Saturday, March 05, 2011

موريشس اڪيلو ٻيٽ ۽ ملڪ آھي - الطاف شيخ

سيشلز، مالديپ ۽ ويندي لکديپ ھڪ ٻيٽ نه پر ٻيٽن جا جھڳٽا آھن پر ماريشس (Mauritius) سري لنڪا ۽ سنگاپور وانگر اڪيلو ٻيٽ ۽ ملڪ آھي. ھيري جي شڪل جھڙو ھي ٻيٽ ايراضيءَ ۾ 1870 چورس ڪلوميٽر (سنگاپور ٻيٽ کان اٽڪل ٽيڻو) مئڊاگاسڪر ٻيٽ کان 800 ڪلوميٽر اوڀر ڏي ھندي وڏي سمنڊ ۾ آھي. ھن ٻيٽ تي انگريز، فرينچ ۽ ٻيا يورپي، انڊين، ملئي ۽ عرب رھن ٿا. پورٽ لوئيس ھن ٻيٽ جي گاديءَ جو ھنڌ آھي ۽ ھن ٻيٽ جو نالو موريشس (يا ماريشس) ڊچن (ھالنڊ جي رھاڪن) رکيو جيڪي ھن ٻيٽ تي سورھين صديءَ جي آخري سالن ۾ آيا. ھنن اھو نالو ان وقت جي ڊچ حاڪم شھزادي Mourice de Nassau جي مان ۾ رکيو.

چون ٿا ته ھن ٻيٽ تي اوائلي دور ۾ عرب ۽ ملئي پھتا پوءِ سورھين صديءَ جي شروعات وارن سالن ۾ پورچوگالين ھن ٻيٽ کي ڳولي لڌو ۽ ھن جو نالو پنهنجي پورچوگالي زبان ۾ Ilha do Cime رکيو جنهن جي معنيٰ (Island of Swan)ھنس پکيءَ جو ٻيٽ  آھي. پورچوگالين جيئن ٻين ڪيترن ملڪن ۾ ڪيو- يعني ھو سٺا Navigatores (جھاز ران) ھئا ۽ يورپي قومن ۾ سڀ کان اڳ ھنن مختلف ٻيٽ ۽ ملڪ ڳولي لڌا ٿي- ويندي ٺٽي ۾ به پھرين پورچوگالي پھتا ھئا (انگريز گھڻو گھڻو پوءِ پھتا ھئا) پر ھنن ڪٿي به ڄمائي وھڻ پسند نٿي ڪيو. بعد ۾ جيئن مٿي لکي آيو آھيان ته ڊچ آيا انهن ھتي ديرو ڄمايو پر فقط 1710 تائين. ان بعد ھي ٻيٽ فرينچن جي قبضي ۾ آيو جن ھن جو نالو Isle de France (فرانس جو ٻيٽ) رکيو. ھي ٻيٽ 1722ع کان 1767ع تائين فرانس جي فرينچ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي ھٿ ھيٺ رکيو ان بعد فرينچ حڪومت جي زيردست رھيو.
ٻي جنگ عظيم کان وٺي فرانس ۽ برطانيھ کير کنڊ ٿي ويا آھن ۽ ھاڻ وتن ٻين کي ڀاشائون ڏيندا نه ته ان کان اڳ-خاص ڪري ارڙھين اوڻيھن صديءَ ۾ اھي ڪي چڱا مڙس نه ھئا. ٻين جي گھرن يعني ملڪن کي ڌاڙا ھڻندا رھيا پر سندن پنهنجي پاڻ ۾ به چانڊين منگسين واري لڳل ھئي. فرينچن جو موريشس ٻيٽ تي قبضو ھجڻ ڪري اوسي پاسي کان لنگھندڙ انگريزن جي جھازن تي (توڙي ٻين يورپي جھازن تي) ھي فرينچ ڏاڍا مڙس حملا ڪندا ھئا جيئن ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن تي بالادستي انگريزن، ڊچن يا پورچوگالين جي نه پر سندن (فرينچن) جي رھي. انگريزن به ڏٺو ته ھي (فرينچ) جيئڻ نه ڏيندا ۽ ھندي وڏي سمنڊ ۾ موريشس جھڙو ٻيٽ کين ڇا ھٿ اچي ويو آھي بس انڌي کي لٺ ملي وئي آھي جنهن کي پيو گھمائي ۽ ٻين جا مٽڪا ڀڃي. آخر 1810 ۾ انگريزن فرينچن تي حملو ڪري موريشس ٻيٽ کي پنهنجي قبضي ۾ ڪيو ۽ ھن ٻيٽ جو نالو Isla de France مان بدلائي موريشس ڪيو.
موريشس ٻيٽ جي EPZ ڪري ايڪانامي بهتر ٿي آھي
موريشس ٻيٽ فرينچن جي قبضي بعد ڏيڍ صدي کن انگريزن جي حوالي رھيو. 12 مارچ  1968ع تي کيس انگريزن طرفان خودمختياري ملي ۽ يونائٽيڊ نئشن جو ۽ برٽش ڪامن ويلٿ جو ميمبر ٿيو.  1987ع ۾ ڪوالالمپور ملائيشيا ۾ جڏھن ڪامن ويلٿ جي ميمبرن (وزيراعظمن)جي ميٽنگ ٿي ھئي ۽ پاڪستان کان بينظير صاحبه ۽ انگلنڊ کان ٿيچر ۽ اتي جي راڻي صاحبه ايلزبيٿ آئي ھئي ته آئون اتي ملائيشيا ۾ ھوس. اسانجي ڳوٺ جو ايم اين اي ۽ انهن ڏينهن جو وزير مواصلات مخدوم امين محمد فھيم پڻ اتي آيل ھو. ان ئي ھوٽل ۾ ھن ٻيٽ موريشس جو وزيراعظم انرود جگن ناٿ رھيل ھو. جي ھا پاڻ (بلڪ سندس وڏن) جو تعلق ھندستان سان آھي. مٿي لکي آيو آھيان ته موريشس ٻيٽ تي انڊين به رھن ٿا جيڪي انگريزن جي ڏينهن ۾ ۽ ڪيترا ته ان کان به اڳ ھن ٻيٽ تي پھتا. ھندستان جي مختلف علائقن سان گڏ سنڌ جا به ڪيترائي واپاري (سنڌ ورڪي) ھن ٻيٽ تي رھيل آھن جن جا وڏا منو صدي کن اڳ ھتي آيا. سال ٻه اڳ موريشس جو وزيراعظم مسٽر رام غلام ھو جنهن جي پڻ نالي مان لڳي ٿو ته ھن جو تعلق ننڍي کنڊ سان آھي. 1987ع وارن ڏينهن ۾ ھن ٻيٽ موريشس جو گورنر جنرل ويراسوامي رنگادو ھو جيڪو نالي مان مدراسي لڳي ٿو. بهر حال موريشس جي Head of State (وڏڙي) فجي ۽ سيشلز ٻيٽن وانگر انگلنڊ جي راڻي ايلزبيٿ آھي.
ھي  ٻيٽ موريشس پئسي ڏوڪڙ جي معاملي ۾ سيشلز، مئڊاگاسڪر، مالديپ ۽ ٻين اوسي پاسي جي ٻيٽن کان سکيو ستابو آھي. ھن ٻيٽ جا ماڻھو مڇي جي واپار ڪمنڊ جي پوک ۽ ٽوئرزم مان ته ڪمائين ئي ٿا پر حڪومت طرفان 1970 کان  ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون (EPZ) ٺاھڻ ڪري ھتي جي ماڻھن کي گھر ويٺي سٺو روزگار ملي ويو آھي. ھن اسڪيم ھيٺ يورپ، آمريڪا ويندي چين، جپان ۽ ڪوريا جا واپاري بنا ٽئڪس ڏيڻ جي ھتي EPZ واري علائقي ۾ پنهنجين شين جا ڪارخانا ھڻي مال کي ٻين ملڪن ڏي ايڪسپورٽ ڪري سگھن ٿا. مثال طور آمريڪا جي ڪمپني Arrow پنهنجيون قميصون نيويارڪ يا لاس اينجلس جي ڪارخانن ۾ ٺاھي ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن ۾ موڪلڻ بدران ھتي انهن ملڪن جي ويجھو ھن  ٻيٽ موريشس ۾ ٺاھي موڪلي سگھي ٿو. ساڳي وقت ھتي جي مزوري آمريڪا جي مزورن کان گھٽ پوي ٿي. نتيجي ۾ ڪارخاني وارن جي مزوري ۽ ڀاڙو بچي ٿو. موريشس جي  ماڻھن کي ٻين ملڪن ۾ ڌڪا کائڻ بدران پنهنجي ملڪ ۾ وڏين ڪمپنين ۾ سٺي پگھار تي نوڪري ملي ٿي. اھڙي طرح موريشس جي EPZ ۾ سوني، نئشنل، سانيو، ڪوڊاڪ، منولٽا، سانيو، ھونڊا جھڙيون سوين فئڪٽريون آھن جن ۾ 80ھزار کن ماڻھو ڪم ڪن ٿا. ھونءَ ھن ٻيٽ جي آدم شماري يارھن لک کن آھي.
موريشس ٻيٽ جي ھڪ ڳوٺ ۾ ھڪ انڊين گجراتي عورت ڀاڄيون وڪڻي رھي آھي.

No comments:

Post a Comment