Saturday, March 05, 2011

زنجبار جنهن کي انگريز زئنزيبار سڏين ٿا

زنجبار جنهن کي انگريز Zanzibar سڏين ٿا
ھندي وڏي سمنڊ جي ٻيٽن جو ذڪر ڪندي خاص ڪري آفريڪا کنڊ جي ڀرپاسي وارن ٻيٽن: سيشلز، موريشس ۽ مئڊاگاسڪر جو احوال لکندي زئنزيبار (Zanzibar) ٻيٽ جي ڳالھ نه ڪرڻ ناانصافي ٿيندي.
زئنزيبار ٻيٽ (جنهن کي مڪاني ۽ عربي زبان ۾ زنجبار سڏجي ٿو) اڄ ڪلھ تنزانيا ملڪ جو حصو آھي نه ته صديون اڳ تائين ھن ٻيٽ جي پنهنجي الڳ ٿلڳ حيثيت ھئي. اڄ ڪلھ انجڻين تي ھلندڙ پاڻي وارا جھاز ۽ ھوائي جھاز جتي ڪٿي پھچيو وڃن ۽ جڏھن دل چاھي سامونڊي سفر  ڪري سگھجي ٿو نه ته اوڻھين صديءَ جي آخر تائين ھڪ ملڪ کان ٻئي تائين پاڻيءَ جي جھاز ۾ سفر ڪرڻ ڪو سولو ڪم نه ھو. ھوائي جھاز ته اڃان ايجاد به نه ٿيا ھئا. پاڻيءَ جا جھاز ڪپڙي جي سڙھن تي ھوا ۽ لھرن جي رخ مطابق ڪن خاص طرفن ۽ رفتار تي ھليا ٿي. ھوا بند ٿي وڃڻ تي ٻه ٻه ڏينهن به ھڪ ھنڌ بيٺا ھوندا ھئا.

 
اسان وارن علائقن ۾ جھازن جي گھڻي چرپر چوماسي جي ھوائن (Monsoon) مطابق ٿي ٿي. ۽ پوءِ ڪي ڪي بندرگاھ ۽ ٻيٽ اھڙا ھئا جن  وٽان جھاز جو لنگھ ٿيندو ئي ٿيندو ھو. زنجبار (Zanzibar) ٻيٽ به انهن مان ھڪ ھو جيڪو سانوڻي جي موسم ۾ لڳندڙ trade winds (تجارتي ھوائن) جي آڌار تي گلف (عرب ملڪن) کان نڪرندڙ جھازن جي روٽ تي ھو. ھو اتر کان نڪرندا ھئا ۽ آفريڪا جو ڪنارو ڏئي جڏھن ھيٺ ڏکڻ ڏي ھلندا ھئا ته رستي تي ممباسا ۽ دارالاسلام جھڙا بندرگاھ ۽ زنجبار جھڙا ٻِيٽ ايندا ھئا. جن تي ترسي ساھي پٽيندا ھئا ۽ اڳتي جي سفر جي تياري ڪندا ھئا. ڪيترا ته دير سان پھچڻ وارا، ھوائن جي ختم ٿيڻ جي خوف کان اڳتي وڌڻ بدران پاڻ سان آندل مال ھنن ھنڌن تي ئي کپائي واپسي جي ھوائن جو انتظام ڪندا ھئا. ان ڪري ممباسا، دارالاسلام ۽ زنجبار (زئنزيبار) جھڙيون جايون وڏا تجارتي مرڪز ھئا. سچ  ته اھي وڏا خوشحال بندرگاھ ھئا جن جون ڳالھيون لوڪان لوڪ مشھور ھيون. ڪيترا ڏورانهن ديسن جا امير (واپار کي وڌائڻ لاءِ) ۽ غريب (روزگار ڪمائڻ لاءِ) ھتي اچي ٽـِـڪي  پيا ٿي. ان کان علاوھ زئنزيبار جي موسم به وڻندڙ رھي آھي. چوڌاري ساوڪ ۽ سڪون. جيڪا پوک ٿي ٿي- يعني ناريلن ۽ لونگن جي تنهن جو به سڄي دنيا ۾ اگھ ھو. ڀروارن آفريڪي ملڪن کان وٺي ھندستان، ايران ۽ عرب ملڪن (خاص ڪري عمان) جا عام ماڻھو، واپاري، پورھيت، ڪاريگر ۽ سلطان رھيا ٿي. ھي ٻيٽ (Zanzibar) ويھين صديءَ جي اڌ تائين به اڄ جو ھانگ ڪانگ ۽ سنگاپور ھو، دبئي ۽ ڪويت ھو. بقول ھڪ انگريز ليکڪ جي:
Even the name (Zanzibar) is enticing, suggestive of Sultans, spices and palm fringed shores. The land of Sindbad, Livingstone and Stanley, Burton and Spoke; birth place of 20th century rock idol Freddie Mercury
زئنزيبار (زنجبار) ٻيٽ شيدي غلامن جي وڪري کان مشھور رھيو آھي
ھي ٻيٽ (زئنزيبار) آفريڪا کنڊ جي سرزمين کان فقط 25ميل پري آھي. پر مزي جي ڳالھ اھا آھي ته ھن ٻيٽ جي ماڻھن، گھرن جي اسٽائيل، ڪلچر ۽ نموني مان ھي ٻيٽ آفريڪا جو نه پر عرب ۽ انڊيا جو حصو لڳي ٿو. ھاڻ مڙيئي تنزانيا سان گڏجڻ بعد ۽ ماڻھن جي اچ وڃ ۽ حڪومتي نظام ۾ ڦيرو اچڻ ڪري ھي ٻيٽ آفريڪي لڳي ٿو. پر تنهن ھوندي به ڪيترائي گجراتي ۽ سنڌي ھندو، پنجابي ۽ پٺاڻ مسلمان، آغاخاني ۽ بوھري واپاري، ايراني ۽ عماني آفريڪي شيدين سان گڏ گڏ نظر اچن ٿا. زئنزيبار صدين کان واپار جو مرڪز رھيو آھي جنهن جو اثر ڏکڻ ۾ موزمبق تائين ۽ اتر ۾ عرب رياستن تائين ۽ اوڀر ۾ انڊيا تائين رھيو. عربن جون خاص ٻيڙيون جن کي ڌائو (Dhow) سڏجي ٿو مال سان ڀرجي آيون ويون ٿي. اھي ايران کان ريشم (Silk) ۽ چينيءَ جا ٿانو کڻي زئنزيبار پھتيون ٿي ۽ موٽ ۾ عرب ملڪن لاءِ سون ۽ عاج، عمارتي ڪاٺ ۽ غلام کڻي ويون ٿي. عمان جي سلطان ته پنهنجا محل ۽ حرم به ھن ٻيٽ تي قائم ڪيا ھئا ۽ تاريخ جي سونهري دور (سترھين ۽ ارڙھين صدي) ۾ ھن ٻيٽ تي عمان جي سلطانن حڪومت ڪئي. 1980ع ۾ ته ھي ٻيٽ مسقط بدران عماني سلطنت جي گاديءَ جو ھنڌ مقرر ڪيو ويو ۽ دنيا ۾ شيدي غلامن جي تجارت کان مشھور ھو. ان وقت جو عماني سلطان سيد بن سلطان ھو.
اڄ به زنجبار ڪپڙي گندي ۽ پوشاڪ ۾ عربن جو شھر لڳي ٿو. مرد عربي اسٽائيل جي ٽوپي پائين ٿا ۽ عورتون (شيدياڻيون پڻ) پنهنجي سڄي جسم جي عبايا جھڙي ڊگھي قميص سان پاڻکي ڍڪين ٿيون. ڪيترائي لفظ عربي جا استعمال ٿين ٿا جئين ته House of wonder کي بيت العجائب سڏين ٿا. اھا عمارت 1883ع ۾ عمان جي ٽئين سلطان، سيد برغاش ٺھرائي. ھيءَ ٽماڙ عمارت آھي ۽ ھن ٻيٽ تي اليڪٽرسٽي پھرين ھن عمارت ۾ آئي. اھڙي طرح ھڪ ٻي عمارت آھي جنهن جو نالو بيت الساحل آھي- يعني ڪناري واري جاءِ اھڙيءَ طرح ڪيترين شين جي عربي نالن مان محسوس ٿئي ٿو ته ھن ٻيٽ تي عربن جو وڏو اثر رھيو آھي.
ترڪيءَ جي حرمن کان ميرن ٽالپرن جي حويلين لاءِ غلام ۽ کدڙا زئنزيبار کان آيا ٿي
روايتن موجب عمان جا عرب اٺين صدي کان اوڀر آفريڪا جي ڪناري وارن بندرگاھن ۾ رھڻ لڳا ھئا. ھنن جون سڙھ تي ھلندڙ ڌائو (ٻيڙيون) جيڪي اڄ جي سنڌونديءَ ۾ ھلندڙ ٻيڙين سان ڪافي ملن ٿيون. بحراحمر(Red  Sea) ايراني نار (Persian Gulf) ۽ عماني نار مان نڪري، چوماسي وارين  ھوائن جي آڌار تي آفريڪا کنڊ جي اوڀر وارو ڪنارو ڏيئي ھيٺ ڏکڻ ۾ موزمبق ملڪ تائين پھتيون ٿي ۽ ڇھن مھنن  بعد South West Monsoon لڳڻ تي اھي واپس گلف جي ملڪن ڏي ويون ٿي. رستي تي صوماليا، ڪينيا ۽ ٽانگا نيڪا (جيڪو ھاڻ زئنزيبار سان ملي تنزانيا ٿيو آھي) جي ڪناري جي تڙن تي ترسيون ٿي ۽ مغديشو، ممباسا دارالسلام ۽ زئنزيبار جھڙا نالا اڄ به انهن ھنڌن جي تن ڏينهن جي اوج جي ياد ڏيارين ٿا.
انهن اوائلي آيل عماني عربن لاءِ رھائش لاءِ سڀ کان بهترين جاءِ زئنزيبار ٻيٽ ھو جيڪو ٻيٽ جي صورت ۾ الڳ ٿلڳ به ھو ته ساڳي وقت آفريڪا کنڊ جي سرزمين کان پري به نه ھو. سن  975ع ڌاري ته حسن بن علي پنهنجن ڇھن پٽن سان شيراز (ايران) کان لڏي زئنزيبار ۽ اوڀر واري ننڍڙي ٻيٽ پيمبا (Pemba) تي اچي رھيو. زئنزيبار ٻيٽ جي ڏکڻ واري علائقي ۾ اڄ به ان وقت جي مسجد قائم آھي. ٻيٽ جو اھو علائقو قضم قاضي سڏجي ٿو ۽ ان مسجد تي 1107 جو سن اڪريل آھي.  1499ع ۾ پورچوگال جو مشھور جھازي واسڪو ڊيگاما ڪيپ آف گڊھوپ لتاڙي ھن ٻيٽ تي پھتو ۽ پوءِ سورھين صدي جي شروعات وارن سالن تائين ٻيا ايندڙ پورچوگالي ھن ٻيٽ (زئنزيبار) ۽ موزمبق تي پنهنجو ديرو ڄمائيندا ويا ۽ ڪيترين ڳالھين ۾ مڪاني سردارن سلطانن جي انتظامي ڪمن ۾ دست اندازي ڪرڻ لڳا.
 1698ع ۽  1699ع جي وچ واري عرصي ۾ عمان جي عربن ۽ مڪاني شيدي سھالين گڏجي پورچوگالين کي گھٽ ۾ گھٽ ھن ٻيٽ (Zanzibar) تان تڙي ڪڍيو.1744ع ۾ ممباسا جي حاڪم جنهن جو تعلق ماضوري خاندان سان ھو، عمان جي خلاف انقلاب آندو پر زئنزيبار جي ماڻھن عماني سلطان سان وفادار ٿي رھڻ جو اعلان ڪيو. ماضوريءَ وارن جي زئنزيبار خلاف جدوجھد سڄي صدي ھلندي رھي تانجو عمان جو ابو سعيدي حاڪم سلطان سيد بن سلطان 1837ع ۾ ماضوري وارن کي نتيجي خيز شڪست ڏني. ان بعد  1840ع ۾ سلطان سيد پنهنجي گاديءَ جو ھنڌ مسقط (عمان) مان ڦيرائي زئنزيبار ٻيٽ تي قائم ڪيو. ھن لاءِ به عمان جي گرم سرد موسم کان زئنزيبار جي موسم بهتر ھئي. ھر وقت جھڙ ڦڙ ۽ پاڻي موجود ھو. عمان ۾ ڌنڌو به جھڙو تهڙو ھو زئنزيبار ۾ لونگن ۽ ڦوٽن جھڙن مسالن سان گڏ عاج ۽ شيدي غلامن جھڙين شين جو وڪرو وڌيڪ اپت وارو ھو. عمان جي گاديءَ جو ھنڌ زئنزيبار ٿيڻ تي ھن ٻيٽ کي اڃان به وڌيڪ مشھوري ملي ۽ ڏينهون ڏينهن ھڪ وڏو تجارتي مرڪز ٿيندو ويو- خاص ڪري عاج ۽ حبشين جي وڪري کان. آفريڪا جي جنگلن ۾ آزاد ڦرندڙ ھاٿين جي ڌڻن کي ماري انهن جو عاج ھن ٻيٽ تي آندو ويو ٿي جتان اھو يورپ ۽ چين جي مارڪيٽن ڏي روانو ٿيو ٿي. ترڪي جي حرمن لاءِ غلام ۽ کدڙا، بلخ ۽ بخارا کان سنڌ جي ميرن ٽالپرن ۽ ھند جي راجائن لاءِ شيدي غلام زئنزيبار کان موڪليا ويا ٿي جيڪي آفريڪا کنڊ جي اندرن حصن ۽ گھاٽن جنگلن مان ڦاسائي واڪ ۽ وڪري لاءِ زئنزيبار پھچايا ويا ٿي.

1946ع ۾ آغا خان دارالسلام ۾ ھيرن ۾ توريو ويو
اوڻيھن صدي جي اڌ تائين زئنزيبار ٻيٽ ايڏو طاقتور ۽ بااثر ٿي ويو جو آفريڪا جي اڀرندي ڪناري وارن ملڪن (خاص ڪري ڪينيا ۽ تنزانيا، ويندي سوماليا ۽ زائر تائين) جي واپاري منڊين تي زئنزيبار جو ڪنٽرول ھليو ٿي.  1856ع ۾ سلطان سيد جي وفات کانپوءِ زئنزيبار جو عمان سان ڳانڍاپو ڪٽجي ويو.  1890ع ۾ برٽش حڪومت غلامن جي واپار تي مڪمل پابندي وڌي ۽ زئنزيبار کي ھانگ ڪانگ وانگر  Protectorateبنائي رکيو. يعني اندروني طرح حڪومت برطانيھ وارن جي ھلي ٿي پر ظاھري طرح حاڪم عماني سلطان ھو.
1913ع کانپوءِ برطانيا طرفان ھن ٻيٽ زئنزيبار تي انگريز ريزيڊنٽ رھڻ لڳو ۽  1926ع ۾ ليجسليٽو ڪائونسل ٺاھي وئي جنهن جا ميمبر جيتوڻيڪ برٽش ريزيڊنٽ جي چونڊ سان مقرر ٿيا ٿي پر سياست ۽ تجارت تي اڃان به عربن ۽ انڊين جو ھٿ رھيو. آفريڪا کنڊ جي مڪاني زبان سواحليءَ کان وڌيڪ عربي ھلي ٿي. انڊين واپارين ۾ گجراتي، سنڌي ھندو، پارسي ۽ آغاخاني گھڻا ھئا. اڄ به انهن قومن جا ڪافي ماڻھو ھن ٻيٽ تي رھن ٿا.  1936ع ۾ عماني سلطان، سيد خليفا بن ھاروب جي سلور جوبلي ملھائي وئي ھئي. ان موقعي جو شھر جي مين روڊ (پوسٽ آفيس جي ڀر واري) جو فوٽو ڪٿان مليو اٿم جنهن ۾ مختلف قومن جا ماڻھو قطار ۾ بيٺل آھن. سلطان  ان وقت جي اعليٰ ڪار ۾ لنگھي رھيو آھي. ھن گھٽيءَ ۾ ان وقت گوا (انڊيا) جي رھاڪن جا گھڻا دڪان ھئا جو گوا پورچوگال جي ھٿ ۾ ھو ۽ پورچوگال گوانين کي جن جن ملڪن ۾ پاڻ رھيا ٿي، اتي ھنن کي سھولتون ڏنيون ٿي. بهرحال انهن گواني دڪانن: ڊي سـِـلوا، المينڊا، وغيره وغيره جي وچ ۾ ھڪ وڏو بورڊ سنڌي واپاري چوئٿ رام (B. Choitram) جو پڻ نظر اچي رھيو آھي. بعد ۾ ٻيا دڪان بند ٿي ويا يا ملڪ بدلجي ويا پر چوئٿ رام جو دڪان اتي ئي رھيو. اڄ به ان سنڌي ھندوءَ جا دڪان آفريڪا جي ڪيترن ملڪن کان ملائيشيا ۽ انڊونيشيا تائين پکڙيل آھن.
اخبار وارن يا ڪتاب جي پبلشر مٿي بيان ڪيل تصوير ڇاڀي ته ان ۾ دڪانن ۾ مٿي گھرن جو انڊين نمونو پڻ ڏسي سگھو ٿا جيڪو آفريڪا جي عمارتسازيءَ کان بلڪل مختلف ڪراچي جي ايلفي، سنگاپور جي ھاءِ اسٽريٽ، ڪوالالمپور جي باتو روڊ جي دڪانن جھڙو آھي. جيڪي دڪان پڻ انگريزن جي دور حڪومت ۾ ننڍي کنڊ جي واپارين لاءِ ٺھيا.
ھن پاسي آغا خاني (اسماعيلي) به تمام گھڻا رھيا ٿي. خاص ڪري ھن ٻيٽ زئنزيبار تي، ڪمپالا (يوگنڊا) ۾، دارالسلام (ٽانگانيڪا جي گادي واري شھر ۽ بندرگاھ) ۾، ممباسا ۽ نئروبي ۾، جن اڳتي ھلي 10 آگسٽ  1946ع تي آغا خان کي دارالسلام ۾ ھيرن ۾ توريو ھو. ڪنهن زماني ۾ دارالسلام جو ميئر عبدالڪريم ڪريمجي به زئنزيبار جو آغاخاني رھاڪو ھو. ھن جا وڏا يمن کان لڏي زئنزيبار آيا ھئا.
آفريڪا جي ڇتي اس کان پاڻ کي بچائجي
ٻي جنگ عظيم کانپوءِ مڪاني شيدي رھاڪن ۾ سياسي شعور پئدا ٿيو ۽ ھنن جي بي چينيءَ جو پھريون سبب اھو بڻيو ته زئنزيبار جي ڪورٽن ۽ تعليمي درسگاھن جي زبان سواحليءَ بدران رڳو عربي ڇو آھي.  1950ع ۾ انگريزن طرفان ھن ٻيٽ جي رھاڪن کي سياسي پارٽيون ٺاھڻ جي اجازت ڏني وئي. زئنزيبار نئشنل پارٽي (ZNP) نج عرب پارٽي ٺھي. ان کان علاوھ زئنزيبار پيمبا پيپلس پارٽي (ZPPP) ۽ ائفرو شيرازي پارٽي (ASP) ٺھي.  1961ع واري اليڪشن ۾ حڪومت ZNP ۽ ZPPP جي حوالي ٿي.  1963ع ۾ به انهن ئي پارٽين کٽيو. 10 ڊسمبر  1963ع تي زئنزيبار کي برطانيھ طرفان خودمختياري ڏني وئي.
 1964ع ۾ زئنزيبار ٻيٽ تي عماني عربن خلاف ڪافي خونريزي ۽ انقلاب آيو. ڪيترا يورپي ۽ ننڍي کنڊ جا ماڻھو به ھن ٻيٽ کي ڇڏي ويا. ٽانگانيڪا ۽ زئنزيبار ٻنهي گڏجي ھڪ ملڪ ريپبلڪ آف زئنزيبار ۽ ٽانگانيڪا ٺاھيو. ڇھن مھنن بعد انهن ٻن نالن بدران فقط ھڪ نالو تنزانيا رکيو ويو.
زئنزيبار بابت ھڪ انگريز ليکڪ جان گنٿر جو سفر نامو Inside Africa پڙھيو ھوم. ھن  1953-54ع ڌاري آفريڪا جي ڪيترن ئي ملڪن جو سير ڪيو ۽ انهن ملڪن بابت پنهنجا خيال قلمبند ڪيا. زئنزيبار ٻيٽ بابت سندس ڪجھ ڳالھيون پڙھندڙن جي دلچسپي لاءِ ھتي لکان ٿو...
آفريڪا کنڊ جا جيڪي به شھر گھميو آھيان انهن ۾ فقط زئنزيبار ئي آھي جتي پکي انگريز ريزيڊنٽ جي گھر ڇت ۾ ٽنگيل بلبن جي ڇٽن  (Chandeliers) ۾ آکيرا ٺاھين ٿا ۽ جتي مينهن وسڻ دوران به بدن جي کل سڙي ٿي. (اھا ڳالھ مونکي به سمجھ ۾ نه آئي ته ليکڪ جان گنٿر جو پکين جي آکيرن ٺاھڻ مان ڇا مطلب آھي ۽ اھو ته نسوروئي وڌاءُ ٿو لڳي ته مينهوڳيءَ ۾ به ايڏي گرمي ٿئي، ھا البت اھو ضرور آھي ته سنڌ وانگر آفريڪا ۾ به گرمي ٿئي ٿي. سنڌ ۽ راجستان ۾ وري به سياري جي موسم ۾ سردي ٿئي ٿي پر زئنزيبار، ممباسا ۽ دارالسلام سنگاپور ۽ ملائيشيا وانگر خط استوا جي ويجھو آھن جتي سڄو سال گرمي رھي ٿي. پر جنهن وقت جھڙ ۽ ميھن رھي ٿو ته ٿڌڪار ٿئي ٿي. ڪڏھن ڪڏھن مينهن وسڻ کانپوءِ يڪدم اس نڪرڻ ڪري سخت گرمي ٿئي ٿي ۽ جسم سڙڻ لڳي ٿو ۽ اھا ڪيفيت اسان وٽ به سانوڻيءَ جي ڏينهن ۾ ٿيندي آھي. ملائيشيا ۾ به گھڻو ڪري جھڙ رھي ٿو. ھڪ دفعي پينانگ جي ھوٽل ۾ جتي آئون رھيل ھوس يورپ پاسي جون رھيل ڪجھ عورتون ۽ مرد صبح جو ڏھين يارھين بجي گنجين ۽ چڍين ۾ سمنڊ جي ڪناري ڏي سير لاءِ نڪتا. صبح کان جھڙ ۽ سنهي بوند بوند وسي رھي ھئي ۽ موسم ايڏي وڻندڙ ھئي جو ھي ھڪ ڏينهن اڳ يورپ کان آيل سياح پاڻ سان ڌوپ ڇٽي يا اس کان بچاءَ لاءِ مٿي تي رکڻ لاءِ ٽوال به نه کڻي نڪتا. اتفاق اھڙو ٿيو جو ڪلاڪ سوا کانپوءِ بوندا باندي ته بند ٿي وئي پر ڪڪر به ٽڙي پکڙي ويا ۽ پوءِ سج، سو به ٽراپيڪل ۽ خط استوا جو نڪري نروار ٿيو ۽ وقت به ٽاڪ منجھند جو ھو! ھنن اتر قطب جي يورپين جو ته ساھ ٿي نڪتو. بدن جي کل ناسي ٿي وئي ھين. ھفتو کن ملائيشيا ۽ ٿائلنڊ ۾ رھڻ جو پروگرام ٺاھڻ وارا ٻئي ڏينهن ئي مليبورن (آسٽريليا) ھليا ويا. سو منهنجي خيال ۾ زئنزيبار جو سفر نامو لکڻ واري ھن جوان سان به ڪجھ اھڙو تجربو ٿيو ھوندو. ڇو ته مينهن ۽ ساوڪ پنهنجي جاءِ تي پر اھڙن ھنڌن تي رکي رکي ٿيندڙ ڪراچيءَ جھڙي گھم  (Humidity)۽ گــُھٽ، ۽ جيڪب آباد سبيءَ جھڙي اس ۽ تپش گھمڻ جي شوقين کي مٿي جو سور ۽ دست ڏيو ڇڏي. ان ڪري سنگاپور ۽ انڊونيشيا پاسي توڙي سعودي عرب ۽ گلف پاسي نڪرندڙ مسافر کي مينهن ۽ اس کان بچاءَ لاءِ پاڻ سان ھميشھ ڇٽي (Umbrella) يا بوڇڻ کڻڻ لاءِ چوندو آھيان جيئن ھن کي ڏينهن (Sun Stroke) نه لڳي. باوجود پي ڪئپ پائڻ ۽ ٻي حفاظت جي اھڙي موسم ۾ ملاڪا جي نيول اڪيڊمي ۾ (جتي مون اٺ سال کن نوڪري ڪئي) اتي جا ڪئڊٽ اس ۽ گھم ڪري بيھوش ٿي ويندا ھئا.
زئنزيبار ٻيٽ تي حڪومت عربن جي ۽ واپار انڊين جي ھٿ ۾ ھو
زئنزيبار بابت جيمس لکي ٿو ته دنيا ۾ ھيءَ سڀ کان گھڻو دل لڀائيندڙ جاءِ آھي. ھي ٻيٽ مشرقي آفريڪا جي ڪناري کان  ويھ ميل کن مس پري آھي ۽  خط استوا سان ڄڻ مليو پيو آھي. ھن ٻيٽ زئنزيبار کي مڪاني ماڻھو زنجبار سڏين ٿا جيڪو نالو فارسي لفظ زنج مان آھي جنهن جي معنيٰ آھي ڪارو. زنجبار معنيٰ ڪارن ماڻھن جي رھائش گاھ (ملڪ). پر زنجبار ۾ ڪارا (بليڪ) گھٽ برائون گھڻا آھن. ويھ ميل پري آفريڪا کنڊ کان لڏي آيل شيدين کان وڌيڪ انڊين، عرب، ايراني ۽ چيني ماڻھو آھن. ٻيٽ جي ڪمائيءَ جو ذريعو اڄ ڪلھ فقط لونگن تي آھي جنهن جو ھڳاءُ سڄي ٻيٽ تي اچي ٿو. گھٽيون سوڙھيون ۽ اونداھيون آھن. گھڻي مينهن وسڻ مھل اھي گھٽيون ندين وانگر لڳنديون آھن. پراڻن گھرن جا دروازا اڄ به اھي اڳيئن زماني وارا وڏا ٽيڪ ووڊ جا ٺھيل آھن جن تي زبردست قسم جو ٽـُـڪ جو ڪم ٿيل آھي. زئنزيبار ظاھري طرح عرب دنيا جو شھر لڳي ٿو. سلطان وٽ ٻه موٽر ڪارون آھن. ھڪ آرم اسٽرانگ سڊلي ۽ ٻي ھمبر. شھر جي فقط ھڪ عمارت ۾ لفٽ لڳل آھي. ايراني، عربي ۽ ھندستاني مسلمانن کان علاوھ ھتي ھڪ ٻي به مسلمان ڪميونٽي آھي جيڪا ڪومورين (Comorians) سڏجي ٿي اھي مئڊاگاسڪر جي ڀرسان ڪومورو نالي ننڍن ٻيٽن تان لڏي ھتي آيا آھن. اسان کي انهن جو ھڪ شادي اٽينڊ ڪرڻ جو موقعو مليو. شاديءَ ۾ ٿيندڙ رسمون رواج ۽ عورتن جي گڏجاڻيءَ ۾ دھلاڙي مردن ۽ گھوٽ کان علاوھ فقط آئون ھڪ مرد ھوس..
زئنزيبار ٻيٽ تي رھندڙ آفريڪن ۾ ٻه ڌريون آھن. ھڪ ھتي جا مڪاني شيرازي آھن جيڪي ھتي اوائلي دور ۾ (اٽڪل 8صدي ۾) ايران جي شھر شيراز کان آيا ۽ ٻيا ڌاريان (immigrants) آھن جيڪي شيدي نسل جا آھن ۽ انهن شيدي غلامن جو اولاد آھن جي کي وڪڻڻ لاءِ عرب واپاري آفريڪا جي مختلف ملڪن: ٽانگانيڪا، نياسالئنڊ، ڪانگو ۽ زمبيا وغيره مان جھلي ايندا ھئا. پر اھي گھڻو گھڻو پوءِ آيا. زئنزيبار ٻيٽ تي جيڪي ننڍي کنڊ جا ماڻھو رھن ٿا ۽ انڊين سڏجن ٿا انهن ۾ به ڪيتريون ئي ڪميونٽيون آھن. سڀ ۾ امير ۽ اثر وارا آغاخاني آھن.
گذريل ڪجھ صدين ۾ عربن ۽ آفريڪي شيدين ۾ سڱابندي ٿيندي رھي. عمان ۽ عرب رياستن کان ايندڙ جھازي اڪيلي سر ھتي (زئنزيبار) آيا ٿي ۽ پوءِءَ انهن مان ڪيترن آفريڪا کنڊ کان غلام طور آيل خوبصورت شيدياڻين سان شادي ڪئي ٿي. اڄ به ھتي عرب پير مرشد مڃيا وڃن ٿا جيڪي حبشاڻين سان شادي ڪن ٿا باقي پنهنجيون ڌيئرون شيدي مردن کي سڱاوتي ۾ ڏيندي عار محسوس ڪن ٿا. انڊين پنهنجن ۾ ئي شادي ڪن ٿا. ھو نه عربن سان ڳنڍجن ٿا ۽ نه آفريڪي شيدين سان . عرب حاڪم اتم خاندان جا ماڻھو سمجھيا وڃن ٿا، انڊين (گجراتي، بوھرين، کوجن، ھندو سنڌي ۽ پنجابين) جو واپار وڙي تي ڪنٽرول آھي ۽ شيدي ٻني ٻاري جو ڪم ڪن ٿا..
اومان جي گادي مسقط بدران ھزار ھا ميل پري زئنزيبار ٻيٽ تي ڪئي وئي
ھتي اچي مونکي (يعني جيمس گنٿر جنهن Inside Africa ڪتاب لکيو آھي) اھا خبر پيئي آھي ته ھن ٻيٽ زئنزيبا (جنهن کي عربي ۽ فارسي ۾ زنجبار ٿا سڏين) جي عجيب تاريخ آھي. عرب جھازي عمان، عربستان ۽ ايراني نار جي رياستن کان ھتي آيا. کين سامونڊي ڄاڻ ۽ جھاز سازي جو ھنر آيو ٿي ان ڪري ھو ھزارين ميلن کان ڪـَـھي ھن ٻيٽ  تي اچي نڪتا ۽ ھوڏانهن سڏ پنڌ پري آفريڪا کنڊ جا شيدي اڻڄاڻ ۽ ناقابل ھجڻ ڪري ڀرپاسي جي زمينن تي قبضو ڪرڻ ته ڇا پنهنجو پاڻ کي آرگنائيز نه ڪري سگھيا. عربن نه فقط ھن ٻِيٽ (زئنزيبار) تي قبضو ڪري ديرو ڄمايو پر آفريڪا کنڊ جي مشرقي ڪناري واري پٽي (صوماليھ کان موزمبق تائين) تي پنهنجي ڌاڪ ڄمائي. عربن جي اھا ڌاڪ سن  1498ع ۾ پورچوگالين ڀڳي جيڪي سڀ کان اڳ ڪيپ آف گڊ ھوپ کي ڪراس ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. پورچوگالي ھن ٻيٽ تي سلطانن سان گڏ ٻه کن صديون گڏ گڏ رھيا پور پوءِ عربن مڙسي ڏيکاري ۽ پورچوگالين کي تڙي ڪڍيو ۽ ھڪ دفعو وري پاڻ ھن ٻيٽ جا اڪيلا والي وارث بنجي ويھي رھيا جتان جنهن وکر جو ڌنڌو زور شور سان ھليو ٿي اھو انسان (Human Cargo) ھو. ھڪ ڏٽي مٽي صحتمند نوجوان شيدي نينگر يا ورجن حبشڻ جي قيمت ھڪ رڍ يا ٻڪريءَ کان به گھٽ ھئي. ۽ پوءِ انهن کي جانورن وانگر ٻيڙين ۾ اڃيو، بکيو ۽ اگھاڙو سٿي مصر يا ترڪي جي بندرگاھن ۾ وڌيڪ وڪري لاءِ لاٿو ويو ٿي. رستي جي ڏکن سامونڊي سفرن ۾ اڌ جيترو مال، انساني جانيون مري ويون ٿي ته به ترڪي ۽ چين جي درٻِارن ۾، سنڌ ۽ ھند جي نوابي محلن ۾ ھي وکر سستو پيو ٿي ۽ ھن وکر مان ڪمائي صحيح طرح حاصل ڪرڻ لاءِ عمان جي سلطان پنهنجو ملڪ ڇڏي زئنزيبار ٻيٽ تي اچي حويلي ۽ دارالخلافھ ٺاھيو. اھو ائين احمقاڻو ڪم ٿيو جيئن آمريڪا (USA) جو صدر سگارن جي ڪمائيءَ مان اڃان وڌيڪ ناڻو ڪمائڻ لاءِ پنهنجي ملڪ جي گاديءَ جو ھنڌ واشنگٽن مان بدلائي ڪيوبا ٻيٽ تي ڪري.
عماني سلطان جي زئنزيبار ٻيٽ تي اچڻ بعد ٻين ملڪن جا ماڻھو به ھتي اچڻ لڳا. انگلنڊ جي عيسائي تبليغي جماعتن جا عالم، کوجنائون ۽ سير ڪندڙ ۽ واپاري ھن ٻيٽ تي اچڻ لڳا ۽ ھتي پھچي پوءِ آفريڪا جي ٻين ملڪن جو رخ رکيائون ٿي. آمريڪا پھريون ملڪ آھي جنهن سڀ کان اڳ، سن  1836ع ۾ ھن ٻيٽ تي قونصل خانو کوليو. برطانيھ غلامن جو وڪرو بند ڪرائڻ لاءِ پوري پوري ڪوشش ڪئي ۽ آخر ڪامياب ٿي ويو.
ترڪيءَ جي حرمن ۽ حويلين لاءِ غلام ۽ کدڙا زئنزيبار کان آيا ٿي.
لؤنگن جو ديس (Zanzibar) زنجبار ٻيٽ
اڄ ڪلھ (يعني گنٿر جي ڏينهن ۾) زئنزيبار جو سلطان سيد سر خليفا بن ھاروب آھي جيڪو گذريل 44 سالن کان حاڪم آھي ۽ اڄ ڪلھ دنيا جو پراڻو حاڪم سمجھيو وڃي ٿو. ھن برطانيھ جي شھنشاھن جون ٽي دفعا تاجپوشيون ڏٺيون آھن. ھي زئنزيبار ۾ نه پر مسقط ۾ سن 1879ع ۾ ڄائو ھو. ھنن عمانين جي گذريل يارھن پيڙھين کان سلطنت ھلندي اچي.
ھڪ ڏينهن منهنجي (يعني جيمس گنٿر جي) ھن سلطان سان اوچتو ملاقات ٿي وئي. پاڻ  تمام نرم دل، ھمدرد ۽ ذھين طبيعت جو مالڪ آھي. ھن سان ملي مونکي اھو ئي محسوس ٿيو جيڪو ھن جي برابر وارن حاڪمن: لبيا جي بادشاھ ادريس ۽ خارطوم جي بادشاھ مھدي سان ملي ٿيو ھو. پاڻ پنهنجي عمر کان ننڍو ۽ قد ۾ ڊگھو ۽ چاپئين ڏاڙھي وارو آھي. کيس اڇي رنگ جو جبو ۽ پٽڪو ٻڌل ھو. ھن کي ٻيٽ تي گاڏيءَ ۾ ويھي گھمڻ پسند آھي. ان ڏينهن ساڻس گڏ ڪي گھڻا چوڪيدار سپاھي نه ھئا. ھي نه گھڻو امير آھي ۽ نه لالچي:
ان ڏينهن اسان نه فقط زئنزيبار جي سلطان سان ملياسين پر سندس خوبصورت ۽ جوان زال (سلطانا) سان پڻ. پوڙھا عرب جوان ڇوڪرين سان خوب ٺاھ ڪري ھلن ٿا. ھي پھريون ملڪ ھو جتي جي عرب حاڪم جي زال اسان جي منهن تي ويٺي. ھوءَ مغربي پوشاڪ ۾ ھئي. ھن شرمائيندي شرمائيندي اسان کان آمريڪا ۽ پئرس جي خبر چار پڇي ۽ ٻڌائين ته ريتا ھيورٿ ڪيڏي ته خوبصورت آھي پر ھن ٻڌايو ته ھتي زئنزيبار ۾ ھـُـن بور محسوس ڪيو  ھو. زئنزيبار گھمڻ ھوءَ انهن ڏينهن ۾ آئي ھئي جڏھن ھوءَ اڃا تائين آغا خان جي ننهن ھئي. سلطانا بابت ٻڌوسين ته ھن فقط سال کن اڳ پڙدو ڪرڻ ڇڏيو آھي. ھن ٻڌايو ته سواءِ ممباسا ۽ نئروبيءَ جي ھوءَ زئنزيبار کان ڪڏھن به ٻاھر نه نڪتي آھي.
زئنزيبار ۾ چيو وڃي ٿو ته لونگن جا ڏھ لک کن وڻ آھن. لونگن جو سڀ کان گھڻو وڪرو انڊونيشيا ۾ آھي جتي لونگن ۽ تماڪ جي ڪاتر مان سگريٽ ٺاھيا وڃن ٿا. انڊيا ۾ به ان جي وڏي مارڪيٽ آھي. لونگن جا وڻ شروع وارن سلطانن موريشس ٻيٽن تان گھرائي ھتي پوکرايا جيڪي دراصل موريشس تي به انڊونيشيا جي ھڪ ڏور انهين ٻيٽ مولوڪوس (Molouccas) تان آيا ھئا. زئنزيبار ۾ اڄ ڪلھ لونگن جي ڪمائيءَ ۾ گھٽتائي اچي وئي آھي. ھڪ عجيب قسم جو جيوڙو لونگن جي وڻن کي سڪائي رھيو آھي جنهن جو علاج اڃان تائين فقط اھو نظر اچي رھيو آھي ته پراڻو وڻ ڪڍي نئون پوکجي جنهن ۾ ظاھر آھي وقت ۽ پئسي جو وڏو خرچ آھي.
زئنزيبار (زنجبار) ھن علائقي جو لنڊن ۽ پئرس ھو
زنجبار تي پورچوگالي، شيرازي، ايراني، اوماني عرب، انڊين، چيني، ملئي ۽ انگريز آيا ۽ سڀ ملي جلي رھيا ۽ اڄ تائين انهن ماڻھن جو ڪلچر ۽ رسم و رواج قائم آھي. اڄ غلامن جو وڪرو نٿو ٿئي 1873کان ان تي بندش وڌي وئي پر اھا مارڪيٽ موجود آھي جتي ڦاسايل شيدين جو واڪ عرب ۽ پورچو گالي واپاري ڏيندا ھئا.
زئنزيبار جو ٻيٽ 50 ميل ڊگھو ۽ 20 ميل ويڪرو آھي.  1964کان  اڳ تائين زئنزيبار ٻيٽ الڳ ٿلڳ ملڪ ھو پر پوءِ ٽانگانيڪا (آفريڪا جي اوڀر واري ڪناري جي ھڪ ملڪ) زئنزيبار کي پاڻ سان ملائي نئون ملڪ تنزانيا ٺاھيو جيئن ملايا وارن بورنيو ٻيٽ جي صباح ۽ سراواڪ رياستن سان ملي نئون ملڪ ملائيشيا ٺاھيو. اھا ٻي ڳالھ آھي ته زئنزيبار وارا ھاڻ ان ميلاپ مان خوش نه آھن جو ھنن کي اھو محسوس ٿي رھيو آھي ته ھنن جي سڃاڻپ ختم ٿي رھي آھي. ۽ ٻي ڳالھ ته زئنزيبار ٻيٽ تي گھڻائي مسلمانن جي آھي ۽ تنزانيا ملڪ جيڪو تمام وڏو آھي ان جا گھڻي ڀاڱي رھاڪو عيسائي آھن. لونگ جي پوک ۽ ان جي مارڪيٽ ڪرڻ ڪري زئنزيبار ٻيٽ تي اھا خوشحالي نه رھي آھي. جيستائين سئيز ڪئنال بند ھو اسان جا جھاز آفريڪا کنڊ کي ڦيرو ڪرڻ وقت ممباسا، دارالسلام يا زئنزيبار آيا ويا پئي چاھي ڪم ھجي يا نه. 1975ع کان پوءِ ھاڻ ورلي ڪو جھاز ھڏانهن ھـَـلي مـَلي اچي ٿو. سامان ھوندي به ڪيترا جھاز وڃڻ کان لنوائين ٿا جو زئنزيبار پھچڻ ۾ جيترو پنڌ ۽ وقت جو زيان آھي اوتري ڪمائي نه آھي. بهر حال زئنزيبار ٻيٽ تي رھندڙ کي اھا شڪايت آھي ته يورپ ۽ آمريڪا کان ملندڙ مدد جو کين صحيح حصو نٿو ملي. پر اھو آھي ته سياست ۾ ھن ٻيٽ جي ماڻھن کي ڀرپور نمائندگي ملي ٿي. اڄ ڪلھ تنزانيا جو صدر زئنزيبار مان آھي ۽ نئشنل اسيمبلي جي ميمبرن جو ٽيون حصو ھن ٻيٽ کان آھي زئنزيبار ٻيٽ جي رھاڪن کي تنزانيا جي سرزمين تي جائداد خريد ڪرڻ جي اجازت آھي پر تنزانيا وارا زئنزيبار ٻيٽ تي نٿا رھي سگھن. ويندي گھمڻ لاءِ به ھنن کي پاسپورٽ آڻڻو پوي ٿو.
زئنزيبار ٻيٽ جي ڀر ۾ ھڪ ٻيو ننڍڙو ٻيٽ پيمبا نالي آھي جيڪو پڻ زئنزيبار جو حصو آھي ھونءَ زينزيبار واري وڏي ٻيٽ جو نالو انگجا (Unguja) پڻ آھي پر عام طرح زئنزيبار يا زنجبار سڏجي ٿو.
بهرحال زئنزيبار اڄ اھو امير ٻيٽ ۽ بندرگاھ نه رھيو آھي نه ته صدين تائين زئنزيبار ھن علائقي جو لندن ۽ پيرس ھو. پئسو زئنزيبار ۾ ھو، فيشن زئنزيبار ۾ ھو. تهذيب ۽ تمدن ۾ مٿاھون زئنزيبار ھو جنهن کي باقي آفريڪا کنڊ فالو ڪيو ٿي پر عرب ۽ يورپي به پنهنجو وطن ڇڏي ھن ٻيٽ تي ھليا آيا ۽ نه فقط آيا پر ھميشھ لاءِ رھڻ اختيار ڪيائون ۽ جيئن اسان وٽ اھا چوڻي مشھور آھي (بلڪ ھئي) ته ھجئي ناڻو ته گھم لاڙڪاڻو تيئن عربي توڙي انگريزيءَ ۾ زئنزيبار لاءِ اھا چوڻي مشھور ھئي ته:
When the flute is played in Zanzibar, All Africa (East) must dance.

No comments:

Post a Comment