽ ھڪ مقامي ريڊيو اسٽيشن تان پيش ٿيندڙ پروگرامن جو ھوسٽ آھي.

ميزبان محمود ڏاھري سان پھرين ملاقات ھئي. غائباڻو تعارف ٿيل ھو. سو به اچي اسان سڀني سان مليو. خبرون چارون پڇي پوءِ ماني لاءِ وٺي ويو. جتي سڀني گڏجي رات جي ماني کاڌي. ۽ پوءِ چاءِ جو دور شروع ٿيو. اڃا دوست خبرن چارن ۾ ھئا ته اسان تقريب جي ميزبان کان موڪلائي اختر علي خواجه سميت، پنھنجي رھائش طرف روانا ٿياسين، جتي اسان جي رات جي ڪچھري مچڻي ھئي. ٿوري دير ۾ اچي جاءِ تي ويٺاسين. اصغر پٺاڻ پنھنجي چوياري جي دوستن جن ۾ طلعت ٽالپر، سھيل سومرو ۽ پير ابراھيم شامل ھئا تن کي به چئي ڇڏيو ھو، جيڪي پڻ اچي محفل جو حصو ٿيا. اتي ويٺي اصغر پٺاڻ عبدالغفار تبسم کي فون ڪري منھنجي اچڻ جو ٻڌايو ۽ کيس اچي چوياري جو حصو ٿيڻ لاءِ چيو. تبسم صاحب وارڻيو ته مان ڪنھن دعوت ۾ آھيان. پر اتان جلد موڪل وٺي توھان جي ڪچھري ۾ شامل ٿيان ٿو. سو به ڪلاڪ کن ۾ اچي پھتو.

محفل جو رنگ پئي بدليو، ڪن لاءِ محفل شيخ اياز جي شعر وانگر ھئي ته

جنھن وقت چراغ شام ٻري،

۽ ميخاني ۾ جام ٻري،

تنھن وقت اسان جو پنڌ پري،

پنھنجو به پائو آ پيارا!

ڪي رند ته ڪي صوفي. پر اھي غير پياڪ ھتي جي سھپ واري ماحول جو اثر وٺي ٻئي جي عمل تي ارھا ڪو نه ٿين. ھر ڪنھن کي پنھنجو جھان ھلائڻ ڏجي. اھو ئي سيڪيولر سوچ جو حسن آھي. برداشت جنھن ۾ بنيادي عنصر آھي. ڪو مون جھڙو ھجي يا ٿي وڃي سو انتھا پسندي واري سوچ آھي جيڪا اختلافن، نفرت ۽ فسادن جو بنياد بڻجي ٿي.

عبدالغفار تبسم منھنجي ڪتاب مان ۽ منھنجو جھان جيڪو منھنجي آتم ڪٿا جون پھريون ڀاڱو آھي جو ذڪر ڇيڙيو. تنھن کي پاڻ سان آندل ڪتاب سوکڙي طور ڏنم. ھن چيو ته مون به پنھنجي آتم ڪٿا جو پھريون حصو ڪيئي سال اڳ ڇپرايو آھي. باقي ٽي حصا اڃا لکڻا آھن. اتي ھن چيو ته يار ھاڻ حافظو به ڪمزور ٿيندو پيو وڃي. ڳالھيون ياد نه ٿيون رھن. سندس ڳالھ سان مون به اتفاق ڪيو ته مون سان به ايئن ٿو ٿئي. اھو عمر سان ٿئي ٿو پر ڪنھن جي ياداشت چڱي ته ڪنھن جي ڪمزور آھي. اھو ھر ڪنھن جي صحت ۽ شخصيت تي منحصر آھي. کيس ٻڌايم ته؛

”اسان جي علائقي ۾ ھڪڙو ھمراھ رھندو ھو. جڏھن ھو ڪجھ پڪي عمر جو ٿيو ته کيس ويسارو ٿي پيو. پوءِ پنھنجي اوطاق ۾ ويٺي ٻارن کي چوندو ھو ته؛ ’ابا وڃ! گھران پڇي آ ته مون ماني کاڌي آھي.‘ ھڪ ڀيري ٻني گھمڻ لاءِ گھوڙي تي سوار ٿي اتي پھتو. گھوڙو وڻ سان ٻڌي، ٻني گھمڻ لڳو. گھمندي گھمندي پنڌ اچي گھر پھتو. گھر وارن پڇيس ته؛ ’گھوڙو ڪٿي؟‘ ٿورو سوچي وراڻيائين ته؛ ’اڙي اھو ته مان ٻني تي ئي ٻڌل ڇڏي آيس.‘“

عبدالغفار تبسم جيترو سٺو شاعر آھي، اوترو ملنسار ۽ ٿڌي طبيعت جو مالڪ آھي. شعر شاعري جي موضوع تي به ڳالھايوسين. ھن نوجوان نسل کان شاعري جي حوالي سان مايوسي جو اظھار ڪيو. سندس موجب شاعر کي ٻولي جي معياري ڄاڻ ھجڻ گھرجي ته جيئين ھو نج ٻولي سان گڏ درست جاءِ تي درست لفظ استعمال ڪري. ڪچھري دوران راڳين طرفان سندس ڪن ڪلامن جو ذڪر ٿيو ته ان سان گڏ کانئس ڪن شعرن جي فرمائش به ڪئيسين، جيڪي ھن ڪچھري کي ٻڌايا. سندس ڪي مشھور شعر آھن.

جنون جوش جذبا جوالا ڪنداسين،

ٻوٽيون ماس ٻاري مشالا ڪنداسين،

رڳو پرين پڪ ڏي پنھنجي اچڻ جي،

اسان تي ڇڏي ڏي ته ڇا ڇا ڪنداسين.

-

ڏُکَ جو اثر ته وٺبو پاڇا ته ناهيون جانان،

سج، چنڊ، سمنڊ وانگي نرڄا ته ناهيون جانان.

ڪو ڏُک سهي رُناسين، ڪنهن سُکَ تي ٽهڪي پياسين،

احساس جي اثر کان، آجا ته ناهيون جانان.

چوياري جو ٻيو دوست طلعت ٽالپر، ڪافي وقت کان ھتي مقيم ۽ سانا ۾ سرگرم ھجڻ ڪري، ڊگھي عرصي کان تعلق رکي ٿو. ڪافي ڄاڻو ماڻھو ۽ ڳالھئاڻ ۾ اعتماد ڀريل آھي. پنھنجي موقف کي ڀرپور انداز ۾ رکڻ جو ھنر رکي ٿو. ڪچھري ۾ ھن سان ڪيترن ئي موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي رھي. محفل ۾ رنگ ڀريندڙ ھڪ ٻيو دوست سھيل سومرو ھو. ھن جي شخصيت ۾ ملنسار ۽ ساٿ ڏيڻ واري خوبي ڪري ھتي جي چوياري جو مکيه ڪردار آھي. منھنجي ساڻس پھرين ملاقات ھئي پر پھرين نشست ۾ ائين لڳو ته ڄڻ سالن جا دوست آھيون. پوءِ جيترو وقت رھياسين، سندس ساٿ ۽ ڪچھرين مان لطف وٺندا رھياسين. ڪچھري جو ساٿي ڊاڪٽر پير ابراھيم شاھ ھيو جنھن جو تعلق گمبٽ شھر سان آھي. ھتي ھوسٽن شھر ۾ ڪيئي سالن کان رھي ٿو. نھايت باصلاحيت ۽ ملنسار ھئڻ سان گڏ، ھتان جي چوياري ۾ متحرڪ رھي ٿو.

چوندا آھن ته؛ پئسي جو قدر، جوئا جي ٽِڪريءَ تي نه ھوندو آھي. موالي وري ونڊي ورھائي کائڻ جي خوبي رکن ٿا. ڪچھري وري انھن جي، جيڪي پيگ ٻن پيئڻ کان پوءِ، اندر جي ڳالھ کولي ڪندا آھن. انھن جو اندر ٻاھر، ھڪ ٿي ويندو آھي. ڪچھريءَ ۾ به جيڪڏھن ٻئي جي موقف کي ٻڌي، پنھنجو دليل ڏجي، ان سان گڏ اڳين جي درست ڳالھ تي غور ڪجي ته ھوند ڪچھري معلومات ونڊيندڙ ٿي ويندي آھي. پر ڪٿي ڏاھپ جو مڙئي جارحاڻو استعمال ٿيندو آھي، اتي چپ ٿي وڃڻ ۾ ئي خير آھي. ياد اٿم ته ھڪ ڀيري ڪراچي شھر ۾ ٿيل ڪچھري ۾ ھڪ ھمراھ سان خيالن جي ڏي وٺ پئي ٿي. ھو پنھنجو پاڻ کي دانشور ۽ عقل ڪل سمجھندڙ پئي لڳو. سنڌ جي لساني مسئلي جي حل لاءِ چيائين ته جي زرداري صاحب ۽ الطاف حسين پاڻ ۾ ملي وڃن ته سنڌي ۽ اردو آبادي به پاڻ ۾ ھڪ ٿي ويندي. ھن ان خيال جي حق ۾ دليل ڏيندي چيو ته توھان ٻن رنگن کي پاڻي ۾ ڇڏيو ته ٿوري دير کان پوءِ پاڻ ۾ ملي ھڪ ٿي ويندا. مون کيس چيو ته مان به اھڙي لساني اتحاد جي حق ۾ آھيان پر تو وارو مثال ھتي فٽ ڪو نه ٿو ٿئي. رنگن جا نه ذھن آھن ته نه وري ڪي مفاد آھن. جڏھن ته انسانن جا مفاد آھن انھن جو رنگن وانگر جلد مڪس ٿي وڃڻ ايترو سولو ڪونھي. پر ھمراھ مڃي ئي نه. سمجھيم ته ھن سان بحث، مٿي ماري کان سواءِ ڪجھ ڪونھي، سو مان خاموش ٿي ويھي رھيس. پوءِ ھن اھڙا ئي فلسفا پئي بيان ڪيا. دوست چون ته تون چپ ڇو ٿي ويو آھين. کين وراڻيم ته ڳالھ اسان جي دليل کان چڙھيل آھي، ان ڪري چپ رھڻ ئي بھتر آھي. اسان جي ڏاھپ ايئن به چند فقرن، چند دليلن تي ائين ٻڌل ھوندي آھي جيئن ڪي راڳي ھڪ ڪلام جي مقبوليت تي سڄي عمر جھان ھلائيندا رھندا آھن. ياد اٿم ته نوي جي ڏھاڪي ۾ پي ٽي وي تي زال مڙس اچي گانو ڳائيندا ھئا جنھن جا ٻول ھئا:

خدا ھم ڪو ايسي خدائي نه دي،

ڪه اپني سوا ڪچھ دکائي نه دي.

اھو ڪلام گھڻو ڪري روز ھلندو ھو. اھو ڪلام ته ھو چڱو ڳائيندا ھئا پر انھن کي گلوڪار سمجھي جڏھن ڪن پروگرامن ۾ ٻئي ڪلام جي فرمائش ٿي ته صفا ڳائي ڪو نه سگھيا. ھڪ ڏينھن ڪراچي جي ھمراھ انھن جي تعريف پئي ڪئي. مون کيس وراڻيو ته ھنن کي ان ھڪ گاني تي ته پاڪستان جي شھريت ملي ھوندي، ھندستاني دانشورن جي ان دليل تي ته ھي گانو ۽ ھنن جو ڳائڻ، ملڪي سلامتي لاءِ ضروري آھي.

اسان جي مجلس ۾ سڀئي دوست، مھذب انداز ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪندا ٿي رھيا، تنھنڪري محفل ۾ جان رھي. ڪافي رات ٿي ويئي ته پوءِ سنگت گھرن ڏانھن رواني ٿي. اسان به وڃي بستر ڀيڙا ٿياسين. سفر جي ٿڪ ۽ ڏينھن جي مصروفيت ڪري جسم ٿڪل ھو. تنھنڪري جلد گھري ننڊ اچي ويئي.

اسان جو دوست مبشر ملڪ جلد وڃي ستو ھو. سو صبح جو جلد اٿي چاءِ تيار ڪرڻ ۾ لڳي ويو. ھو چاءِ تمام سٺي ٺاھيندو آھي. سندس گھر جنھن کي عام طور تي اسان بچل جي اوطاق چوندا آھيون (بچل به سندس ننڍپڻ جو نالو آھي) اتي ھو ٽانڊن تي ڳڙ جي چاءِ ڪاڙهيندو آھي. دوست اھا چاءِ شوق سان پيئندا آھن ته ڪڏھن کانئس ان جي فرمائش به ڪندا آھن، جيڪا ھو دل سان پوري ڪندو آھي. اسان به ھوريان ھوريان اٿندا ڊرائنگ روم ۾ ايندا وياسين. صبح جي چاءِ سا به چوياريءَ ۾، تنھن جو لطف ئي پنھنجو آھي. چاءِ جي ڪوپ تي ڳالھيون پئي ٿيون. اڄ جي پروگرام ۾ صبح جي نيرن اصغر پٺاڻ جي گھر ھئي. جيتوڻيڪ ھتي کاڌي پيتي جي ھر شيءِ موجود ھئي ۽ اسان ھتي پاڻ نيرن تيار ڪري کائڻ پئي چاھي. پر ھن چيو ته؛ اڄ نيرن منھنجي گھر ٿيندي. ان کانپوءِ اسان کي اصغر پٺاڻ جي ڪاروبار ڏانھن وڃي ان کي ڏسڻو ھو ۽ اصغر پٺاڻ کي ٿوري دير ڪاروبار جي نگراني به ڪرڻي ھئي. اسان جي ساٿي شاھد قريشيءَ کي اتي جي ڪاروبارن جو جائزو به وٺڻو ھو، ڇو جو ھو اتي ڪنھن ڪاروبار ڪرڻ جو سوچي رھيو آھي. ان سان گڏ شھر جو ڦيرو ڏئي اھو به ڪجھ ڏسڻو ھو. شام جو وري محفل مچڻي ھئي.

اصغر پٺاڻ جو گھر شگر لينڊ جي علائقي ۾ آھي، جيڪو ھن شھر جو مھانگو حصو ھجڻ ڪري، سرنديءَ وارن جي رھڻ جو علائقو آھي. ڪشادو گھر، ان جو شاندار ڏيک ۽ اڏاوت به سٺي، اندر وري اڳ جي دور وانگر اونچيون ڇتون جنھن سان رھڻي ڪھڻي وڌيڪ آرامدھ ٿئي ٿي.

اصغر پٺاڻ جڏھن آمريڪا آيو ھو ته ھن کي ڪانٽيننٽل ايئرلائين ۾ سٺي نوڪري ملي ھئي، جيڪا ھن جلد ڇڏي ڏني. ھن جو خيال ھو ته جي مان نوڪري ڪندو رھندس ته ڪو ڪاروبار ڪري ڪو نه سگھندس. سندس ان فيصلي تي ڪن دوستن ارھائي جو اظھار به ڪيو. پر وقت ثابت ڪيو ته ھن جو فيصلو دورانديشي وارو ھو. ڪاروبار ۾ ئي انسان لاءِ سڀ کان وڌيڪ روزي موجود آھي. نندپڻ ۾ ڪي قول پڙھندا ھئاسين ته وڌندر واپار، نيچ نوڪري. اھو ئي سبب آھي جو واپارين وٽ ئي سڀ کان وڌيڪ پئسو ھوندو آھي.

اسان سندس گھر پرتڪلف نيرن ڪئي، جيڪا ڄڻ ڏينھن جي ماني جي ڪوٽا پوري ٿي. جنھن کان پوءِ سندس گاڏيءَ ۾ سوار ٿي سندس پئٽرول پمپ ۽ اسٽور، جيڪي ھڪ ئي پراپرٽي ۾ آھن، تنھن طرف وياسين. ماضيءَ ۾ گھڻي ۽ ھاڻي به ڪنھن حد تائين، اھا شڪايت آھي ته ڪارا دڪاندارن کي تنگ ڪن ٿا، ڪٿي ڦرن جو وارڌاتون به ٿين. ماضي ۾ اھڙن دڪانن تي ڦر جي مزاحمت ۾ ڪي قتل به ٿيا ھئا. ان تي اصغر ٻڌايو ته منھنجو اسٽور ان علائقي ۾ آھي جتي ڪارا وڌيڪ رھن ٿا. اھي ئي گھڻو ڪري منھنجي اسٽور مان خريداري ڪندا آھن. پر مون کي اڃا تائين کانئن ڪا شڪايت نه رھي آھي. ان جو شايد سبب اھو آھي ته مان ساڻن دوستاڻو رويو رکندو آھيان ۽ ھو ياري باشي جا ڪوڏيا آھن جنھن ناتي ھو وقت تي مددگار به ٿي ويندا آھن.

ھن وڌيڪ ٻڌايو ته منھنجو ھڪ ڪاروبار گورن جي علائقي ۾ به ھو. ھو ڪنھن ڳالھ تي ناراض ٿين شڪايت يا قانوني ڪارروائي جي ڌمڪي ڏيڻ سان گڏ ڪٿي شڪايت به ڪري ڇڏن پر ھي ڪارا خوش مزاج آھن ۽ ننڍي وڏي ڳالھ جي پرواھ ئي ڪو نه ڪندا آھن. ان ڪري ھنن سان ڏيتي ليتي ڪرڻ، وڌيڪ سولو آھي.

اصغر جي پئٽرول پمپ ۽ اسٽور تي پھچي، اندر وياسين. اتي محسوس ڪيم ته ھن جي اسٽور ۾ لڳل اي ٽي ايم مشين تان پئسن ڪڍرائڻ لاءِ ڪافي ماڻھو اچن ٿا. ايترو استعمال ڇو واري سوال تي اصغر پٺاڻ ٻڌايو ته ان جو استعمال ڪارا وڌيڪ ڪن ٿا. اصغر ٻڌايو ته ان بابت جڏھن ڪن کان پڇيم ته ڏينھن ۾ ٻه ٽي ڀيرا پئسا ڪڍرايو ٿا جنھن سان ھر ڀيري توھان کي ٽي ڊالر فيس ڏيڻي پوي ٿي. توھان ڏينھن ۾ ھڪ ڀيرو پئسا ڪڍرائي فيس ڇو نه ٿا بچايو. ھنن وراڻيو ته جيترا پئسا پرس ۾ ھوندا اھي زال يا گرل فرينڊ ڪڍي ويندي، ان ڪري کيسي ۾ ٿورا پئسا رکندا آھيون. وري ضرورت پوڻ تي ٻيھر ڪڍرائي وٺندو آھيان. اھا فيس ڪو نه ٿي ماري. گھڻا پئسا کيسي ۾ رکڻ وڌيڪ نقصان آھي.

اسان اندر اسٽور ۾ ڪيشيئر جي ڪمري ۾ وڃي بيٺاسين، جتان ھن خريدارن کان پئسا پئي ورتا. اڳ ٻڌو ھيوسين ته لوھي گرل لڳل ھوندي ھئي پر مون ڏٺو ته اتي شيشو لڳل آھي. اصغر پٺاڻ کان پڇيم ته ھي شيشو حفاظت لاءِ ڪافي آھي؟ تنھن تي مرڪي وراڻيائين ته ھي شيشو بلٽ پروف آھي. وقت سان گڏ حفاظت بھتر ٿيندي پئي وڃي. ٻيو ته ڪئميرا جي گھڻي استعمال سبب، نظرداري به بھتر ٿئي ٿي. ٽورنٽو شھر ۾ ھڪ ڏينھن ھڪ دوست جي فون آئي، جيڪو ڪلاڪ ڏيڍ جي ڊرائيو تي ھڪ شھر ۾ رھندو آھي. ھن چيو ته فلاڻي پئٽرول پمپ تي وڃ ۽ کين منھنجي پئٽرول جا پئسا ڏئي اچ. ھن ٻڌايو ته ٻه ڏينھن اڳ مان پئٽرول ڀرايو پر پئسا ڏيڻ وسري ويا ۽ مان ھليو آيو ھوس. پئٽرول پمپ تي لڳل ڪئميرا ذريعي ھنن منھنجي گاڏي جي نمبر پليٽ وسيلي منھنجو فون نمبر حاصل ڪري مون کي فون ڪيو آھي ته توھان پئٽرول ڀريو ھو پر پئسا ادا ڪو نه ڪيا ھئا. مون کي به اھا غلطي ياد اچي ويئي. ھاڻ انھن پئسن ڏيڻ لاءِ ٻه ٽي ڪلاڪ جو سفر ڪيان. اھو پئٽرول پمپ تنھنجي شھر ۾ آھي ۽ تو کي ويجھو به آھي، ان ڪري وڃي منھنجي طرفان پئسا ادا ڪري اچ. مان ٿوري دير ۾ وڃي، سندس اھا ادائگي ڪري آيس. ھن ڳالھ لکڻ جو مقصد اھو ٻڌائڻ آھي ته اڳ ڪو ايئن پئٽرل وجھي ھليو ويندو ھو ته ڳولڻ ڏکيو ھو پر ھاڻ سولو ٿي ويو آھي.

اسٽور تي بيٺي ڪيئي گراھڪ پئي آيا، جن پنھنجي گھرج جون شيون پئي ورتيون. ھڪ ھمراھ ھڪ شرٽ ورتي. اصغر چيو ته؛ ھن قسم جا ھمراھ ھي شرٽ وٺي ھفتو ٻه پائيندا، وري نئين وٺي ھن کي اڇلائي ڇڏيندا. ڌوئڻ جي گھڻي تڪليف ئي نه ڪن. اتي ڏٺم ته سگريٽ جي پاڪيٽ وٺندڙن سان گڏ ڪي اھڙا به پئي آيا جيڪي ھڪ، ٻه يا ٽي سگريٽ وٺندا رھيا.

اھو سوال ته ڪئناڊا ۾ ڪاروبارن جي فيل ٿيڻ جو امڪان وڌيڪ ھوندو آھي، جڏھن ته آمريڪا ۾ گھڻو ڪري دڪانداري ڪامياب آھي، سو ڇو؟ ھن وراڻيو ته ڪئناڊا جي شھرن ۾ رھندڙ گھڻو ڪري ھجرت ڪري آيل آھن. انھن، خاص ڪري مشرقي ماڻھن، ۾ ٻاھر اجايو پئسو خرچ ڪرڻ جو رحجان گھٽ آھي. ان جي ڀيٽ ۾، ھتي اميگرنٽ گھٽ ۽ مقامي ماڻھو وڌيڪ آھن، جن ۾ ھي ڪارا به شامل آھن. ھي گورا ۽ ڪارا، سڀاڻي جي ڪو نه سوچيندا آھن. کليو خرچ ڪندا آھن. ٻيو ته ھتي جي دڪانن تي بيئر وغيرھ رکڻ جي اجازٽ آھي، جنھن سبب وڪرو وڌي ٿو. جڏھن ته ڪئناڊا وڌيڪ ڪنزرويٽو سوسائٽي آھي جتي دڪانن تي اھي شيون وڪرو ڪو نه ٿينديون آھن.

اسان اصغر پٺاڻ کي پنھنجي ڌنڌي جي نظرداري ڪرڻ لاءِ ڪجھ وقت ڇڏي، شھر طرف نڪري وياسين. ھوسٽن شھر بابت ٻڌائيندو ھلان ته ھي آمريڪا جي رياست ٽيڪساس جو سڀ کان وڏو شھر ۽ آبادي جي لحاظ کان آمريڪا ۾ چوٿون نمبر وڏو شھر آھي. . سن ۱۸۲۶ع ۾ ھن نئين اسرندڙ آبادي تي ميڪسيڪو جي حڪمران حملو ڪري، اتي جي ھٿياربندن کي شڪست ڏئي قبضو ڪيو. پر ڏھن سالن کانپوءِ سيم ھوسٽن جي اڳواڻي ۾ مقامي ھٿياربندن ميڪسيڪو جي قابض فوج کي شڪست ڏئي ھن علائقي کي وري آزاد ڪرائي ڇڏيو. ان ڪري سيم ھوسٽن جي مڃتا طور، ھن شھر جو نالو ھوسٽن رکيو ويو. ھن علائقي ۽ شھر جي ترقي ۾ سامونڊي جھازراني سبب وڏو فائدو ٿيو. شھر کان اٽڪل پنجاھ ميلن جي فاصلي تي ھوسٽن شپ چينل آھي، جيڪو گلف آف ميڪسيڪو سان ڳنڍيل آھي. ان ويجھو ئي گيلوسٽن جو انٽرڪوسٽل واٽر وي آھي. ھي شھر ۽ علائقو جتي ھر شعبي ۾ ترقي ڪري ٿو اتي ھن جي ترقي سن ۱۹۰۱ع ۾ تيل ملڻ کانپوءِ تيز ٿي آھي. تيل ۽ ان سان لاڳاپيل صنعت سبب آسودگي ۽ روزگار ۾ واڌارو ٿيو. ھاڻ ھي شھر، ھر شعبي ۾ ترقي ڪندو وڌندو وڃي ٿو. ھن علائقي ۽ رياست ۾، تيل جا وڏا کوھ ۽ انھن کي صاف ڪرڻ لاءِ رفائنريون لڳل آھن

ماضيءَ ۾ دنيا جي ھر حصي جا آبادگار مالي لحاظ کان ڪمزور رھيا آھن. اڳ ته جنس جي بدلي جنس به ڏني ويندي ھئي. وٽن پئسو گھٽ ھوندو ھو. ھوسٽن جي علائقي ۾ غربت ۾ گذاريندڙ اھڙا ڪڙمي گھڻو ڪري وڏن اسٽورن ۾ ويندا ئي ڪو نه ھئا جي ڪو ويو ته ان کي عملو ئي اھميت ڪو نه ڏيندو ھو. زمينن مان تيل نڪرڻ ڪري جڏھن کين رائلٽي جو گھڻو پئسو ملڻ لڳو ته ھو به اھڙن اسٽورن ۾ اچڻ لڳا جتي امير خريداري ڪندا ھئا. جلد پوءِ عملي ۽ مالڪن کي انھن جي خوشحالي جو اندازو ٿي ويو ۽ ھو کين اھميت ڏيڻ لڳا. ان موضوع تي ھڪ فلم به ٺھيل آھي.

ٽيڪساس جي رياست جا ماڻھو بندوق رکڻ جي آزادي ھجڻ واري حق ۾ سڀني رياستن جي ماڻھن کان اڳتي آھن. ھو بنا اجازت جي ھٿيار خريد ڪرڻ ۽ رکڻ جي حق ۾ آھن. اسان ھڪ طرف سفر ڪندي ڪن گاڏين ۾ بندوقون پيل ڏٺيون. تنھن تي ھڪ دوست چيو ته ھنن سان ڪنھن معاملي تي ڪٿي اجايو بحث يا ڦڏو نه ڪجو. ھنن وٽ ھٿيار آھي. ڪاوڙ ۾ اھو ھلائي نه ڇڏين. آمريڪا ۾ گن لابي، ايتري ته مضبوط آھي جو ڪن قتل عام جي واقعن تي جڏھن حڪومت گن ڪنٽرول جي ڳالھ ڪندي آھي ته کين سخت مزاحمت کي منھن ڏيڻو پوندو آھي. جنھن ڪري اڄ تائين ڪا به حڪومت گن ڪنٽرول واري پاليسي، عملي طور اختيار نه ڪري سگھي آھي.

ھوسٽن نارٿ آمريڪا ۾ سنڌين جو سڀ کان وڏو رھائشي شھر آھي. جتي جي رھڻ لاءِ موسم موافق ۽ ڌنڌي ڌاڙي لاءِ ڪافي موقعا مسير آھن. جيترو شھر وڏو آھي، اوترو ھي شھر روڊ رستن جي نيٽ ورڪ سان بھتر نموني ڳنڍيل آھي. رستي لاءِ ڪٿي مصروف روڊ سامھون اچي وڃي ته روڊ مٿان پل ٺاھي روڊ کي اڳتي وڌايو وڃي ٿو. ھڪ ھنڌ ته ھڪ ٻئي مٿان رستن جون ۶ پليون ٺھيل ھيون. شھر سان گڏ علائقي ۾ ھاءِ وي جو سٺو نيٽ ورڪ آھي. نه فقط ھتي پر سڄي آمريڪا جي ملڪ ۾، روڊ ۽ ھاءِ ويز جو قابل تعريف انفرااسٽڪچر ٺھيل آھي.

اسان جاءِ تي پھتاسين. اسان مان ڪي گذريل رات جو پوري ننڊ نه ستا ھئا، ڪن ٿڪ پئي محسوس ڪيو تن مان ڪي سمھي پيا، ڪن ليٽي آرام ڪيو. اڄ رات اصغر پٺاڻ وڌيڪ دوستن کي ڪچھري لاءِ گھرايو ھو. ان سان گڏ البرٽا صوبي جي ٻن شھرن ڪئلگري ۽ ايڊمنٽن مان چار دوست، ھوسٽن شھر ۾ ٿيندڙ تقريبن ۾ شرڪت لاءِ اچڻا ھئا. تن جو به اسان کي انتظار ھو ۽ ساڻن رابطو ڪري حال احوال پئي ورتاسين ته ڪٿي پھتا آھيو. انھن ۾ اويس لغاري، عطاءُ الله ملاح، زاھد ملڪ ۽ قربان پنھور ھئا. ھو چار ئي ھمراھ پنھنجي پنھنجي شھرن ۾ ڪميونٽي جي خدمتن جي حوالي سان سرگرم آھن.

ھلندڙ ڪچھري دوران اھي چار دوست به اچي پھتا جن کان سنگت حال احوال ورتا ۽ سفر وغيرھ ڪيئن گذريو جھڙا رسمي سوال ٿيا. اتان جي دوستن جي خير خيريت بابت به کانئن پڇيوسين.

رات ٿيندي ئي محفل مچندي ويئي. دوست اچي شامل ٿيندا ويا. اڄ رات ٻيا به ڪي دوست جن ۾ محمود ڏاھري ۽ اصغر جا ٻه غير سنڌي دوست به اچي شامل ٿيا. جتي اصغر محفل مچائي ھئي، اتي ميزباني جا فرائض اختر علي خواجه ۽ سھيل سومري پئي ادا ڪيا. دوستن خبرون چارون، ھوسٽن ۾ سنڌين جي دنيا کان پوءِ سڄي دنيا جي ڳالھين تي تبصرا، ٽيڪا ٽپڻي، چرچا ڀوڳ ۽ ڪي ڏاھپ جون ڳالھيون به شامل ھيون. عطاءَ، شاھ ۽ ٻين شاعرن جا شعر پئي ٻڌايا، مبشر ملڪ پنھنجا مشاھدا پئي ونڊيا، مقامي دوستن ھتان جي ڪميونٽي جي ماحول بابت پئي ڄاڻ ڏني. ايئن ھر ڪنھن ان جو حصو ٿي رنگ به پئي ڀريو، رات دير تائين. مقامي دوست ھليا ويا ته اسان جي پاڻ ۾ ڪچھري جاري رھي. . آخر سڀ وڃي رات جو ٽين بجي ڌاري آرامي ٿيا.

صبح جو ساڍي ڏھين بجي ڌاري اختر خواجه ۽ اصغر پٺاڻ طرفان ھڪ مقامي ھوٽل ۾ نيرن ۽ برنچ جي گڏيل دعوت رکيل ھئي. اسان کي صبح ڏھين بجي تيار ٿيڻو ھو. رات جو ٽي بجي سمھڻ کانپوءِ ايترو جلد اٿڻ سولو ڪو نه ھو پر وقت تي روانو ٿيڻ جي ضرورت ڪري اسان تيار ٿيندا وياسين. يارھين بجي ڌاري اسان ھوسٽن شھر جي سواءِ نالي ھڪ ديسي ريسٽورنٽ ۾ پھتاسين. اتي پھتاسين ته ڊاڪٽر مقبول ھاليپوٽو به اچي پھتو. سندس ھڪ پٽ ھوسٽن شھر ۾ رھندو آھي، جتي ھو وڪيل آھي. ان وقت نيوياڪ مان آيل دوست علي خاصخيلي به اچي پھتو، جنھن جي مھمان نوازي مان نيويارڪ ايندڙ گھڻا ئي دوست لطف اندوز ٿيندا آھن. واشنگٽن مان مشتاق راڄپر به سڌو ريسٽورنٽ آيو. اسان جيئن ته ٻين کان اڳ پھتا ھئاسين، تنھن ڪري اتي ويٺي ماحول کي ڏسندي حال احوال ڪياسين. ايئن لڳو ته اتي گھڻو ڪري پنھنجا ديسي ماڻھو ئي ھوٽل ۾ پئي آيا.

اتي اختر خواجه کي اسان جي ھڪ دوست عبدالجبار لاشاري چيو ته يار جيستائين دوست پھچن، تيستائين جي ڳڙ جي چاءِ ملي وڃي ته ڪچھري ڪندي ان جي پيئڻ جو لطف وٺون. عام طور تي اھڙي چاءِ ھن ھوٽل وارا ڪو نه ڏيندا آھن پر اختر علي خواجه جي ھوٽل جي سيٺ سان سٺي ڄاڻ سڃاڻ ھئي، تنھن کي ھن مھمانن جي فرمائش ٻڌائي، اھڙي چاءِ ٺھرائي ورتي.

ياد آيم ته ڪراچي شھر ۾ ھڪ ڀيري مان ۽ منھنجو دوست اورنگزيب، جيڪو ساڳئي اداري ۾ ڪم ڪندو ھو، گڏجي شھر طرف ويا ھئاسين. منجھند ڌاري ھڪ نئين ھوٽل، جيڪو فاسٽ فوڊ وڪڻندو ھو، اتي وڃي ويٺاسين. ڪراچي ۾ برگر واري جھان جي اڃا شروعات ھئي. ھوٽل، ڊفينس جي علائقي ھو ۽ ننڍو ھو. اسان فاسٽ فوڊ کاڌو ته اونگزيب ويٽر کي سڏي چاءِ جو آرڊر ڏيڻ چاھيو. ويٽر چيو ته سر اسان چاءِ ڪو نه ڏيندا آھيون. ”پاڻ ته ٺاھي پيئندا ھوندئو ان مان ٻه ڪوپ ٺاھي اچ!“ اورنگزيب کيس چيو؛ ”اسان کي چاءِ ضرور پيڻي آھي.“ ويٽر وڃي اھا فرمائش مينيجر کي ٻڌائي. تنھن کيس چيو ته پنھنجي لاءِ ٺھندڙ چاءِ جي بندوبست مان ھنن کي به ٺاھي ڏيو. ھنن پوءِ اسان کي ٻه ڪوپ ٺاھي ڏنا.

برگر تي ياد آيو ته اسان جي رھائشي علائقي اسٽيل ٽائون ۾ ھڪ ڪولڊ ڊرنڪ ۽ آئيس ڪريم وڪڻندڙ دڪاندار برگر وڪڻڻ جو بورڊ ھڻي ڇڏيو. اتان لگھندي اسان جي نظرجڏھن ان بورڊ تي پئي ته لڙي وڃي لان ۾ ويٺاسين. نوجوان آرڊر وٺڻ لاءِ اسان وٽ آيو. اسان کيس ٻن برگرن جو آرڊر ڏنو. ھو بن-ڪباب ٺاھي کڻي آيو. اسان ڏسي کيس چيو ته بابا ھي ته بن-ڪباب آھي، برگر وري ڪٿي ٿيو. وراڻيائين ته سائين اھو ئي برگر آھي توھان کي شايد خبر ڪونھي ته برگر ڇا ٿيندو آھي. اسان سندس ان جملي تي کلي لطف اندوز ٿياسين ۽ بند ڪباب کائي، ٿوري دير کليل ھوا جو لطف وٺي، راھي ٿياسين.

ڪچھري ڪندي اختر علي خواجه اسان کي ٻڌايو ته ھي سامھون جيڪو ان ڊور گيم جو ھال آھي اھو ڄڻ ته ديسين جو مرڪز آھي، اتي بليئرڊ به پيا کيڏندا ته پان به پيا کائيندا. اتي نئون آيل ڪو روزگار يا رھائش نه ھجڻ ڪري کين مدد لاءِ چوي ته انھن مان ڪو نه ڪو سندس اھو مسئلو حل ڪري وٺندو آھي. ان سان گڏ ھن علائقي ۾ آغا خان ڪميونٽي طرفان رھائش، جنھن ۾ ھڪ ڪمرو شيئر ڪرڻ، ڪمرو يا ڪو فيلٽ گھرجي سڀ جو بندوبست ٿي ويندو آھي. ان ڪري نئين آيل ماڻھوءَ جي مدد ٿي ويندي آھي. اتي نيرن لاءِ ڪي ماڻھو آيا، جن جو اختر خواجه اسان سان تعارف ڪرائيندو رھيو. انھن مان ڪي ڪن خدمتن تي مامور ادارن ۾ ڪم ڪري رھيا ھئا ته ڪي ادارا ھلائي رھيا ھئا. ھڪ ھمراھ ھوسٽن گلوبل انسٽيٽيوٽ آف ھيلٿ سان لاڳاپيل ھو. تنھن ٻڌايو ته سندن ادارو ھيلٿ سائنسز ۾ تعليم مھيا ڪري، ماڻھن کي صحت جي انھن شعبن لاءِ تيار ڪري ٿو، جتي روزگار جا موقعا وڌيڪ آھن. مقصد نوجوان کي ھنرمند ڪري انھن کي صحت کاتي ۾ سٺي روزگار حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڏيڻي آھي.

جڏھن سڀ دوست پھچي ويا ته ماني لڳائڻ جو چيو ويو. ٽيبل کاڌن سان ڀرجي ويئي. ڪشادو دسترخوان ھو. پسند جا ديسي کاڌا ھئا. جيڪي کاڌاسين. کاڌي پيتي مان واندا ٿي اصغر پٺاڻ ۽ اختر علي شام جو رٿيل تقريب جي انتظامن کي آخري شڪل ڏيڻ لاءِ موڪلائي ھليا ويا. اسان وٽ اصغر جي گاڏي ھئي. ائين ٻين دوستن وٽ به سنگت جون گاڏيون موجود ھيون. اسان ٿوري دير، شھر جو سير ڪري، واپس جاءِ تي پھتاسين ۽ پوءِ اتي ٿوري دير ويھي، جھان کي سڌارڻ جو فڪر ڪندا رھياسين.

شام جو اسان سڀ دوست تيار ٿي تقريب واري ھال ۾ پھتاسين. جتي پراڻن نون دوستن سان ملاقاتون ٿينديون رھيون. اصل ميڙاڪو چونڊ اميدوارن لاءِ تعارفي تقريب ھئي. جنھن ۾ ڪميونٽي جا ۲۰۰ کان وڌيڪ مرد ۽ عورتون موجود ھيا. شروع ۾ ميل جول ٿيندو ٿي رھيو. نيٺ تقريب جي شروعات ٿي. ميزبانيءَ جا فرائض طلعت ٽالپر، احسن طريقي سان انجام پئي ڏنا. واري واري سان اميدوارن کي سڏي، کين اجرڪ پارائڻ سان گڏ، کين چونڊن ۾ سندس بيھڻ جو مقصد ۽ منشور ٻڌائڻ لاءِ چيو ٿي ويو. جيڪو ھر ڪنھن پنھنجي پنھنجي انداز سان پيش ڪيو. مقصد اھو ھو ته ھو تنظيم ۾ بھتري آڻڻ جي شديد ضرورت کي محسوس ڪن ٿا ۽ ان کي بھتر بڻائي اڳتي وڌائڻو آھي. صدارتي اميدوار ڊاڪٽر مقبول ھاليپوٽي، جنرل سيڪريٽري جي اميدوار مشتاق راڄپر، جوائنٽ سيڪريٽري جي اميدوار علي خاصخيلي آمريڪا لاءِ نائب صدر اصغر پٺاڻ، ڪنئاڊا لاءِ نائب صدر جي اميدوار اويس لغاري پنھنجي انداز سان ڪميونٽي ۾ پنھنجو ڪيل خدمتون ٻڌايون.

تقريب ۾ موجود اسان جيڪي ٻاھران آيل مھمان ھئاسين تن جي عزت افزائي ڪندي سنڌ جي روايتن موجب ٽوپي اجرڪ پيش ڪيا ويا. تقريب جي آخر ۾ ڊنر لاءِ سڏيو ويو. جنھن ۾ اھي دوست مليا، جيڪي ڪنھن سبب اڳ ملي نه سگھيا ھئا. نوجوان سلمان نظاماڻي جنھن جو ڀاءُ عدنان نظاماڻي به ڪئناڊا ۾ اسان جي ويجھو رھندو آھي ۽ اسان جو فيملي فرينڊ آھي تنھن ان حوالي سان خبرون چارون ورتيون. ان دوران ذاڪر بلو به اچي مليو. ھو سانا ۾ انفارميشن سيڪريٽري رھيو آھي ۽ ھاڻ ھوسٽن ۾ رھي ٿو، جتي ھن ڪاروبار شروع ڪيو آھي. . ھن ٻڌايو ته منھن جي ڪاروبار ۾ ڪي ملازم اوچتو ڇڏي ويا آھن، انڪري مون کي سڄو ڏينھن اتي رھڻو ٿو پوي. وڏي ڏکيائي سان وقت ڪڍي ھن تقريب ۾ پھتو آھيان. ھن جي دلي خواھش ھئي ته ھو اسان جي مان ۾ دعوت رکي پر مون کيس منع ڪندي چيو ته ھن ڀيري تون ڪاروباري ڪمن ۾ ڦاٿل آھين، ٻئي ڀيري اينداسين ته پھريان تنھن جي ئي دعوت کائينداسين.

تقريب دوران عيسيٰ ڀرڳڙي چيو ته سڀاڻي صبح جو توھان سڀني مھمانن جي نيرن ۽ برنچ جي دعوت اسان جي تنظيم شاھ لطيف ڪلچرل انسٽيٽيوٽ آف ھوسٽن طرفان رکيل آھي. ھن ان ريسٽورنٽ جي ايڊريس ڏئي، اسان کي اتي ۱۱ بجي پھچڻ لاءِ چيو. ھن اھڙي دعوت، واري واري سان، سڀني ٻاھران آيل مھمانن کي ڏني.

تقريب پڄاڻي تي پھتي. اسان سنگت کان موڪلائي، جاءِ تي پھتاسين، جتي مقامي سنگت به اچي پھتي. ساڳيو محفل جو رنگ. اڄ جي تقريب تي تبصرا، سڀاڻي جا پروگرام ۽ باقي وقت ۾ دنيا جھان جو فڪر، پنھنجي ڏاھپ جون ڳالھيون. اھي روز جون ڳالھيون. ڳالھ روز اتي جو اتي. سائين غلام رسول راز جي شعر وانگر

اسان جي محبت؛ نه ھيڏي، نه ھوڏي.

صبح جو تيار ٿي عيسيٰ ڀرڳڙي جي ڏنل ايڊريس تي ريسٽورنٽ طرف روانا ٿياسين. ايليٽ نالي ھن ھوٽل ۾ به ديسي ماڻھو ويٺل نظر آيا ۽ ايندا ويندا پئي رھيا. کاڌي جي بوفي ۾ پايا، نھاري، حلوا پوري ۽ ٻيا ديسي کاڌا رکيل ھئا. جنھن مان اندازو ٿيو ته ھي به ديسي ماڻھن جي کاڌي جو ھنڌ آھي. اسان ڪچھري ڪندي ھر ڊش جو سواد وٺندا رھياسين. شاھ لطيف ڪلچرل انسٽيٽيوٽ آف ھوسٽن، جنھن جي پليٽفارم تان اسان کي ھي دعوت ھئي سو، ھن شھر ۾ ادبي ۽ ثقافتي سرگرميون ڪندو رھي ٿو. ھي تنظيم ھر سال ھوسٽن شھر ۾ شاھ لطيف جي ڏھاڙي جي تقريب منعقد ڪندي رھي ٿي. ان سان گڏ ٽوپي اجرڪ جي ڏينھن، پڻ سنڌ جي ثقافت کي مٿانھون سمجھڻ وارو وچن ورجائڻ لاءِ به ميڙاڪا ڪندا آھن. ھن تنظيم جو چيئرمين محمود ڏاھري صاحب آھي، جڏھن ته صدر عيسيٰ ڀرڳڙي آھي. ھن نيرن جي دعوت ۾ اسان مھمانن سان گڏ ڪيترا مقامي دوست پڻ شريڪ ھئا. اتي ٻنھي عھديدارن پنھنجي جي تقرير ۾ جتي پنھنجي تنظيم جو تعارف ڪرايو اتي ھنن اسان کي ڀليڪار چيو ۽ اجرڪ پارايا. ڪافي دير تائين اتي ويھي خوشگوار گھڙين جو لطف وٺندا رھياسين. اٽڪل ٻن ڪلاڪن کانپوءِ محفل برخواست ٿي ۽ اسان ٻاھر نڪري اڄ جي ڏينھن جا پروگرام ترتيب ڏيڻ لڳاسين.

اسان جي ترسڻ جو ھيءُ آخري ڏينھن ھو. ان ڪري سنگت مان ڪن پنھنجي مائٽن ته ڪن وري دوستن سان، وقت پئي گذارڻ چاھيو. ائين اسان مان گھڻا دوست، پنھنجن سانگن سان راھي ٿيا. اسان پنج ڄڻا؛ مان، مبشر ملڪ، چندر شيکر ھريراماڻي، عطاءُ الله ملاح ۽ قربان پنھور ھئاسين تن شھر کان ٻاھر سير ڪرڻ جو پروگرام ترتيب ڏنو. عطاءُ الله جو خيال ھو؛ پاڻ آسٽن شھر ڏانھن سفر ڪيون، جتي سندس ٻه سالا رھندا آھن. ھن موجب اوڏانھن سفر به سٺو رھندو ته ان سان گڏ اتي جي ڪن ھوٽلن جو کاڌو عالشان آھي، جتي لنچ ڪري پوءِ موٽي اچون. آسٽن شھر، ٽيڪساس رياست جي گادي جو ھنڌ آھي. سٺو شھر ھجڻ سان گڏ، ڪيترن ئي حوالن سان گھمڻ جھڙو آھي. اسان جي به دل چاھيو پر پوءِ حساب ڪيوسين ته جي اوڏانھن وياسين ته شام واري تقريب ۾ وقت تي پھچڻ ڏکيو ٿي ويندو. ائين به جنھن حساب ڪيو سو ڦاٿو. جيئن غلام علي جي ڳايل ھڪ پنجابي غزل جو بند آھي ته

ڪني پيتي تي ڪني باقي اي،

مينون ايھو حساب لي بيٺا

ان ڪري ان ڊگھي سفر بجاءِ، شھر جي ويجھي سامونڊي ڪناري واري علائقي جي سير ڪرڻ جو فيصلو ڪيوسين.

مبشر ملڪ، جنھن جو ھي علائقو اڳ ڏٺل ھو، تنھن جي ھن خيال سان سھمت ٿياسين ته اٽڪل پنجاھ ميلن تي گيلوسٽن بيچ گھمي ٿا اچون. ان پروگرام سان سنگت جي سھمت ٿيڻ تي گيلوسٽن بيچ طرف روانا ٿياسين. رستي ۾ وڏيون آئل رفائنريون آھن، جنھن ۾ وڏي ڊائو رفائنري آھي. جتي تيل نڪرڻ ڀاڳ آھي اتي تيل کي رفائننگ ڪندي سوين ڪيميڪل تيار ڪرڻ لاءِ خام مال ملي وڃي ٿو. اھڙن ڪيميڪل ٺاھڻ جي عمل لاءِ جدا جدا پلانٽ ٿين ٿا. ائين ان رفائنري سان گڏ ڪيميڪل تيار ڪرڻ جا سوين يونٽ لڳي ٿا وڃن. جتي ان مان ڪيئي ڪيمڪل ٺھن ٿا، اتي گھڻي صنعت لڳڻ سبب روزگار وڌي ٿو.

ٻي ڳالھ ته ھتي فاصلو اڃا به ميلن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. ائين ڪئناڊا ۾ اڃا تور جو ايڪو پائونڊ آھي. ھنن ڪٿي اڃا ڪلوميٽر ته ڪٿي ڪلوگرام کي اپنايو ڪونھي. پر ان جي ڀيٽ ۾ اسان جا مغربي-زدھ ڪامورا ڪنھن اسٽينڊرڊ جي منظور ٿيڻ تي شاھ کان وڌيڪ شاھ جا وفادار ٿيندي پنھنجي پراڻي طور طريقي کي خيرآباد چئي نئين جھان جا طور طريقا قبول ڪرڻ ۾ دير ئي ڪو نه ٿا ڪن. ان سان طب کان ويندي ٻيا به ڪيئي ديسي ڄاڻ ۽ ھنر ختم ٿيندا پيا وڃن. ايئن اسان پنھنجي ماضي سان پاڻ رشتو ٽوڙڻ ۾ اٻھرا آھيون. پنھنجي شاندار ماضي تي فخر، پر ان سان رشتا ٽوڙڻ ۾ به دير نه ٿا ڪريون.

اٽڪل ڏيڊ ڪلاڪ ۾ گيلوسٽن بيچ تي پھتاسين. گيلوسٽن ھڪ ٻيٽ آھي، جيڪو روڊ رستي ڳنڍيل آھي. ان آئلينڊ ۾ پاڻي ڪناري پورٽ، رزارٽ ۽ پورٽ سٽي به آھي. سمنڊ ڪنارو ڏکڻ طرف، جڏھن ته شھر اتر طرف آھي. ھي بنيادي طور تي گيلوسٽن ۽ پيليڪان آئلينڊ جو ڪنارو آھي. ۳۲ ميل ان سامونڊي ڪناري تي، جنھن جي ھڪ حصي ۾ پورٽ ته ٻئي حصي ۾ ماڻھن لاءِ تفريح ھئي. ماڻھو سمنڊ جي پاڻيءَ تي وھنجڻ، سن باٿ وٺڻ يا ڪرسين تي ويھي ان قدرتي ماحول ۾ سڪون وٺڻ، ڪي گرمي کان بچڻ لاءِ ويڪرين ڇٽين ۾ ويٺل نظر آيا. پاڻي جي ڪناري جي حد تي ڀت ٺاھي ان جي پاسي ۾ گاڏين بيھارڻ جي پارڪنگ ٺاھي ويئي آھي.

روڊ جي ٻئي پاسي اتر طرف وري ھوٽل ھئا، جتي سياح رھي، ڪي ڏينھن ھن علائقي جي موافق آبھوا ۾ ساموندي ڪناري جي تفريح مان لطف وٺندا رھن ٿا. گيلوسٽن جي ھن ننڍي شھر ۾ آرٽ، ميوزم، ڪي تاريخي جايون ھيون جن جي اڏاوت ماضي جي تعمير سازي جو رنگ ڏيکاري رھي ھئي. ڪي ثقافتي آئڪان ڏسڻ جھڙا آھن. ھي ڪنارو جتي سمنڊ جو پاڻي سبب تفريح آھي، اتي شھري وسندي سياحت ۾ رنگ ڀري ٿي.

ٻه ٽي ڪلاڪ سامونڊي ڪناري ۽ گيلوسٽن ٽائون جي ماحول تي نظر وجھي، گھمي ڦري، تنھن کان پوءِ علائقي جي ڪن ٻين سامونڊي ڪنارن طرف وياسين، جيڪي وري سير جي حوالي سان منفرد ھئا. اھي ٻه ٽي صاف سٿرا ڪنارا، جتي پاڻيءَ تائين گاڏي کڻي وڃڻ ۽ ھلائڻ جي اجازت آھي، اتي گاڏي ھلائيندي وڃي پھتاسين. گاڏي بيھاري، پاڻي ڪناري پئي سير ڪيوسين. ان ڪناري تي ھڪ ھنڌ ڪاٺي جو اسٽرڪچر اھڙو به موجود ھو جتان ڪي مڇي جي شڪار جا شوقين ڪنڍيءَ سان مڇيءَ جو شڪار ڪري رھيا ھئا. صاف ڪنارو، صاف پاڻي، وري مٿان سمنڊ طرفان لڳندڙ ھير جو ڇا چئجي. پرسڪون ماحول ۾ ّذھن جي تازي ٿيڻ جو حقيقي سامان موجود ھو. اتي ٿوري دير گھمي، واپس ورياسين ته انھن ڪنارن جي چند سؤ گزن جي فاصلي تي جيڪي بيچ ھٽ يا گھر ٺھيل ھئا سي اٽڪل اٺ ڏھ فٽ اونچن ٿنڀن تي بيٺل ھئا. ان جو مطلب ته جڏھن پاڻيءَ جي وير چڙھي يا ڪنھن طوفان سبب ٻوڏ ٿئي ته ھيٺ ڀلي پاڻي اچي وڃي پر گھر ۽ گھر وارا سلامت رھندا.

واپسيءَ ۾ رستي تي ھڪ ھنڌ ڦيٿن تي بيٺل ڪمري ڏيڊ جا ڪيئي گھر نظر آيا. انھن بابت معلوم ٿيو ته ڪي ماڻھو، مالي ڏکيائين سبب، گھر وٺي نه ٿا سگھن، تن ھي حل ڳوليو آھي. گھر ڪھڙو به ھجي پر شھري حڪومت ان کان پراپرٽي ٽئڪس ته وٺندي. ان قانون جي لاڳو ٿيڻ کان بچڻ لاءِ، انھن پنھنجن ننڍن گھرن کي ڦيٿن تي بيھاري ڇڏيو آھي. جيئن ڪنھن گاڏيءَ جي بيھارڻ تي سرڪار ڪا پراپرٽي ٽئڪس نه ٿي وٺي، ائين ھنن ڦيٿن تي بيٺل ننڍن گھرن تي به پراپرٽي ٽئڪس لاڳو نه ٿي ٿئي. ٻيو ته اھڙا گھر ڪنھن پرائيويٽ پراپرٽي تي بيٺل ھوندا آھن، جتي ان جائيداد جو مالڪ ڪرائي عيوض سيوريج جي سھوليت ڏيڻ سان گڏ بجلي جي ڪنيڪشن جھڙيون سھوليتن جي سب ليز ڏيندو آھي. اھڙي ھڪ وسندي مون ٽورنٽو ويجھو زرعي ۽ فارم لينڊ جي علائقي ۾ به ڏٺي ھئي. انسان پنھنجي بچاءَ ۽ بقاءَ جا رستا ڳولڻ تي جيڪو دماغ ٿو لڳائي سو ڪٿي قانون کي به مات ڏئي ٿو وڃي، ڪٿي وري اتان جي سرڪار کين رستا ڏئي، ضرورت موجب سندن جيئڻ جي بندوبست جي راھ ھموار ڪري ٿي.

جيتوڻيڪ سرڪار ھر ڪنھن جي مدد ڪري ٿي. کاڌي ۽ رھائش جي ضرورتن لاءِ ھر مھيني پئسو ڏئي ٿي، پر پوءِ به ڪي پنھنجي زندگي جي ناقص منصوبه بندي، ھٿ ڦاڙ ھڻڻ ڪري ٻين وانگر زندگي گذاري ڪو نه ٿا سگھن. آسودن ملڪن ۾ اھڙا ماڻھو غريب ليکيا وڃن ٿا. غربت، سڄي دنيا ۾ آھي. جتي جي غربت جو معيار پڻ ان ملڪ جي نظام جي نسبت سان آھي. مغربي ملڪ، جيڏانھن اچي اسان ٽين دنيا جا ماڻھو به خوشحال ٿي ٿا وڃون اتي ڊگھي عرصي کان رھندڙن مان ڪي اھڙا به آھن جن کي گھر گھاٽ ڪونھي. ھو پنھنجو بستر کنيون پيا ھلندا آھن. رات جو ڪنھن فٽ پاٿ تي سمھي پوندا آھن. مون ڪيترا اھڙا بي گھر ڏٺا، جيڪي شھر جي مصروف ۽ پوش علائقي ڊائون ٽائون ٽورنٽو ۾ فٽ پاٿ تي سمھيل ھوندا آھن. اھڙا ماڻھو منفي ست اٺ ڊگري تائين ٿڌ به برداشت ڪري سمھيل رھندا آھن. پر گرمي پد جي ان کان به ھيٺ ڪرڻ تي، سرڪار انھن کي عارضي طور تي انھن سخت ٿڌ وارن ڏينھن ۾ ڪٿي رھائي ڇڏيندي آھي، ان ڊپ کان ته ڪٿي ھو ٿڌ سبب مري نه وڃن. مغربي دنيا جو جتي گليمر آھي، اتي سوسائٽيءَ جو ھيءُ رنگ به آھي، جنھن کي ٽين دنيا جا ماڻھو گھٽ ڄاڻن ٿا.

اسان کي ستين بجي ھال ۾ پھچڻو ھو. جتي ھوسٽن ڪميونٽي طرفان منعقد ٿيل گڏجاڻي ۾ سنڌ جي ٻوڏ متاثرين لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻو ھو. اسان جيڪڏھن تازا تونا ٿيڻ لاءِ جاءِ تي وڃون ھا ته ھال ۾ وقت تي پھچي نه سگھون ھا. سڌا ھال جي طرف وڃڻ جي صورت ۾ به ساڍي ستين پھچڻ جو اندازو ھو. اھڙي صورت ۾ اسان سڌو ھال طرف وڃڻ جو فيصلو ڪيو. ھي فنڪشن ترڪش ڪلچرل سينٽر جي ھڪ ھال ۾ رٿيو ويو ھو. پھتاسين ته سينٽر ڪافي وڏو نظر آيو. ڪئناڊا ۾ به گھڻن ڪميونٽين پنھنجي ڪميونٽي لاءِ ڪلچرل سينٽر ٺھرايا آھن. جتي ھو ملندا آھن ته انھن سان گڏ پنھنجا ھال ڪرائي تي ڏئي سينٽر جي خرچ لاءِ پئسو ڪمائيندا آھن. ڪو وقت اچي جو اسان سنڌين جا به نارٿ آمريڪا جي ڪن شھرن ۾ ڪلچرل سينٽر ٺھي وڃن.

اسان ھال طرف وياسين. جيڏانھن سنڌي ثقافتي لباس پھريل ڪي سنڌي فرد ۽ فيمليون ويندي نظر آيون. اسان به اوڏانھن وياسين. مکيه دروازي ۾ داخل ٿياسين ته منتظمين مان جيڪي آڌرڀاءُ جي ڪم تي لڳل ھئا تن وڌي کيڪاري اسان کي پاسي ۾ رکيل ريفريشمينٽ مان ڪجھ کڻڻ جو چيو. اسان جو پھريون حلقو اتي ئي ٺھي ويو. پنھنجا دوست ايندي اتي گڏبا ويا. مقامي دوست به اچي ملندا رھيا. فنڪشن شروع ٿيڻ جو وقت ٿيو ته اسان کي به اندر اچي ويھڻ جو چيو ويو. اسان سڄي سنگت، جنھن ۾ ڊاڪٽر مقبول ھاليپوٽو به گڏ ھو سي، وڃي اسٽيج ويجھو پيل ٽيبلن جي چوڌاري پيل ڪرسين تي ويھي رھياسين.

پھريان موسيقيءَ جو آغار ٿيو. جنھن ۾ ھندستان مان آيل ڀلوڙ سنڌي راڳي جتن اداسي راڳ ڳائڻ شروع ڪيو. ماڻھو ايندا ٿي رھيا. جڏھن ھال ڀرجي ويو ته فنڊ ريزنگ لاءِ وقفو ٿيو. جيئن جتن اداسي اسٽيج تان لٿو ته مان ھن سان ملڻ لاءِ اڳتي وڌيس. ھو مون کي ڏسي گرمجوشي سان اچي مليو. خير خيريت پڇيائين. ان کان اڳ ڪئناڊا ۾ پھريون ڀيرو ڳائڻ کان پوءِ جڏھن ساڻس تعارف ٿيو ھو ته ھن ٻڌايو ھو ته؛ منھنجا وڏڙا سنڌ جي باڊھ شھر مان ورھاڱي وقت لڏي ويا ھئا. جڏھن کيس ٻڌايم ته؛ مان به باڊھ جو آھيان ته خوش ٿيو ۽ خبرون چارون ڪيائين. ان کان پوءِ به ڪئنادا ۾ آيو آھي پر جڏھن به مون تي نظر پوندي اٿس ته گرمجوشيءَ سان ملندو آھي. ان ڏينھن خير خيريت پڇڻ کانپوءِ کيس چيم ته اچ ته ھڪڙو فوٽو ڪڍرايون ۽ پوسٽ ڪريون. اھو فوٽو باڊھ وارن کي سٺو لڳندو.

ان ساھيءَ ۾ فنڊ گڏ ڪرڻ لاءِ ڪميونٽيءَ جا معزز، اسٽيج تي چڙھيا. تن ماڻھن کي فنڊ ڏيڻ جي ضرورت، ٻوڏ ستايلن جي مسڪيني حال، انھن جي ڪسمپرسي واري زندگي، انھن جي ضرورتن ۽ انھن کي ڏيڻ جي صورت ۾ رب پاڪ جي ڪرم ٿيڻ سان گڏ وڏي ثواب ملڻ جو احساس ڏياريو. جنھن کان پوءِ ماڻھن چندو ڏيڻ شروع ڪيو. ڪن سون ۽ ڪن ھزارن ۾ چندي ڏيڻ جو اعلان شروع ڪيو. ايئن اڌ ڪلاڪ کن ۾ اٽڪل سٺ ھزار ڊالر، جيڪو پاڪستاني سوا ڪروڙ جي برابر ٿيندو، جمع ٿي ويو. ان کان پوءِ وري راڳ ٻيھر شروع ٿيو. جنھن ۾ ھاڻ حاضرين جي دلچسپي وڌي. ڪي جھمرين ھڻڻ ۾ لڳي ويا، ڪن سيٽ تي ويٺي تاڙيون وڃائي ساٿ پئي ڏنو. ائين محفل ۾ جان اايندي ويئي. ڪلاڪ ڏيڊ اھو رنگ رھيو. مقرر وقت تي تقريب کي ختم ڪرڻو ھو ان ڪري حاضرين کي ڊنر لاءِ سڏيو ويو جنھن دوارن ميل ملاقاتون جاري رھيون.

اسان سڀ ساٿي، جيڪي ڏينھن جو ڪيڏانھن نڪري ويا ھئا سي، سڀ اچي مڙياسين. جتان پوءِ سڀ جاءِ تي اچي ويٺاسين. سڀني پنھنجي اڄ جي سير ۽ ميل ملاقاتن جا احوال ڏنا. ٿوري دير کان پوءِ فنڪشن جا منتظمين، جن ۾ اصغر پٺاڻ ۽ اختر علي خواجه به اچي شامل ٿيا. ٿوري دير کانپوءِ زاھد ملڪ ۽ عيسيٰ ڀرڳڙي به اچي چوياري جو حصو ٿيا. ساڳئي روايتي ڪچھري سان گڏ صبح وڃڻ جي پروگرام تي سوچ ويچار ٿي. ڪئناڊا جي صوبي البرٽا جي ساٿين جي صبح ۵ بجي اڏام ھئي. تنھنڪري ھنن کي ۲ بچي ھتان روانو ٿيڻو ھو، تن سمھڻ بجاءِ ان وقت تائين دوستن سان ڪچھريءَ ۾ گذارڻ جو فيصلو ڪيو.

اسان به سندن ساٿ ڏيڻ لاءِ ويھي ڪچھري ڪئي. ائين ھو ٻين بجي روانا ٿيا، جن کي ھڪ دوست ڇڏڻ لاءِ وقت تي اچي ويو. اسان جي روانگي، صبح ڏھين بجي ھئي. ان ڪري ستين بجي روانو ٿيڻو ھو. اسان ڪي ٽي چار ڪلاڪ آرام ڪري نڪتاسين. اصغر پٺاڻ جيڪو اسان جو ميزبان ھو ۽ جنھن تي اسان جي اتي رھڻ جو بار ھو، تنھن کان موڪلايوسين. اصغر پٺاڻ جو وڏو پٽ دانش پٺاڻ، اسان کي ايئرپورٽ تي ڇڏڻ لاءِ گاڏي ھلائيندو رھيو. ھي پر اعتماد نوجوان، تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ، ھاڻ ھڪ ڪمپنيءَ ۾ مينيجر آھي. ھن جھان ۾ وڏو ٿي، تعليم حاصل ڪري، ھتي نوڪري ڪري به گفتگو صاف سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪندو رھيو. سندس ميل جول جو انداز نج سنڌين وارو ھو. ھو به پنھنجي والد وانگر ملنسار مزاج جو لڳو. ھو رستي ۾ اسان سان گفتگو ڪندو رھيو ۽ اچي اسان کي صبح ستين بجي ھوسٽن جي ھوائي اڏي تي پھچايائين. اسان سندس ٿورو مڃي کانئس موڪلائي ايئرپورٽ بلڊنگ اندر داخل ٿياسين ته ھو اسان کان موڪلائي واپس روانو ٿيو.

ھن دوري دوران جتي ھر ڪنھن قرب ڏنو، اتي اصغر پٺاڻ ۽ اختر علي خواجه جيڪو پيار، ساٿ ۽ ميزباني ڪئي، تنھن جا قرضي ٿي موٽياسين.

اسان ايئرپورٽ بلڊنگ ۾ مقرر دروازي وٽ پھتاسين ته اڏام ۾ اڃا ڪجھ وقت ھو، جنھن دوران نيرن ڪئيسين. ان کانپوءِ وقت گذارڻ لاءِ ڪنھن اکيون بند ڪري آرام ڪيو، ڪنھن فون ڪال ڪيا، ڪنھن فيسبڪ ۽ سوشل ميڊيا تي وقت گذاريو. ايئن وقت پورو ڪري، جھاز ۾ سوار ٿياسين. جھاز جو اسٽاپ، ايٽلانٽا شھر جي ايئرپورٽ تي ھو. ھن سفر دوران اھو نوٽ ڪيم ته ھنن ننڍين ھوائي ڪمپنين جي خرچ گھٽائي ڪرايا گھٽ ڪرڻ واري حڪمت عملي ھيٺ، ڊگھين اڏامن جي بجاءِ ٿوري فاصلي تائين اڏامون ھلائي اتي وري ٻين طرفن کان ايندڙن اڏامن جي مسافرن کي گڏي اڳتي ٻي پرواز ۾ موڪلين ٿا. اھڙي مرڪز ھئڻ ڪري ايٽلانٽا جو ايئرپورٽ آمريڪا جي مصروف ھوائي اڏن مان ھڪ ٿي ويو آھي. ھي ھوائي اڏو ڊيلٽا ايئرلائين جو مرڪز بڻيل آھي، جتي ان ڪمپني جو مرڪز آھي.

ايٽلانٽا ۾ اسان جو اسٽاپ ٿوري وقت جو ھو. ھڪ جھاز مان وري ٻئي ۾ سوار ٿي پنھنجي منزل بفلو ھوائي اڏي طرف روانا ٿياسين ۽ جلد اچي اتي پھتاسين. ھوائي اڏي مان نڪرڻ تي پارڪنگ طرف ويندڙ شٽل بس ملي ويئي. جنھن اچي اسان کي اسان جي پارڪ ٿيل گاڏي جي ويجھو لاٿو. اسان پارڪنگ جا پئسا ادا ڪري، واپسي جي راھ ورتي. ھڪ ته اسان جي گاڏيءَ ۾ پئٽرول تمام گھٽ ھو ٻيو ته ڪئناڊا جي ڀيٽ ۾ آمريڪا ۾ پئٽرول سستو آھي، ان ڪري سڀ کان پھريان گاڏيءَ جي ٽئنڪي فل ڪرائيسين.

ڪئناڊا جي سرحد ويجھي ھئي. ان ڪري جلد اتي پھتاسين. واپسي تي پنھنجي ملڪ ۾ داخل ٿيڻو ھوندو آھي، ان ڪري شير ھوندا آھيون. ڪئناڊا جي آئين ۾ ڏنل حقن موجب ھر شھري جو ملڪ کان ٻاھر وڃڻ ۽ واپس اچڻ ان جو آئيني حق آھي. سال ڏيڊ اڳ پاڪستان آيل ھوس. انھن ڏينھن ۾ ڪئناڊا طرف سفر کان اڳ ڪووڊ ويڪسين ڪرائڻ، ٽيسٽ رپورٽ وٺي اچڻ سان گڏ ھڪ ايپ ڀرڻي ھوندي ھئي، جنھن ۾ اچڻ جي تفصيل سان گڏ انھن ويڪسينس جا تفصيل به ڏيڻا ھوندا ھئا. مون کي واپسيءَ تي ان ايپ ڀرڻ جو خيال ذھن مان نڪري ويو. مان اچي ڪراچي ايئرپورٽ تي پھتس ته عملي بورڊنگ کان اڳ انھيءَ ايپ جي گھر ڪئي. کين چيم ته اھا ته مون ڀري ئي ڪونھي. تنھن تي ھنن چيو ته پوءِ ھتي ڀري وٺ. ڪوشش ڪيم پر فون تي اھا لوڊ ئي نه پئي ٿي. ھنن جي عملي به ڪوشش ڪئي پر ڪم نه ٿيو. نيٺ ڪافي بحث کان پوءِ کين قائل ڪيم ته توھان ھتان مون کي وڃڻ ڏيو. ڪئناڊا منھنجو پنھنجو ملڪ آھي، جتي مان پاڻ منھن ڏئي ويندس.

مان ٽورنٽو ائيرپورٽ تي لھي، چيڪنگ جي مرحلي ۾ داخل ٿيس ته اتي موجود آفيسر مون کان ان ايپ جو نمبر گھريو. مون کيس وراڻيو ته اھا ته مون ڀري ئي ڪونھي. چيائين ته اھا ڀرڻ ته لازمي آھي، جنھن جون ھدايتون موجود آھن. مون کيس چيو ته منھنجي گھر ۾ انٽرنيٽ ڪو نه ھئي، ايئرپورٽس تي ڪيل اھڙي ڪوشش ڪامياب ڪو نه ٿي. . ان تي چيائين ته پوءِ ھي فارم ڀري ڏي. مون کيس فارم ڀري ڏنو. تنھن کان پوءِ مان گھر روانو ٿيس. ھن ڀيري به سرحد تي عملي جي آفيسر رسمي سوال ڪيا ته ڇا خريد ڪيو اٿو، گھڻا ڏينھن ويا ھئا. انھن جوابن ڏيڻ تي چيائين ته واپسي تي ڀليڪار. اسان کانئس پاسپورٽ وٺي روانا ٿياسين.

ناگرا فال کان ٽورنٽو جو رستو ھتان جي وڏي ڍنڍ ليڪ انٽاريو جي ڪناري سان ٺھيل آھي. انٽاريو ڍنڍ، دنيا جي چند مٺي پاڻين جي ڍنڍن مان ھڪ آھي، جنھن ۾ ناگرا فال جو پاڻي پيو پوندو آھي. ھيءَ ڄڻ ته مٺي پاڻي جو سمنڊ لڳندو آھي. ھن ڍنڍ جي ڪناري يارنھن شھر آباد آھن. ھڪ پاسي زرعي فارم ته ٻئي پاسي ڍنڍ جي پاڻيءَ جو نظارو. ھن رستي سان سفر جون گھڙيون، خوشگوار ھونديون آھن. ھن رستي ۾ اڌ پنڌ تي ڪاساباڪانا جي شھر وٽ ھڪ اسٽاپ تي ھڪ ڪامپليڪس آھي، جنھن ۾ ڪافي کان ويندي کائڻ پيئڻ جون سڀ شيون ملنديون آھن. اسان عام طور تي ناگرا فال ويندي اتي ڪافي پيئڻ لاءِ اڪثر ڪري اسٽاپ ڪندا آھيون. ھن ڀيري به اسان جو آخري اسٽاپ اتي ٿيو. جتي ويھي گھر روانگي کان اڳ کائڻ پيئڻ سان گڏ سفر تي تبصرا، ٻئي ڏينھن جي ڪمن ڪارين ۽ ميل جول بابت صلاح مشورا ڪياسين. جتان پوءِ ٽورنٽو شھر ويجھو، پنھنجن شھرن طرف راھي ٿياسين.

سڀ کان پھريان مبشر ملڪ کي ملٽن شھر لڳ سندس فارم ھائوس تي ڇڏيوسين. ھي اسان جو دوست ڪچھري جو ڪوڏيو، مھمان نوازي ۾ اڳڀرو ھئڻ ڪري ڪيئي سالن کان کلئي گھر ۾ رھڻ جي تمنا ڪندو ھو. نيٺ ٽي سال اڳ ھڪ فارم ھائوس ورتائين جنھن ۾ گھر سان گڏ ٽي ايڪڙ زمين به آھي. ھاڻ اونھاري جي مند ۾ ڏينھن ٻئي ان لان تي اسان جون ڪچھريون ھونديون آھن. ٿوري ٿڌ ٿئي ته وري اتي مچ ڪچھريون مچنديون آھن. اونھاري جي مند ۾ ھو ٻھراڙيءَ مان ديسي ڪڪڙن جا چوزا وٺي اچي ڇڏيندو آھي، جيڪي وڏي ڏيڻ تي ھفتي ٻئي ديسي ڪڪڙ جي کائڻ جو سواد وٺندا آھيون.

ان کان پوءِ دوستن مون کي مسي ساگا ۾ گھر ڇڏيو. ھي ٽائون رھڻ لاءِ سڀ کان وڌيڪ پسند ڪيو وڃي ٿو. بھترين منصوبه بندي سان ٺھيل ھن شھر جا روڊ رستا ڪشادا آھن. ان جي ميئر عورت ھيزل ميڪلين ڪي ۳۵ سال ميئر جي عھدي تي رھي، ھن شھر کي ٺاھيندي رھي. انھن خدمتن جي عيوض، ھن شھر وارن کيس ايستائين ميئر رکيو جيستائين ھن چاھيو.

ان کان پوءِ ڊاڪٽر شاھد قريشي ۽ عبدالجبار لاشاري، پنھنجن پنھنجن گھرن ڏانھن بيمپٽن شھر طرف راھي ٿيا. بريمپٽن شھر کي گلن جو شھر به چيو ويندو آھي. ڪنھن زماني ۾ ھن شھر ۽ ان جي پسگردائي ۾ مختلف گلن جون وڏيون نرسريون ۽ پوکون ھيون. شھر جا گل سڄي علائقي ۾ وڪرو ڪيا ويندا ھئا ۽ گلن جي نمائش ۾ مٿانھون معيار رکندا ھئا. .

ايئن اسان جو سفر پڄاڻيءَ کي پھتو. ٻئي ڏينھن ھتان جي معمول جو حصو ٿي وياسين. جيڪي گڏ ويا ھئا، سي سفر جون يادگيريون سنگت کي ٻڌائيندا رھيا. سنگت مان ڪن ٻين ايندڙ ڀيري گڏ ھلڻ جي خواھش ڏيکاري. ڊسمبر ۾ سنڌ جي ياترا جو پروگرام پڪو ھوندو آھي باقي گرمين ۾ سنگت، يورپ جي ڪن ملڪن ۾ ھلڻ لاءِ متفق آھي. دنيا جو سير ۽ اتان جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ اسان جي خواھش آھي.

 

(خير محمد ڪولاچيءَ جي فيسنڪ ٽائيم وال تان ستن قسطن ۾ ۱۷ نومبر ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

Post a Comment