Saturday, March 05, 2011

آفريڪا جا شيدي جھاز راني ۽ جھاز سازي کان اڻ واقف ھئا - الطاف شيخ

آفريڪا جا شيدي جھاز راني ۽ جھاز سازي کان اڻ واقف ھئا
الطاف شيخ
ويھين صدي جي شروعات کان جيئن ئي انجڻيون ۽ تيل ايجاد ٿيو ته جھاز پنهنجي مرضيءَ سان ھلڻ لڳا. يعني  Departure(بندرگاھ ڇڏڻ) به مرضي مطابق ٿيڻ لڳو يعني ھاڻ جڏھن وڻي ٿو جھاز کڻي نڪريو پئون ۽  Destination به پنهنجي مرضي تي رکون ٿا. يعني جيڏانهن وڻي اوڏانهن وڃي سگھون ٿا چاھي ھوائن ۽ سامونڊي لھرن جو رخ ڪھڙو به ھجي. ڪراچيءَ مان ھڪ ئي وقت نڪرندڙ ڏھاڪو کن جھازن مان ڪي اتر طرف عرب ۽ ايران جي بندرگاھن ڏي روانا ٿيو وڃن ته ڪي ڏکڻ ڏي بمبئي، سري لنڪا، مالديپ وغيره ڏي، ته ڪي اولھ ڏي ممباسا، موپوتو، ڪيپ ٽائون وغيره.
پر ويھين صدي شروع ٿيڻ کان اڳ تائين، صدين جون صديون، جھازي ھوائن موجب ھلندا رھيا. سڙھ سبي، سکاڻ سڌا ڪري ويٺا ھوندا ھئا. پوءِ جيئن ئي ھنن جي منزل ڏي وٺي ويندڙ ھوائون لڳڻ شروع ٿينديون ھيون ته مائٽن  مٽن، دوستن يارن کان موڪلائي ٻيڙا ٻاھر ڪڍڻ شروع ڪندا ھئا. پوءِ ترسندا نه ھئا. بقول شاھ لطيف جي: رئان رھن نه سپرين، آيل، ڪريان ڪيئن؟ ۽ پوءِ ھنن لاءِ ترسڻ معنيٰ سڄو سال ضايع ڪرڻ، ڇو جو ھڪ دفعو اھا موسم، صحيح رخ واري لڳندڙ ھوا نڪري وئي معنيٰ  Sail ڪرڻ جي چانس نڪري وئي ته پوءِ ڪجھ نٿي ڪري سگھيا. ان ڪري سٺا جھازي وقت نه وڃائيندا ھئا ۽ پوءِ ظاھر آھي ته پٺيان بندر ۽ بازاريون انهن سامونڊين بنا سڃا ٿي ويندا ھئا. ڏياريون، عيدون وغيره چنڊ جي تاريخن تي اچن ٿيون پر ھوائن جا رخ انگريزي مھنن مطابق Fixed رھن ٿا جيئن سياري جون ھوائون ھر سال ڊسمبر جنوري ڌاري لڳن ٿيون ۽ سانوڻي ھر سال جولاءِ آگسٽ وارن مھنن ۾ ٿئي ٿي. پوءِ ڏياري يا عيد  ڪڏھن سياري ته ڪڏھن اونهاري ۾ به ٿيو وڃي ۽ جيئن ته ٻيڙي ھلائڻ وارن کي ھوا جي رخ مطابق ھلڻو آھي ان ڪري ڪڏھن ڪڏھن ھو ڏياريون ۽ عيدون به ڇڏيو ڏين:
ڏٺي ڏياري، سامونڊين سڙھ سنباھيا
ان کي مند اتر جي، اوچتي آئي
وڻجارن وائي، آھي پرئين پار جي.
بهرحال انهن ڏينهن ۾ گھڻا  Navigational Aids (سمنڊ تي رستو ٻڌائڻ جا آلا) نه ھئا. بس ھوائن جي رخ تي ٻيڙا ڇڏي پوءِ چنڊ، سج ۽ تارن ڪتين ذريعي پڪ پئي ڪبي ھئي ته جھاز صحيح رخ ڏيو وڃي پيو يا نه. وري آفريڪا يا عرب ملڪن کان موٽڻ مھل به صحيح ھوائن جي رخ جو انتظار ڪرڻو پيو ٿي. ڪنهن کان مھنو ٻه دير ٿي وئي، سڙھ سڌا ڪري بندرگاھ مان نه نڪتو، ته ظاھر آھي پنهنجي ماڳ پھچي نه سگھندو ۽ پوءِ وري ٻئي سال جي ھوائن جو انتظار ڪرڻو پوندو ھوس. پوءِ ڀلي انهن جھازين جون  ونيون سندن انتظار ۾ پنهنجي ديس جي بندرگاھن تي انتظار ڪن ۽ پـَـڙ باسين.
سـَـر نـِـسريا پانڌ، اتر لڳا آءُ پرين!
مون تو ڪارڻ، ڪانڌا! سھسين سکائون ڪيون.
يا
سـَـر، لوھيڙا ڳڀيا، ڪـُـسـر نــِـسريا،
تو ڪئن وسـِـريا، ڍوليا ڏينهن اچڻ جا؟
تن ڏينهن ۾ جھازين جي موٽي اچڻ جي مند سڀني کي خبر ھوندي ھئي. يعني فلاڻي موسم ۾ جڏھن ھيءَ پوک ٿي ٿي ۽ فلاڻي رخ جي ھوا لڳي ٿي ته عربستان کان نڪتل جھازن سنڌ ڏي اچڻ شروع ڪيو ٿي ۽ سنڌ وارن جھازن بمبئي ۽ لنڪا ڏي وڃڻ شروع ڪيو ٿي، وغيره. بهر حال ھندي سمنڊ ۾ ھوائن ۽ سامونڊي لھرن جي خيال کان ھڪ ٽڪنڊو ٺھيل ھو جنهن جي ھڪ ڪنڊ بمبئي، ڀوڄ، دوارڪا، ٺٽو ھئا ته ٻي آفريڪا جو ڪنارو ته ٽي ايران ۽ عرب رياستون. ھوائن جي رخ موجب سڙھن وارا جھاز ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ سولائيءَ سان پئي آيا ويا. آفريڪا کنڊ جا شيدي نه جھاز راني کان واقف ھئا نه جھاز سازي کان  سو اھي اسان ڏي اچي اسانجي ملڪن تي قبضو نه ڪري سگھيا. باقي عرب ۽ اسانجي کنڊ جا ماڻھو آفريڪا کان وڃي نڪتا ۽ نه فقط وڃي نڪتا پر زئنزيبار جھڙن ٻيٽن جا سلطان ٿيا، واپار جي منڊين ۽ دڪانن جا مالڪ ٿيا.
آفريڪا ۾ رھندڙ اسانجي پاسي جا ماڻھو
روزگار ۽ وڌيڪ ناڻو ڪمائڻ خاطر اسانجي ننڍي کنڊ کان به مختلف مذھبن، زبانن ۽ قومن جا صدين کان آفريڪا ۽ ٻين ڏورانهن ڏيھن ڏي ويندا رھيا. نه فقط غريب ھٿين خالي ماڻھو پر امير ۽ شاھوڪار پنهنجي ڌن دولت سان آفريڪا جي مختلف شھرن  ۾ قسمت آزمائي ڪندا رھيا. تعداد وڌڻ تي ھو الڳ علائقن ۾ گڏجي رھيا ۽ پنهنجي پنهنجي ڪميونٽي جي مدد ڪندا رھيا ٿي. ھنن پنهنجا پنهنجا عبادت گھر ۽ ملڻ جون جايون ٺاھيون ٿي. صديون اڳ جي ٺھيل عمارتن مان اڄ به ڪيتريون مسجدون، مندر ۽ ڪميونٽي ھال وغيره انهن ڏينهن جي ياد ڏيارين ٿا. آفريڪا جي ملڪن ۾ ملندڙ پنهنجي ننڍي کنڊ جي ماڻھن- خاص ڪري ھندو سنڌي، کوجن، بوھرين، گجراتين وغيره کان سندن ابن ڏاڏن جو احوال پڇندو ھوس ته ھو آفريڪا ۾ ڪڏھن ۽ ڪيئن آيا ۽ تن ڏينهن ۾ آفريڪا جا ھي ملڪ ڪيئن ھئا ۽ ھند، سنڌ، بنگال، برما وغيره ڪيئن ھئا. ھر ھڪ جي عجيب ۽ دلچسپ ڪھاڻي ھوندي ھئي. يوگنڊا ۽ پوءِ ڪينيا، تنزانيا ۽ آفريڪا جي ٻين ملڪن مان ايشيا جي ماڻھن کي ڪڍڻ بعد انهن دڪاندارن مان ڪيترن سان ھانگ ڪانگ، سنگاپور، انگلنڊ ۽ ڪئناڊا ۾ به ملاقات ٿي. ھنن اتي به پھچي پنهنجي زندگي ٺاھي. سندن ڪھاڻي محنت، عقل ۽ ڀاڳ جي ڪھاڻي آھي. کوجا بزنيس ڪميونٽيءَ جو ذوالفقار نالي ھڪ ھفيتوار انگريزي رسالو نڪري ٿو. ٻه ٽي سال اڳ ان رسالي ۾ محمد مانيڪ نالي ھڪ کوجي جي زندگيءَ جو احوال آيو ھو ته ھو ڪيئن اڄ کان سؤ سال کن اڳ ھٿين خالي پنهنجي ڳوٺ مندرا (ڪڇ، گجرات) کان ھڪ  ننڍڙي ٻيڙيءَ ۾ چڙھي آفريڪا پھتو. اھو احوال ھتي ترجمو ڪري ڏئي رھيو آھيان. پڙھندڙ کي ضرور دلچسپ لڳندو.
محمد مانيڪ جو آفريڪا ڏي سفر
ھندي وڏي سمنڊ ۾ جڏھن تجارتي ھوائن (Trade Winds) جو  رخ موافقت ۾ ھوندو آھي ته پوربندر (گجرات، انڊيا) کان آفريڪا جي اوڀر ڪناري واري بندرگاھ ممباسا تائين ھڪ ڌائو (عرب نموني جي ٻيڙي) ذريعي سامونڊي سفر اٽڪل ٽيھن ڏينهن ۾ پورو ٿئي ٿو. جي سمنڊ خراب  (rough) آھي يا ھوائن جو زور گھٽيل آھي ته ساڳيو سفر بيحد تڪليف وارو ٿيو پوي ۽ وڌيڪ ئي ڏينهن لڳن ٿا.
سن  1903ع جي ڳالھ آھي. ھڪ ڌائو  (Dhow) ھندستان جي اولھ ڪناري کان آفريڪا کنڊ جي اوڀر ڪناري ڏي وڃي رھي ھئي. ھندي وڏي سمنڊ جو پاڻي نه سانتيڪو ھو ۽ نه وري ڪا منجھس گھڻي اڀام ھئي. ٻيڙيءَ ۾ ٻين  مسافرن سان گڏ ھڪ تيرھن سالن جو نوجوان به سوار ھو. ھن جي چھري تي پختي عزم جون ريکائون ھيون: ان جو اندازو لڳائڻ ڏکيو آھي ته اھي ڪھڙا جذبا ۽ سوچون ھن نوجوان جي اندر ۾ ولوڙ پئدا ڪري رھيو ھيون جن کان مجبور ٿي، اڄ کان سؤ سال کن اڳ ھن اھو سفر اختيار ڪيو. ان نينگر جو نالو محمد مانيڪ ھو ۽ ھو 15 مارچ 1890ع تي مندرا (ڪڇ) ۾ ڄائو ھو جيڪو انڊيا جي صوبي گجرات ۾ آھي.
سنه  1900ع ۾ ايسٽ آفريڪا جو ڇا حال ھو
انهن ڏينهن  ۾ ڪينيا جو بندرگاھ ممباسا تمام مشغول بندرگاھ ھو جيڪو صدين کان ھلندڙ ٽڪندي واري واپار (جيڪو انڊيا، عربستان ۽ ايسٽ آفريڪا جي وچ۾ ھليو ٿي) جي اھم ترين ڪنڊ ھو. جيتوڻيڪ سائوٿ آفريڪا ۾ ھيرن ۽ سون جو واپار عروج تي ھو پر آفريڪا کنڊ جي اندرين حصي کي اڃان ٻاھر جي دنيا جي ھوا نه لڳي ھئي. نيل نديءَ جي Source جي ھاڻ وڃي خبر پيئي ھئي ته اھا ڪٿان ٿي شروع ٿئي. اھو ڪم ھڪ انگريز جاگرافر ۽ کوجنا ڪندڙ جان اسپيڪ ڪيو ھو. غلامن جي وڪري جي بندش ھاڻ ھاڻ ويجھڙائيءَ ۾ ٿي ھئي. اھا ٻي ڳالھ آھي ته غير سرڪاري طرح لڪ ڇپ ۾ اڃان به ٿورو گھڻو شيدين جو وڪرو پئي ھليو. ايسٽ آفريڪا جا اندريان حصا اڃان تائين گھاٽا جنگل ھئا جتي ھتي جا مڪاني ۽ قبائلي شيدي رھيا ٿي جيڪي ٻاھر جي دنيا جي تهذيب و تمدن کان بلڪل اڻ ڄاڻ ھئا. ھو لکڻ پڙھڻ کان ڪورا ھئا. ڪپڙا پاڻ بدران ھنن پنهنجي جسم جا فقط ڪجھ حصا پنن سان ڍڪيا ٿي. پاڻ سان ڀالا، بڻڇيون ۽ تير ڪمان کڻي ھليا ٿي ۽ سندن گذر سفر جنگلي جانورن جي شڪار تي ھو.  ڪيترائي آدم خور قبيلا ھئا جن ماڻھن کي به جانور وانگر ڪچو يا پچائي کائي ڇڏيو ٿي.
ممباسا پھچي محمد مانيڪ عليڏنا وسرام وٽ ڪم شروع ڪيو جيڪو انڊين نسل جي ماڻھن ۾ ڪامياب واپاري ھو ۽ ايسٽ آفريڪا جو بي تاج بادشاھ ليکيو ويو ٿي.
محمد مانيڪ محنت ۽ ايمانداري سان ڪم ڪرڻ ڪري سگھو ئي عليڏنا وسرام جي بونڊو جاگير جو مئنيجر مقرر ڪيو ويو. اھي جاگيرون مينگو (Mengo) ۾ ھيون  جيڪو بوگنڊا  (Buganda)سلطنت  (اڄ جي يوگنڊا) جي وچ واري علائقي ۾ ھو.
(محمد مانيڪ جو وڌيڪ قصو ٻڌائڻ کان اڳ پڙھندڙن جي دلچسپي لاءِ يوگنڊا، بوگنڊا وغيره بابت ٻه چار سٽون ضروري لکڻ سمجھان ٿو.
جيئن  سنڌ اڳيئن زماني ۾ ملڪ جو ۽ ھاڻ صوبي جو نالو آھي.
سنڌو نديءَ جو نالو آھي.
سنڌي سنڌ ۾ رھندڙ ماڻھن کي چئجي ٿو. تيئن:
-   يوگنڊا (Uganda) آفريڪا جي ملڪ جو نالو آھي جنهن جو مشھور سربراھ عيدي امين ڪافي سالن کان نواز شريف وانگر سعودي عرب ۾ رھي ٿو.
-   Buganda ھتي جي ھڪ قديمي سلطنت جو نالو آھي پر ھاڻ يوگنڊا جي چئن صوبن مان ھڪ جو نالو آھي.
-         Luganda ھتي جي مڪاني زبان جو نالو آھي.
-         Kingade صفت طور استعمال ٿئي ٿو ھر ان شيءَ لاءِ جنهن جو واسطو بوگنڊا (Buganda) سان ھجي.
-         Muganda بوگنڊا صوبي جي رھاڪوءَ کي موگنڊا سڏجي ٿو.
-         Baganda موگنڊا جو جمع باگنڊا آھي.
سو مندرا ڪڇ کان ممباسا آيل ھن گجراتي کوجي مانيڪ کي يوگنڊا جي اڄ واري صوبي بوگنڊا ۾ رکيو ويو. نوڪريءَ تي وڃي چڙھڻ لاءِ مانيڪ کي ڪينيا جي اولھ واري شھر ڪسومو تائين ڪجھ پيرين پيادو ته ڪجھ ڍڳي گاڏيءَ تي پھچڻو پيو. (انهن ڏينهن ۾ ڦيٿي واري سواري ڍڳي گاڏي ھوندي ھئي. ڪسومو اڄ به ڪينيا جو خوبصورت شھر آھي ۽ وڪٽوريا ڍنڍ جي ڪناري تي آھي. وڪٽوريا ڍنڍ جي چوڌاري ڪينيا، تنزانيا، روانڊا ۽ يوگنڊا ملڪ آھن. پراڻا ۽ اڄ جا پڻ مشھور شھر ڪمپالا، اينتيبي، جـِـنجا (Jinja)، موازنا وغيره سڀ ھن خوبصورت ڍنڍ جي اردگرد آھن. مصر جي نيل ندي به ھن ڍنڍ کان شروع ٿئي ٿي) سو مانيڪ به  پنهنجي posting واري جاءِ تي پھچڻ لاءِ ممباسا کان ڪسومو پھتو جتان ٻيڙيءَ ذريعي وڪٽوريا ڍنڍ جي ٻي پار اڄ جي يوگنڊا واري مشھور شھر اينتيبي (Entebbe) ۾ آيو.
1910ع ۾ جڏھن مانيڪ ويھن سالن جو ٿيو ته ھن زئنزيبار ٻيٽ تي رھندڙ ھڪ کوجا فئملي جي ڇوڪري فاطما لڌا سان شادي ڪئي. ھن ڪجھ مھينا زنجبار (Zanzibar) ۾ ڌنڌي جو جائزو ورتو پر پوءِ  1911ع ۾ پنهنجي زال (فاطما) سان گڏ يوگنڊا ھليو آيو جتي اچي ھن پنهنجو ڌنڌو شروع ڪيو.
آفريڪا ۾ جانورن ۽ ڌاڙيل شيدين جو خوف
مانيڪ پنهنجو ذاتي ڪاروبار يوگنڊا جي ھڪ شھر بوجوتا (Bujuta) ۾ شروع ڪيو ۽ رھائش به اتي اختيار ڪئي. بوجوتا جو ڳوٺ (ھاڻ ته وڏو شھر ٿي ويو آھي ۽ جنجا شھر جو حصو آھي) يوگنڊا جي گاديءَ واري شھر ڪمپالا کان 45 ميل ۽ جنجا (Jinja) کان 5 ميل ھو. ھيءَ ھڪ تمام پري جي جاءِ ھئي- آباديءَ کان الڳ ٿلڳ گھاٽي جنگل ۾. ھونءَ جنجا شھر تمام سھڻي نظاري واري ھنڌ تي، نيل نديءَ جي منهن وٽ آھي. اڄ به جنجا شھر جي آسپاس وارو منظر بيحد دل لڀائيندڙ آھي. انهن ڏينهن ۾ نه ھيون ڪارون بسون ۽ نه پڪا رستا. جنگلن ۾ ٺھيل پيچرا وٺي ھڪ ھنڌ کان ٻئي تائين پھچبو ھو. جانورن جو دانهون، ويندي شينهن جي گجگوڙ، جتي ڪٿي عام ھوندي ھئي. محمد مانيڪ اڪثر ڍڳي گاڏيءَ تي سواري ڪندو ھو. پاڻ سان ھر وقت رائيفل ۽ ريوالور کڻي ھلندو ھو. جڏھن ھو پنهنجي پوک ۽ زرعي فارمن جي ٽوئر تي نڪرندو ھو ته ٻارن کي بوجوتا واري اسٽيٽ ھائوس ۾ ئي ترسائيندو ھو. ھو گھرو نوڪرن چاڪرن کان علاوھ اڪيلا رھيا ٿي. ساڻن ٻيو ڪو مٽ مائٽ رھيل نه ھوندو ھو. ان ڪري مانيڪ پنهنجي زال کي چئي چئي نيٺ بندوق ۽ ريوالور ھلائڻ جي پرئڪٽس ڪرائي.
ھڪ ڏينهن محمد مانيڪ گھر کان ٻاھر ھو ته سندس غير حاضري ۾ شيدي ڌاڙيل جو جٿو پنهنجن تيرڪمانن سان اچي ھن جي گھر ڪڙڪيو. سندن ھٿن ۾ ڀالا ۽ پنگاس (وڏا ڪات جن سان ڪمند ڪٽبو آھي) ھئا. ھو وڏي ڦر جي ارادي سان ھن وٽ اچي نڪتا ھئا. فاطما لاءِ  زندگي ۽ موت جو سوال ھو. ھن ھمت کان ڪم وٺي بندوق کي ھوا ۾ ڇوڙڻ شروع ڪيو. ڌاڙيلن جو ٽولو گولين جا آواز ٻڌي ڀڄي ويو.
ھنن جي گھر جي ويجھو ئي مينهن، ڍڳين ۽ رڍن ٻڪرين جا وٿاڻ ھئا. پسگردائي ۾ رھندڙ ٻن ٽن شينهن ۾ اھا بُـري عادت پئجي وئي ھئي ته رات جي وقت ھڪ ٻه جانور ڇڪي ويندا ھئا. سال  1917ع جي ھڪ صبح جو مانيڪ جيئن ئي پنهنجي گھر جو دروازو کوليو ته ھو اھو ڏسي وائڙو ٿي ويو ته ٻه ڏٽا مٽا شينهن سامھون بيٺا ھئا ۽ ھن کي کائي وڃڻ وارين نگاھن سان گھورڻ لڳا. ھن يڪدم پنهنجي رائيفل سان نشانو وٺي ٻنهي کي ڍيري ڪري رکيو. اھا ھنن ۽ پاڙي وارن لاءِ وڏي خوشي جي ڳالھ ھئي ڇو جو ھي شينهن اھڙا ته بي ڊپا ٿي چڪا ھئا جو اوڙي پاڙي لاءِ مصيبت ٿي پيا ھئا. ان وقت جو ورتل فوٽو مانيڪ جي اولاد وٽ اڃان تائين موجود آھي.
جنجا (JINJA) (يوگنڊا) ۾ اسلامي ڪميونٽي جو قائم ٿيڻ
اوڻھين صدي جي آخري  ۽ ويھين صدي جي شروع کان ننڍي کنڊ جا ڪيترائي ماڻھو آفريڪا جي ايسٽ ڪوسٽ ڏي اچڻ لڳا- جتي ڪمائي ۽ روزگار جون ڪيتريون ئي راھون نظر اچي رھيون ھيون. انهن مان ڪيترائي اڳتي ھلي ايسٽ آفريڪا جي شھرن جا معزز ماڻھو ۽ اھم واپاري ثابت ٿيا. سن  1900ع ۾ ناصر پرڌان انڊيا کان زنجبار(Zanzibar) آيو. بعد ۾ ھي ممباسا جي ڀرسان چانگاموي (Changamwe) نالي ھڪ ڳوٺ ۾ ٽڪي پيو. پاڻ ھڪ ننڍڙو جنرل شاپ شروع ڪيائين. چئن سالن بعد ھو اڄ واري يوگنڊا جي خوبصورت شھر جنجا ۾ لڏي آيو.  1908ع ۾ جنجا اڃان ھڪ ننڍڙو ڳوٺڙو ھو- قدرتي نظاري ۾ ضرور مالامال ھو. ٻيون اھم شخصيتون جن جا ان وقت جنجا ۾ دڪان ھئا، ھيون: ويلجي ڀووان، حاجي ميرالي (مير علي)، عبدالله نٿو ۽ جمعا مومن. سليمان اسماعيل ڀائي ان وقت حاجي ميراليءَ جي ڪاروبار سان لاڳاپيل ھو.
عبدالله نـَـٿو پنهنجي گھر جو ھڪ حصو خالي ڪري ڇڏيو ھو جيئن اتي مجلس ٿي سگھي. سني اسلامي فرقي جو مولوي عبدالله شاھ اڪثر ھتي اچي واعظ ڪندو ھو، جيتوڻيڪ اسان ٻڌڻ وارن ۾ وڏو تعداد شيعن جو ھوندو ھو. ترڪيءَ جي ھڪ ٻي سني شخصيت حاجي تماچيءَ نالي پڻ شيعا جماعت سان گڏ اچي وھندو ھو ۽ وڏي دل سان پئسو ڏوڪڙ ۽ سامان جماعت جي ضرورت لاءِ Donate  ڪندو ھو.
شيعا جماعت جي ڪمن ڪارين ۾ چار بوھرا اسلامي ڪٽنب پڻ حصو وٺندا ھئا. جنجا جو ھڪ امير واپاري عبدالحسين قادر ڀائي ھر سال محرم جي 9 تاريخ نياز جي ماني ڪندو ھو.  1910ع ۾ بوھرا ڪميونٽيءَ پنهنجي الڳ مسجد ٺاھي جو ھنن جو تعداد ھاڻ تمام گھڻو وڌي ويو ھو.
يوگنڊا جي شھر جنجا ۾ پھرين شيعا مسجد
يوگنڊا جي جنهن علائقي (جنجا) ۾ ھندستان کان آيل ھي نوجوان کوجو رھيو ٿي اتي جيڪا پوک ٿي ٿي، ان ۾ ٻه فصل ڪمائتا ھئا. ھڪ تـِـر (Sesame  Seeds) ۽ ٻيو ڳاڙھا مرچ (Red Pepper) جنهن کي مڪاني زبان ۾ پـِـلي پلي ھو ھو، چون.
 1910ع تائين جنجا شھر ۾ ڪيترائي انگريز زميندار رھائش اختيار ڪري چڪا ھئا. ھر ھڪ زور تِرن ۽ ڳاڙھن مرچن پوکڻ ۽ ايڪسپورٽ ڪرڻ تي ھو. ايتريقدر جو انهن جي اپت ڪپھ کان به وڌي وئي. مسٽر برڪل نالي ھڪ انگريز وٽ ڪپھ مان سٽ ڪتڻ جو چرخو به ھو جيڪو ھٿ سان ھليو ٿي. انهن ئي ڏينهن ۾ برطانيھ جي حڪومت اھا پاليسي ٺاھي ته ٻئي ڪنهن فصل بدران ڪپھ کي اھميت ۽ ترجيح ڏني وڃي، ترن ۽ ڳاڙھن مرچن جو فصل آھستي آھستي ٿي ختم ٿي ويو.  1923ع ڌاري ڪپھ جو فصل  Cash  Crop ٿي پيو. يعني ھٿو ھٿ وڪامي به ويو ٿي ته پئسو به سٺو مليو ٿي. جننگ مشين ذريعي ڪپھ مان ڪڪڙو ڪڍيو ويو ٿي. جنهن کي نپوڙي رڌ پچاءَ لاءِ تيل ۽ صابڻ جھڙيون شيون ٺاھيون ويون ٿي ۽ نج ڪپھ انگلنڊ جي ٽيڪسٽائيل ملز لاءِ جھازن ذريعي لنڊن، مانچسٽر، لورپول وغيره موڪلي وئي ٿي.
 1920ع ڌاري، محمد مانيڪ ٻه وڏيون جاگيرون (Plantations) خريد ڪيون. ھڪ بوجوتا (نيل نديءَ جي منهن کان 5 ميل پري) ۽ ٻي بـُـونڊو (نيل نديءَ کان 14 ميل پري) اتي ھن رٻڙ، ڪافي، مڪئي ۽ ڪمنڊ پوکيو. ڪمند مان کنڊ ٺاھڻ جو ڪارخانو کوليو جنهن ۾ مانين جھڙا گول کنڊ جا چڪرا ٺاھيا ويا ٿي. انهن ڏينهن ۾ اڄ جھڙي کير جھڙي سنهي کنڊ نه ھئي. مـُـستي ۽ ڳڙ ئي ھو.
 1918ع ڌاري يوگنڊا، ڪينيا، ٽانگانيڪا ۽ زئنزيبار پاسي زبردست قسم جي انفلوئنزا وبا جي صورت ۾ اچي پئدا ٿي. ڪيترائي مڪاني آفريڪي شيدي ۽ انڊيا، عربستان ۽ انگستان کان آيل ڌاريان واپاري ۽ پورھيت موت جو شڪار ٿي ويا.
1926ع ڌاري، ڌارين جو تعداد وري وڌڻ لڳو. ڪيترن ئي ٻاھرن ملڪن کان خاص ڪري انڊيا، يمن، ايران ۽ عربستان جا ماڻھو، آفريڪا جي ھنن پٽن تي اچي Settle ٿيڻ لڳا. جـِـنجا ۾ اسماعيلي مسلمانن جا ڇھ دڪان ٿي ويا.  1926ع ۾ حاجي ميرالي ۽ سليمان اسماعيل شيعا مسجد ٺاھڻ لاءِ چندو گڏ ڪرڻ شروع ڪيو. ان ڪم لاءِ ھن مختلف شھرن جي واپارين کان چندو ورتو ۽  1927ع تائين جـِـنجا (Jinja) شھر جي وچ۾ مسجد ٺھي وئي. حاجي ميراليءَ ان مسجد جو افتتاح ڪيو آخر ميرالي ته اھو ھو جنهن سڀ کان گھڻو (اٽڪل 15 ھزار يوگنڊا جا شلنگ) چندو ڏنو ھو.
1926ع واري پليگ ۾ ڪيترائي انڊيا جا واپاري آفريڪا ۾ مري ويا
انڊيا کان آفريڪا لڏي آيل ڪيترا ماڻھو اڻ پڙھيل ھئا. قومي يا بين الاقوامي ليول تي ڇا ٿي رھيو ھو. ھنن کي اھا ته خبر نه ھئي پر کين اھا به ڄاڻ نه ھئي ته سندن اوس پاس ۾ ڇا ٿي رھيو آھي. مواصلات جو نظام بنهھ نه برابر ھو. رستا بنا ڏامر ۽ سيمنٽ جي، پٿرن وارا ھئا.  1926ع تائين سواري جون اھم شيون فقط ڍڳي گاڏيون ۽ سائيڪليون ھيون. پوسٽ جو نظام اوائلي دور  ۾ ھو.  1906ع ۾ حاجي سليمان ترڪ يوگنڊا پاسي جي پوسٽل سروس جو نظام پنهنجي ھٿ ۾ کنيو ھو جنهن لاءِ ھن انگريز بهادر جي حڪومت کي ذاتي طور گئرنٽي ڏني ته ھو ھر سال گھٽ ۾ گھٽ پنج سؤ روپين جون ٽڪليون وڪڻندو. ان  ئي سال ٽيليگراف سروس شروع ڪئي وئي ھئي جيڪا واپارين لاءِ وڏي مدد ھئي. ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ Morse Code ذريعي نياپو پھچي ويندو ھو ۽ جيسين ٽيليفون سسٽم شروع ٿئي تيسين ٽيليگراف (تار) ذريعي ھر سودو طيءَ ٿيندو ھو. تار جي ڪري ڪمپالا، جنجا، ممباسا ۽ ٻين ڀروارن شھرن ۽ ڳوٺن ۾ واپار جي ترقيءَ ٿي.
 1920ع تائين يوگنڊا پاسي جو سڪو (Currency) رپيو ھو.  1921ع ۾ فلورن ٿيو ۽ پوءِ  1922ع ۾ فلورن جي جاءِ شلنگن ۽ سينٽن ورتي.
لا ۽ آرڊر جي حالت بهتر نه ھئي.  1917ع ۾ ناصر پرڌان کي ڪبيرا مائيدو ڳوٺ ۾ مئنيجر طور رکيو ويو. ھي ڳوٺ يوگنڊا جي وچ واري علائقي ۾ آھي. اتي مسٽر موليڏنا جو ڪاروبار ھو جنهن جي ناصر کي نگھباني ڪرڻي پيئي ٿي. ھڪ ڏينهن 15 کن شيدين جو ٽولو دڪان تي چڙھي آيو ۽ دڪان ۾ رکيل سگريٽن جي سڄي اسٽاڪ جي گھر ڪئي. ناصر پرڌان جي انڪار ڪرڻ تي ھنن ڏنڊن جو وسڪارو لاھي ڏنو. ناصر وٽ پنگا (وڏو ڪات) ھو ۽ گينڊي (Rhino) جي کل جو چھبڪ، جنهن سان ھن مقابلو ڪيو، خبر ناھي ڌاڙيلن کي ڪھڙو خوف پئدا ٿيو جو ھو دڪان ڇڏي ڀڄي ويا.
1930ع ۾، جنجا کان ست ميل پري ھڪ ڳوٺ ۾ ٻن ايشيائي ماڻھن جي دڪانن تي پنجاھ کن شيدي غنڊا ڀالن ۽ ڪاتن سان چڙھي پيا. ھنن جا منهن گپ ۽ وئلي سان چٽيل ھئا. انهن ٻن دڪانن مان ھڪ ناصر جو ھو. جنهن وقت ھو ڦـُـر ڪري رھيا ھئا ان وقت محمد مانيڪ اتان اچي لنگھيو. جيئن ته ھن پاڻ سان ھميشھ بندوق رکي ٿي سو ھن ھوائي فائر شروع ڪري ڏنا. ڌاڙيل ڀڄي ويا پر ھڪ ٻڌجي پيو. ان کي پوليس حوالي ڪيو ويو پر چوري ٿيل مال نه مليو سو نه مليو.
1926ع ۾ وري ٻي وبا پکڙي. ھن ڀيري اھا پليگ ھئي جيڪا ڪوئن مان لڳندي آھي. جمعا مومن کي به بيماري ٿي پيئي جنهن جي نشاني ڳوڙھيءَ جي صورت ۾ سٿر تي ٿي پيس. ھي ضد تي قائم رھيو ته علاج نه ڪرائيندس. ھن ھڪ لوھ جي شيخ کي باھ ۾ سخت تپائي کڻي ان ڳوڙھيءَ تي رکيو. ان مان ظاھر ٿئي ٿو ته آفريڪا ۾ انڊيا کان آيل واپاري ڪيڏو دلير ۽ ھمٿ وارا ھئا. آفريڪا ۾ رھي ھنن کي ڪيترين ئي ڳالھين کي منهن ڏيڻو پيو ٿي.
ڀر واري ڳوٺ ڪيگودو ۾ ڪيترائي ماڻھو پليگ وگھي مري ويا جن ۾ رشيد خميس جي زال ۽ ڌيءَ به شامل ھئي. ھيترن ماڻھن جو اسلامي طور طريقي سان ڪير غسل ڏئي؟ پوءِ مانيڪ جي زال فاطمھ ٻائيءَ پاڻ سان ھڪ حبشڻ ساڻ ڪري مري ويل عورتن کي غسل ڏنو ۽ ھوڏانهن مردن کي محمد مانيڪ ڏنو. ھڪ دفعي ته ايترا موت ٿيا جو ٽي ڏينهن لڳاتار غسل جو ڪم ھلندو رھيو.
نيل نديءَ تي پل ٺھي ۽ يوگنڊا جي گاديءَ جو ھنڌ ڪمپالا ٿيو
 1920ع ڌاري ڪجھ مشينن جي ايجاد ٿيڻ تي محمد مانيڪ بوجوتا ڳوٺ ۾ ڪاٽن جنري جو ڪم شروع ڪيو. ھن ڦٽي وٺي ان جو ڪڪڙو الڳ ٿي ڪيو ۽ ڪپاھ جو ڳٺڙيون (Bales) ايڪسپورٽ ٿي ڪيون. ھي سامان ڍڳي گاڏين ذريعي کڄي ممباسا آيو ٿي. جتان ڪمپني (East   India  Co.) جي جھازن ذريعي انگلنڊ روانو ٿيو ٿي. محمد مانيڪ ان علائقي جون ٻيون به ڪيتريون ئي زمينون خريد ڪري ان تي ڪمنڊ جي پوک شروع ڪرائي. انهن ڏينهن ۾ کنڊ ۽ ڳڙ مان وڏي ڪمائي ھئي. ھن موٽر سائيڪل خريد ڪئي جنهن جي پاسي کان گاڏو به لڳل ھو جنهن ۾ ھڪ وڌيڪ ماڻھو ويھي سگھيو ٿي. موٽرسائيڪل جي عجيب ڦٽ ڦٽ واري آواز، دونهين ۽ رفتار کان ڪيترا شيدي ڊڄي لڪي ويندا ھئا.
وڪٽوريا ڍنڍ ٽپي ھڪ شھر کان ٻئي شھر وڃڻ لاءِ سڙھ ۽ چين تي ھلندڙ ٻيڙيون ھيون ۽ پوءِ انجڻ تي ھلندڙ ٻيڙيون ٿيون ۽ ان کانپوءِ انجڻ تي ھلندڙ فيريون (ننڍڙا پئسينجر جھاز) ھلڻ لڳا. موٽر ڪارون به آفريڪا کنڊ ڏي اچڻ شروع ٿيون ھيون. محمد مانيڪ جنجا شھر جو پھريون ماڻھو ھو جنهن ڪار خريد ڪئي. اھا فورڊ ماڊل T ھئي.
ريل، روڊ ۽ ٻيڙي جي نظام بهتر ٿيڻ تي ڪيترن ايشيائي ماڻھن رستن جي اھم موڙن وٽ ننڍا ننڍا دڪان کوليا. پير محمد ترڪ بوگونگو ڳوٺ ۾ ھڪ ننڍڙو ھٽ کوليو. بوجوتا ڳوٺ ۾ به ھاڻ ڇھ دڪان ٿي ويا. ٽي اسماعيلي مسلمان فئملين: ڪارا پرڌان، جمال پرڌان ۽ ويلجي ڀاون جا ۽ ٽي شيعا مسلمان فئميلن جا: ناصر پرڌان، علي جيراج ۽ ٻن ڀائرن حسن علي ۽ رجب علي رشيد جا. انهن ٻن ڀائرن محمد مانيڪ جن ٻن ڌيئن سان شادي ڪئي. حسنعلي جي شادي جينا ٻائيءَ سان ۽ رجبعليءَ جي ڪلثوم ٻائيءَ سان ٿي.
 1930ع جي شروع وارن ڏينهن ۾ نيل نديءَ مٿان پل ٺاھي وئي. پل جي ڪري جنجا ۽ ڪمپالا جا شھر ريل ۽ روڊ رستي ھڪٻئي سان ڳنڍجي ويا. نيل نديءَ مٿان ھيءَ نيل پل لوھ ۽ سيمنٽ سان تمام مضبوط ٺاھي وئي. نيل پل شروع ٿيڻ کانپوءِ جنجا ڏينهون ڏينهن ترقي ڪندو رھيو ۽ ھڪ ڳوٺ مان ڦري ننڍڙو شھر ٿي پيو. جنجا قدرتي نظارن کان دنيا جي بهترين شھرن مان آھي. ذرا تصور ڪريو ته جنجا شھر جي ھڪ پاسي اونهي ۽ تکو وھندڙ نيل ندي ھئي جنهن جو پاڻي ڪڙڪا ڪري ٿي وھيو ته ٻئي پاسي وڪٽوريا ڍنڍ جو ماٺيڻو ۽  پر سڪون پاڻي ھو. تازي ۽ صاف پاڻيءَ جي ڪا کوٽ نه ھئي، زمينون ڀليون ھيون جن تي ٿيندڙ مختلف فصل ھوا ۾ لڏندا رھيا ٿي، سج لھڻ ۽ اڀرڻ وقت جو سھڻو نظارو ڏسڻ وٽان ھوندو ھو ۽ ھر وقت ٿڌي ھير پئي لڳندي ھئي. جنجا جوشھر جيتوڻيڪ خط استوا جي بلڪل ويجھو آھي (اٽڪل ٽيھ ميل کن) پر سمنڊ جي سطح کان ساڍا ٽي ھزار کن فٽ مٿي ھجڻ ڪري ٻارھوئي ٿڌڪار رھي ٿي. نيل نديءَ اتر طرف ڏي وھندي ٻن سلطنتن جو قدرتي بارڊر ٺاھيو ٿي. ھڪ طرف بوسوگا باگنڊا بادشاھت جا طاقتور ۽ مٿاھين جا ماڻھو ھئا. باگنڊا جي گاديءَ جو ھنڌ ڪمپالا (جيڪو پوءِ بعد ۾ سڄي يوگنڊا جي گاديءَ جو ھنڌ ٿيو) روم وانگر ستن ٽڪرين تي اڏيل آھي. اڳتي ھلي ڪراچيءَ وانگر جنجا ملڪ جو ڪمرشل ڪئپيٽل ۽ ٻيو نمبر وڏو شھر ٿيو.
 1950ع ڌاري نيل پل کان ٿورو اڳتي اوئن فالس(Owen Falls) ڊئم ٺاھي وئي. ڪنهن زماني تائين اھو ڊئم نه فقط سڄي يوگنڊا ملڪ کي بجلي مھيا ڪندي ھئي پر ڪينيا جي ڪجھ اوڀر وارن حصن کي به.
مانيڪ جو اولاد يوگنڊا کان برطانيه ۽ ڪئناڊا ھليو ويو
حسن علي رشيد پنهنجي زندگيءَ جا 13 سال سنه 1928 ع کان  1941ع تائين جنجا جي شيعا مسجد جي حوالي ڪري ڇڏيا. نيل نديءَ مٿان پل ٺھڻ بعد يوگنڊا جو ھي شھر جنجا ھڪ تمام وڏو شھر پڪين عمارتن ۽ رستن وارو ٿي ويو. ھن شھر جي خوشحاليءَ جو ٻڌي نه فقط آريڪا جي اوسي پاسي جا انڊين واپاري پر انڊيا جا به ڪيترائي اچي ھتي  Settle ٿيا جن ۾ ڪيترائي شيعا مسلمان ھئا ۽ ھن شيعا مسجد ۾ ايندا ھئا. حسن علي ۽ سندس ڀاءُ رجب علي بنا ڪنهن لالچ ۽ طمع جي فقط رب کي راضي رکڻ لاءِ ھن مسجد جي خذمت ڪندا رھيا. اھو حسن علي جو انڊين ڪميونٽي لاءِ پيار  ۽ جذبو ھو جنهن جي ڪري اسلام جي ٻين فرقن جا ماڻھو- ويندي پنجابي مسلمان به ملندا جلندا رھيا. حسن عليءَ بوجوتا کان جنجا تائين بس سروس به شروع ڪئي ۽ ان ۾ انهن ماڻھن لاءِ ڪا ٽڪيٽ نه ھئي جيڪي جنجا جي ھن مسجد ۾ واعظ ٻڌڻ يا نماز لاءِ آيا ٿي.
جنجا ۾ رھندڙ ھڪ پٽيل فئملي جيڪي ھندو ھئا اولاد بنا ھئا. ڪيترن ئي ڊاڪٽرن ۽ حڪيمن جي علاج بعد به ھنن کي ٻار نٿي ٿيو. حسن علي جي زال جينا ٻائيءَ، پٽيل جي زال کي صلاح ڏني ته ھوءَ محرم جي ستين تاريخ واري مجلس اچي اٽينڊ ڪري ۽ ٻار لاءِ دعا گھري. قدرت خدا جي ھن کي پوءِ سگھو ئي ھڪ سھڻو ٻار ڄائو. ان بعد ھوءِ ھر سال محرم جي ستين تاريخ جنجا جي ھن شيعا مسجد ۾ نياز کڻي ايندي ھئي. حبيب قاسم علي جعفر نالي ھڪ ممباسا جو واپاري اتان لڏي جنجا ۾ اچي رھيو. ھـُـن ھـِن مسجد جي لاءِ ھڪ وڏي ھال ٺھرائڻ تي دل وٽان خرچ ڪيو. اھو ھال  1927ع ڌاري ٺھي راس ٿيو. 1930ع ۾ محمد مانيڪ به جنجا ۾ لڏي آيو.  1935ع ۾ سندس زال فاطمھ ٻائي گذاري وئي پاڻ زئنزيبار ٻيٽ تي ڄائي ھئي ۽ ھن جا ابا ڏاڏا انڊيا کان گھڻو اڳ آفريڪا آيا ھئا. محمد مانيڪ کي فاطمھ مان ست ٻار ٿيا، پنج پٽ ۽ ٻه ڌيئون جن جا نالا ھن ريت آھن: عبدالحسين، عبدالرسول، اڪبر علي، رضا حسين ۽ محمد حسين،. ۽ ڌيئن ۾: جينا ٻائي ۽ ڪلثوم ٻِائي جن جي شادين جو ذڪر پھرين اچي ويو.
محمد مانيڪ ٻيو دفعو شادي ڪئي پر ھن دفعي ھو انڊيا وڃي صغرا ٻائي نالي ھڪ عورت سان شادي ڪري آيو. ھوءِ اڄ ڪلھ ڪئناڊا جي صوبي اونٽاريو جي شھر ھئملٽن ۾ رھي ٿي. ھن مان مانيڪ کي چار پٽ ۽ ٻه ڌيئون آھن: رمضان علي، اصغر علي، عنايت علي ۽ سلطان علي ۽ ڌيئن ۾ نرگس ٻائي ۽ نسيم ٻائي. محمد مانيڪ جڏھن انڊيا ويو ته ھو اتي ورتل پنهنجي ڪجھ جائداد وڪڻي آيو. ھن اھو پئسو به اچي يوگنڊا ۾ لڳايو. ھن جنجا کان مبالي شھر تائين ڪمرشل بس شروع ڪئي. مبالي (Mbale) شھر جنجا کان  125ملي پري ڪينيا جي بارڊر وٽ آھي ۽ ٻي بس سروس سوروتي (Soroti) شھر تائين ھلائي جيڪو شھر يوگندا جي وڪٽوريا ڍنڍ جي قدمن وٽ آھي. وقت سان گڏ ھو وڌيڪ بسون گھرائيندو ويو. پھرين برطانيھ کان  Leyland ڪمپنيءَ جون، ان بعد Mann جون. تنهن بعد يورپ جي اسڪانيا ڪمپنيءَ جون بسون گھرايائين.
بزنيس ۾ ھميشھ ھڪ جھڙا ڏينهن به نه نٿا اچن. مانيڪ جو ھڪ اسسٽنٽ ھڪ وڏو فراڊ ڪري وڏي رقم پاڻ سان کڻي انڊيا ڀڄي ويو.
محمد مانيڪ 13 مارچ  1947ع  تي (پاڪستان ٿيڻ کان پنج مھنا اڳ) گذاري ويو. ھن جي ان وقت عمر 57 سال ھئي. ھن کي جنجا جي قبرستان ۾ سندس پھرين زال فاطمھ ٻائي جي ڀر ۾ دفن  ڪيو ويو. جن ھن کي ڏٺو يا مليا سي ھن کي ڪڏھن به وساري نه سگھندا. سندس وفات بعد به سندس اولاد ڪيترائي سال يوگنڊا جي مختلف شھرن ۾ رھيو.  1972ع ۾ جڏھن عيدي امين يوگنڊا مان سڀني ايشيائي ماڻھن کي لوڌڻ شروع ڪيو ته ٻين واپارين وانگر مانيڪ جو اولاد به پنهنجو اباڻو، ڏاڏڻو ملڪ يوگنڊا ڇڏي دنيا جي مختلف ملڪن ڏي لڏي ويا- خاص طور برطانيھ ۽ ڪئناڊا وغيره. ڪجھ سئيڊن، ھالنڊ ۽ سئٽررلئنڊ به رھن ٿا.
سنڌ ۾ رھندڙ اسانجا آفريڪي نسل جا شيدي ڀائر
سنڌ جو سامونڊي ڪنارو ڏئي وڃڻ سان بلوچستان، ايران ويندي عربستان کان ٿو وڃي نڪرجي. يمن، عربستان ۽ مصر وغيره وري آفريڪا جي ملڪن سوڊان، جبوتي، حبش (اٿوپيا ۽ اريٽريا) سان ڳنڍيو پيو آھي. موھن جي دڙي مان اھڙيون به نشانيون ظاھر ٿيون آھن جن مان لڳي ٿو ته سنڌ جو واپار دجلھ ۽ عرفات ندين جي شھرن سان پڻ ھلندو ھو. ظاھر آھي ماڻھن جي اچ وڃ به رھي ھوندي ۽ آفريڪا جا ڪارا جيڪي شام ايران تائين پھتا ھوندا. اھي سنڌ ۾ به آيا ھوندا. مصر ته آھي ئي اڌ آفريڪا اڌ ايشيا. بهر حال سنڌ ۾ آفريڪن جي آمد جو لکت ۾ احوال  711ع کان آھي جڏھن عربن سنڌ فتح ڪئي ۽ ننڍي کنڊ ۾ اسلام پکڙيو.
حبشي معنيٰ آفريڪي، آفريڪي معنيٰ حبشي
تاريخي احوالن ۾ آھي ته محمد بن قاسم جنهن سپاھيءَ کي راجا ڏاھر سان دوبدو ڪيو اھو شجاع حبشي نالي آفريڪا جو شيدي ھو. عربن جو سنڌ تي ٽي صديون کن زور رھيو ۽ ان دوران ھنن معرفت ڪيترائي آفريڪي (شيدي)نوڪر، سپاھي، پورھيت، ڪمانڊر سنڌ ۾ آيا ھوندا. عرب ملڪن ۾ آفريڪن نسل جي ماڻھوءَ کي حبشي سڏجي ٿو جو شروع وارن ڏينهن ۾ عرب ملڪن ۾ جيڪي آفريڪي غلام طور ايندا ھئا اھي آفريڪا جي ملڪ حبش (Abyssinia) کان ايندا ھئا. ان ڪري اھي حبشي سڏبا ھئا. ڳاڙھي سمنڊ (Red Sea)جي ھڪ پاسي عربستان ۽ يمن آھي ته ٻئي پاسي حبش جيڪو ھينئر ٻن ملڪن: اٿوپيا ۽ اريٽيريا ۾ ورھايل آھي. تن ڏينهن ۾ بحر اِحمر ٽپي عربستان کان حبش ۽ حبش کان عربستان اچڻ وڃڻ سولو ڪم ھو. مسلمانن پھرين حجرت حبش ڏي ڪئي ۽ ڏٺو وڃي ته مڪي کان حبش ويجھو آھي پر مدينو گھڻو پري آھي. ان ڪري انهن ڏينهن ۾ جڏھن اڃان عرب سٺا Sailor (جھازي) نه ٿيا ھئا جو زئنزيبار، ٽانگانيڪا ۽ ممباسا تائين پھچي سگھن ھنن لاءِ آفريڪا معنيٰ حبش ھو ۽ حبش معنيٰ آفريڪا. ھر ڪارو ماڻھو جيڪو آفريڪا جو ھجي ان کي حبشي سڏيو ويو ٿي. حضرت بلال کي به حبشي ان  ڪري سڏيو ويو ٿي جو ھو آفريڪا کان آيو ھو.
18 صديءَ جي آخر ۾ سڀ کان گھڻا شيدي (آفريڪي ڪارا) غلام سنڌ ۾ وڪرو ٿيا
ان کانپوءِ مصر مان ٿيندا سوڊان جا شيدي عرب ملڪن ۾ پھتا ۽ پوءِ عماني عرب جڏھن پنهنجن ٻيڙن ۽ جھاز راني جي علم ذريعي آفريڪا جي  ڏورانهن ڏيھن تائين  وڃي نڪتا ۽ نه فقط اتي پھتا پر زئنزيبار ۽ آفريڪا جي ڪناري واري پٽن تي قبضو ڪري ان جا حاڪم به ٿي ويا. عماني عرب صدين تائين زئنزيبار، ممباسا، ٽانگانيڪا (ھاڻ تنزانيا سڏجي ٿو) ڪينيا ۽ موزمبق جي سامونڊي ڪناري وارن پٽن جا سلطان رھيا. ايتري قدر جو ھنن عماني سلطانن پنهنجو تخت گاھ مسقط مان بدلائي زئنزيبار ٻيٽ تي آندو. ھيرن  پٿرن کان وڌيڪ ھنن غلامن جو واپار ڪيو ٿي. ھنن جا ماڻھو آفريڪا جي اندرن حصن ۾ وڃي اتان شيدين کي ماري ڪٽي، رسيون ٻڌي زئنزيبار ٻيٽ تي وڪري لاءِ وٺي آيا ٿي جتان اھي وڪرو ٿيل غلام عمان ۽ انڊيا جي مختلف بندرگاھن ڏي ويا ٿي.
تاريخ موجب 18 صدي جي آخر ۽19صدي جي شروعات وارا سال اھو دور ھو جنهن ۾ سڀ کان گھڻا آفريڪي غلام (شيدي) سنڌ ۾ وڪرو ٿيا. ھي جھازن ذريعي ممباسا ۽ زئنزيبار کان سڌو ڪراچي ۽ ٺٽي ايندا ھئا يا عمان جي بندرگاھ مسقط مان ٿيندا بلوچستان ۽ سنڌ ۾ ايندا ھئا. انگريزن جڏھن 1839 ۾ ڪراچي فتح ڪئي ( 1843ع ۾ سنڌ فتح ڪرڻ کان چار سال اڳ) ته ان وقت جي ھڪ انگريز(Alexander Baillie) ڪراچيءَ ۾ ھلندڙ غلامن جي واپار  بابت لکيو آھي ته:
Slavery was an institution, as was the slave trade. Not only were many slaves kept in the town, but Kurrachee was a great depot for supplying the up-country districts. From 600 to 700 were annually imported, of whom about three- forths were females
ڪمانڊر ڪارليس جي دستاويزن مطابق:
About 1500 slaves arrived at Kurrachee from Omani port muscat and the African Coast in the year 1837”.
انهن ڏينهن ۾- يعني اوڻھين صديءَ جي اڌ ڌاري زئنزيبار ٻيٽ جي مارڪيٽ ۾ ھر سال ڏھ ھزار کان ويھ ھزار غلامن جو وڪرو ٿيو ٿي. رچرڊ برٽن جي لکڻين مطابق سنڌ ۾ جيڪي شيدي غلام وڪرو لاءِ آيا ٿي تن سواحلي (Swahilis) زبان ڳالھائي ٿي ۽ اڄ واري ڪينيا ۽ تنزانيا (تانگانيڪا ۽ زئنزيبار) کان آيا ٿي. جن ڏينهن ۾ ٽالپرن بلوچ سپاھين ۽ جنگجو ماڻھن جا پگھار وڌايا ۽ زمينون ڏنيون انهن ڏينهن ۾ غلامن جي وڌيڪ Demand  ٿي. آرام واري زندگي گذارڻ لاءِ ھنن کي شيدي غلامن جي ضرورت پيئي.
آفريڪا کان آيل شيدي غلامن کان سنڌ ۾ ڪو پوک جھڙو ڪم نٿي ورتو ويو جنهن مان اپت ٿئي. محلاتن جي چوڪيداري ۽ گھر جي ڪم ڪارين لاءِ ٽالپرن شيدي مرد ۽ عورتون رکيون ٿي. ڪيترا سنڌي جاگيردار غلام رکندا ھئا. گھر جي ڪم لاءِ آفريڪي ڇوڪرين جي وڌيڪ ضرورت پيئي ٿي. بالغ ۽ سھڻين ڇوڪرين کي سريت (Concubine) طور به رکيو ويو ٿي. رچرڊ برٽن جي لکڻين مطابق ھي غلام (شيدي) گھوڙن جي خذمت چاڪري، گاھ ڪٽڻ، ڏھاڙي جي مزدوري کان علاوھ مختلف ھنرمندن (واڍن، لوھارن، ٻيڙيون ٺاھيندڙن) وٽ پورھئي خاطر رکيا ويا ٿي.
واھ ڙي تارا روشن تارا
ھونءَ ھڪ ڳالھ جنهن جو اعتراف گورا (انگريز ۽ يورپي) به ڪن ٿا ته سنڌ ۾ آيل ھنن غلامن سان جسماني ظلم نٿي ڪيو ويو ۽ ساڳيو حال عرب ملڪن ۾ ھو. شايد اسلامي تعليم ڪري ھنن سان جانورن واري حالت نه ڪئي ويندي ھئي جيڪا ڏکڻ آفريڪا ويندڙ آفريڪا جي اولھ ڪناري وارن غلام شيدين سان عام ھئي.
ھند، سنڌ ۽ عرب ملڪن ۾ ڪجھ شيدي غلامن پنهنجي عقل، بهادري ۽ وفاداري ڪري مالڪن وٽ وڏي عزت ۽  مان حاصل ڪيو. ھوش محمد (ھوشو شيدي) انهن مان ھڪ آھي. ھن جي پيءُ لاءِ چيو وڃي ٿو ته ھو حيدرآباد جي حاڪم مير فتح علي خان ٽالپر جو خدمتگار ھو. ۽ ھوش محمد خانزاد ھو يعني ھو ميرن جي حويليءَ ۾ ڄائو نپنو ۽ وڏو ٿيو. اھڙن غلامن کي عزت بخشڻ لاءِ مير کين قمبراڻي ذات جو سڏيندا ھئا اھا ذات قمبر سان وابسته آھي. قمبر حضرت عليءَ جو آزاد ڪيل حبشي غلام ھو. ھوشو شيدي مير صاحب جي پٽ صوبدار خان سان گڏ ھوندو ھو. 1843ع واري ميرن جي انگريزن سان دٻي وٽ جنگ ۾ جيتوڻيڪ اسان سنڌين ھارايو پر جنهن دليري ۽ بهادريءَ سان ھوشوءَ وڙھندي پنهنجي جان قربان ڪئي ان، ھن کي، اسان لاءِ ھيرو بنائي ڇڏيو ۽ سندس امر نعرو؛ “مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون. اڄ به سنڌين جي دل تي اڪريل آھي.
انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ بعد غلاميءَ تي سختيءَ سان بندش لڳائي وئي. امير امرائن جي خرچن تي به سختي ڪئي وئي ۽ ھنن لاءِ غلام رکڻ جھڙا شوق ڏکيا ٿي پيا. غلامن جي آزادي بعد ڪيترا آفريڪي غلام (شيدي) پنهنجي مالڪن وٽ ئي روزگار خاطر نوڪر ٿي بيٺا ڪيترا نئين روزگار جي ڳولا ۾ نڪري پيا. ھنن رھائش لاءِ سماجي طرح پنهنجيون ڪالونيون ۽ ڳوٺ ٺاھيا ۽ ھڪ ٻئي جي مدد ۽ حفاظت ڪرڻ لڳا. شيدي اڄ به پنهنجا ڪيترائي آفريڪي رواج ۽ رسمون قائم رکندا اچن. سندن خاص قسم جي آفريڪي دھل ( مگرمان) تي سواحيل ۽ عربي گاڏڙ زبان جا گيت ۽ ناچ ٽپڪو سنڌ جي ٻين قومن کا بلڪل نرالو آھي.
شيدي پنهنجي حس لطافت (Sense of  Humor) کان اڄ به مشھور آھن. سنڌ ۾ شيدي سٺا چرچائي، مسخرا ۽ ملھ مشھور آھن. اڄڪلھ شيدي ھر اھو ڪم ڪن ٿا جيڪو ٻيا ڪن ٿا. ڪيترائي پڙھيل لکيل  ۽ آفيسر به آھن پر اڄ کان پنجاھ سٺ سال کن اڳ (پاڪستان ٿيڻ وقت تائين) شايد ئي ڪو شيدي اعليٰ تعليم يافته ھو. ھڪ جيڪو ھن وقت ذھن ۾ آھي ۽ سنڌ جي اھم شخصيت مڃي وڃي ٿو اھو جناب محمد صديق مسافر آھي.
محمد صديق مسافر سنڌ جي مشھور اديبن مان ھڪ آھي. پاڻ 100 کان مٿي ڪتاب، مضمون ۽ پئمفليٽ لکيائين ۽ تعليمي ڪمن ۾ اھم رول ادا ڪيائين. ھن کي سنڌ جو ٻچو ٻچو ٻاراڻي درجي جي مشھور واھ ڙي تارا روشن تارا بيت ڪري سڃاڻي ٿو جيڪو ھن انگريزي جي ٻاراڻي بيت Twinkle Twinkle Little Star جي بدلي سنڌي ٻارن لاءِ ٺاھيو ھو. پاڻ آفريڪا جي شيدي نسل مان ھو ۽  1879ع ۾ سنڌ جي ٽنڊو باگو شھر ۾ ڄائو ۽  1961ع ۾ گذاري ويو. سندس والد جيڪو گلاب خان جي نالي سان سڏيو ويو ٿي ھڪ آفريڪي غلام جي حيثيت ۾ زئنزيبار جي غلام مارڪيٽ ۾ وڪرو ٿي پھرين عمان جي شھر مسقط ۾ آيو جتان پوءِ ٻيڙيءَ رستي ڪراچي ۾ سنڌ لاءِ وڪرو ڪيو ويو.
سنڌ ۾ آفريڪا کان آيل ماڻھن کي عام طرح شيدي سڏيو وڃي ٿو پر ڪٿي ڪٿي اھو لفظ گھڻو پسند نٿو ڪيو وڃي ۽ قمبراڻي لفظ وڌيڪ عام ٿيندو وڃي- خاص ڪري پڙھيل ڳڙھيل شيدين ۾ ڪيترا شيدي بلالي- يعني حضرت بلال جي خاندان جا پڻ سڏيا وڃن ٿا.

No comments:

Post a Comment