Saturday, March 05, 2011

ايئرپورٽ تي گهاريل گهڙيون - الطاف شيخ

ايئرپورٽ تي گهاريل گهڙيون...

الطاف شيخ
MAS (ملائيشيا جي هوائي ڪمپني) جو جهاز ڪراچي کان هميشه رات جو ساڍي يارهين بجي ڌاري ڪوالالمپور لاءِ اڏامي ٿو. اسي واري ڏهي جي آخر ۾ جڏهن MAS وارن ڪراچي لاءِ اڏام شروع ڪئي هئي ته به ڪراچي کان ڇٽڻ جو اهو ئي وقت هو. تن ڏينهن ۾ هيءَ اڏام ايندي توڙي ويندي وقت  دهلي ۾ به ترسندي هئي پر پوءِ ڪجهه سالن بعد، مسافرن جي وڌڻ ڪري MAS وارن ڪراچي لاءِ الڳ ۽ دهلي لاءِ الڳ اڏام ڪري ڇڏي. هاڻ ڪجهه سالن کان هيءَ ڪراچي واري اڏام ڪراچيءَ ۾ مسافر لاهيو ابو ڌابي هليو وڃي، جتان موٽندي ڪراچيءَ مان ڪوالالمپور جا مسافر کڻي ٿي. ملائيشيا وارن پنهنجي پاڙيسري ملڪ سنگاپور سان مقابلو هجڻ ڪري ملائيشيا وارا به سنگاپور وانگر هر شيءِ ۾ وقت جي پابندي کي اهميت ڏين ٿا. ان ڪري ملائيشيا وارن جا جهاز توڙي ريل گاڏيون وقت تي ڇٽن ٿيون ۽ مقرر ٽائيم ۾ اهو سفر پورو ڪري وقت تي پهچن ٿيون. ڪوالالمپور هوائي اڏي کان ڪوالالمپور شهر جي مرڪزي اسٽيشن ”ڪي. ايل. سينٽرل“ 80 کن ڪلوميٽر آهي. هوائي جهاز جي مسافرن کي ايئرپورٽ کان ان KL سينٽرل اسٽيشن تي پهچائڻ لاءِ KLIA ايڪسپريس ريل آهي، جيڪا سالن کان مقرر وقت، 28 منٽن اندر ايئرپورٽ کان ڪي ايل سينٽرل اسٽيشن يا واپس ايئرپورٽ پهچائي ٿي. ان کان علاوه شهر  ۾ هلندڙ اليڪٽرڪ ٽرامون، مونو ريل ۽ بسون مقرر وقت تي هر اسٽيشن ۽ بس اسٽاپن تي پهچن ٿيون ۽ ترسڻ جو مقرر وقت پورو ٿيڻ تي روانيون ٿيو وڃن. پر ان ڏينهن يارو، جنهن ڏينهن مون کي ڪراچي مان روانو ٿيڻو هو، شام ڌاري منهنجي ٽريول ايجنٽ جو فون آيو ته مون واري ملائيشيا جي اڏام ٻه ڪلاڪ ليٽ آهي يعني هاڻ ساڍي يارهين بدران رات جو ڏيڍ بجي ويندي. اهو ٻڌي يقين ئي نه پيو اچي. شام جو اٺين بجي ڌاري ايئرپورٽ فون ڪيم ته جيڪر اها خبر غلط هجي ته ان ئي وقت نڪري پوان. پر ايئرپورٽ وارن به ان جي تصديق ڪئي بلڪه ٻڌايو ته اڌ ڪلاڪ اڃان به وڌيڪ ليٽ آهي ۽ ڪراچي مان ٻي بجي نڪرندي. يعني 3 ڪلاڪ کن اڳ پهچڻ لاءِ گهران يارهين کان اڳ نڪران. ٻئي ڏينهن ڪراچي ۾ هڙتال جو اعلان هو. اهي ئي افواهه هئا ته رات کان ٽرئفڪ بند ڪرائي ويندي. آئون بئگ ۽ ٿيلهو کڻي نڪري پيس. دل ۾ چيم رستا بند ٿين يا نه ايئرپورٽ تي ته ويٺو هوندس.

ايئرپورٽ يا هوائي جهاز ۾ گهڻو وقت ترسڻ تي ڪيترا ماڻهو بور ٿيندا آهن پر منهنجي لاءِ اهو بهترين وقت هوندو آهي. سڪون ۽ پنهنجو منهن هجڻ ڪري ڪيتريون منجهيل ڳالهيون/يادگيريون سلجهائي، ڪاغذ تي ويٺو لکندو آهيان. ان ڪم لاءِ پنا، پين ۽ پيپر هولڊر هميشه گڏ رکندو آهيان. ناروي ۽ سئيڊن جي اتراهن شهرن ۾ وڃڻ دوران، خراب موسم ڪري اڏامون 24 ڪلاڪ به delay ٿيون هونديون پر مون کي هميشه خوشي ٿيندي هئي جو منزل تي پهچي پڙهائڻ يا جهاز جي ڊيوٽي ڪرڻ کان هوائي اڏي تي پنهنجو شوق پورو ڪرڻ جو موقعو ملندو هو، يعني ڪنهن پراڻي سفر جون ڳالهيون لکڻ لاءِ ماٺ مٺوڙو.
ڪراچي ۾ ٻئي ڏينهن ٿيندڙ هڙتال جي ڊپ ۾ رستا ڪافي حد تائين سنسان هئا. گهر کان ايئرپورٽ اڌ ڪلاڪ اندر پهچي ويس ۽ ڪسٽمس، بورڊنگ ڪارڊ، اميگريشن جون منزلون پوريون ڪري انتظار گاهه ۾ اچي پهتس. جتي ڪٿي ڪافي ڊگهي قطار هئي. ڊيوٽي ڪندڙ عملو گهٽ هو يا سست هو. هڪ هنڌ انٽيليجنس وارا بيٺل هئا تن مون کي اشاري سان سڏيو ۽ بئگ کولڻ لاءِ چيو. آئون سمجهي ويس ته هي منهنجي ڏاڙهيءَ ڪري شڪيا آهن ته ڪو دهشتگرد آهيان.
هڪ دفعي ملائيشيا کان سنگاپور ٽوئرسٽ بس ۾ ويندي بارڊر تي پوليس منهنجي هٿ ۾ سائو پاڪستاني پاسپورٽ ڏسي کڻي روڪيو ته تنهنجي چيڪنگ ڪنداسين. انهن ۾ موجود هڪ ملئي آفيسر کان ملئي ۾ پڇيم ته خير ته آهي. ظاهر آهي مون سان گڏ چاليهه کن ٻين ملڪن جا مرد ۽ عورتون هيون انهن مان ته ڪنهن کي به نه روڪيائون. هي ته اهو ئي ڪم ٿيو ته ’ڀري ٻيڙيءَ ۾ واڻئي جو کولو ڳرو.‘ ملئي آفيسر آهستي چيو چِگو (ماستر صاحب) تنهنجي ڏاڙهي ڏسي ڀليا آهن.“ سو انٽيليجنس وارن جو به ڪڏهن ڪڏهن عقل گاهه چرڻ وڃي ٿو. هاڻ ڏاڙهي ته ڪا اهڙي شيءِ آهي ڪا نه جنهن ۾ ڪو بندوق يا بم لڪائي هلي.
هڪ مولوي صاحب جي سائيڪل جي بريڪ خراب هجڻ ڪري هن جي سائيڪل وڃي ڪنهن عورت کي لڳي. عورت رڙ ڪر چيس ”شرم ڪري هيڏي ڏاڙهي هوندي به سائيڪل کڻي هنئي اٿئي.“
 سائيڪل کي سڌو ڪندي مولوي وراڻيس: ”مئڊم ڏاڙهي ڪا بريڪ ته نه آهي جنهن سان سائيڪل کي بيهاري سگهان؟“
سو اسان جا انٽيليجنس وارا به رڳو ڏاڙهيءَ کي ڏوهه ڏيو ويٺا آهن. پر ڇا ڪجي اسان جي ملڪ جي ڪجهه ملن مولوين جا ڪم به ته اهڙا آهن جنهن ڪري سڀني جو نالو بدنام ٿي ويو آهي. اسان جي بازارين ۾ ڪيترا واپاري خاص ڪري سونارا ۽ ڪپڙي جا دڪاندار فقط ماڻهن کي بيوقوف بنائڻ ۽ ٺڳڻ لاءِ وڏي ڏاڙهي رکرائيندا يا زوريءَ پاڻ کي حاجي يا الحاج سڏرائيندا. جيتوڻيڪ سعودي عرب يا ملائيشيا پاسي هر مسلمان حج ڪري ٿو پر هو ته پاڻ کي حاجي سڏرائي اشتهار بازي نٿا ڪن. اهو وهنوار فقط اسان وٽ آهي، تڏهن ته شايد هڪ نمازيءَ پنهنجي نماز ڀڃي سندس جتي چوري ڪندڙ چور کي رڙ ڪري چيو ته ”حاجي صاحب مون غريب جي جتي ته نه کڻ“.
چور جتي واپس رکندي چيس: ”اهو ته ٻڌاءِ توکي ڪيئن خبر پيئي ته آئون حاجي آهيان.“
غريب نمازيءَ چيس ته ”اهي ڪم ئي حاجين جا آهن.“
بهرحال ڪراچي ايئرپورٽ تي انٽيليجنس جي آفيسر جي حڪم تي بي دليءَ سان پنهنجي بئگ کوليم. بي دليءَ سان ان ڪري جو مون کي خبر هئي ته بئگ مان سامان ڪڍڻ بعد وري ساڳي سامان کي بئگ ۾ سموئڻ ڏکيو ڪم ٿيو پوي. گهر ۾ ته هڪ هڪ شيءِ کي آرام سان سيٽ ڪري رکجي ٿو پر ههڙي چيڪنگ ۾ جتي تڪڙ لڳل رهي ٿي جلدي ۾ سامان سيٽ ڪرڻ سولو ڪم ناهي. پر حق جي ڳالهه ڪبي ته هنن همراهه منهنجي بئگ نه فقط کڻائڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي پر چيڪنگ بعد سامان سيٽ ڪري رکائڻ ۾ پڻ. ڪسٽم ۽ اميگريشن وارا به هاڻ فضيلت سان ڳالهائين ٿا نه ته ڏهه سال کن اڳ تائين ڪنهن مسافر سان سٺي طرح ڳالهائڻ جو فئشن نه هو.
اميگريشن وقت هڪ نوجوان آفيسر اچي مليو. ”سائين توهان الطاف شيخ آهيو؟“ سندس قميص تي لڳل ٽئگ تي انگريزي ۾ قادري لکيل هو. ”توهان پڪ لاڙڪاڻي جا هوندائو يا حيدرآباد جا“ مون چيومانس.
”ڪيئن ٿا چئو؟“ هن پڇيو.
”بس يار آئون جيڪي ٽي قادري سڃاڻان ٿو اهي اتي جا آهن.سائين اياز قادري، اسان جو پيٽارو جو ٽيچر پروفيسر مدد علي قادري ۽ ٽيون سنڌ ڪلچر ڊپارٽمينٽ جو محمد علي قادري.“مون کلندي ٻڌايومانس. هن ٻڌايو ته سائين مدد علي هن جو مائٽ آهي ۽ هو پاڻ به اديب آهي يا ادب جو شوقين آهي ۽ هن ڪيترائي ڪتاب پڙهيا آهن. هن جي چهري مان صاف ظاهر پئي ٿيو ته هن کي مون سان ملي خوشي ٿي آهي. پنهنجن آفيسرن سان به منهنجي لاءِ وڏا لقب استعمال ڪري تعارف ڪرائڻ لڳو ۽ منهنجو جلدي جلدي پاسپورٽ ۽ بورڊنگ ڪارڊ چيڪ ڪرائي مون کي يڪدم آجو ڪرايو. دل ۾ چيم ته ڪٿي ڪٿي اسان سنڌي اديبن جي به مڙيئي ڪجهه ڪجهه لئه ٿيو وڃي. وڏا انعام اڪرام کڻي نٿا ملن پر ههڙا قرب ۽ عزتون ته مليو وڃن. افسوس جو هڻ وٺ ۽ ٿڪ ۾ هن صاحب جو سڄو نالو نوٽ ڪري نه سگهيس.
بورڊنگ ڪارڊ تي گيٽ نمبر 25 لکيل هو جتي پهچي ايئرپورٽ جي عملي کان پڪ ڪرڻ لاءِ پڇيم ته جواب مليو ته ”اڃان اڏام جي ئي پڪ ناهي ان ڪري اڃان ڪو Gate مقرر نه ٿيو آهي.“ بهرحال اڃان ڏهه ڪي مس ٿيا هئا. ٻي بجي تائين ته ڪو آسرو نه هو سو هڪ اهڙي هنڌ تي اچي ويٺس جتان دل چاهي ته سامهون ٽي وي به ڏسي سگهجي. في الحال پنا ۽ پين ڪڍي لکڻ ۾ لڳي ويس. رکي رکي ڪنهن کي فون ٿي ڪيم يا ايندڙ فون جو جواب ٿي ڏنم. ملائيشيا ۽ اسان جي وقت ۾ ٽن ڪلاڪن جو فرق هجڻ ڪري اهو اندازو لڳايم ته غلام علي سولنگي جنهن کي اسان فقط علي جي نالي سان سڏيون ٿا پڪ سمهي رهيو هوندو جو اتي رات جو ڏيڍ ٿي چڪو هوندو. ان ڪري فون ڪري هن کي پنهنجي اڏام جي delay جو ٻڌائڻ مناسب نه هو. سو مون کيس فون ذريعي ميسيج ڪيو ته فلائيٽ اڍائي ڪلاڪ ليٽ آهي. هو اڃان جاڳي رهيو هو سو يڪدم جواب موڪليائين ته مڙيئي خير آهي. هو منهنجو ڪوالالمپور (ڪي. ايل) سينٽرل اسٽيشن تي انتظار ڪندو. عليءَ وٽ رهڻ جو پروگرام فائنل ڪرڻ کان اڳ هڪ دفعو مون وري به عليءَ کان بي تڪلف ٿي پڇيو هو ته ”علي جيڪڏهن منهنجي اچڻ ڪري تنهنجي روٽين ڊسٽرب ٿي ٿئي ته فرئنڪلي ٻڌاءِ.“ پر هن هر وقت وڏي دل سان چيو ٿي ته ”سائين مون وٽ چار پنج ڏينهن ته ڇا پر چار پنج سال به رهندائو ته مون کي خوشي ٿيندي.“ بهرحال مون پنهنجو پاڻ کي هڪ دفعو وري به مطمئن ڪرڻ خاطر پنهنجي سفير دوست ظفر شيخ کي فون ڪيو. ظفر ۽ منهنجو هڪ ئي دور ۾ جپان ۾ ست اٺ سال ملڻ جلڻ رهيو، جڏهن هو ستر واري ڏهي ۾ فارين سروس Join ڪري پاڪستان ايمبسي ٽوڪيو ۾ آيو هو. ان بعد اسان ڌار ڌار ملڪن ۾ رهياسين پر جڏهن ملائيشيا ۾ منهنجو رهڻ ٿيو ته مون هن کي ملائيشيا بدلي ڪرائي اچڻ يا ٺلهو گهمڻ لاءِ اچي مون وٽ رهڻ لاءِ ڏاڍو چيو ۽ هن کي به ملائيشيا ڏسڻ جو ايڏو شوق هوندو هو جو آئون ملائيشيا ڇڏي ويس ته به هو هر سال ملائيشيا گهمڻ جو پروگرام ٺاهيندو رهيو. هو جرمني، الجيريا ۽ آخر ۾ مصر ۽ سوڊان جو سفير ٿيو ۽ 60 سال جي عمر تي پهچي رٽائرڊ ٿيڻ کي به اچي ٻه سال ٿيا آهن. گذريل سال هن ملائيشيا وڃڻ جو اوچتو پروگرام ٺاهيو ۽ مون کان پڇيائين ته  ”ڪو سڃاڻو هجي ته ان کي پارت ڪر ته آئون ان سان وڃي ملان.“ مون کيس ٻڌايو ته  علي اهڙو ماڻهو آهي جيڪو نه فقط سڄي ملائيشيا کان واقف آهي پر قاعدي قانون جو به ڄاڻو آهي ۽ پوءِ جڏهن ظفر موٽيو ته هو خوش هو. مون کي وري ٽائيم نه ملي سگهيو جو کانئس تفصيلي خبر چار وٺي سگهان پر هاڻ جڏهن منهنجو علي وٽ رهڻ جو پروگرام ٺهيو ته مون ظفر کي فون ڪري پنهنجي دل جو حال اوريو ته منهنجو هن وٽ رهڻ تڪليف ده ته ثابت نه ٿيندو.
”يار ڪمال ٿو ڪرين“، ظفر چيو. ”منهنجي هن سان پهرين جي ڪا ڄاڻ سڃاڻ نه هئي. تنهنجي ريفرنس سان آئون هن وٽ 26 ڏينهن رهي آيس.“
ظفر ٻڌايو ته هن جو گهر هيٺ مٿي آهي. زال مڙس کان علاوه سندس ڀاءُ ۽ ڀاڻيجو به رهي ٿو. ”توکي الڳ ٿلڳ مٿين ٽن ڪمرن مان هڪ ڏئي ڇڏيندو، باقي هن وٽ ايئرڪنڊيشنر ناهي.“
”ان جي پرواهه ناهي“، مون چيومانس، ”اسان جهاز جي انجڻ روم جا عادي ڪراچيءَ ۾ به ايئرڪنڊيشنر استعمال نه ڪندا آهيون.“
”يار ڳالهه اها آهي ته مون کي ايئرڪنڊيشنر بنا ننڊ نه ايندي آهي خاص ڪري خط استوائي ملڪن ۾ جتي مينهن پوي ته ڪجهه ڪلاڪ ٿڌڪار نه ته وري ساڳي گرمي“، ظفر چيو، ”سو مون ته اهو سوچيو ته عليءَ وٽ هڪ رات ٽڪي پوءِ هوٽل ۾ وڃي رهندس پر سچ ته عليءَ جو خلوص ڏسي آئون باقي ڏينهن به ان وٽ رهي پيس.“

No comments:

Post a Comment