Thursday, March 31, 2011

ڪوالالمپور جي ڪهاڻي (1) الطاف شيخ


ڪوالالمپور جي ڪهاڻي (1)
الطاف شيخ

عليءَ سان گڏ سندس ڪار ۾ ڪوالالمپور جي مختلف روڊن تي جهڙالي موسم ۾ ڊرائيونگ ڪندي، جتي سندس زندگيءَ جي ڪهاڻي ٻڌي رهيو هوس، اتي کيس هن شهر جي مختلف علائقن ۽ روڊ رستن جي ماضيءَ جي ڪهاڻي به ٻڌائيندو پئي هليس. علي ڪوالالمپور شھر ۾ 1994ع ۾ آيو هو. مون کانئس 25 سال کن اڳ، يعني 1968ع ڌاري، هن شهر ۾ اچڻ شروع ڪيو. اوچين عمارتن، ڪارخانن، يونيورسٽين، اسپتالن ۽ پارڪن جو هيءُ شهر ڪو آڳاٽو ناهي. شهرن جي تاريخ ۾، هيءُ شهر ڄڻ ڪالهه جو ڄاول ٻار آهي. ڪي ماڻهو سمجهن ٿا ته ڪوالالمپور هن تر جو آڳاٽو شهر آهي پر ان کان ته اسان جو ڳوٺ هالا نوان ۽ ڀٽ شاهه به جهونا آهن. هالا پراڻا شهر ته تمام پوڙهو ٿيو. حيدرآباد، مٽياري، ٺٽو، جيسلمير، گرنار ۽ بڪانير وغيره، جن جو شاهه لطيف پنهنجن بيتن ۾ ذڪر ڪيو آهي، اهي ته تمام گهڻا پراڻا شهر آهن. شاهه لطيف، ڏکڻ چيني سمنڊ ڏي نه ويو پر جي وڃي ها ته هو وڌ ۾ وڌ ملائيشيا جي ملاڪا شهر جو ذڪر ڪري ها. تڏهن ڪو پڇين ها ته ’شاهه صاحب! پينانگ، سنگاپور ۽ ڪوالالمپور جي ڪا خبر چار؟‘ ته پاڻ حيران ٿي وڃن ها ته اهي ڪهڙا نالا آهن. ڇو جو انهن ڏينهن ۾، انهن شهرن جو وجود ئي نه هو. شاهه لطيف 1689ع ۾ ڄاوا. ان کان هڪ صدي کن پوءِ يعني 1771ع ۾، غلام شاهه ڪلهوڙي جي وفات تي آيل ماڻهن کان يا سوا صدي کن اڃا به پوءِ 1803ع ۾، ٽالپرن جي حڪومت شروع ٿيڻ وقت، سفر جي شوقينن کان انهن مٿين شهرن بابت پڇجي ها ته هو به وائڙا ٿي وڃن ها. هو ڪئنٽن، ڪيوٽو، رنگون ۽ ڪولمبو لاءِ ته چون ها ته اسان ٻڌا آهن، پر پينانگ، سنگاپور ۽ ڪوالالمپور لاءِ هو حيرت جو اظهار ڪن ها. ڇو جو هيءُ شهر ڪوالالمپور، جتي اڄ توهان يورپ جهڙيون هوٽلون، مونو ريل ۽ اليڪٽرڪ ٽرامون ڏسو ٿا، تنھن سڄي علائقي ۾ 1850ع تائين به دلدل ۽ گپ هئي. جنگل ۽ مليريائي مڇر هئا. ڀَڏا ۽ ٻوڏ جا پاڻي هئا. نانگ بلائون ۽ مِرون هئا. وڇون ۽ سؤ پيريون هيون. پڪي عمارت ته پري جي ڳالهه، ڪا جهوپڙي به ٺهيل نه هئي. البت اڄ واري هن شهر ڪوالالمپور کان 32 ڪلوميٽر اولهه ۾ ڪيلانگ (Kelang) نالي هڪ شهر ضرور هو، جيڪو هاڻ ڪلانگ Klang سڏجي ٿو. ان جي ڀرسان، اٽڪل 6 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي بندرگاهه پڻ هو. هيءُ بندرگاهه بعد ۾ انگريزن جي حڪومت ۾ پورٽ سئيٽنام سڏبو هو پر هاڻ وري پورٽ ڪلانگ سڏجي ٿو.
اڄ وارو هيءُ مغربي ملائيشيا، جيڪو تن ڏينهن ۾ ملايا سڏبو هو، سو مختلف رياستن ۾ ورهايل هو. اڄ وارو ڪوالالمپور، پترا جايا، سبانگ جايا، شاهه عالم ۽ ڪلانگ شهر وارا علائقا، سلينغور(Selangor)  رياست ۾ آيا ٿي. سڄو ملائيشيا، گهاٽو جهنگل هو. اهڙن گهاٽن جهنگلن ۾ ماڻهن جي چرپر فقط ندين ذريعي ممڪن هئي، جن مان ٻيڙيون هلي سگهيون ٿي. مختلف علائقن جا مختلف ملئي، سردار ۽ ڀوتار هئا، جيڪي پوءِ اڳتي هلي رياستن جا سلطان ٿيا. اھي ئي هاڻ واري وٽيءَ تي سڄي ملائيشيا جا بادشاهه ٿين ٿا.
اوڻويهين صديءَ جي شروعات جي ڳالهه آهي. دنيا ۾ ڪارخانن ۽ فئڪٽرين ۾ ڌاتوءَ جي ضرورت وڌڻ لڳي. ملايا جي ڪن ڪن علائقن ۾، خاص ڪري پيراق پاسي، قلعي يعني ٽِن(Tin)  جون کاڻيون مليون، جنهن مان ان پاسي جا ملئي جاگيردار ۽ سردار، امير ٿيڻ لڳا. کين پئسو ڪمائيندو ڏسي، ٻيا سردار ۽ سلطان به، پنهنجن علائقن ۾ جانچ ڪرائڻ لڳا. اهڙيءَ طرح هن پاسي، ڪلانگ جي سردار راجا عبدالله کي 1850ع ۾ کڙڪ پيئي ته؛ گومباڪ ندي، جيڪا تن ڏينهن ۾ سنگائي لمپور يعني گپ واري ندي سڏبي هئي، جتي ڪلانگ نديءَ سان ملي ٿي، تتي زمين اندر ٽِن/ قلعيءَ جون کاڻيون آهن. ٻنھي ندين واري انھيءَ سنگم تي اڄ وارو ڪوالالمپور شهر آهي.
انهن کاڻين جي کوٽائيءَ لاءِ کين مزدورن جي ضرورت پئي. ملايا ۾ ماڻهن جي کوٽ هئي. جيڪي رهيا ٿي، سي ملئي مسلمان هئا، جيڪي اڄ به سست سڏيا وڃن ٿا. جيئن اسان وٽ، ڪارخانن توڙي رستن لاءِ، پٿرن ڪٽڻ جي ڪم واسطي، سرحد پاسي کان پٺاڻ گهرايا وڃن ٿا، تيئن ملايا ۾ اهڙن سخت پورهين لاءِ، ڏکڻ چين مان چيني گهرايا ويا ٿي. تن ڏينهن ۾، چين جي ڏاکڻئي حصي ۾، سخت غربت ۽ ڏڪار جو عالم هو. ٻيو ته اهو علائقو ملايا کي ويجهو به هو. تنھنڪري کاڻين جي کوٽائيءَ لاءِ، ڪلانگ علائقي جي سردار، راجا عبدالله، 1850ع ۾ چيني مزدور گهرايا. جيڪي مٿي ٻڌايل ندين واري سنگم وٽ ڪکاوان گهر ٺاهي رهڻ لڳا. اڄ جيڪو ائمپنگ، باتو ۽ پودو وارو علائقو ڏسو ٿا، تتي کاڻين جي کوٽائيءَ جو ڪم شروع ڪيو ويو. هيءُ اهو دور هو، جڏهن دهلي ۽ آگري ۾، خبر ناهي ڪيترن مغل بادشاهن جون حڪومتون ٿي ويون ۽ هاڻ انگريز بادشاهه جو زور هو، جنهن جي خلاف 1857ع ۾ هندستان جي ماڻهن بلوو ڪيو هو. ان وقت اسان جا شھر؛ دهلي، ڪلڪتو، ڍاڪا، ٺٽو، لاهور، حيدرآباد ۽ شڪارپور وغيرھ وڏي اوج تي هئا. حيدرآباد ته تن ڏينهين، سنڌ جو پئرس سڏبو هو. ان وقت ڪوالالمپور ڇا هو؟ ڪجھ به نه هو! فقط چيني مزدورن جي رهائش جي، چند ڪکائن جهوپڙين وارو ڳوٺڙو هو. منجهس مرد ئي مرد رهيا ٿي. سيڌي جا ڪجهه دڪان هئا. ڪجهه ڪچي شراب جا گهتا، جوا خانا ۽ ڪجهه رنڊيون هيون.
ٽِن/ قلعيءَ جون کاڻيون کوٽڻ وارن، تن جاهل ۽ نشئي مزدورن جا به ٻه گروپ ٿي پيا هئا. هڪڙو گروپ هَڪا (Hakka) زبان ڳالهائڻ وارن چينين جو ۽ ٻيو حوقين (Hokkien) زبان وارن چينين جو. هنن جو پاڻ ۾ هر وقت جهيڙو لڳو رهيو ٿي. انگريز به ملايا ۾ وارد ٿي چڪا هئا. هنن ڊچن ۽ پورچوگالين کي ڀڄائي، ملايا جي مرڪز ”ملاڪا“ تي قبضو ڪري ورتو هو. باقي رياستن تي به، جيتوڻيڪ نالي ماتر حڪومت ملئي سلطانن جي هئي پر، هلي انگريزن جي ٿي. ڪوالالمپور مان نڪرندڙ ٽِن توڙي ملايا ۾ پيدا ٿيندڙ رٻڙ وغيره، هنن ئي خريد ڪري پنهنجي ملڪ انگلنڊ موڪليو ٿي. چيني مزدورن جي جهڳڙن ڪري، کوٽائيءَ جو ڪم ئي رڪجي ويو. ملئي سردار، ان معاملي کي منهن ڏئي نه سگهيا. انگريزن، ان مسئلي جو حل، اھو ڳوليو جو چينين منجھان ھڪ چيني مٿانئن ڪمدار طور مقرر ڪيائون، جيڪو ڪوالالمپور شهر جو ’ڪئپٽن چينا‘ سڏجڻ لڳو.
تن ڏينهين ڪوالالمپور ۾ رهڻ، ڪو سولو ڪم نه هو. ائين ته سڄي ملايا جو اهو حال هو. جتي ڪٿي جهنگ ھئڻ سبب نانگ بلائن، مڇرن ۽ سؤپيرين جو راڄ هو. اھو حال، اڃا تائين به ڳوٺن ۾ عام آهي. مون جيڪي ڏهاڪو کن سال، ملاڪا جي هڪ ڳوٺ ۾ گذاريا، تتي به انهن شين جي کوٽ نه هئي. ان کان علاوه، تن ڏينهن جي شروعاتي دور ۾، ڪوالالمپور اندر، ڪيتريون ئي قدرتي آفتون به نازل ٿينديون رهيون. هڪ طرف پليگ وگھي ماڻهو مرندا هيا ته ٻئي طرف ٻوڏن سبب. 1881ع واري ٻوڏ ۽ ان بعد باهه، سڄي شهر کي تباهه ڪري ڇڏيو. تنھن وقت، گهر سڀ کجيءَ جي پنن ۽ ٿڙن جا هئا. سڀ سڙي رک ٿي ويا. ان بعد ئي، سيلنغور(Selangor)  ۾ رهندڙ، برٽش ريزيڊنٽ، فرئنڪ سويٽنهام حڪم جاري ڪيو ته؛ ”هاڻ، ڪو به گهر، ڪکن جو نه ٺهندو. هر ڪو سرون ۽ ٽائيلون استعمال ڪندو.“ ان وقت جا اهي سرن جا ٺهيل گهر، اڄ به توهان کي ڪوالالمپور ۾ نظر ايندا. ڏٺو وڃي ته ڪوالالمپور جو شهر، صحيح معنى ۾ 1881ع کان شروع ٿيو. هيءُ اهو زمانو هو، جڏهن اسان وٽ بمبئي يونيورسٽي شروع ٿئي به ويهارو سال ٿي چڪا هيا. بمبئيءَ جي گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج کلئي ته 36 سال ٿي چڪا هيا. هيءُ اهي ڏينهن هئا، جڏهن ڪجهه سالن بعد، اسان وٽ محمد علي جناح ۽ مهاتما گانڌيءَ جنم ورتو. منهنجي ڳالهه جو مطلب اهو آهي ته ڪوالالمپور ڪو لنڊن، قاهري، پئرس يا خارطوم، دهلي، حيدرآباد ۽ لاهور وانگر پراڻو شهر نه آهي. هيءُ اسلام آباد وانگر هاڻ جو ٺهيل شهر آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته، هن شھر تمام تيز رفتاريءَ سان ترقي ڪئي آهي. خاص ڪري، گذريل اڌ صديءَ جي سٺ واري ڏهي ۾، جڏهن اسان جو پهريون دفعو جهاز تي نڪرڻ ٿيو. ان وقت به ڪوالالمپور، سنگاپور يا پينانگ ڪي خاص شهر نه هئا. بلڪ ائين، جيئن سنڌ جا شھر ٽنڊوآدم ۽ شهداپور هئا. تھڙو ئي حال دبئي جو هو، جيڪو اڄ جي ڀٽ شاهه کان به پٺتي هو.
ڪوالالمپور کي پيرن تي بيهارڻ ۾ يپ آح لوا (Yap Ah loy) نالي چيني همراهه جو به وڏو هٿ هو. هن 1870ع ۾ ڪوالالمپور شهر ۾، قلعي(Tin)  جي وڪري کي وڏي ترقي وٺرائي. ايتري قدر جو 1880ع ۾ سلينغور رياست جي گادي، ڪلانگ بدران ڪوالالمپور مقرر ڪئي وئي. پوءِ 1881ع جي ٻوڏ ۽ باهه، ڪافي تباهي آندي. فرئنڪ سويٽنهام، هن شهر کي هڪ دفعو وري ڊيولپ ٿيڻ ڏنو. سلينغور جو هيءُ اهو انگريز ريزيڊنٽ آهي، جنهن جو نالو ڪلانگ بندرگاهه تي رکيو ويو. ملائيشيا کي، انگريزن طرفان 1957ع ۾ خودمختياري ملڻ بعد به، ڪوالالمپور وارو هيءُ بندرگاهه، پورٽ سويٽنهام سڏبو هو. اسان جي اچڻ وارن شروعاتي سالن ۾، اسان جي جهازن جي نقشن تي به اهو ئي نالو لکيل هوندو هو. بعد ۾ ھن بندرگاهه جو وري پراڻو نالو، پورٽ ڪلانگ ئي رکيو ويو.
سويٽنهام، جنھن جو سڄو نالو فرئنڪ اٿيليسٽان سويٽنهام ھيو، ملايا جو پهريون انگريز ريزيڊنٽ جنرل مقرر ٿيو. هو 1871ع کان 1901ع تائين، سنگاپور ۽ ملايا ۾ رهيو. پاڻ ملئي زبان جو وڏو ڄاڻو هو. ملئي-انگريزي ڊڪشنري به تيار ڪئي ھيائين. ان کان علاوه سندس ٻه ٻيا ڪتاب به ڇپيا:
-Malay Sketches
- Unaddressed Letters.
سندس ڏينهن ۾، ملايا اندر ڪافيءَ ۽ تماڪ جي پوکن لاءِ، زمينون ٺاهيون ويون. سندس ئي ڏينهن ۾، ڪوالالمپور کان پورٽ ڪلانگ تائين، ريلوي لائين وڇائي وئي. ياد رهي ته ڪوالالمپور شهر، بندرگاهه ناهي. ڪوالالمپور کان اٽڪل 38 ڪلوميٽر اولهه ۾، پورٽ ڪلانگ آهي. هيءُ بندرگاهه، ملاڪا واري ڳچي سمنڊ (Malacca Straits) ۾ آهي. هيءُ سامونڊي لنگهه، ملائيشيا ۽ سماترا ٻيٽ (انڊونيشيا) جي وچ ۾ آهي. ڪوالالمپور جي قومي عجائب گهر Muzium Negara ۾، هن انگريز صاحب، سويٽنهام جو Statue يعني بوتو نظر اچي ٿو.
بهرحال 1890ع تائين، ڪوالالمپور اهڙي سٺي شڪل ۾ اچي ويو جو شهر جي صفائي سٿرائيءَ لاءِ سينيٽري بورڊ ٺاهيو ويو. سلنغور رياست، جنهن ۾ هيءُ شهر آيو ٿي، تنھن جو گاديءَ وارو هنڌ ته هيءُ شهر اڳهين ٿي چڪو هو، پر 1996ع ۾ تازين ٺهيل فيڊيريٽيڊ ملئي رياستن لاءِ به گاديءَ جو ھنڌ ٿي پيو. منجھس مختلف قومون رهڻ لڳيون. ڪلانگ نديءَ جي اوڀر پاسي، مارڪيٽ اسڪائر چائنا ٽائون ۾ چيني رهڻ لڳا. ملئي مسلمان ۽ انڊين مسلمان، جاوا اسٽريٽ تي، جيڪا هاڻ جالان تن پيراڪ سڏجي ٿي، گهڻا هئا. پڊانگ/ ميدان، جيڪو هاڻ مرديڪا اسڪائر سڏجي ٿو، انگريزن جي سرڪاري آفيسن جو مرڪز هو.


Monday, March 28, 2011

قسمت جا ليکا - الطاف شيخ


قسمت جا ليکا...
الطاف شيخ
پاڻ ملائيشيا جي هڪ بزنيس ڪمپنيءَ جي ڊائريڪٽر، حاجي غلام علي سولنگيءَ جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين. هو اڄ کان سترهن ارڙهن سال کن اڳ، پنهنجي گهران، روهڙي سيمينٽ فئڪٽري ڪالونيءَ مان، هٿين خالي سنگاپور ۽ ان بعد ملائيشيا آيو. چار سال کن ڏينهن رات محنت مزوري ڪري، هو سکي زندگي گذارڻ لڳو. هُو هڪ ملئي انجنيئر ڇوڪريءَ سان گڏ ڪوالالمپور جي علائقي جالان ڪلانگ لاما ۾ سائيبر ڪيفي جو مالڪ ٿي ويو هو. هنن ٻنهي مستقبل قريب ۾ شاديءَ جو ارادو رکيو ٿي، جنهن لاءِ ٻنهي گڏجي ڪوالالمپور جي هڪ سٺي علائقي ۾ هڪ سهڻو فليٽ به بڪ ڪرايو. جنهن لاءِ هو 40-40 هزار رنگٽ به ڀري چڪا هئا ۽ هاڻ باقي ڪا معمولي هڪ اڌ قسط رهي هئي ته عليءَ جي خوشين سان ڀريل زندگيءَ ۾ اوچتو رولو اچي ويو. سندس ڪيفي ۾ ٻين جي جهيڙي ڪري، سندس جو هلندڙ بزنس بند ٿي ويو. ملئي ڇوڪريون به اهڙيون بي وفا يا ٺڳڻيون نه ٿينديون آهن، پر هو ڇا چوندا آهن ته؛ پنج ئي آڱريون برابر نه ٿيون ٿين. هن ڇوڪريءَ جي طبيعت ۾ اوچتو اهڙا لاڙا پيدا ٿيا جو هوءَ عليءَ جي بدران هر ڳالهه پنهنجي ساهيڙيءَ جي مڃڻ لڳي. عليءَ سان شادي ڪرڻ جو نه فقط ارادو لاهي ڇڏيائين بلڪ عليءَ جي بچيل سچيل پونجي به ھڙپ ڪري وئي. بُڪ ٿيل فليٽ ته اڳيئي سندس نالي هو. علي هڪ دفعو وري زيرو تي وڃي پهتو. 

Sunday, March 27, 2011

هڪ دفعو وري زيرو تي وڃي پهتس



هڪ دفعو وري زيرو تي وڃي پهتس

”سنگاپور کان ملائيشيا جي شهر جوهوربارو وٺي اچڻ واري همراهه، مون کي آڌيءَ رات جو، رستي تي ڏهه رنگٽ جو نوٽ هٿن ۾ ڏنو ۽ پاڻ روانو ٿي ويو.“ عليءَ تفصيل ڏيندي وڌيڪ ٻڌايو؛ ”تاريخ ياد نه اٿم. مهينو مئي جو هو ۽ سال 1994ع هو. انهن ڏينهن ۾ ملائيشيا جو رنگٽ، اسان جي ٻارهن رپين برابر هو. مون ڪوالالمپور وڃڻ چاهيو ٿي، جتي مون ٻڌو ته دنيا جي اوچي عمارت ٺهي رهي آهي، جنهن جي ڪم لاءِ ڪيترن ئي هنرمندن کان علاوه مون جهڙن بي هنر ماڻهن کي به مزوري ملي سگهي ٿي ۽ آئون روزگار ڪمائي پيٽ جي باهه اجهائي، في الحال جياپو قائم رکي سگهان ٿو.“
ھن ڳالھ کي جاري رکندي چيو؛ ”مون جوهوربارو جي بس اسٽاپ تان ڪوالالمپور ويندڙ بسين جي ٽڪيٽ پڇي. ڏهه رنگٽ، ايترو گهٽ پئسو هو جو ان مان ڪنهن بنا A.C ۽ پراڻيءَ بس جي به ٽڪيٽ نٿي ٿي سگهي. آئون هاڻ بس اسٽاپ ڀرسان پيٽرول پمپ تي بيهندڙ ڪارن ۽ پڪ اپ ۾ سوارن کي جانچڻ لڳس ته من ڪو مون کي ڪوالالمپور تائين لفٽ ڏئي. هڪ ٻن جي انڪار بعد، هڪ ملئي فئملي مون کي پنهنجي ڪار ۾ ويهارڻ لاءِ راضي ٿي وئي. مون کين ٻڌايو ته؛ آئون ٽوئرسٽ آهيان. باقي دوستن کان وڇڙي ويو آهيان. هو منهنجو ڪوالالمپور ۾ انتظار ڪري رهيا آهن. هنن منهنجو پاسپورٽ مٿان مٿان ڏٺو ۽ گاڏيءَ ۾ پيٽرول ڀرائي مون کي اڳيان ويهاريو ۽ پنهنجي زال کي پٺيان ٻارن سان گڏ ويهاريو. هو جوهوربارو، پنهنجن مائٽن سان ملڻ ويا هئا ۽ هاڻ واپس اپوح وڃي رهيا هئا. سندن رستي تي، ڪوالالمپور مان لنگهه هو.“
”جوهوربارو کانپوءِ هو ننڍا وڏا شهر آئرحطام، موئر، جاسين، ملاڪا وغيره اڪري سريمبان ۾ ڪجهه دير ترسيا. پاڻ به ماني کاڌائون ۽ مون کي به کارايائون. ڪوالالمپور پهچي مون کي اتي لاٿائون جتي پيٽروناس جا جاڙا ٽاور (Twin Towers) جڙي رهيا هئا. اڃا اونداهه هئي. صبح ٿيڻ ۾ اڃا ٻه اڍائي ڪلاڪ هئا. ڪنسٽرڪشن واري ايراضيءَ ۾ ڪيترا ئي مزدور، جيڪي ڀر واري ملڪ انڊونيشيا ۽ فلپين جا غريب لڳا ٿي، پٽ تي تختا يا گتا وڇائي ستا پيا هئا. مون کي به هڪ ردي اخبار ملي وئي، جيڪا پٽ تي وڇائي چيلهه سڌي ڪرڻ لاءِ ليٽي پيس. ڪلاڪ ٻه ڪار ۾ به اک هڻي آيو هوس ۽ اهڙو ڪلاڪ ڏيڍ هتي به ننڊ اچي وئي. صبح جي وقت جيئن ٻين مزورن گهوريئڙن(Hawkers)  کان ناسي ليماڪ خريد ڪري کاڌو تيئن مون به ڏهن رنگٽن مان ڏيڍ رنگٽ نيرن ڪرڻ لاءِ ناريل جي کير ۾ رڌل اهي ملئي چانور(Nasi Lemak)  وٺي کاڌا.
بلڊنگ تي ڪم شروع ٿيڻ بعد، مون هيڏانهن هوڏانهن سرون ۽ بار کڻڻ جي مزدوري کان وٺي واڍي، رازي، ويلڊر، مڪينڪ جو هيلپر ٿي ڪم ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي ۽ آخر ڪامياب ٿي ويس. نه فقط ڪامياب ٿي ويس، پر الله جي فضل سان مون کي صاف سٿري نوڪري ملي وئي. بلڊنگ جي هڪ حصي ۾ هلندڙ ڪم لاءِ نٽ بولٽن ۽ پائيپ نلڪن جو اسٽور هو، جتان ان ڪمپنيءَ جي رازن واڍن کي سامان سپلاءِ ڪيو ويو ٿي. پڙهيل ڳڙهيل هجڻ ڪري، ڪمپنيءَ جي انچارج، مون کي ان اسٽور ۾ ڪلارڪ ڪري رکيو. منهنجو ڪم سامان جو اندراج ڪرڻو هو ته ڪنهن ورتو ۽ ڪهڙي ڪم لاءِ. جنهن شيءِ جي کوٽ ٿيڻ لڳندي هئي، ان بابت مٿي ٻڌائي اها شيءِ گهرائي ويندي ھئي. هن نوڪريءَ ۾ منهنجو واسطو مزدورن ۽ بي هنر ماڻهن کان وٺي پڙهيل ڳڙھيل انجنيئرن، ٽيڪنيشن، مڪينڪن ۽ ٻين سان پيو ٿي. ڪجهه ڏينهن، فٽ پاٿ تي سمهڻ بعد، مون کي ان اسٽور جي هڪ حصي ۾ سمهڻ ڏنو ويو. ڪمپنيءَ وارا به مون مان خوش هئا. ڇو جو آئون هر وقت موجود رهيس ٿي ۽ کين ضرورت جي شيءِ، وقت تي ملي وئي ٿي.
دنيا جي هن اتاهين عمارت(Twin Towers)  جو ڪم، هاڻ آخري مرحلن ۾ هو. ان ڳالھ جو مون کي الڪو هو ته؛ ڇهن ستن مهينن بعد، منهنجي هيءَ نوڪري هلي ويندي. بهرحال آئون لاڳيتو پورو سال، هن بلڊنگ جي مڪمل ٿيڻ تائين، روزگار سان لڳو رهيس.
”پوءِ ان بعد ڇا ڪيئي؟“ مون عليءَ کان پڇيو.
”ان بعد مون سائبر ڪيفي کولي.“ عليءَ ٻڌايو.
”اهو بزنيس ڌيان ۾ ڪيئن آيو؟“ مون پڇيو.
”در اصل ڇا ٿيو جو پيٽروناس ٽاور جي ڪم ۾ جڏهن وڃي ٻه ٽي مهينا بچيا ته مون واري ڊپارٽمينٽ ۾ ڪم ڪندڙ هڪ ملئي انجنيئر ڇوڪري مون وٽ آئي.“ علي پنهنجي وڌيڪ ڪهاڻي ٻڌائيندي چيو؛ ”هن مون کي چيو ته ٻن ٽن مهينن بعد، پاڻ سڀني کي هن فارين ڪمپنيءَ طرفان نوڪري ختم ٿيڻ جو نوٽيس ملندو. ڇو جو بلڊنگ ٺهڻ بعد، گورن جي هيءَ ڪمپني، وائينڊ اپ ڪري پنهنجي ملڪ هلي ويندي. ان بعد تو پاڻ لاءِ ڇا سوچيو آهي؟“
”مون کيس ٻڌايو ته منهنجي ذهن ۾ ته ڪجهه ناهي“.
هن چيو ته؛ هوءَ ڪمپيوٽرن جي به ڄاڻو آهي ۽ اڄڪلهه دنيا ۾ سائبر ڪيفي جو رواج هلي رهيو آهي. هوءَ مون کي ايماندار ۽ محنتي ٿي سمجهي ۽ جي آئون چاهيان ته ساڻس ان بزنيس ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿي سگهان ٿو. ڇو جو ڇوڪري ٿي ڪري، سندس لاءِ هر ڳالهه کي منهن ڏيڻ، آسان ڪم ناهي. مون کي سندس ڳالهه وڻي. اسان نوڪري ختم ٿيڻ کان اڳ، هڪ ڪيفي کولڻ جي لوڪيشن جو انتخاب ڪري ورتو. اهو ڪلانگ لاما وارو علائقو هو، جنهن ۾ هاڻ ڊولپمينٽ ٿي رهي هئي. اوسي پاسي ۾ ڪيترا ئي IT اسڪول ۽ ادارا کلي رهيا هئا. اتي اسان هڪ دڪان مسواڙ تي وٺي، ان ۾ ڪمپيوٽر وغيره فِٽ ڪيا ۽ جيئن ئي پيٽروناس ٽاور واري نوڪري ختم ٿي ته اسان اچي هن ڪيفي کي سنڀاليو.“
”ڀلا جنهن سان تنهنجو شادي ڪرڻ جو ارادو هو، اها ساڳي ملئي ڇوڪري ته نه هئي؟“ مون پڇيو.
”جي ها!“ عليءَ وراڻيو؛ ”جڏهن اسان گڏ بزنيس شروع ڪيو ته هن ٻڌايو ته؛ هن جي ڪجهه سال اڳ شادي ٿي هئي. پر پوءِ جلد طلاق ٿي وئي ۽ هاڻ هوءَ اڪيلو گذاري ٿي. هن مون کي پنهنجي ماءُ پيءُ سان به ملايو، جيڪي نيڪ نمازي ملئي مسلمان هئا. آئون وٽن اڪثر ويندو رهيس ٿي. کين پنهنجي ڌيءَ جي طلاق جو ڏک هو ۽ چاهيائون پئي ته سندس شادي ٿي وڃي ته سٺو. وقت سان گڏ هنن مون ۾ دلچسپي ڏيکاري. وجھ وٺي، هڪ ڏينهن مون سان ان بابت ڳالهه به ڪيائون. ڇوڪري، عمر ۾ مون کان وڏي هئي. بزنيس ۾ گڏ هئڻ ۽ Understanding وڌڻ ڪري، منهنجي به هن ۾ دلچسپي وڌڻ لڳي. مون سندس والدين سان هائوڪار ڪئي. هو ڏاڍو خوش ٿيا. هنن ڇوڪريءَ سان به ڳالهه ڪئي. جيڪا پاڻ به مون ۾Interested  هئي (يا شايد والدين کيس شادي لاءِ Convince ڪيو) جو هن به هائوڪار ڪئي. اسان جو پاڻ کي ڪجهه وڌيڪSet  ڪري، شادي ڪرڻ جو ارادو ٿيو.“
”ڀلا هي سائبر ڪيفي جو ڌنڌو ڪيترا سال هليو؟“ مون پڇيو.
”اهو ٽي سال هليو. اسان جي خوب ڪمائي پئي ٿي. منهنجو ارادو هو ته مسواڙ بدران، پنهنجو دڪان وٺجي يا ساڳيو ئي خريد ڪجي،“ عليءَ وڌيڪ ٻڌايو؛ ”پر ان ڳالهه تي هوءَ متفق نه هئي. هوءَ ٻين ملئي ماڻهن وانگر، بيحد خرچائو طبيعت جي هئي. کائڻ پيئڻ، ڪپڙن گندين جي ته وڏي شوقين هئي. هاڻ ته ماڳهين کيس فلئٽ وٺڻ جو شوق ٿي پيو ھئو. هوءَ هڪ تمام اوچي قسم جي ٺهندڙ فلئٽن مان هڪ، پنهنجي نالي بڪ ڪرائي آئي. مون وٽ ان وقت تائين 40 هزار رنگٽ کن گڏ ٿيا هئا، جيڪي اڄ جي حساب موجب 10 لک رپيا کن ٿيا. هن مون کان منهنجي بچت جا به پئسا گهريا ته آخر شاديءَ کان پوءِ پاڻ کي ئي ان ۾ رهڻو آهي. مون کيس سڀ پئسا ڏئي ڇڏيا.“
”پوءِ شاديءَ جو معاملو ڪيئن بگڙي ويو؟“ مون پڇيو.
”ان دوران ڇا ٿيو جو ڪيفي جو بزنيس هلائڻ وقت، هن سان گڏ هڪ ساهيڙي اچي رهي، جنهن جي پڻ شادي ٽٽي وئي هئي. هو ٻئي گڏ گڏ رهيون ٿي ۽ سٺيون ساهيڙيون ۽ حال-ڀائياڻيون هيون. ڇا ٿيو جو، اسان جي شاديءَ جي ارادي جو ٻڌي، سندس ساھيڙيءَ کي ڏاڍو ڏک ٿيو.“
”ڇو ڀلا؟“ مون عليءَ کان پڇيو.
”ظاهري طرح ته ائين لڳي ٿو ته هن کي اهو ٿيو ته شاديءَ بعد هوءَ اڪيلي ٿي ويندي. يا هن کي نوڪري ڇڏي پنهنجي ڳوٺ اپوح وڃڻو پوندو. بهرحال هن منهنجي بزنيس پارٽنر جا ڪن ڀرڻ شروع ڪيا ۽ هوءَ مون کان پري ٿيندي وئي. منهنجي سمجهائڻ جي باوجود، هوءَ هر ڳالهه ۾ پنهنجي هلائڻ لڳي. هن لاءِ مون کان وڌيڪ پيارو ۽ اهم ماڻهو، هن جي ساهيڙي ٿي پئي. آخرڪار هن مون سان اهڙي بي رخي اختيار ڪئي جو مون سندس والدين سان به ان خدشي جو اظهار ڪيو ته؛ هوءَ مون سان شايد شادي ڪرڻ ۾ دلچسپي نٿي رکي. جيڪو پوءِ حقيقت ثابت ٿيو. مائٽن جي سمجهائڻ جي باوجود به هوءَ، پنهنجي ضد تي قائم رهي. سچي ڳالهه ته اها آهي ته هن جي پنهنجي ساهيڙيءَ ۾ شروع کان ايڏي ته دلچسپي وڌي وئي هئي جو هن مون سان گڏ والدين کان به ڪنارو ڪرڻ شروع ڪيو هو. انهن ئي ڏينهن ۾، اسان جي سائبر ڪيفي ۾، ڪجهه نوجوان تامل گراهڪن جو پاڻ ۾ جهيڙو ٿي پيو. پوليس يڪدم پهچي وئي ۽ ڪيفي بند ڪرائي وئي، جيڪا هن ملئي ڇوڪريءَ جي نالي هئي. اسان جو روزگار بند ٿي ويو. منهنجو گڏ ڪيل سمورو پئسو ڇوڪريءَ حوالي ٿي ويو.“
”تو هن کان پنهنجا پئسا گهريا سهي؟“
”گهريم پر هن فلئٽ ۾ لڳائي ڇڏيا هئا ۽ فلئٽ سندس نالي هو. منهنجي قانوني ڪا به حيثيت نه هئي. آئون هڪ دفعو وري زيرو تي اچي پهتس، جنهن تي ان کان 4 سال کن اڳ هوس، جڏهن سنگاپور کان ڪوالالمپور پهتو هوس.“

Saturday, March 26, 2011

رستي تي بي يار و مدد هوس - الطاف شيخ


رستي تي بي يار و مدد هوس
الطاف شيخ

مون کي ڪوالالمپور جي چَوڪِٽ مارڪيٽ ۽ مسجد انڊيا واري علائقي ۾ 12 وڳي ڌاري وڃي ڪجهه فوٽو گرافي ڪرڻي هئي، جنهن ۾ اڃا ٻه اڍائي ڪلاڪ هئا. وقت پاس ڪرڻ لاءِ علي مون کي پنهنجي ملائيشيا جي ٺهيل ڪار ”پروٽان“ ۾ ڪوالالمپور جي روڊن جو سير ڪرائڻ لاءِ ڊرائيونگ ڪندو رهيو. مون هنن روڊن تان هلي ماضيءَ جون يادون تازيون ڪرڻ چاهيون ٿي. منهنجو پهريون دفعو ڪوالالمپور ۾ اچڻ شايد 1968ع ڌاري ٿيو هو، جڏهن چين ويندي يا اتان موٽندي، اسان جي جهاز ڏينهن ٻن لاءِ پورٽ ڪلانگ ۾ لنگر ڪيرايو هو. انهن ڏينهن ۾ پورٽ ڪلانگ انگريزن جي ڏينهن واري نالي؛ پورٽ سويٽنهام، سان سڏبو هو.

Thursday, March 24, 2011

نوڪري ڏيارڻ بهاني ٿيندڙ ظلم - الطاف شيخ


نوڪري ڏيارڻ بهاني ٿيندڙ ظلم
الطاف شيخ
هڪ ڏينهن عليءَ کي چيم ته يار ڪوالالمپور ۾ چينين جي مارڪيٽChow Kit  جو چڪر هڻڻ تي دل چوي ٿي. آئون ملاڪا ۾ نوڪري ڪندو هوس، تڏهن به ڪوالالمپور اچڻ تي ”چوڪٽ“ جو چڪر ضرور ڏيندو هوس. ان کان اڳ جڏهن جهاز تي هوس ۽ جهاز پورٽ ڪلانگ ايندو هو ته ڪوالالمپور اچي جالان تنڪو عبدالرحمان (روڊ) تي سنڌي هندن جي دڪانن تان خريداري ڪندو هوس ۽ مسجد انڊيا ۽ چوڪٽ جو چڪر هڻندو هوس. هن مارڪيٽ ۾ ڀاڄين، ميون ۽ قسمين قسمين جانورن جو گوشت وڪامندو ڏسي حيرت ٿي ٿئي. گذريل دفعي ڪوالالمپور آيو هوس ته پاڪستان ايمبسي جو ڪمرشل/ ٽريڊ سيڪريٽري اطهر جمال ابڙو پڻ، مونکي چوڪٽ مارڪيٽ وٺي هليو هو، جتي انهن ڏينهن ۾ پهريون دفعو، سندس ڪوششن سان پاڪستاني انب متعارف ڪرايو ويو هو. هاڻي چوڪٽ مارڪيٽ، ماڊرن ٿيڻ ڪري منجهس اها ڳالهه نه رهي آهي. ان کان علاوه ملائيشيا حڪومت ڪيترن جانورن جي گوشت ۽ شين تي بندش هڻي ڇڏي آهي. ور نه ته اسان جي ڏينهن ۾ ڪُميون، ڪَڇون، نوريئڙا، نور، سانڊا، ڪتا ۽ ٻلا، بلڪ ڪهڙي شيءِ هئي، جنهن جو گوشت نٿي وڪاميو. مڇين ۽ نانگن جا ته انيڪ قسم هوندا هئا. جيڪي ماڻهو، خاص ڪري چيني، جيئرا جاڳندا خريد ڪندا هئا يا انهن جو گوشت ٺهرائي گهر کڻي ويندا هئا يا اتي جي ريسٽورنٽن ۾ هر قسم جو گوشت وڏي ڪڻڇي تي ائين تربو هو، جيئن پاڻ وٽ ڪراچيءَ ۾ برنس روڊ تي يا حيدرآباد ۾ سول اسپتال ٻاهران ٻڪريءَ جا جيرا، دل، بڪيون ملن ٿا. عليءَ کي ٻڌايم ته؛ 1970”ع ۽ ان کان اڳ ته هن مارڪيٽ ۾ مون چين جي شهرن وانگر، جيئرن ڀولڙن جو ميڄالو ڪڍي وڪامندي ڏٺو ھئم.“

Monday, March 21, 2011

وڏيءَ عمر ۾ سفر ڪجي يا نه؟


وڏيءَ عمر ۾ سفر ڪجي يا نه؟

وڏي عمر ۾ سفر ڪرڻ ڪا سٺي يا سولي ڳالهه ناهي. مجبوريءَ جي حالت ۾، ٻاهر نڪرڻ ٻي ڳالهه آهي. گهمڻ ڦرڻ جي خيال کان پنهنجي يا ڌارئين ملڪ ۾، نُوس نُوس ڪرڻ، سراسر بيوقوفي آهي. ڇو جو جيئن جيئن انسان جي عمر وڏي ٿئي ٿي، تيئن تيئن سندس جسماني توڙي ذهني سگهه گهٽجيو وڃي. سروس لاءِ دير ٿيل ڪار وانگر سندس ذهن توڙي جسم، ڪيترين شين ۾ missing ڪري ٿو. جوانيءَ جي ڏينهن ۾، ٽيهه ڪلو وزني بئگ کڻندي به هلڪي لڳندي هئي ۽ هاڻ 13 ڪلو جي بئگ به ايڏي ڳري لڳي ٿي، جو مون سمجهيو ته پڪ 20 ڪلو کان مٿي آهي ۽ ايئرپورٽ تي فالتو وزن لاءِ مون کي ڏوڪڙ ڏيڻا پوندا. ذهن جو مِسنگ ڪرڻ مان منهنجو مطلب اهو آهي ته؛ باوجود ڪوشش جي ڪا ڪا ڳالهه رهجيو وڃي يا وسريو وڃي. ڪوالالمپور ڇڏڻ وقت اميگريشن جو ڊپارچر وارو پنو، بورڊنگ ڪارڊ واري ڪائونٽر تي ڏنو. ان جي انچارج موٽائي ڏنو ته اڳيان جڏهن ڪسٽم بعد اميگريشن ڪائونٽر ڪليئر ڪرايان ته انهن کي ڏيان. جيئن ثبوت رهي ته آئون سندن ملڪ ۾ آيس ۽ ترسي پوڻ بدران واپس وڃان پيو. ايئرپورٽ تي ٺهيل دڪانن جو ڪلاڪ کن چڪر هڻڻ ۽ هڪ هنڌ ڪافي پيئڻ بعد، جڏهن اميگريشن جي ڪائونٽر تي پهتس ۽ هو مون کان ڊپارچر ڪارڊ گهرڻ لڳا ته مون کي سمجهه ۾ نه پيو آيو ته هنن جو مطلب ڇا آهي. مون پنهنجي پَر ۾ سمجهيو پئي ته؛ ”آئون سڀ ڪاغذ پٽ ڪليئر ڪرائي چڪو آهيان ۽ هاڻ فقط پاسپورٽ تي Exit جو ٺپو هڻائڻو اٿم.“ بهرحال پوءِ ياد اچي ويو ته ”چيڪ ان“ ڪرڻ واري ڪائونٽر تي ويٺل همراهه، اھو مون کي واپس ڪري ڇڏيو هو ۽ مون وري ان کي پاسپورٽ اندر هٿيڪو رکڻ بدران، جئڪيٽ جي ڪنهن کيسي ۾ وجهي ڇڏيو هو. پوءِ چرين وانگر پينٽ ۽ جئڪيٽ جي کيسن ۾ هٿ وجهي، ان ڪارڊ کي ڳولي ورتم ۽ شڪر ڪيم ته اهو ملي ويو. نه ته ڌارئين ملڪ ۾ اجائي خواري ٿئي ها. خاص ڪري اسان پاڪستانين کي ته تمام گهڻو محطاط رهڻو پوي ٿو. ڇو جو پاڪستانين وٽ، سڀ ڪاغذ پٽ هجڻ جي باوجود، کين شڪ جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. بهرحال منهنجو مطلب آهي ته وڏي عمر ٿيڻ سان جسم توڙي ذهن missing شروع ڪري ٿو. پوءِ ڪي missing اهڙيون آهن، جيئن مٿيون مثال. جن جي خبر پوڻ سان احساس ٿيو وڃي ته اسان کان غلطي ٿي وئي. ڪي شيون وري اهڙيون آهن، جن جي ڪو نشاندهي نٿو ڪري ته خبر ئي نٿي پوي. توهان ڪيترن وڏي عمر جي ماڻهن کي ڏٺو هوندو ته سندن پتلون جي زپ کلي پئي هوندي، قيمص جا بٽڻ هيٺ مٿي ٿيل هوندا، ابتو سئيٽر پهريل هوندن.... وغيره. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪيترا پوڙها ماڻهو، خاص ڪري اسان جهڙن ايشيائي ملڪن جا، سٺ ستر جي ڄمار ٽپڻ بعد به، پنهنجي جسماني ۽ ذهني ڪمزوريءَ جو اعتراف ڪندي، پنهنجي بيعزتي محسوس ڪن ٿا. هو پنهنجي مڙسيءَ ۽ همت جون ڪوڙيون ڳالهيون ٻڌائي فخر ۽ تسڪين محسوس ڪن ٿا. جيتوڻيڪ ٻڌڻ وارا به سمجهن ٿا ته ستر يا اسي ورهن جي ڄمار ۾ ”آتش اهو جوان نٿو رهي جيڪو پنجاهه کان هيٺ واري range ۾ هو“.
بهرحال وڏي عمر واري جي دل ڀلي جوان هجي پر سفر لاءِ جسماني ۽ ذهني سگهه هجڻ ضروري آهي. جيئن اسان وٽ چوندا آهن ته؛ سٺ ستر ٽپڻ بعد به جهاز ته هلائي سگهجي ٿو پر سلينڊر ۽ ڪرئنڪ شافٽ جي ڪئليبريشن (ماپ) ڪير ڪري. وڏي عمر جو پوڙهو به ڪار ته هلائي سگهي ٿو پر ٽائر پنڪچر ٿيڻ تي آيا هن ۾ همٿ هوندي جو ان ويل جا جئم ٿيل نٽ کولي سگهي ۽ ڊڪيءَ مان اسپيئر ويل ڪڍي بدلائي سگهي؟ ملاڪا کان ڪوالالمپور موٽي رهيو هوس ته منهنجي ملئي دوست مون کي بس ۾ وڃڻ بدران، پنھنجي ڪار ۾ ڇڏي اچڻ لاءِ چيو. جڏهن هلڻ لڳاسين ته هن پنهنجي پٽ کي به وهڻ لاءِ چيو.
”خير ۾؟“ پڇيومانس. پڇڻ مان منهنجو مطلب هو ته؛ ”جڏھن هو جڏهن پاڻ هلي رهيو آهي ته پوءِ پٽ کي تڪليف ڇو پيو ڏئي؟“
”ان ڪري جو متان رستي تي ٽائر پنڪچر ٿي پوي ته تو کان يا مون کان نه نٽ کلندا ۽ نه ٽائر کنيو ٿيندو.“ ٽهڪ ڏيندي چيائين.
”انھيءَ جي معنى ته اِنچڪ (عاليجناب) به پوڙهو ٿي ويو. هاڻ کڻي مڃ به.“
”مڃيندس هرگز نه“، هن پنهنجي اسٽائيل ۾ ٽهڪ ڏيندي چيو؛ ”مون کان اڄ به  ڪو عمر پڇندو آهي ته چوندو آهيانس ته؛ ماسيح اَدا مُودا... اڃا 80 ورهين کان ننڍو آهيان. کيس ڪڏهن به اهو نه چوندو آهيان ته 67 سالن جو آهيان.“ (Masih Ada Muda اڃا آهيان جوان)
بهرحال ڪو پاڻ مڃي يا نه مڃي، اسان جي ايشيائي ملڪن ۾، ملائيشيا سميت، 67 سال وڏي عمر آهي. ھتي جي ماڻهن جي سراسري عمر، 45 سال مس آهي ۽ وڏي عمر ۾، هر قسم جي سفر کان پرهيز ڪجي. آئون ته حج لاءِ به چوندو آهيان ته؛ جوانيءَ جي ڏينهن ۾ ڪجي. بلڪ حج لاءِ ته هر ڪو سياڻو ماڻهو، اهو ئي چوي ٿو. ملائيشيا ۽ انڊونيشيا پاسي جا ماڻهو، گهڻو ڪري ننڍيءَ عمر ۾ حج ڪن. ڪيترا ته شاديءَ کان اڳ، اهو فرض ادا ڪن. يا شاديءَ بعد، گهوٽ ڪنوار يڪدم حج لاءِ روانا ٿين. اهي نصيحتون، آئون نه فقط ٻين کي ڪريان ٿو پر پاڻ کي به مٿن عمل ڪرڻ لاءِ سمجهاڻيون ڏيندو رهان ٿو ته؛ وڏي عمر ۾ سفر تي نه نڪرجي. آخرڪار آئون به 67 سالن جو ٿي ويو آهيان. اسان جي ملڪ ۾ سٺ ورهين جي ڄمار تي رٽائرمينٽ ٿئي ٿي. جڏھن ته ملائيشيا ۽ سنگاپور کان نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا تائين، ريٽائرڊ ٿيڻ جي عمر 55 سال آهي. هنن اهو ئي تجربو حاصل ڪيو آهي ته ذهني يا جسماني ڪم جي بهتر رزلٽ، وڌ ۾ وڌ ٻاونجاهه ٽيونجاهه سالن تائين ملي سگهي ٿي. ان بعد انسان پٺتي وڃڻ شروع ڪري ٿو. مهاتير جڏهن پنهنجي ملڪ جو وزيراعظم هو ته هن طرفان سڀني سرڪاري آفيسن کي اهي حڪم جاري ٿيل هئا ته؛ ”آفيسن ۾ ڪم لاءِ ايندڙ ڪو به ماڻهو 50 سالن کان مٿي اچي ته ساڻس وڌيڪ فضيلت سان ڳالهايو. سندس ڪم جو اڪلاءُ، جهٽ ڪريو. ڇو جو 50 سالن بعد، گهڻو ڪري ڪيترا ئي ماڻهو بي صبرا ۽ جِٽري (چيڙاڪ) ٿيو پون. ان ڪري سرڪاري ڪامورن جو فرض آهي ته سندن خيال رکن.“
ڊاڪٽر مهاتير، ميڊيڪل جو ڊاڪٽر آهي. کيس ضرور ڄاڻ هوندي ته؛ انسان 50 سالن کانپوءِ تڪڙو تڪڙو بس ٿيڻ لڳي ٿو. يعني سندس پوڙهو ٿيڻ لازمي آهي. يورپ جي ته ڪيترن ئي ملڪن ۾، اتي جي ماڻهوءَ کي، پنجاهه ورهين جو ٿيڻ تي، جهوني شهريءَ (Senior Citizen) جو خطاب ملي ٿو. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾، 50 يا ان کان مٿي عمر وارن لاءِ، ضروري آهي ته هو جيڪڏهن ڌارئين ملڪ ڏي سفر ڪن ته پنهنجو Old Age Travel انشورنس ضرور ڪرائين. انگريزيءَ ۾ پيريءَ (پوڙهائپ) لاءِ چوندا آهن ته:
Old age creeps upon a person like thief in the night.
پيري به ٻليءَ-پير جڏهن ٿي اچيو ڪڙڪي، ته پوءِ ٿي خبر پوي. زباني طرح کڻي ڇا به ٻٽاڪ سٽاڪ هڻندو رهي پر کيس محسوس ٿيڻ لڳي ٿو ته؛ ٿوري ئي ڪسرت ڪرڻ يا پنڌ هلڻ سان کيس اڀساهي (Hard Breathing) وٺيو وڃي. هٿن ۾ هلڪي ڏڪاڻ محسوس ٿئيس ٿي. رکي رکي ياداشت جو گهٽجڻ ۽ ويسارو شروع ٿئي ٿو. وارن جو اڇو ٿيڻ ۽ چمڙيءَ ۾ گهنج پوڻ ته آهي ئي آهي.
هونءَ ته شرم کي پرچائڻ ۽ پاڻ کي پوڙهو نه مڃڻ لاءِ، مرد حضراتن ڪيترا ئي محاورا گهڙيا آهن. جن ۾ نه فقط اسان جا ايشيائي ۽ آفريڪن اچي وڃن ٿا پر انگريز صاحب به، جيڪي هونءَ ته پاڻ کي گهڻو ئي عقلمند سمجهن ٿا ۽ ”مڃڻ مراد آهي“ قول تي سختيءَ سان عمل ڪن ٿا پر پاڻ کي پوڙهو سڏائڻ بدران چوندا؛ اسين ته اڃا جوان آهيون.
A person is as old as he feels.
يا وري چوندا: مون پنهنجو برٿ ڊي ملهائڻ ڇڏي ڏنو آهي. سوال آهي ته؛ ”گهڙيال جي ڪانٽن کي هٿ سان جهلڻ تي ڇا وقت بيهي رهندو؟“
ڪي پوڙها وري چوندا:
I am retired but not tired
يعني اسان پوڙها ٿي ويا آهيون، نوڪري يا جاب کان جواب ملي چڪو آهي، پر ٿڪل نه آهيون. وڏيءَ عمر وارو، ٻين ڳالهين ۾ ڀلي ٿڪل نه هجي، پر ٻيلي سفر ته جوانن کي به ٿڪايو رکي. ان ڪري پوڙهن کي سفر کان، خاص ڪري پرديس جي سفر کان، ونءُ وڃڻ کپي. ان ڳالهه تي گورا، انگريز توڙي يورپي، عمل ڪرڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪن ٿا. اسان کي ڌارين ملڪن جي هوائي اڏن تي جيڪي پوڙها گورا نظر اچن ٿا، سي ايڪڙ ٻيڪڙ سمجهڻ کپن. منجھانئن گهڻا، سهولتون ۽ پئسو هوندي به، سفر تي نڪرڻ بدران، پنهنجي شهر جي سامونڊي ڪناري تي سڄو سڄو ڏينهن گذاري ڇڏڻ ۾ وڌيڪ عافيت سمجهن ٿا.
هڪ انگريز پوڙهي مائيءَ جو قصو مشهور آهي ته؛ هوءَ جڏهن جوان هئي ته کيس پرديس گهمڻ جو ڏاڍو شوق هيو. سفر لاءِ پئسو هٿ ڪرڻ واسطي، هر مهيني ڪجهه پئسا گڏ ڪري، لاٽريءَ جي ٽڪيٽ خريد ڪندي هئي. بدقسمتيءَ سان سندس لاٽريءَ جو نمبر ڪڏهن به نه کليو. پوڙهي ٿيڻ تي به هوءَ عادت کان مجبور ٿي مڙيئي ڪڏهن ڪڏهن لاٽري ٽڪيٽ خريد ڪندي رهندي ھئي.
سندس پاڙيسري ٻڌائين ٿا ته؛ هوءَ سٺ جي پيٽي ۾ هئي ته هڪ ڏينهن اوچتو سندس لاٽري نڪري آئي. پئسن ملڻ جو ٻڌي، خوش ٿيڻ بدران کيس ايڏو ته شاڪ رسيو جو سندس دل بيهجي وئي ۽ گذاري وئي. کيس صدمو ان ڳالهه جو رسيو ته، جڏهن سفر جي لائق نه رهي آهي تڏهن سندس گهمڻ ڦرڻ جو بندوبست ٿيو آهي. پوڙهيءَ تان کلندي سندس هڪ پاڙيسريءَ چيو ته؛ ” الله ٻڌس ۽ کيس يڪي وڏي سفر تي، بنا پاسپورٽ ۽ ويزا جي، گهرائي ورتائين“.
جوانيءَ ۾ رٿيل پروگرام موجب، مون به 50 سالن جو ٿيڻ تي پرديس جي سفر کان پري رهڻ چاهيو ٿي. بلڪه ان تي سختيءَ سان عمل ڪرڻ چاهيو ٿي. لڳي ٿو ته داڻي پاڻيءَ جو به اثر رهي ٿو. نه چاهيندي به سفر جو ڪو سبب نڪريو اچي. پوءِ ڪڏهن شوق ته ڪڏهن مجبوريءَ خاطر، ڌارئين ديس کان وڃيو نڪرجي. ڪڏهن ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچر  ڏيڻ ته ڪڏهن ڪو سيمينار اٽينڊ ڪرڻ ضروري ٿيو پوي. سفر جي همٿ نه سارڻ تي ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي، شوڪت نظاماڻي يا ڊاڪٽر قادر سرڪيءَ جهڙو ڪو خدا جو ٻانهو نڪريو اچي، جيڪو انڊيا هجي يا ايران، دبئي هجي يا سنگاپور، سڄي سفر ۾ منهنجي لاءِ رهنما ۽ مددگار ثابت ٿيو پوي. هر سفر بعد، هڪ دفعو وري پنهنجو پاڻ سان واعدو ڪرڻو پوي ٿو ته؛ هاڻ ٻاهر نه نڪرندس. بهرحال هينئر ملائيشيا مان جو ٿي آيو آهيان ته سفرنامو ته ضرور لکندس.

ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ رهائش جو سسٽم - الطاف شيخ


ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ رهائش جو سسٽم
الطاف شيخ
ڪوالالمپور جي سينٽرل ريلوي اسٽيشن تان علي مون کي پنهنجي پروٽان ساگا ڪار ۾ گهر وٺي آيو. عليءَ جو گهر ڪوالالمپور جي جنهن علائقي ۾ آهي، اهو جيتوڻيڪ شهر جي مرڪز ۾، ”جالان ڪچنگ“ جهڙي اهم ۽ مشغول روڊ تي آهي، پر ساڳي وقت اهو علائقو ۽ گهر ڳوٺ جو به ڏيک ڏئي ٿو. گهرن جي قطارن جي وچ ۾ ڪا ڪا قطار بلڪل خالي به نظر اچي ٿي جنهن تي اڃان ڪنهن به گهر نه ٺهرايو آهي. سامهون ٺهيل گهرن وارن، انهن خالي پلاٽن تي ڀاڄيون ۽ مڪئي جا سنگ پوکي ڇڏيا آهن. هر گهر اڳيان انهن جون پاليل ڪڪڙيون پيون هلن. گهرن اڳيان بيٺل ٻارن ۽ گهرن جي ٻاهران لکيل نالن مان اندازو لڳايم ته هتي مڪسڊ سوسائٽي جا ماڻهو آهن. يعني نه رڳو ملئي مسلمان پر چيني، تامل، سک ۽ انهن جي وچ ۾ عليءَ جو گهر ۽ سندس پاڙي ۾ سندس پنجابي دوست جو گهر ڏسي مون کي سٺو لڳو. جتي به مڪس قسم جا ماڻهو رهن ٿا، اتي ماڻهو وڌيڪ پرائي ٿو. ٻين کان سٺيون ڳالهيون سکي ٿو ۽ سڄي ملڪ جي ايڪتا رهي ٿي.

Saturday, March 19, 2011

روزگار لاءِ پرديس جا پنڌ ۽ مسئلا- الطاف شيخ

 
روزگار لاءِ پرديس جا پنڌ ۽ مسئلا
الطاف شيخ
ڪوالالمپور ڏي ويندڙ هوائي جهاز جي انتظار ۾ ڪراچي جي ايئرپورٽ تي ويٺي ويٺي هاڻ مون کي ٽي چار ڪلاڪ ٿي ويا هئا. سامهون لڳل گهڙيال ۾ هڪ ٿي رهيو هو ۽ ڀرسان لڳل ٽي وي جي اسڪرين تيMAS (ملائيشيا جي هڪ هوائي ڪمپني) جي جهاز جي اڏام جو اندازي مطابق وقت صبح جا چار لکجي رهيو هو، پر ڪنفرم نه هو جو اهو جهاز اڃا ابوظهبي کان ئي نه پهتو هو، جنهن بعد هن کي ڪوالالمپور وڃڻو هو. مون هاڻ ليٽي پوڻ لاءِ ٽي کن ڪرسيون ڳولڻ ٿي چاهيون ته اتي مسقط جي اڏام جي مسافرن کي سندن هوائي جهاز ۾ چڙهڻ جو اعلان ٿيو. مون لاءِ اميد ٿي ته هاڻ ڪيتريون ئي ڪرسيون خالي ٿينديون. مون چوڌاريScanning  ڪئي. ستلن مان ڪو به چرپر ۾ نه آيو. هيڏانهن هوڏانهن چانهه جي اسٽال ۽ ٽئاليٽ وٽ بيٺل مسافر مقرر گيٽ ڏي روانا ٿيا. هنن ۾ ٽي چار ڄڻا خوشحال شڪل ۽ ڀريل جسمن جا اوماني ڊريس ۾ اتي جا لڳا ٿي، ٻيا ويچارا ڪومايل شڪلين جا اسان جا غريب سنڌي، بلوچي ۽ سرائڪي لڳا ٿي. هو پڪ پورهئي خاطر وڃي رهيا هئا. ٻچا ٻار گهرگهاٽ ڇڏي عرب ملڪن جي سخت موسم ۾ پورهيو ڪرڻ ڪا سولي ڳالهه ناهي. سندن ڳوٺن ۾ ڪارخانا فئڪٽريون يا ڪو ٻيو روزگار جو ذريعو هجي ته هو ڇو گهر ڇڏين. مون کي هڪ دفعي ڪوالالمپور کان ابوظهبي واري اڏام ۾ ڀر ۾ ويٺل انڊونيشي نوجوان عورت ياد اچي وئي، جنهن جو مڙس معذور ٿي چڪو هو ۽ هوءَ ٽن سالن جي ٻارڙي کي پنهنجي ماءُ وٽ ڇڏي ڪٽنب جي جياپي لاءِ ڪنهن عرب جي گهر ۾ جهاڙو پوچو ڪرڻ لاءِ وڃي رهي هئي. منهنجي پڇڻ تي هن جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا هئا ۽ ڏک مان چوڻ لڳي هئي ته ”اسان جا سياستدان به درياهه جي هن پار واري ملڪ جهڙا ٿي پون ته اسان پرديس جا ڌڪا ڇو کائون.“ هن جو اشارو ملائيشيا ڏي هو، جنهن جي ۽ سندن انڊونيشي ٻيٽ سماترا جي وچ ۾ فقط درياهه جهڙو هڪ سوڙهو ڳچي سمنڊ آهي.

ڪوهنور - تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ قيمتي هيرو


ڪوهنور
تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ قيمتي هيرو
الطاف شيخ
ڪوهه نور هيرو دنيا جو مشهور ترين، قيمتي ۽ وڏي ۾ وڏو چيو وڃي ٿو جيڪو اڄ کان 4000 سال کن اڳ انڊيا جي کاڻين مان نڪتو ۽ مختلف بادشاهن، راجائن ۽ حاڪمن وٽان ڦرندو اڄ ڪلهه انگلنڊ جي راڻي ايلزبيٿ جي تاج ۾ لڳل آهي. انگلنڊ وارن هن هيري کي بهتر شڪل ۽ چمڪندڙ بڻائڻ لاءِ تراشي موجوده صورت ۾ 105 ڪئرٽ ۽ 21 گرام وزن جو آهي نه ته ان جو اصل وزن 37 گرام هو. بهرحال بنا شڪ جي ڪوهنور هيرو دنيا جو وڏي ۾ وڏو هيرو ليکيو وڃي ٿو. ٻين هيرن وانگر هن سان به ڪيتريون ئي ڪهاڻيون وابسته آهن. چون ٿا ته هن هيري مردن لاءِ نڀاڳ ۽ موت آندو آهي ۽ عورتن لاءِ خوش نصيبي جو وسيلو بڻيو آهي. هي هيرو انڊيا جي مختلف هندو ۽ مسلمان حاڪمن وٽان ٿيندو 1526 ۾ مغل شهنشاهه بابر وٽ پهتو، جڏهن هن ابراهيم لوڌيءَ کي شڪست ڏيئي دهليءَ تي قبضو ڪيو. هن هيري بابت ۾ لکت ۾ احوال به بابر جي يادگيرين واري ڪتاب بابر نامي مان ملي ٿو. بابر پنهنجي هن ڪتاب ۾ هن هيري لاءِ لکي ٿو ته اهو ايڏو ته قيمتي آهي جو ان جي بدلي ۾ مليل رقم مان سڄي دنيا جي ماڻهن کي ٻه ڏينهن ماني کارائي سگهجي ٿي. بابر کان پوءِ هي هيرو همايون وٽ پهتو. اڪبر هن کي پاڻ وٽ نه رکيو. ان بعد اڪبر جي پوٽي شاهجهان، جنهن تاج محل ٺهرايو، خزاني گهر جي ٽجوڙيءَ مان ڪڍي پاڻ وٽ رکيو. شاهجهان جي پٽ اورنگزيب، جنهن پنهنجن ٽن ڀائرن کي ماري، پيءُ کي تخت تان لاهي پاڻ بادشاهه ٿي ويٺو. شاهجهان هي هيرو مور تخت ۾ لڳرائي ڇڏيو هو، جيڪو اورنگزيب پنهنجي پيءُ شاهجهان کي آگري ڀرسان قيد ڪري پاڻ وٽ رکيو هو. چون ٿا ته اورنگزيب هي هيرو شاهجهان جي قيد واري ڪمري ۾ دري وٽ اهڙي هنڌ تي رکرايو جتان هيري مان شاهجهان کي تاج محل جو عڪس نظر اچي سگهيو ٿي. اهو هيرو نادرشاهه جي حملي تائين اتي ئي رهيو. مزي جي اها ڳالهه ته هن هيري جو اهو نالو (يعني ڪوهه نور) نادر شاهه ئي رکيو ۽ هاڻ اڄ ڏينهن تائين اهو هيرو ”ڪوهه نور“ سڏجي ٿو. 1939 ۾ جڏهن نادرشاهه دهلي ۽ آگري ۾رتوڇاڻ ۽ ڦر ڪئي ته مور تخت سان گڏ هي هيرو به ايران کڻي ويو. نادر شاهه جڏهن هي هيرو پهريون دفعو ڏٺو ته هن جي وات مان ”ڪوهه نور“ نڪري ويو، يعني ”روشنيءَ جو جبل“. 1939 کان اڳ هن پٿر جو نالو ڪٿي به نه آهي. هن پٿر جي قيمت لاءِ هڪ ٻي روايت به مشهور آهي ته نادر شاهه جي زالن مان هڪ چوندي هئي ته ”جيڪڏهن ڪو پهلوان مڙس پنج پٿر کڻي هڪ پٿر اتر ڏي، هڪ ڏکڻ ڏي، هڪ اولهه ڏي ۽ هڪ اوڀر ڏي اڇلي ۽ پنجون پٿر مٿي اڀ ڏي اڇلي ۽ پوءِ انهن جي وچ واري خالي جاءِ سون ۽ قيمتي پٿرن سان ڀري وڃي ته اها ڪوهنور جي قيمت برابر ٿيندي.“ چون ٿا ته نادرشاهه کان ڪوهنور جي جاءِ لڪل رکي وئي پر پوءِ مغل بادشاهه محمد شاهه جي گهر جي ئي ڪنهن ڀاتيءَ نادر شاهه کي اطلاع ڪيو ته اهو هيرو محمد شاهه جي پڳ ۾ لڪل آهي. نادر شاهه هڪ وڏي دعوت جو بندوبست ڪيو ته هو محمد شاهه کي دهلي جو تخت واپس ڪري ٿو. دعوت دوران هن اوچتو اهو اعلان ڪيو ته هو هن خوشي جي موقعي تي محمد شاهه کي پنهنجو پڳ مٽ يار بنائي ٿو ۽ هن پنهنجي پڳ لاهي محمد شاهه حوالي ڪئي، جيڪو پنهنجي پڳ نادر شاهه کي ڏيڻ کان انڪار ڪري نه سگهيو. دعوت بعد نادر شاهه پنهنجي ڪمري ۾ ويو، جتي هن پڳ جا ور کولي لڪل هيرو ٻاهر ڪڍيو. هيري جي چمڪ، تجلو ۽ سونهن ڏسي ان وقت هن جي وات مان بي اختيار نڪري ويو ”ڪوهه نور!“ سن 1747 ۾ نادر شاهه جي قتل بعد هي هيرو افغانستان جي احمد شاهه ابدالي جي هٿ آيو. 1830 ۾ تخت تان لاٿل حاڪم شاهه شجاع ڪنهن نموني سان هي هيرو کڻي ڪابل کان لاهور پهتو ۽ پنجاب جي بادشاهه مهاراجا رجيت سنگهه کي اهو پيش ڪيو ته هو ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي انگريزن کي راضي ڪري ته هو پنهنجي لشڪر ذريعي شاهه شجاع کي سندس ڦريل تخت واپس ڪرائي ڏين. راجا رنجيت سنگهه ڪوهه نور پاڻ وٽ رکي ڇڏيو ۽ 1839ع ۾ مرڻ وقت اها وصيت ڪئي ته سندس مرڻ کان پوءِ اهو هيرو اوڙيسا جي جگن ناٿ مندر کي ڏنو وڃي. پر سندس وصيت تي عمل نه ٿيو. 1849 ۾ انگريزن جو پنجاب تي قبضو ٿيو ۽ لاهور جي قلعي تي برطانيا جو جهنڊو چاڙهيو ويو. انگريزن لاهور ٺاهه هيٺ جيڪي شرط رکيا ان ۾ اهو به واضح طور هو ته ڪوهنور هيرو انگلنڊ جي راڻيءَ حوالي ڪيو وڃي... ڪوهه نور هيري کي وڏي حفاظت سان پاڻيءَ واري جهاز ذريعي انگلنڊ پهچايو ويو. سيڪيورٽي جي خيال کان هيري جي انگلنڊ وڃڻ جي خبر اخبار وارن کان ڳجهي رکي وئي. ايتري قدر جو جهاز جي خزاني آفيس جي انچارج ۽ ڪئپٽن کي به نه ٻڌايو ويو ته لوهه جي پيتيءَ ۾ ڇا وڃي رهيو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هيرو کڻي ويندڙ هن جهاز جو اهو سفر خطري وارو ثابت ٿيو. جهاز مارِيشَس پهتو ته جهاز تي ڪالرا جي وبا پکڙجي ويئي. بندرگاهه وارن هن جهاز کي ساهه پٽڻ ۽ رستي جي سفر لاءِ سامان کڻڻ کان منع ڪري ڇڏي ۽ جلوس ڪڍيو ته جيڪڏهن جهاز بندرگاهه ڏي وڌي ته ان مٿان گوليون هلايون وڃن. مارِيشَس ڇڏڻ بعد جهاز سخت طوفان ۾ ڦاسي پيو.  6- اپريل 1850 تي انڊيا کان نڪتل هي جهاز 86 کن ڏينهن جي سفر بعد انگلنڊ پهتو. ان وقت جي انڊيا جي گورنر جنرل لارڊ ڊالهوسيءَ هيري بعد راجا رنجيت سنگهه جي پٽ ۽ تخت نشين دليپ سنگهه کي به لنڊن موڪليو جنهن اتي پهچي (1851 ۾) ڪوهه نور هيرو مهاراڻي وڪٽوريا کي پيش ڪيو. ان ئي سال برطانيا جي عوام کي ان هيري جي ديدار لاءِ هائيڊ پارڪ ۾ بندوبست ڪيو ويو هو. ان وقت، 1851 کان وٺي ڪوهه نور هيرو برطانيا وارن جي قبضي ۾ آهي، جيتوڻيڪ ان هيري لاءِ ڪيترائي ملڪ چون ٿا ته اهو هيرو انهن جي ملڪيت آهي ۽ کين ڏنو وڃي. 1976 ۾ پاڪستان جي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀـُٽو تن ڏينهن جي برطانيا جي وزيراعظم جـِم ڪالاگهان کي اهو هيرو پاڪستان کي موٽائڻ لاءِ چيو. پر هنن انڪار ئي ڪيو. اسان جي ملڪ کان علاوه هن هيري لاءِ انڊيا، افغانستان ۽ ايران به انگلنڊ وارن کان گهـُر ڪندو رهيو آهي. اڄ ڪلهه ٻـُڌڻ ۾ اچي پيو ته انگلنڊ جي راڻيءَ اهو هيرو (ڪوهه نور) ٽاور آف لنڊن ۾ رکرائي ڇڏيو آهي.