Saturday, March 05, 2011

اسان لاءِ سڀ کان ويجھو ۽ وڏو ٻيٽ سري لنڪا آھي - الطاف شيخ

اسان لاءِ سڀ کان ويجھو ۽ وڏو ٻيٽ سري لنڪا آھي
الطاف شيخ
سياحن جي ڳالھين کي ڇڏي پاڻ وري ٻيٽن جون ڳالھيون ڪريون. انڊمان، نڪوبار، لڪديپ، مالديپ وغيره اسان جي ويجھڙائي وارا ٻيٽ آھن جيڪي ننڍي کنڊ (پاڪستان، انڊيا، بنگلاديش) سان لاڳو وارن سمنڊن: عربي سمنڊ ۽ خليج بنگال جا ٻيٽ چيا وڃن ٿا ۽ اھي ٻئي سمنڊ ھندي وڏي سمنڊ (Indian Ocean) جا حصا آھن. مالديپ ٻيٽ عربي سمنڊ کان ڪافي پر ٻهرو ۽ صحيح معنيٰ ۾ ھندي وڏي سمنڊ ۾ آھي ۽ خط استوا (خيالي ليڪ جيڪا دنيا کي ٻن اڌن ۾ ورھائي ٿي) سان وڃيو لڳي. 

 
ڏٺو وڃي ته مٿين ٻيٽن کان وڏو، ويجھو ۽ اھم ٻيٽ سريلنڪا آھي جنهن جا مختلف دورن ۾ مختلف نالا پئي رھيا آھن، جھڙوڪ: سيلان، سلون، زيلان، سرانديپ وغيره. ڪنهن دور ۾ سري لنڪا فقط لنڪا به سڏيو ويو آھي. شاھ لطيف به ھن کي لنڪا سڏيو آھي. انجڻين وارا جھاز ھاڻ کان ھلڻ شروع ٿيا آھن يعني گذريل صديءَ کان ۽ ڪي سؤ سال کن مس ٿيندا نه ته ان کان اڳ تائين ھميشھ ڪاٺ جا جھاز ھئا جيڪي ڪپڙي جي سڙھن تي ھلندا ھئا ۽ اھي شپنگ ڪمپنيءَ جي آرڊر يا ناکئي (ناخدا، ڪئپٽن) جي مرضيءَ سان نه پر ھوا جي رخ مطابق ھلندا ھئا. عربي سمنڊ ۾ عرب ملڪن کان (خاص ڪري عدن کان) ھيٺ ڏکڻ ۾ لنڪا (سلون) تائين اھم روٽ ھئي جنهن جو مڊوي سنڌ جا بندرگاھ ھئا. ان ڪري گذريل وقت ۾ سنڌ جي اھا حالت ھئي جيڪا اڄ ڪلھ سنگاپور جھڙن ٻيٽن جي آھي. عربستان توڙي لنڪا پاسي جھازي، واپاري، ٽوئرسٽ نه فقط ٺٽي جي آسپاس پر ملتان تائين نظر آيا ٿي. لاريون موٽرون، ريل گاڏيون يا ھوائي جھاز ته ھئا ڪونه. ماڻھن لاءِ سفر جو آسان ذريعو پاڻي رستي ھو. شاھ لطيف به پنهنجن شعرن ۾ لنڪا ۽ عدن جو نالو آندو آھي:
تن ۾ ترار توھ جي، گھڻو لھ گھوري
ادب ۽ اخلاص جا، سڙھ ٻڌج سوري
وکر وينتين جو، تنهن ۾ پاءِ توري
ته عادنئون اوري، تنهنجو توائي نه ٿئي.
(سر سريراڳ)
عادنئون معنيٰ عدن بندر کان. يعني (منزل) تي پھچڻ کان اڳ تنهنجو ٻيڙو آئوٽ آف ڪنٽرول نه ٿي وڃي يا غلط راھ ڏي نه مڙي وڃي. يعني پنهنجي اصلي روحاني مقصد تي پھچڻ کان اڳ ڪٿي غلط رستي تي نه ڀٽڪي وڃين.
ھڪ ٻئي شعر ۾ شاھ لطيف سلون (سري لنڪا) بابت چوي ٿو:
سڻي سون لنڪا جو، سک نه سامونڊين
پرھ پڳھ ڇوڙيا، کاري کيڙائن
وڏي ڀاڳ ڀڙن، جي ڪھيا ڪارونڀار ڏي
شاھ جو ھڪ ٻيو شعر ھن خوبصورت ۽ ھيرن موتين جي ٻيٽ بابت آھي:
کاري کيڙائو، مٿي مـِـٺي موٽيا،
سودو ڪن نه سون جو، وڏا وھائو،
موتي جي مھراڻ جا، تن جا طامائو،
سامونڊي سائو، لنڪا لوپي آئيا.
(سر سامونڊي)
بهر حال ھتي ھن ٻيٽ (سلون) بابت گھڻو لکڻ نٿو چاھيان جو ھن ٻيٽ بابت پنهنجن ڪيترن ئي سفرنامن ۾ لکي چڪو آھيان بلڪ ھڪ ڪتاب “سي ئي جوڀن ڏينهن....” ۾ ته فقط ھن  ٻيٽ جو احوال ڏنو اٿم. سري لنڪا ۽ سندس بندرگاھ ڪولمبو جي اڄ به وڏي اھميت آھي جو جاگرافيائي طور ھي ٻيٽ اھڙي ھنڌ تي آھي جتان بين الاقوامي روڊن (سامونڊي رستن) تان لنگھندڙ جھازن جو ھتان لنگھ ٿئي ٿو. تاملن جي فسادن جي باوجود ھي ٻيٽ جھازن ۽ جھازين لاءِ ڪشش آھي. اھي جھاز جيڪي ھتي جي بندرگاھ ۾ نٿا اچن انهن کي به ھن ٻيٽ جي ويجھو اچي Coasting ڪرڻي پوي ٿي يعني ڪنارو ڏئي ھلڻو پوي ٿو ۽ پوءِ منزل مطابق مقرر ھنڌ تان پنهنجي جھاز کي ان منزل (ملائيشيا، انڊونيشيا، انڊيا، بنگلاديش، برما، پاڪستان يا آسٽريليا) ڏي موڙڻو پوي ٿو. انهي ڪري جھاز ھلائڻ وارن ڏينهن ۾ اسان کي به ايندي ويندي ھن ٻيٽ تي اچڻو پيو ٿي يا ڪنارو ڪنارو ڏيندي لنگھڻو پيو ٿي. ان ڪري ھن ٻيٽ جو تمام گھڻو احوال مٿئين ڪتاب (سي ئي جو ڀن ڏينهن...) ۾ لکي چڪو آھيان ۽ اھي نه فقط ھن ٻيٽ جي جوڀن جا ڏينهن ھئا پر اسان به تن ڏينهن ۾ جوان ھئاسين. ھينئر ان سري لنڪا جي سماجي، سياسي ۽ معاشي حالت ۾ وڏو فرق اچي چڪو آھي. سري لنڪا آئون ھڪ دفعو وري وڃڻ چاھيان ٿو سمنڊ رستي ئي پر ھڪ مئرين انجنيئر (جھاز ھلائڻ واري) جي حيثيت ۾ نه پر ھڪ مسافر جي حيثيت ۾.
سريلنڪا (سلون جو ٻيٽ ڌارين لاءِ ھميشھ ڪشش جو سبب رھيو آھي
جتي ڏکڻ ھندستان جو آخري صوبو ڪيرالا ۽ تامل ناڊو ختم ٿئي ٿو اتي ڪجھ سمنڊ بعد سري لنڪا جو ٻيٽ آھي. سري لنڪا جو ٻيٽ اک جي ڳوڙھي يا ھيري جھڙي شڪل جو ٻيٽ آھي. سري لنڪا ۽ ھندستان جي سرزمين جي وچ ۾ سمنڊ ضرور آھي پر اھو ايترو ته تانگھو، جابلو ۽ سوڙھو آھي جو وڏا جھاز ھرگز نٿا ھلي سگھن. ننڍيون ٻيڙيون ئي مڇيون مارڻ، سمگلنگ ڪرڻ ۽ غير قانوني طرح ھڪ ملڪ جا ماڻھو ٻئي ۾ ڍوئڻ جو ڪم ڪن ٿيون.
سري لنڪا ۾ ھن وقت گھڻي ڀاڱي سنهالي ڳالھائيندڙ مڪاني ماڻھو رھن ٿا جن جو واسطو ٻڌ ڌرم سان آھي ۽ ٻيا، خاص ڪري ٻيٽ جي اتر ۾، تامل ڳالھائيندڙ ھندو  رھن ٿا جيڪي انگريزن جي ڏينهن ۾ ڏکڻ ھندستان کان لڏي ھتي آيا. ان کان علاوھ ڪجھ مسلمان تامل ۽ پاڪستاني رھن ٿا، عرب ۽ انگريز پڻ رھن ٿا. ٻيٽ جو سرڪاري مذھب ٻڌ ڌرم آھي جيڪو انڊيا کان ھتي آيو پر انڊيا ۾ ھي ڌرم فقط ھماليا جبلن جي رياستن: نيپال، لداخ، ڀوتان وغيره ۾ وڃي رھيو آھي.
چوڏھين صديءَ تائين سري لنڪا تي حڪومت سنهالي بادشاھن جي رھي. سن 1500ع ڌاري پورچو گالين جو ھندي سمنڊ تائين اچڻ ٿي ويو. سال 1518ع ۾ کين ڪولمبو ۾ قلعو ٺاھڻ ۽ واپار ڪرڻ جي موڪل ڏني وئي. سال 1521ع ڌاري سنهالي بادشاھ وجايا باھو جنهن جي ھن ٻيٽ تي حڪومت ھئي ان کي سندس ٽن پٽن گڏجي ماري رکيو ۽ ملڪ جا حصا پتيون ڪري ان جا پاڻ حاڪم ٿي ويٺا ۽ پوءِ انهن مان ھڪ، باقي ٻن ڀائرن جا حصا کسڻ لاءِ پورچوگالين جي مدد ورتي. پورچو گالين به اھو ئي چاھيو ٿي. ھو مڪاني ماڻھن کي پنهنجو پاڻ ۾ ويڙھائي ڪمزور ڪري، ويا پنهنجي طاقت ۽ حڪومت مضبوط ڪندا ۽ پوءِ آخرڪار ائين ئي ٿيو جيئن ٿيندو آھي: عرب ٻاھر اٺ تنبوءِ ۾.
ھوڏانهن جاوا سماترا ڏي ڊچ طاقتور ٿي ويا ھئا اھي ھاڻ سري لنڪا ڏي وڌڻ لڳا ۽ 1638ع کان پنهنجا پير ھن ٻيٽ تي کپائڻ لڳا. سال 1640ع تائين ڊچن سري لنڪا جا بندرگاھ ٽرڪو ملي، باٽيڪولا ۽ گال (Gale) وغيره تي قبضو ڪري ورتو. سال 1665ع تائين ھنن جو سڄي ٻيٽ تي راڄ ٿي ويو. ڪئنڊي Kandy واري جابلو ۽ ٻيٽ جي وچ واري حصي ۾ رھندڙ بادشاھ جو راڄ نه فقط قائم رکيو ويو پر ھڪ معاھدي ھيٺ کيس بچاءُ (Protection) ڏني وئي. سچ ته ھي آھي ته اھي بادشاھ جيتوڻيڪ پاڻ ۾ ڀائر يا سوٽ ماسات ھئا پر پنهنجو پاڻ ۾ فيصلو نه پئي ڪري سگھيا ته بادشاھي ڪنهن جي ھجڻ کپي يا ڪنهن جي سلطنت ڪھڙي حد کان ڪھڙي حد تائين ھجڻ کپي پوءِ ڌارين قومن (يورپين) مڪاني بادشاھن جي گھرو ۽ درٻاري جھيڙن مان پئي فائدو ورتو. پورچوگالي ھجن يا ڊچ يا انگريز ھنن موجودھ بادشاھ يا حاڪم کي ڏٽا ڏئي فائدا حاصل ڪرڻ چاھيا ٿي. ھنن يورپي ڏاڍن مڙسن کي ڪجھ فائدا ڏنا ٿي ۽ ڪجھ ڊمانڊون پوريون ڪري راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي ته ھنن وري ٻيون فرمائشون ڪيون ٿي. جيڪڏھن ڪنهن مڪاني بادشاھ يورپين جون اٽڪلون  سمجھي مٿن سختي ڪئي ٿي ته يورپين سندس مخالف يا دشمن اميدوار بادشاھ سان ملي ھن کي تخت و تاج ڏياري پنهنجي لاءِ اڃان به وڌيڪ فائدا حاصل ڪيا ٿي. اھي نمونا ھي يورپي نه فقط انڊيا ۽ سري لنڪا ۾ پر ملايا کان مالي ۽ ڪينيا کان نائيجريا تائين ڪندا رھيا ۽ ويا ملڪ پنهنجي قبضي ۾ ڪندا.
پورچو گالين ۽ ڊچن بعد سريلنڪا ۾ انگريز پھتا
سري لنڪا تي پورچو گالين ۽ ڊچن جي حڪومت بعد انگريزن جي 1815ع  کان 1948ع تائين حڪومت رھي. انگريز شايد سري لنڪا ۾ گھڙي نه سگھن ھا ۽ انڊونيشيا جي ٻيٽن وانگر سري لنڪا تي به ڊچن (ھالنڊ جي رھاڪن) جو قبضو قائم ھجي ھا پر ھوڏانهن يورپ ۾ سندن سرزمين تي ھلندڙ جنگين ۾ ھالنڊ (جنهن کي نيدر لئنڊس به سڏجي ٿو) فرانس جي قبضي ۾ اچي ويو ۽ ھو (ڊچ) پنهنجي وطن کان ڏور سري لنڪا، سماترا، جاوا، بالي جھڙن ڏورانهن ٻيٽن کي صحيح طرح ڪنٽرول ڪري نه سگھيا. ان وقت انگريز ته ھونءَ ئي سڏ پنڌ تي (انڊيا ۾) ويٺا ھئا سي رڙھي سري لنڪا ڀيڙا اچي ٿيا. ڊچن مخالفت ڪئي پر منجھن ايڏو جوش نه ھو ۽ چـُـپڙي ڪري ھٿ ڪڍي ويا ۽ انگريزن جي برٽش ايسٽ انڊيا ڪمپني واپار جي نالي م اچي ويٺي. ھيءَ سن 1796ع جي ڳالھ آھي. انگريزن پھرين سري لنڪا ۾ عارضي طور رھڻ جو سوچيو ھو پر پوءِ پير ڄمائڻ سان ڏٺائون ته لئھ لڳي پئي آھي. ساوڪ ۽ سک لڳا پيا آھن. ماڻھو  سادا ۽ سلوڻا، سندن حاڪم پاڻ ۾ ئي پيا وڙھن. سو سال ٻه مدراس کان ھن ٻيٽ جو انتظام ھلائي پوءِ چڱي طرح قبضو ڪرڻ لڳا. سال 1802ع ۾ سري لنڪا کي برٽش جي ڪرائون ڪالوني بنايو ويو. ڪئنڊي ۾ رھندڙ بادشاھ سان ته 1796ع ۾ ڪولمبو پھچڻ سان ئي ميل ملاقاتون شروع ڪيون ھئائون. ھن کي اھو ئي چيائون ته تون بي اونو ٿي عيش ڪر عوام جو فڪر نه ڪر ۽ نه پنهنجي ڪنهن سوٽ ماسات جو ڊپ ڪر. جيسين اسين آھيون تيسين تنهنجي تخت کي ڪير به ھٿ نه لائي سگھندو. ڪئنڊي جو مڪاني بادشاھ خوش ٿي ويو پر ھن کي دل ۾ ھوارا کورا رھي ته ھي ڌاريان يورپي چڱا ٿيا جيڪي اسان جي ڌرتي تي رھي اسان تي پيا لئھ رکن. ھن پنهنجي انتظاميا کي سڌارڻ ۽ مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. انگريز کي کڙڪ پئجي وئي ته اھا ڳالھ ھنن لاءِ خراب آھي. ڪئنڊيءَ جو  بادشاھ اسان تي ڀاڙڻ نٿو چاھي ۽ اسان کي وڌيڪ سھولتون ۽ قبضا ڪرڻ ۾ دقت پيش ايندي. ھو موقعي جو انتظار ۾ رھيا. آخر ٿورو گھڻو موقعو ڏسي انگريزن سڄي ملڪ تي 1803ع ۾ قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ناڪام ٿيا ۽ پوءِ ٻارھن سالن بعد  1815ع ۾ انگريزن کي سٺو موقعو ملي ويو. ڪئنڊي جي وڏن سردارن جي بادشاھ سان کٽ پٽ ٿي پئي انگريزن انهن جو پاسو کڻي اصل بادشاھ جي ڀينگ ڪرائي ۽ پاڻ بالم ٿي سڄي ٻيٽ جا حاڪم ٿي رھيا.
پورن سؤ سالن بعد جنگ عظيم دوران سري لنڪا جي عوام ۾ نئشلزم جو جذبو پئدا ٿيو ۽ ڪجھ سول نافرمانيءَ جھڙي مھم ھلي پر انگريزن ھن کي آسانيءَ سان دٻائي ڇڏيو. سن 1919ع ۾ سري لنڪا جي مختلف ڪميونٽين گڏجي سپلان نئشنل ڪانگريس نالي سياسي پارٽي ٺاھي جنهن ۾ اڄ جون تامل ۽ سنهالي آرگنائيزيشنون پڻ ھيون.
 1920ع ۾ انگريزن گورنر سر وليم مئننگ جي نظرداري ھيٺ آئين جو ڪچو مسودو ٺاھيو ويو جنهن کي  1924ع ۾ صحيح شڪل ۾ آندو ويو جيئن ملڪ جا قوم پرست قبول ڪري سگھن. سال 1931ع ۾ آئين کي وري نئين سنئينءَ ٺاھيو ويو جيئن سري لنڪا جي مڪاني سياستدان کي ڪجھ وڌيڪ سياسي طاقت ملي سگھي. سال 1947ع ۾ سري لنڪا ۾ پھرين اليڪشن ٿي. ڪجھ سياسي پارٽين گڏجي ھڪ گڏيل پارٽي يونائيٽيڊ نئشنل پارٽي (UNP) ٺاھي ۽ انهن مسٽر ڊان اسٽيفن سينا نائڪي کي وزير اعظم طور چونڊيو جيڪو برٽش حڪومت ۾ ائگريڪلچر جو وزير رھي چڪو ھو.
سلون جي مسز بندرانائڪي ايشيا جي پھرين عورت وزير اعظم ھئي
سري لنڪا کي 4 فيبروري  1948ع تي انگريزن طرفان خودمختياري ملي ۽ سينا نائڪي مرڻ تائين  1952)ع تائين( سري لنڪا جو وزير اعظم رھيو. ان بعد سندس پٽ ڊڊلي سينا نائڪي سري لنڪا جو وزير اعظم ٿيو. ھن جي ڏينهن ۾ سنهالي ٻڌن کي احساس ٿيو ته جيتوڻيڪ ھن ڌرتيءَ جا اصلي ڄاوا ھي سنهالي ٻڌ آھن پر انتظاميا، پوليس ۽ ھر نوڪري ۽ واپاري ۾ تامل ھندن جو گھڻو ھٿ آھي. ھيءَ ڪھڙي آزادي آھي جنهن ۾ مڪاني ماڻھن مٿان وري ڌاريان (يعني تامل جيڪي پوءِ آيا ۽ 20 سيڪڙو به ڪي مس آھن) حڪومت ڪري رھيا آھن. ھن سوچيو
دارصل انگريزن جي سؤ سال حڪومت ۾ ھـُـنن تاملن کي گھڻو اڳتي ڪيو. تعليم توڙي واپاري وڙي ۾. ٻيٽ جا اصل ماڻھو سنهالي انگريزن جي زبان، ڪلچر ۽ مذھب جي مخالفت ڪري رھيا ھئا ان ڪري انگريزن انهن کي ڇڏي تاملن کي ترقي ڏياري. نتيجي ۾ اھو ٿيو جو سريلنڪا جي آزاديءَ وقت حڪومت جا اھم عھدا ۽ نوڪريون تاملن جي ئي ھٿ ۾ آيون. اھي ئي گھڻا پڙھيل ڳڙھيل ۽ ھوشيار ھئا. انهن جي ئي ٻارن جو وڏو تعداد اسڪولن ڪاليجن ۾ ھو. تعليم فقط انگريزي ۾ ھلي رھي ھئي جنهن ۾ ھو ڀڙ ٿي چڪا ھئا. سنهالي ٻِڌ حڪومت تي تنقيد ڪرڻ لڳا ته ٻڌمت جي ڌرتيءَ تي ڌرتي ڄاون (ٻڌن) سان ھيءَ نا انصافي آھي.
سال 1956ع ۾ سڄي دنيا ۾ ٻڌن گوتم ٻڌ جي وفات جي 2500 وين ورسي ملھائي. سري لنڪا ۾ به ھي  Occasion “ٻڌا جاينٿي” جي نالي سان وڏي پئماني تي ملھايو ويو. ان ئي سال مسٽر ايس. ڊبليو. آر ڊي بندرا نائڪي ۽ سندس سياسي پارٽي: سري لنڪا فريڊم پارٽي (SLFP) ٻڌ ڌرم جي نعري ھيٺ ڪافي مشھوري حاصل ڪئي. مسٽر بندرانائڪيءَ 1951 ع ۾ UNP (يونائٽيڊ نئشنل پارٽي) مان استعيفا ڏئي پنهنجي پارٽي SLFP ٺاھي ھئي. سندس ھڪ نعرو اھو به ھو ته ڌارين جي زبان (انگريزي) ڇڏي پنهنجي وطن جي سنهالا زبان استعمال ڪئي وڃي. يعني تامل زبان کي به ڇڏي ڏيو. ھن قوم پرستي ۽ زبان جي جنگ تاملن ۽ سنهالين ۾ جھيڙي کي وڌائي ڇڏيو. ان ئي سال  1956)ع( ۾ ٿيل اليڪشن ۾ مسٽر بندرانائڪيءَ  جي پارٽي وڏي سوڀ حاصل ڪئي ۽ پاڻ ملڪ جو وزير اعظم ٿيو. حڪومت جون واڳون وٺڻ سان ھن سڀني اسڪولن ۽ ڪاليجن م تعليم جي زبان سنهالا ڪرائي. ان ڳالھ تاملن کي وڏو نقصان رسايو ۽ ھنن فيڊرل پارٽي جي جھنڊي ھيٺ حڪومت جي سخت مخالفت شروع ڪئي. افسوس ۽ حيرت جي ڳالھ اھا ته مسٽر بندرا نائڪيءَ کي سن  1956ع ۾ پنهنجي ئي ھڪ ٻڌ جيڪو عام ماڻھو نه پر بکشو  (monk)ھو ان گولي ھڻي ماري وڌو. مسٽر بندرانائڪيءَ ھن ٻڌ بکشوءَ اڳيان عزت خاطر جھڪي رھيو ھو.
سال کن جي انٽرم بعد  1960ع جي اليڪشن ۾ بندرانائڪي صاحب جي زال مسز سريماوو بندرانائڪي ملڪ جي وزير اعظم ٿي. پاڻ ايشيا جي پھرين عورت وزير اعظم ٿي. گولڊامير، اندرا گانڌي، بينظير، ڪوري اڪينو، حسينا واجد يا گلوريا وغيره سڀ پوءِ پوءِ ٿيون.
سري لنڪا جي سياست ھڪ نظر ۾
مسز بندرا نائڪي کاٻي ڌر جي طرف کنيو. ھر شيءَ کي شوشلسٽ نموني سان قوميايو ويو. تاملن جو جھيڙو جاري رھيو. سال 1965ع کان 1970ع تائين وري UNP پارٽيءَ اليڪشن کٽي ۽ ڊڊلي سينانائڪي ملڪ جو وزير اعظم ٿيو. سينانائڪي به ملڪ جا مسئلا حل ڪري نه سگھيو. سري لنڪا جيڪو ھڪ سکيو ستابو ملڪ ھو اھو تعليم توڙي ترقيءَ ۾ پٺتي ٿيندو ويو. بي روزگاري وڌندي رھي. ملڪي ناڻو جو اگھ ڪرندو رھيو. جيڪا چانهھ ۽ ٻي پوک مان ڪمائي ٿئي ٿي، ان کان وڌيڪ ٻاھران ايندڙ ڪڻڪ، کنڊ، گيھ ۽ ٻين شين جي امپورٽ تي خرچ ٿيڻ لڳو. ھونءَ ھن سڄي علائقي ۾ ڪولمبو جو ئي بندرگاھ سڀ ڪجھ ھو. ھاڻ ھانگ ڪانگ، سنگاپور ۽ دبئي ڪويت جھڙا بندرگاھ اھم ٿيندا ويا ۽ ڪولمبو جي ڪمائي گھٽجڻ لڳي.
سال 1970ع ۾ مسز سري ماوو بندرا نائڪي وري وزيراعظم ٿي ۽ 1977ع ۾ جي آر جوارڊين وزيراعظم ٿيو ۽ ان بعد پريماداسا 1988 ع ۾ ٿيو. سال 1994ع ۾ مسز بندرانائڪي جي پئرس جي پڙھيل ڌيءَ چاندريڪا ملڪ جي وزيراعظم ٿي ۽ اڃان تائين اھا ئي آھي. گذريل سال (سن  2000ع) آگسٽ  ۾سندس ماءُ سري ماوو گذاري وئي.
بهرحال اھي سياسي تبديليون آھن. ملڪ ۾ تاملن جي فساد جھيڙي جي باوجود ايترو امن آھي جو اڄ به ڌارين ملڪن جا ٽوئرسٽ سري لنڪا گھمڻ ويندا رھن ٿا. بندرگاھ، جھاز ران ۽ ھوائي ڪمپنيون سڀ ترقي ڪري رھيون آھن ۽ ڪمائي رھيون آھن. وڏن شھرن ۽ بندرگاھن ۾ ٺھندڙ نيون فائو اسٽار ھوٽلون ۽ شاپنگ سينٽر سري لنڪا جي خوشحاليءَ جي ساک ڏين ٿا. ھي ٻيٽ ساوڪ ۽ گھڻي مينهن ۽ قدرتي سھڻن نظارن ڪري ھڪ بيحد خوبصورت ڌرتيءَ جو ٽڪرو آھي.
ملڪ جو نالو:         ڊيمو ڪرئٽڪ سوشلسٽ، ريپبلڪ آف سريلنڪا.
گاديءَ جو ھنڌ:         سري جايا وار ڊين پـُـورا، ڪوٽي. (ھن کان اڳ ڪولمبو ھو)
گورنمنٽ:                         ريپبلڪ
صدر:                      مسز چاندريڪا بندرانائڪي ڪمارا تـُـنگا.
پارٽي جو نالو:        يونائٽيڊ نئشنل پارٽي (UNP)
ٻيٽ جي ايراضي:    66 ھزار چورس ڪلوميٽر
مذھب:                 70 سيڪڙو ٻِڌ، 15 سيڪڙو ھندو،  8سيڪڙو مسلمان ۽7 سيڪڙو ڪرسچن.
آدمشماري:             ٻه ڪروڙ کن
زبانون:                سنهالا، تامل ۽ انگريزي
پڙھيل ماڻھو:         90 سيڪڙو
ايڪسپورٽ:             ڪپڙا، قيمتي پٿر، چانهھ، رٻڙ ۽ ناريل
موسم:                   ٻارھوئي مينهن
ڏسڻ جھڙا شھر:       ڪولمبو، نيگمبو، بيروالا، گال  Galle، ھيڪدوا، ماتارا، ڪئنڊي (Kandy) ٽنگالا، ھمبان ٽوٽا، باتي ڪولوئا، ٽرنڪو مالي، انوراڌا پوار ۽ متالي وغيره.

No comments:

Post a Comment